Tuesday, August 18, 2015

آرٽيڪل “جُھڪڙ جو دڙو” ظفرالله سومرو

Unedited 
 There should be proper paragraphing


 ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3
آرٽيڪل..  کنڊربڻيل قديم ماڳ  “جُھڪڙ جو دڙو”

دنيا جون چار وڏيون تھذيبون آھن، جن ۾ ميسيوپوٽيميا، مصر، چائنا ۽ سنڌو تھذيب شامل آھن.ھر تھذيب ڪنھن نه ڪنھن ھنڌ  درياءِ جي ڪناري تي واقع آھن. اھڙي طرح سنڌو تھذيب جيڪا اڄ کان اٽڪل 5 ھزار سال  پراڻي تھذيب آھي جيڪا سنڌو درياء جي ڪناري تي قائم ھئي سنڌو تھذيب کي سڀني تھذيبن جي ماءُ چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ھن عظيم تھذيب جي “ خطي”  جا ماڻھو تمام محنت ڪش ۽ شاھوڪار ھيا.سنڌو درياءَ جي ڪناري تي قائم اھا تھذيب صرف اڄ جي  سنڌ نه پر انڊيا ۽ بنگلاديش  جي رياستن تائين وسيع ھئي، ھن تھذيب جي دور ۾ سنڌ جو رڳو ھڪ  شھر موھن جودڙو نه ھيو پر ان سان گڏوگڏ  ٻيا به ڪجھ شھر آباد ھيا. جن ۾ “ھڙاپا” ۽  آمري جيڪو ڄامشورو شھر کان اٽڪل 50 کان 60 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آھي اھڙو ئي ھڪ ٻيو ننڊو شھر جيڪو سنڌوتھذيب جو حصو ھيو جيڪو لاڙڪاڻي شھر کان اولھندي طرف تي 12 کان 15 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آھي . جڏھن موهن جو دڙو تمام  شاھوڪار ۽ وڏو واپاري مرڪز ھو، ھن  وقت موھن جو دڙي سان گڏ ڀرپاسي ۾ آمري، ھڙاپا سميت  جُھڪڙ جو دڙو به ھڪ ننڊڙي رياست جي حثيت  رکندو هو. ڪجھ ليکڪ لکن ٿا ته عربن جي دور ۾ به جُھڪڙ جو دڙو قائم ۽ دائم ھو، ان وقت اتي جو بادشاھ راجا اغام بيمڻ ھو، ھڪ اھڙو شھر جيڪو ايتري وڏي تھذيب جو حصو هو، اھو اڄ بلڪل ھڪ کنڊڙ بڻجي چڪو آھي ، جڏھن  موهن جو دڙي  جي ٻاھرين ملڪ جي آرڪالاجسٽ کوٽائي ڪئي ته کين اتان ڪافي قديم ۽ قيمتي شيون ھٿ آيون جن ۾ عورت جو مجسمو گھرو ڪم ڪار جا ٿانو ٺڪر ۽ قيمتي زيور پڻ مليا جنھن  کي لائبيريري ۾ ريسرچ ڪري اندازو لڳايو ويو ته ھي ڪنھن پراڻي زماني جون شيون آھن جيڪي ڪنهن تهذيب هجڻ جا آثار ڏين ٿيون اھڙي طرح موھن جي دڙي کان پوءِ پاڪستان جا آرڪالاجسٽ آمري ۽ ھڙاپا جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو پڻ چيو ته ھي سنڌو ماٿري سان ملنڙ جلندر شھر آھن. پر افسوس جُھڪڙ جو دڙو جيڪو پڻ ھڪ پراڻي رياست آھي.، انجي اڄ تائين نه ڪنھن اداري ۽ نه ئي وري حڪومت طرفان سارسڀال لڌي وئي آھي.هن دڙي جي ڀرپاسي جي ڳوٺ واسين جو چوڻ آھي ته  جڏھن به تيز برسات پوندي آھي ته پوءِ اسين برسات جو مزو وٺڻ لاءِ دڙي جي چوٽي تي چڙهي ويندا آھيون، اتي اسان کي اڪثر ڪري ڪجھ عجيب ۽ پراڻيون  شيون زيورات  وغيره ملندا آھن.ان کانسواءِ اتي جي ماڻھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان کي پنھنجا ابا ڏاڏا ٻدائيندا ھئا ته ڪجھ وقت اڳي سال ۾ ڪنھن ھڪ ڏينھن تي اتي جوڳين جو ھجوم ايندو ھو ۽ دڙي جي چوڌاري 2 کان 3 ڪلو ميٽر جي فاصلي ۾ ڪپڙن جون ڍيريون ڪري رکندا ۽ پوءِ وري مرليون وڄائيندا ھئا ، چوندا آھن  ته ھتي ھڪ وڏو نانگ آھي جيڪو دولت جي مٿان ويٺو آھي اھو سال جي ڪنهن ڏينھن تي ٻاھر نڪرندو ۽ ڦوڪ ڏئي ڍيريون ساڙي ويندو ته پٺيان دولت به نڪرندي اھڙي قسم جون ٻيون به ڏند ڪٿائون ملن ٿيون جن  مان  اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھي صرف  ڪو خالي دڙو نه  پر ھڪ قديم تھذيب سان واڳيل شھر پڻ آھي. اڄ ڪلھ عيدن جي ڏينھن ۽ ٻيو جڏھن موسم وڻندڙ ٿيندي آھي ته اڪثر ڪري نوجوانن جو جُھڪڙ جي دڙي ڏانھن رخ  ٿيندو آھي ، اھي نوجوانن پنھنجي جوھر ڏيکارڻ جي چڪر ۾ موٽر سائيڪل سميت دڙي تي چڙي ويندا آھن جنھن سان دڙي کي تمام وڏو نقصان پھتو آھي دڙي جي به ته ڪو دانهن ٻڌي حڪومت کي گھرجي تي جُھڪڙ جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ۽ انجي سارسڀال لھي ته جيئن سنڌ اندر قديم ماڳ پنهنجي اهميت ۽ وجود وڃائي نه ويهن.

Zaffarullah Soomro
 BS-III second semester August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment