Tuesday, August 18, 2015

ميرپورخاص جي جاگرافيائي ۽ ثقافتي اهميت Referred back

Referred back

Manzar Bhatti
 Add some names of writers, lawyers, etc. 
Some photo which may represent Mirpurkhas
فيچر     
ميرپورخاص جي جاگرافيائي ۽ ثقافتي اهميت
سنڌ ۾ ٿرپارڪر جو اڳوڻو هيڊڪواٽر ميرپورخاص منفرد حيثيت رکي ٿو. ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهندڙ ميرپوخاص ڪيترين ئي مشهور ۽ معروف گلوڪارن، آرٽسٽن کي جنميو آهي.جن پنهنجي ملڪ سميت دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، تن ۾ مسعود رانا، اداڪاره بهار بيگم،ملڪ انوکا ۽ ٻيا ڪيترائي آهن.


 ميرپورخاص سماجي لحاظ سان اين جي اوز جو گهر آهي جتان کان پاڪستان جي نامور ماڻهن سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان نه صرف وڏو نالو ڪمايوبلڪ عملي طور تي انهن باقائده پنهنجي خرچي سان ادارا قائم ڪيا ۽ انهن ادارن کي ڪاميابي سان هلايو ۽ ميرپوخاص جي غريب طبقي کي فائدو پهچايو. جيڪڏهن انهن اين جي اوز مان خاص نالا ورتا وڃن ته انهن ۾ انٽرنيشنل طور تي ڊاڪٽر ڊريگو جو نالو ميرپوخاص جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ورتوويندو آهي جنهن ڪوڙ ۽ ٽي بي جيڪو ان وقت سڀ کان خطرناڪ بيماريون چيون وينديون هيون جنهن لاء جاکوڙ ۽ ڪوشش ڪري انهن بيمارين کي نه صرف ختم ڪيو بلڪ اڄ به ميرپوخاص ۾ ٽي بي جي اسپتال انهي جو ڪارنامو آهي.
  

ميرپوخاص ۾ تعليم جو رجحان گهٽ هو ان جي اين جي اوز جونالو چودري رفيق احمد آهي، جنهن پنهنجي ڪاوشن سان تعليم جي شعبي ۾ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن جنهن ۾ ماڊل هاء اسڪول ۽ ڪاليج جو قيام پنهنجي ذاتي خرچي مان ڪري قائم ڪيو جيڪي اڄ ڪامياب ترين تعليمي ادارا سڏرائن ٿا. ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ميرپوخاص ۾ خصوصن ڇوڪرين لاء ڪو به ڪاليج نه هو انهن نه صرف زمين خريد ڪري ابن رشد گرلس ڪاليج ٺهرايو ۽ انهي کي ڪاميابي سان پرائيويٽ طور تي هلايو ۽ اڄ اهو ڪاليج ميرپوخاص جو سڀ کان وڏو ڇوڪرين جو ڪاليج آهي جتان کان هزارين ڇوڪريون پنهنجي تعليم حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ان کان علاوھ ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو غريب ڇوڪرين کي هنر سيکارڻ جي لاء هڪ ووڪيشنل سينٽر ڪڙائي،سلائي جو ادارو قائم ڪيو جيڪو اڄ به ڪاميابي سان هلي رهيو آهي ۽ انهي اداري ۾ ڇوڪرين ڪڙائي سلائي جو ڪم ڪنديون آهن انهن جي انهي ڪم کي مارڪيٽ ۾  پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو انهي کي خريد ڪندا آهن،انهي مان جيڪا رقم ملندي آهي انهي مان غريب ڇوڪرين جو ڪاروبار هلي ٿو . 

چودري رفيق احمد جا انهن ڪارنامن کان علاوه  ان زماني ۾ جڏهن بلدياتي ( بي ڊي ) نظام بنيادي جمهوريت جو قانون هوندو هو ،تڏهن هي انهي زماني ۾ بلديا جو چيئرمين هوندو هو.انهن ميرپورخاص شهر جي لاءِ عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ شهر کي خوبصورت ٺاهڻ ۾ خاص طورتي ٻارن جا پارڪ، ليڊيز پارڪ،لائبريريون۽ پڪن رستن جو ڄار وڇايو.ان لحاظ سان ميرپور خاص شهر هڪ ٻي به خاص اهميت جو حامل آهي. ميرپورخاص شهرجو ميوو سنڌڙي انب جيڪو پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ جنهن کي هي سنڌڙي انب وڌيڪ پسند آهن.اهو به ان جي ذريعي فارمن جي پيداوار آهن.

ميرپورخاص تاريخ جي لحآظ کان به انٽرنيشنل حيثيٽ رکي ٿو،جنهن جي مثال ميرپورخاص ۾ وڏو شاپنگ سينٽر هڪ ئي ڇت هيٺيان 518 دڪانن تي مشتمل آهي جنهن جي بين الاقوامي حيثيت آهي،جنهن ۾ هر قسم جي ڪاروبار جون دڪانون شامل آهن.جتان کان ماڻهو لکين روپين جي خريداري ڪندا آهن،هي شاپنگ سينٽر 1989ـ90 ۾ ان وقت بلديا جي ايڊمنسٽريٽر محمد حسن ڳاهوجي ڪوششن سان ٺهيو ۽ هاڻ هي شاپنگ سينٽر ميرپورخاص جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي.
 ميرپورخاص ذراعت جي حوالي سان هڪ وڏو ذرخيز علائقو آهي جنهن جي مثال ميرپورخاص ضلعو مرچن جو انٽرنيشنل مارڪيٽ آهي.جتان پوري دنيا ۾ مرچن کي موڪليو ويندو آهي.  

August 2015 
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment