Showing posts with label عبدالسليم سولنگي. Show all posts
Showing posts with label عبدالسليم سولنگي. Show all posts

Wednesday, September 9, 2015

ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس انٽرويو Revised

ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس انٽرويو
انٽرويو؛ عبدالسليم سولنگي... رول نمبر 6
هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو......
                                            ( ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس )
                                                  عبدالله سولنگي
      ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس لاڙڪاڻي شهر جي وڪيل نرمل داس جي گهر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي مان پڙهڻ کانپوءِ سندس ڪٽنب شهدادڪوٽ منتقل ٿيو، جتي هن گرلز ڊگري ڪاليج مان پِري ميڊيڪل ۾ انٽرميڊيئٽ ڪئي. سنجوتا نرمل داس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان گريجوئيشن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي زولاجي مان ايم ايس سي جي فرسٽ ڪلاس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي. جتي هوءَ گذريل ٽن سالن کان خدمتون سرانجام ڏيندي پئي اچي جڏهن ته هن وقت تائين سندس 31 ريسرچ پيپر هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منظور شده قومي ۽ عالمي سطح جي ناليوارن جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ وٽس ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آهن. ڊاڪٽر سنجوتا هيڪ جي سهڪار سان هڪ ريسرچ پروجيڪٽ به مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ سندس ڪاميابين جو سفر زور شور سان جاري آهي.
سوال؛ توهان جو زولاجيءَ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب؛ مئٽرڪ ۽ انٽر پِري ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪرڻ کانپوءِ گهڻي قدر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿئي ٻيا سبجڪيٽ آپشنل هوندا آهن ساڳي ريت منهنجي والدين به مونکي ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاهيو، پر افسوس جو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ مارڪ جي گهٽتائي هئڻ ڪري سليڪٽ نه ٿي سگهيس. پر مون مايوس ٿيڻ بدران اڳتي وڌڻ کي ترجيح ڏني ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه بڻجڻ جي خواهش پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بڻجي پوري ڪئي.
سوال؛ توهان ڇا ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي؟
جواب؛ منهنجي پيراساٽالاجي ۾ اسپيشلائيزيشن ٿيل آهي جيڪا پيراسائٽ جي باري ۾ پڙهائي ويندي آهي.  پيراسائيٽ جاندارن تي حملو ڪندا آهن جنهن کي اسان مفت خور به چوندا آهيون. منهنجو پنهنجو ڪم پکين تي آهي، جيڪا مرغي اسان کائون ٿا، اسان ته بس پچائي ڪري کائي ٿا ڇڏيون پر ان جي اندر ڪيترو پيراسائيٽس جو انفيڪشن آهي ان جي باري ۾ اسان انهن ماڻهن تائين ڄاڻ پهچائيندا آهيون جيڪي اهي کپائي رهيا آهن، ته خدارا هِنن سببن جي ڪري مرغي خراب ٿئي ٿي. تنهن ڪري ان کان بچاءُ ڪيو وڃي.
سوال؛ زولاجي جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ زولاجي ۾ اسان پنهنجي ۽ جانورن جي باري ۾ پڙهندا آهيون ڇاڪاڻ ته جانور به اسان جي سماج، ماحول ۽ وايومنڊل جو حصو آهن ۽ ڪائناتي نظام جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هر ساهه واري شيءِ جي ڄاڻ ۽ تعليم رکڻ ضروري آهي. ٻيو ته جيڪي ٻار ايم بي بي ايس جون مخصوص سيٽون هجڻ سبب سليڪٽ نه ٿي سگهن يا ڪن ٻين سببن جي ڪري رهجي وڃن اهي زولاجي ۾ اچي پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهن ٿا ڇا ڪاڻ ته زولاجي ميڊيڪل جي اُها شاخ آهي جيڪا ڪنهن به اسڪول، ڪاليج، پيٿالاجي ليب، وائلڊ لائيف ۽ مختلف فيلڊس ۾ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي ٿي.
ڇاسوال؛ ڇا توهان جي شعبي ۾ ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي جيڪڏهن هلي رهيو آهي ته ڇا تي؟؟
جواب؛ جي، بلڪل ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي. زولاجي جون مختلف فيلڊس آهن جن ۾ اسپيشلائيزيشن يا مهارت حاصل ڪئي ويندي آهي تنهن مان اسان وٽ پيرا سائٽالاجي، ورٽي بريٽ بائلاجي، اينٽامالاجي تي ريسرچ هلي رهي آهي.
سوال؛ جيئن ته شڪار ۽ بيمارين جي ڪري جهنگلي جيوت ختم پيا ٿيندا وڃن انهن لاءِ زولاجيءَ ۾ ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن؟
جواب؛ بنيادي طور اهو ڪم وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ جو آهي ته اهي جانورن جي ظالماڻي قتلام خلاف قدم کڻي انهن جي روڪٿام ڪن ڇاڪاڻ ته سماج جو توازن برقرار رکڻ لاءِ انسانن وانگر جانورن جي حفاظت به ضروري آَهي پر حقيقت اها آهي ته اسان جا ذميوار ادارا گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن تنهنڪري ئي اڄ تائين ناياب قسم جي جانورن ۽ پکين جو شڪار توڙي قتلام جاري آهي جڏهن ته اڄ ڏينهن تائين اهڙي عمل ۾ ملوث ڪنهن خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. هاڻي ته صورتحال اها آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود دبئي سميت ٻين عرب رياستن جا ماڻهو هتي شڪار ڪرڻ اچن ٿا پر انهن جي روڪٿام لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جيڪا صورتحال مسقبل ۾ خطرناڪ ثابت ٿيندي.
سوال؛ زولاجي ۾ ڪهڙي موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن؟
جواب؛ جي بلڪل هتي مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهن ٿا. جنهن۾ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ريسرچ اسڪالرن کي تربيت ڏيون ۽ دنيا اندر هن شعبي ۾ ٿيل ترقي ۽ جديد تحقيقن کان روشناس ڪرايون.
سوال؛ توهان نئين ٽِهي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب؛ نئين ٽِهي لاءِ منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته ڪو به شعبو يا ڪا به فيلڊ گهٽ ناهي هوندي ڇاڪاڻ جو هر شعبو پنهنجو معيار رکي ٿو، ڪجهه شاگرد ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جو شعبو نه ملڻ ڪري دل شڪستا ٿيندا آهن. مان انهن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته توهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃو ته دل سان محنت ڪري ان جي گهرائي ۾ وڃو توهان جي محنت ضرور رنگ آڻيندي ۽ ان ۾ ئي ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي قدم چمندي.


Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
----------------------------------  ---------------------
FIRST VERSION
انٽرويو؛ عبدالسليم سولنگي... رول نمبر 
6

هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو......
                                            ( ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس )
                                                  عبدالله سولنگي
      ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس لاڙڪاڻي شهر جي وڪيل نرمل داس جي گهر ۾ اک کولي 3 جماعت لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ کانپوءِ شهدادڪوٽ منتقل ٿيا. جتي گرلز ڊگري ڪاليج مان پِري ميڊيڪل ۾ انٽرميڊيئٽ ڪرڻ کانپوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان زولاجي ۾ گريجوئيشن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي زولاجي مان ايم ايس سي ڪئي بعد ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي به زولاجي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪرڻ کانپوءِ ايڇ اِي سِي طرفان ٽينيوئر سسٽم طور سنڌ يونيورسٽي شعبي زولاجي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر  ڪري رکيو ويو. جنهن بعد ڪارڪردگي سٺي هئڻ ڪري 2014 ۾ پڪو ڪيو ويو. ان دوران گرلز هاسٽل جي ڊپٽي پروسٽ جي عهدي تي پڻ رهي ۽ هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور زولاجي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي.
سوال؛ توهان جو زولاجيءَ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب؛ مئٽرڪ ۽ انٽر پِري ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪرڻ کانپوءِ گهڻي قدر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿئي ٻيا سبجڪيٽ آپشنل هوندا آهن کيس ساڳي ريت ئي منهنجي والدين به مونکي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاهيو، پر افسوس جو منهنجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ 1 مارڪ جي گهٽتائي هئڻ ڪري سليڪٽ نه ٿي سگهيس. تنهن کانپوءِ پنهنجي ۽ گهر وارن جي خواهش مطابق زولاجي ۾ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي ڪري ٽيچنگ ڪيان ته اهو ئي بهتر رهندو.
سوال؛ توهان ڇا ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي؟
جواب؛ منهنجي پيراساٽالاجي ۾ اسپيشلائيزيشن ٿيل آهي جيڪا پيراسائٽ جي باري ۾ پڙهائي ويندي آهي. پيراسائِٽس هڪ بيڪٽيريا جو قسم آهي جيڪا جاندار شين تي حملو ڪندا آهن جنهن کي اسان مفت خور به چوندا آهيون. منهنجو پنهنجو ڪم پکين تي آهي جيڪا مرغي اسان کائون ٿا، اسان ته بس پچائي ڪري کائي ٿا ڇڏيون پر ان جي اندر ڪيترو پيراسائيٽس جو حملو ٿيل آهي. ان جي باري ۾ اسان انهن ماڻهن تائين ڄاڻ پهچائيندا آهيون جيڪي اهي کپائي رهيا آهن، ته خدارا هِنن سببن جي ڪري مرغي خراب ٿئي ٿي. تنهن ڪري ان کان بچاءُ ڪيو وڃي.
سوال؛ زولاجي جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ زولاجي ۾ اسان پنهنجي ۽ جانورن جي باري ۾ اسٽڊي ڪيون ٿا. جيڪي ٻار سائنس ۾ هوندا آهن ۽ اُهي ميڊيڪل ۾ چونڊجي ناهن سگهندا ته انهن لاءِ سيڪنڊ چوائس زولاجي هوندي آهي، ڇا ڪاڻ ته زولاجي ميڊيڪل جي اُها برانچ آهي جيڪا ڪنهن به اسڪول،ڪاليج، پيٿالاجي ليب، وائلڊ لائيف ۽ مختلف فيلڊس ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو.
ڇاسوال؛ ڇا توهان جي شعبي ۾ ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي اگر هلي رهيو آهي ته ڇا تي؟؟
جواب؛ جي بلڪل ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي. زولاجي جون مختلف فيلڊس آهن جنهن ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي ويندي آهي تنهن مان اسان وٽ پيرا ساٽالاجي، ورٽي بريٽ، اينٽامالاجي تي ريسرچ هلي رهي آهي. پر اسان وٽ ليبارٽريز گهٽ هجڻ جي ڪري شاگردن کي ٻاهر موڪليو وڃي ٿو جنهن جي ڪري شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سوال؛ جيئن ته شڪار ۽ بيمارين جي ڪري وائلڊ لائيف ختم پيا ٿيندا وڃن انهن لاءِ زولاجيءَ ۾ ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن؟
جواب؛ سڀ کان پهريان ته وائلڊ لائيف جي ختم ٿيڻ جو سبب ڳولهيندا آهيون ته ڪهڙي سبب جي ڪري اُهي ختم پيا ٿين ان کان بعد ان تي پمفليٽ ورهائي ۽ گڏجاڻيون ڪرائي سماج ۾ معلومات شيئر ڪندا آهيون ته جيئن اسپيشيز بچي سگهن.
سوال؛ زولاجي ۾ ڪهڙي موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن؟
جواب؛ جي بلڪل هتي مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهن ٿا. جنهن۾ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ريسرچ اسڪالرن کي ٽرينڊ ڪيون. هاڻي تازوئي مارچ ۾ ڪانفرنس ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف لاهور جي وڏن اسڪالرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر شڪوري پڻ موجود هو.
سوال؛ توهان نئين ٽِهي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟


جواب؛ نئين ٽِهي لاءِ منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته ڪو به شعبو يا ڪا به فيلڊ گهٽ ناهي هوندي ڇاڪاڻ جو هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو، ڪجهه شاگرد ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جو شعبو نه ملن ڪري دل شڪستا ٿيندا آهن. مان انهن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته توهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃو ته دل سان محنت ڪري ان جي گهرائي ۾ وڃو توهان جي محنت ضرور رنگ آڻيندي ۽ ان ۾ ئي ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي قدم چمندي.

Tuesday, September 1, 2015

شهدادڪوٽ لاءِ عزرائيل بڻيل حيردين ڊرين refer back

sketchy , weak. No evedence or supporting any report سوين ماڻهون پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ورتو  

Saturday, August 22, 2015

منهنجو شهر شهدادڪوٽ

 . Edited required. some photo representing Shahdadkot
فيچر
عبدالسليم سولنگي رول نمبر 06
                                              منهنجو شهر شهدادڪوٽ                                
                                                            عبدالله سولنگي

                           هر شهر پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪم يا شيءَ سان مشهور هوندو آهي جيئن شڪارپور آچار جي ڪري، ميهڙ مائي جي ڪري،خيرپور کارڪن جي ڪري ائين ئي صوبي سنڌ جي اتر شهرن مان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي دل، بلوچستان جو لنگهه شهر شهدادڪوٽ پڻ چانورن جي آبادگاري ۽ ڪاروباري لحاظ کان مشهور آهي جيڪو تقريبن 5 لک جي آبادي وارو شهر آهي.
     شهدادڪوٽ جو پراڻو نالو شهدادپور هو سن 1914 کان 1922ع جي وچ داري شهدادپور نالو مٽائي شهدادڪوٽ رکيو ويو، ڇاڪاڻ جو شهدادپور صوبي سنڌ ۾ 2 شهر ٿي پيا هئا 1 شهدادپور سانگهڙ ضلعي وارو ۽ ٻيو لاڙڪاڻي ضلعي وارو مطلب شهدادڪوٽ، جنهن جي ڪري ٽپال، ريل گاڏي ذريعي گڊز جو سامان ۽ مال وارا گاڏا ڀل سبب ادلا بدلي ٿي ويندا هئا تنهن ڪري انگريزن گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ريلوي اسٽيشن شهدادپور ۽ شهر شهدادپور جو نالو تبديل ڪري ريلوي اسٽيشن تي سيلرا شهدادڪوٽ لکيو ۽ شهر کي سرڪاري رڪارڊ ۾ شهدادڪوٽ لکيو ويو.
       سيلرا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هو تنهنڪري نشاندهي ڪري سيلرا شهدادڪوٽ لکيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ وڏو ڪوٽ هئڻ ڪري شهدادپور جي پور کي ڪٽي ڪوٽ ڪيو ويو جيڪو ڪوٽ سندن کهاوڙن جو هو شهدادڪوٽ کي 2004 ۾ضلعي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ٺاهيو ويو پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٺهڻ کانپوءِ ضلعي جي حيثيت قمبر شهر کي ڏني وئي جيڪو سندس شهدادڪوٽ تعلقي کان ڪاروباري ۽ تعليمي لحاظ کان گهٽ آهي. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقن مان سڀ کان وڏي آدمشماري رکندڙ علمي ادبي ڪاروباري تعلقو شهدادڪوٽ ئي آهي.
     شهر جي آباديءَ سان گڏوگڏ پڻ ترقياتي ڪم به وڌيا آهن ۽ شهر جي سونهن لاءِ وڏا هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ۽ وڏيون بيڪريون ٺاهيون ويون آهن جنهن ۾ گرين اسٽار هوٽل بلوچ هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ٽانوري شاخ وارو، ڊيسينٽ بيڪري، نوجوانن جي تفريح جو مرڪز بڻيل گلشير عرف گلشو علڻ شاهه وارو هوٽل ۽ سندس هائي وي وارو هوٽل جيڪو رات جي اونداهين ۾ رونق ڪندو آهي، مشهور جوس وارو دين ڪمبوهه وارو مهراڻ جو جوس ڪارنر جيڪو اي سيڪشن جي ٿاڻي جي لڳ آهي ۽ يامين جي چانهه جيڪا اديب،شاعر ۽ شاگرد پيئڻ لاءِ سندس گرلز هائي اسڪول جي اڳيان شام جي پهر ۾ ڪرسيون رکي ويهندا آهن هوڏانهن ڪمبوه محلا سونا چوڪ تي پپو ڪباب واري وٽ لٺ لڳي ويندي آهي ۽ شهر جا چڱا چوکا ماڻهون سندس شيخ ڪباب کائڻ لاءِ پپو وٽ انتظار ۾ بيٺل هوندا آهن.
 شهر ۾ وڏي تبديلي اها به اچي وئي آهي ته جيڪو شهر بدامني ۽ ڏوهن ۾ مشهور آهي اڄ اهو شهر محبتي ۽ پر امن بڻجي ويو آهي مطلب ته تمام سٺو ۽ امن وارو ماحول ٿي ويو آهي. تعليم جي رجهان سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي پروگرامن جي ڪري جاگيرداري ۽ سرمائيداري چڱي حد تائين گهٽجي وئي آهي. شهدادڪوٽ جي دل ڪوٽو موٽو چوڪ کي سڏيو ويندو آهي جتي حبيب بئنڪ، نيشنل بئنڪ، ايم سي بي بئنڪ، بلوچ هوٽل پنهل ساکاڻيءَ جو هوٽل، مشهور چاٽ وارا ۽ نانگو مٺائي وارو مطلب ته هر شيءِ هن چوڪ تي موجود آهي تنهن ڪري شهر جي دل ڪوٺيو وڃي ٿو. ڪوٽو ۽ موٽو ٻه ڀائر هئا جيڪي هندو هئا جنهن جو 1940 کان 1950 واري ڏهاڪي ۾ هڪ وڏو دڪان هوندو هو ڪوٽو موٽو جو دڪان هر هڙتال کان مستشنيٰ هوندو هو ڇو جو هنن جي دڪان تي دروازو ڪونه  هوندو هو دڪان سندس ڪريانه، جنرل اسٽور ۽ ميڊيڪل لڳو پيو هوندو هو مطلب هر شيءِ اتي هر وقت موجود هوندي هئي دڪان 24 ڪلاڪ کليل هوندو هو، ڪوٽو موٽو ذات جا چگهه هئا، ڪوٽو سنهو سيپڪڙو ۽ موٽو ٿلهو هوندو هو هميشه پاڻ هڪ ٻئي کي دوست سڏائيندا  هئا تنهن ڪري ليکڪن انهن کي دوست ڪري لکيو آهي پر اصل ۾ اهي سڳا ڀائر هئا. پاڻ سماجي سيوڪ به هئا شهرين جي هر مسئلي ۾ سندن گڏوگڏ هوندا هئا. 10 مهرم هجي يا چهلم مجلس ٿيندي هئي ته ذاڪرن جي اڳيان خوشبودار اگر بتين جي دٻي ۽ ڪلو ٻه کنڊ جو ۽ شربت جو شيشو ان جي ٽيبل تي وڏي نياز ۽ نوڙت سان ٻانهون ٻڌي ڀرڪندا هئا انهن ڀلائن ۽ سماجي خدمتن جي ڪري انهن جي وڃڻ کانپوءِ چوڪ تي نالو رکيو ويو

احمد علي صابر چانڊيو جو پروفائيل: عبدالسليم

 Seems good. but needs bit editing. every para starts with  same word " Sabir". This is looks bad. every para first word should be different  please always send photo with caption/ name  not with number
پروفائيل
عبدالسليم رول نمبر 6
               گهڻ رُخي شخصيت ؛ احمد علي صابر چانڊيو
                                                              عبدالله سولنگي
تاريخ توڙي جو سڪي ٺوٺ ٿي ويل اها زمين آهي جنهن تي مدتن پڄاڻا ابر جو وسڪارو ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ ڪو سَلو زمين جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل سيني منجهان ڦٽي ٿو ۽ اهو سلو ان زمين تي نمايان نظر اچي ٿو. اهو سلو نه فقت هڪ ڏڪار کانپوءِ ٺوٺ ٿي ويل زمين جي اُٺي کانپوءِ ٿيل وسم جو اهڃاڻ هوندو آهي پر اهو سلو اميد ۽ نئين امنگ جو اهڃاڻ پڻ هوندو آهي.
    
  احمد علي صابر چانڊيو تاريخ جي ٺوٺ ٿي ويل زمين تي ڦٽندڙ اهو نمايان سَلو آهي جنهن نه فقت تاريخ جي رُڃ سيني کي سرسبز ڪيو پر سَلي مان وڏو وڻ ٿي سج جي لڱ ساڻيدڙ تاءُ ۾ رلندڙ وقت کي پڻ پنهنجي ٽارين سان ڇانورو مهيا ڪيو.
    
 احمد علي چانڊيو جنهن کي ادبي نالي “صابر” سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن  14 جون 1952 ع سومر جي ڏينهن ميروخان تعلقي جي ڇاڄڙي ڳوٺ ۾ نواب خان جي گهر ۾ اک کولي پر اهڙن جو واسطو صدين کان ڪائنات تي هوندو آهي بظاهر هو نظرن کان اوجهل هوندا آهن پر جڏهن اڃايل تاريخ کي سيراب ڪرڻ جو سندن وقت ايندو آهي ت کين ڪائنات ۾ موڪليو ويندو آهي ۽ ائين انهن روحن جو ظهور تاريخ جو ڏينهن ۽ سال جي بهاني ٿيندو آهي.
      
صابر پنهجي ابتدائي تعليم مختلف ڳوٺن کان ٿيندي تعلقي قبو سعيد خان مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ان کانپوءِ ايم اي سنڌي، ايم اي پوليٽڪل سائنس رتيدري مان ۽ ايم اي ايل ايل بي لاڙڪاڻي مان ڪئي. صابر جو لڳاءُ علمي ادبي پروگرامن سان گڏوگڏ غريبن ۽ اٻوجهه ماڻهن سان به محبت آهي مختلف پروگرامن ۾ ويٺل ماڻهن جو دلن تي ڌاڙا هنيا. هي اهڙو ته شخص آهي جيڪو تعتن جي محفل ۾ به ملندو ته ميوزيڪل  راتن ۾ به مطلب ته انسانيت جي همدردي رهي آهي.
     
 هڪ ئي وقت گهڻي صلاحيتن جو مالڪ صابر 1976 ع کان 2008 تائين مختلف سرڪاري ادارن ۾ ملازمت ڪئي جنهن ۾ ٽيلفون آپريٽر ايريگيشن کاتو، ڪلارڪ ديهه ترقياتي کاتو ۽ ٻين ۾ خدمت سر انجام ڏني. هڪ سٺو ڪمپيئرر سان گڏوگڏ ليکڪ، اديب، شاعر ۽ سماجي سيوڪ رهيو آهي هن پنهنجي علمي ادبي مڃتا ماڻي آهي هن انسان دوستي محنت ۽ پورهي کي مذهب جيئان مقدس ڄاتو آهي جڏهن ته سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ۽ سندن پنهنجي شاعري ۾ طبقاتي دشمن کي پڻ وائکو ڪيو آهي.
       
صابر ڪيترا ئي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. هن پنهنجي لکائي افسانه ۽ ناٽڪ سان شروع ڪئي ۽ ڪيترائي نالي وارا افسانه لکيا ۽ اسٽيج ڊرامه ڪيا بعد ۾ سندس شاعري شروع ڪئي  ته شاعري گهڙن ئي ڳائيندڙن ڳائي جنهن ۾ ماسٽر فتح علي سمون، مرحوم ماسٽر منظور، سڄڻ سنڌي ۽ ٻيا پڻ شامل آهن. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن جنهن مان 4 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ شاعريءَ جا ٻه ڪتاب هڪ “گهايل منهنجا گيت” ۽ ٻيو “ڪاڪ ڪڪوري آءُ” سندن  شاعري ڌرتيءَ تي ڏنل زخمن تي آهي جنهن لاءِ احسان دانش لکي ٿو ته صابر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جا زخم به عيان آهن تڏهن ته صابر تڙپي ٿو اُٿي جڏهن دهشت گردي جي ديو جي پيرن ۾ امن جو ڪبوتر چيڀاٽجندي ڏسي ٿو سنڌ جي نامياري اديبن ۽ شاعرن ۾ احمد علمي جو شمار پڻ ٿئي ٿو.
      صابر جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ ڪهاڻي جو ڪتاب “پياسي سپ سمونڊ ۾” جي نالي سان آهي هن پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ سنڌ جي ٿيندڙ حالتن کي ظاهر ڪيو آهي  ۽ سندن ڪهاڻين جا ڪردار بي گهر بڻيل هندو ۽ سنڌ جي ناري وغيره آهي ان ڪتاب لاءِ تاج جويو لکي ٿو ته هن ڪتا ب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي جديد ڪهاڻي ۾ پيش رو ڪهاڻيڪار جمال ابڙي، امر جليل ۽ نجم عباسي جي سوچ جا پيرا کڻي اڳتي وڌيون آهن ۽ سندس ڪهاڻين جا ڪردار ڌاڙيل، وڏيرا صوبيدار اڻ پڙهيل هاري، سماج جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل سنڌي ناري، پنهنجي ڌرتي تي به گهر سنڌي هندو وغيره آهي. هن جا موضوع تعليم جو فقدان، سماجيون اهنگ اڻانگيون ۽ ڏاڍ طبقاتي سماج جا ويڇا، مذهبي ڪدورتون، پنهنجي تهذيب ۽ روايتي قدرن جي سونهن ۽ اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان جون پنهنجون ڳالهيون آهن ۽  لکي ٿو ته صابر جا خيال پختا موضوع جي چونڊ، بهترين لفظن جو انتخاب، مئوثر ٻولي جي رواني ۽ عام استعمال جو خوبصورت ڏانءُ مطلب ته ڪهاڻي جي تاريخ ۾ پنهنجو مقام ضرور پائينديون ۽ وڌيڪ تاج جويو لکي ٿو ته مونکي پڪ آهي “صابر” ڪهاڻيڪار جي قافلي ۾ پنهنجو قد ۽ قدر ضرور مڃرائيندو.
   
     صابر جو ڇپيل تاريخي ناول “ڪُ ويڄن ڪُٺي آهيان” هي ناول ظلم ۽ جبر کي  مطلب ته ظالماڻي نظام کي هڪ انوکي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. جنهن جي لاءِ ارباب ڇڄڙو مورائي لکي ٿو ته احمد علي صابر سنڌي بوليءَ ۾ تصوف جي تاريخي ناول “ڪُ ويڄن ڪٺي آهيان” لکي سنڌي ليکارن تان اهو الزام لاٿو آهي ته ڪو سنڌي ناول نگاريءَ کان واقف ڪين آهي ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته “صابر” حسين بن منصور حلاج جي اورچائي ۽ فلسفي تي قلم کڻي سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام جوڙي ورتو.
       
  صابر مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن جنهن جي خدمتن کي ساراهيندي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چوي ٿو ته صابر ڌرتي ۽ عوام جو شاعر آهي. اسان لفظن ۽ خيالن کي تلاش ڪندا آهيون ليڪن لفظ ۽ خيال احمد علي صابر جي تلاش ڪندا آهن. صابر سچ جو شاعر آهي معاشري جي اوڻائين سان کيس نفرت آهي ۽ هو انهن خلاف بغاوت ڪري ٿو احمد علي برائي جو دشمن ۽ ڀلائي جو دوست آهي.
      
  احمد علي “صابر” چانڊيو جي جاکوڙ ۽ محنت جو جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه شايد ئي غلط ثابت ٿئي ته هر ماڻهون هن دنيا ۾ هڪ عزم ۽ هڪ منزل جي ڳولاهه ۾ ايندو آهي ۽ هن دنيا ۾ ڪو هڪ ڪم کين سونپيل هوندو آهي ڇو ته “صابر” جي زندگي کي ڏٺو وڃي ته هن هڪ خواب ته ڇا پر سوين خواب پنهنجي نيڻن جي چادر تي ٽانڪي ڇڏيا آهن. ڪو هڪ ڪم ته ڇا پر هن زندگيءَ کي هڪ ڏينهن جو مهمان سمجي سمورا ڪم هڪ ڏينهن ۾ ئي ڪرڻ ٿي چاهيا، سمورن خوابن جي ساڀيان هڪ ڏينهن ۾ ئي ماڻڻ چاهي 
  ڇو ته سندس چوڻ آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي اڄ ئي ڪريو سڀاڻي ڪنهن به

Practical work car carried under supervision of Sir Sohail Sangi