Showing posts with label محمد انس ٻرڙو. Show all posts
Showing posts with label محمد انس ٻرڙو. Show all posts

Thursday, September 10, 2015

انٽرويو نعمت الله خلجي

انٽرويو محمد انس ٻرڙو
نعمت الله خلجي
پروفيسر نعمت خلجي 6  جولاءِ 1970ع ۾ جنم ورتو، سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ ائنڊ ڊزائن مان بئچلر جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ فائن آرٽ ۾ ايم اي ڪئي، هن وقت پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، هن وقت آرٽ ائنڊ دزائن شعبي جو ڊائريڪٽر پڻ آهي، هن ڪيتريون پينٽنگس ٺاهيون آهن، جن تي سندس ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن،



سوال : آرٽ ۽ ڊزائن ڇا آهي؟

جواب : آرٽ ۽ ڊزائن ۾ ڪيتريون ئي فيلڊس آهن، مثال طور ڪميونيڪيشن، فائن آرٽ، ٽيڪسٽائل، هسٽري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فيلڊس آهن، ڊزائن ۾ ڪو به فارم ٿي سگهي ٿو، ڪنهن شيءَ جو نالو ڏيڻ سڃاڻپ خاطر ڪميونيڪشن ٽول آهي، آرٽ جي وسيع معنيٰ آهي ته هڪ جهڙيون هزارين شيون ٺاهڻ، آرٽ هڪ ٽڪرو هوندو آهي.
س : آرٽ ۽ ڊزائن جي فيلڊ ۾ ڪهڙن شين جو هجڻ ضروري آهي؟

ج : تخليق هر شيءَ ٿيل هوندي آهي، انسان صرف شين کي ڳولي ٿو، ۽ انهن کي تصويرن، گرافڪس، ڊجيٽل ۽ ٻين ڪيترين ئي اندازن ۾ تراش ڪري ٿو، انهن شين جي لاءِ سوچ جو هجڻ ضروري آهي، هر آرٽسٽ جي پنهنجي ايجاد هوندي آهي، آرٽسٽ پينٽنگ ٺاهڻ وقت 5 ئي حواس استعمال ڪندو آهي، ڪا به نئي شيءَ ٺاهڻ لاءِ پينٽنگ م برش ۽ ڪلر وارا اوزار تمام ضروري آهن.
س : آرٽ ۽ ڊزائن ۾ ڪمپيوٽر جو ڇا ڪردار آهي؟
ج : آرٽ ۽ ڊزائن ۾ ڪمپيوٽر به هڪ اوزار آهي، هن ۾ مختلف مرحلن سان مختلف پروگرام هوندا آهن، مثال طور ڪورل ڊرا، ايڊاپ فوٽوشاپ، پڪس آرٽ ۽ ٻيون مختلف اپليڪيشن هونديون آهن، جيڪي مينيول يا پڪچر کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون آهن،
س : هڪ آرٽسٽ جو ميڊيا ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج : اسان جي سماج ۾ آرٽسٽ کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، ڪا به شيءَ ٺاهيندڙ کي آرٽسٽ چئبو آهي، يونيورس به هڪ آرٽ آهي، هر ٻولي جو سکڻ تصويرن سان آهي، صحافي دنيا م ڪميونيڪشن طور آرٽ جو ڪم ڪندو آهي، فلم، گانا، ڊراما آرٽ جي بنياد تي هوندا آهن، هڪ صحافي به سٺو آرٽسٽ آهي.
س : اسان جي سماج ۾ آرٽ ۽ ڊزائن جي ڪيتري اهميت آهي؟
ج : آرٽ هڪ اهڙي شيءَ آهي جيڪا نظر ايندي آهي، تصويرن مان سمجهڻ وڏي اهميت آهي، اسان جي سماج ۾ آرٽسٽ تمام گهٽ ٿا ٿين، هر ڪنهن کي گهرجي ته هڪ سٺو آرٽسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ نيون نيون شيون تخليق ڪري آرٽ کي جيڪڏهن هٿي ڏياري وڃي ته اسان جي سماج ۾ ڦر. ڌاڙا، ۽ ٻين براين کان بچي سگهي ٿو.
س : شاگردن لاء ڪو پيغام؟
ج : شاگردن کي محنت ڪرڻ گهرجي پوء اهي ڪهڙي ب فيلڊ ۾ ڇو ن هجن. هر ڪنهن کي گهرجي ت پنهنجي پڙهاءي سان گڏ هڪ سٽو آرٽسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري، آرٽ ۽ ڊزاءن جي شاگردن کي گھرجي ت محنت ڪن ۽ دنيا جي حسن کي پنهنجي آرٽ زريئ ماڻهن جي اڳيان ظاهر ڪن. پڙهاءي سان گڏو گڏ ٻيون ب سوشل ايڪٽوٽيز ڪرڻ گهرجن.
محمد انس ٻرڙو 
 September 2015, BS-III second semester 
writing skill work done under supervision of Sir Sohail Sangi 
Department of Media and Communication Studeis, University of Sindh 



Friday, September 4, 2015

مورو جا پرائيويٽ اسڪول ۽ انهن ۾ تعليم

محمد انس ٻرڙو 64
آرٽيڪل
مورو جا پرائيويٽ اسڪول ۽ انهن ۾ تعليم..
پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 37 بي تحت پاڪستان جي سرڪار پابند آهي ته ملڪ جي هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن. اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪا تعليم ملي رهي آهي، اها سڀني جي سامهون آهي.

هتي اسان ڳالهه ڪنداسين پرائيويٽ اسڪولن جي جن کي سرڪار طرفان پابند ڪيو ويو آهي، ته هر100 شاگردن ۾ 10 غريب ٻار مفت ۾ پڙهايا وڃن، پر مورو شهر جي پرائيويٽ اسڪولن جو حال اهو آهي ته غريب ٻار کي مفت ۾ ته نٿو پڙهايو وڃي پر ان سان فيس ۾ 100 رپئي جي به رعايت نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب غريب ٻارن جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ مشڪل ٿئي ٿو،

 10 سال پهريان مورو شهر ۾ 16 کان 18 پرائيويٽ اسڪول هئا انهن ۾ پڙهائي تمام بهترين هوندي هئي ۽ ماحول به تمام سٺو هوندو هو، نوشهروفيروز ضلعي ۾ هميشه مورو شهر جا شاگرد پوزيشن کڻندا هئا، پوءِ ڇو نه اهي بورڊ جا پيپر هجن يا يونيورسٽي جي ٽيسٽ، ان وقت پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائي به بهتر هئي فيس به ٿوري هئي، غريب توڙي امير ٻار سٺي تعليم حاصل ڪندا هئا، وقت گذرڻ سان گڏ پرائيويٽ اسڪول وڌندا ويا ۽ انهن ۾ تعليم جو رجحان گهٽ ٿيندو پئي ويو، اسڪولن ۾ فيس ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب جو ٻار ڪنهن به پرائيويٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل نٿو ڪري سگهي،

نرسري ۾ ٻارن جي داخلا فيس 3000 کان 4000 هزار ۽ ماهوار فيس 800 کان شروع آهي، جيئن ئي ٻار مٿين ڪلاسن ۾ ايندو ويندو تيئن فيس وڌندي ويندي، هي ڪنهن مهانگي يا نالي واري اسڪول جي نه پر سستي مان سستي اسڪول جي ڳالهه پئي ٿئي، جتي هڪ شاگرد جي فيس 800 رپيا آهي ۽ ان ڪلاس جي شاگردن جو تعداد 60 کان 70 آهي، انهن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد مقرر آهي، جنهن جي پگهار 3 کان 4 هزار آهي،

ڪنهن ڏاهي جو قول آهي اگر توهان ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته پهرين ان جي تعليم کي تباهه ڪيو، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، پر هاڻي پرائيويٽ اسڪولن ۾ به ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي، مورو ۾ پرائيويٽ اسڪولن جا مالڪ شاگردن جي تعليم جي لاءِ نه پر پنهنجي بزنس لاءِ اسڪول کولي رهيا آهن، مورو ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو اهو حال آهي ته انهن جي ڪينٽين تي شاگردن لاءِ ڪتابن ۽ ٻين کائڻ پيئڻ شين سان گڏوگڏ سوپاريون پن وڪرو ٿين ٿيون، 

منهجو مورو جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي هڪ استاد سان ملاقات ٿي اهو اسٽاف روم ۾ ويٺو سوپاري کائي رهيو هو ته مون ان کان پڇيو ته ڇا اسڪولن ۾ شاگردن لاءِ سوپاري رکڻ سٺي ڳالهه آهي؟ اگر اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم جي بجاءِ نشي آور شيون ملنديون ته انهن جو مستقبل ڇا هوندو، استاد مونکي جواب ڏيڻ بجاءِ ڪلاس وٺڻ جو بهانو ڪري هتان هليو ويو، اهو آهي اسان جي شهر مورو جي پرائيويٽ اسڪولن جي تعليم جو حال

جيڪڏهن اهو حال رهيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ غريب جا ٻار پئسا نه هئن جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري سگهندا، ۽ اميرن جا ٻار پئسا گهڻا هئڻ ڪري تعليم جي بجاءِ آوارگي ۾ خرچ ڪندا، غريب ٻار وقت تي فيس جمع نه ڪرائن سبب اسڪول مان ڪڍيا وڃن ٿا اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ راند  جو گرائونڊ نه آهي، نه ئي ڪا پارڪ آهي، صرف ننڍن ڪمرن ۾ ڪلاس آهن جتي ٻار پڙهڻ ايندا آهن،

حڪومت کي گهرجي ته جنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻارن کي سٺي تعليم نٿي ملي يا جيڪي اسڪول صرف پئسا ڪمائڻ جي لاءِ کليل آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري ته غريب توڙي امير ٻارن کي هڪ جهڙي سٺي تعليم ملي سگهي.


صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو: Profile


Profile 

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
محمد انس ٻرڙو 

ايڪويهين صديءَ ۾ اسين ترقي يافته، Civilized سماج ۾ رهون ٿا ان کي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ ان معاشري ۾ رهندڙ واڌي گهاٽي  بيشمار مسئلن کي منهن ڏئي نيڪ ڪردار نڀائيندي پنهنجو نالو هميشه لاءِ تاريخ ۾ لکرائن ٿا.

صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو به اهڙن ماڻهن م۾ شامل آهي. صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو 1949-07-30ع م۾ مورو کان اٽڪل 5 ميل جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙو م۾ حڪيم صوفي لال بخش ڪانڌڙو جي گهر م۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول م۾ حاصل ڪئي، پنهنجي ڳوٺ م۾ هاءَ اسڪول نه هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ مورو آيا، هاءَ اسڪول مورو مان 1966ع ۾ ڏهين جو امتحان پاس ڪيو.

هن کي طبي تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو ان ڪري هو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءَ طبي تعليم حاصل ڪرڻ حيدرآباد ويو ان وقت اندروني سنڌ م۾ ڪابه طبي ڪاليج نه هئي ان لاءَ هو سنڌ طبيٰ ڪاليج حيدرآباد م۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو 1970ع م۾ طبيٰ ڪاليج حيدرآباد مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد وانگر حڪمت ڪرڻ شروع ڪئي،  

پاڻ ان ڪم سان گڏو گڏ اخبارن م۾ ڪالم لکڻ پڻ شروع ڪيا، 1973ع م۾ حلال پاڪستان م۾ پهريون ڪالم شايع ٿيو صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته جڏهن منهنجو پهريون ڪالم حلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو هو ته مان تمام گهڻو خوش ٿيو هئس، منهنجي دوستن مونکي مبارڪون ڏنيون، ان کان پوءَ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم شايع ٿيندارهيا.

پهريان حڪمت جو ڪم پنهنجي ڳوٺ م۾ ئي ڪيو پر بعد م۾ شهر مورو م۾ اچي اهو ڪم جاري رکيو، حڪمت ڪرڻ سان گڏو گڏ پڙهائي مان به هٿ نه ڪڍيا، 1986ع ۾ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان ايم اي پاس ڪئي،

صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته اندرون سنڌ م۾ ڪوبه طبيٰ ڪاليج نه هئڻ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ م۾ تمام گهڻيو مشڪلاتون پيش اينديون هيون، ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا هئا.ان کان پوءَ صوفي غلام مصطفيٰ تمام گهڻي محنت، ڪوششون ڪري 1987ع ۾ اندرون سنڌ م۾ پهرئين طبيٰ ڪاليج جو افتتاح ڪيو جيڪا مهراڻ طبيٰ ڪاليج مورو جي نالي سان مشهور آهي.

هن ڪاليج ۾ 1987ع کان 1989ع يعني 2 سالن تائين شاگردن کي مفت تعليم ڏني وئي ته جيئن سڀئي شاگرد پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. اڄ به ان ڪاليج م۾ ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، صوفي غلام مصطفيٰ 1987ع کان 2012ع تائين ان ڪاليج جو پرنسپال رهيو. نيشنل ڪائونسل فار طب ۾ جيڪا پاڪستان جي واحد طب ڪاليج آهي ان ۾ صوفي غلام مصطفيٰ 1993ع واري اليڪشن م۾ سنڌ جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو.1993ع کان 2000ع تائين سنڌ جي سموري طبيٰ ڪاليجن جو صدر رهيو.

صوفي غلام مصطفيٰ جي دوستن جو چوڻ آهي ته هي تمام سٺي طبيعت جو مالڪ آهي، غريبن جو تمام گهڻو خيال رکندو، هر ڪنهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو آهي.هنن جو چوڻ هو ته اندرون سنڌ م۾ جيڪي به طبيٰ ڪاليج آهن اهي سڀ صوفي غلام مصفيٰ جي ڪري آهن. هن جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترن ئي شاگردن پنهنجي شهرن م۾ وڃي طبيٰ ڪاليج کولي .

صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ هو ته دنيا پنهنجا رنگ بدلائيندي رهي ٿي ان ڪري شاگردن کي گهرجي ته تعليم سان دلچسپي رکن، سماجي ڪمن م۾ وڌ م۾ وڌ حصو وٺن، تعليم حاصل ڪري صرف پنهنجي لاءَ نه پر ٻين لاءَ به مددگار بڻجن ڇو ته هن دنيا م۾ وڌيڪ ٻي ڪابه شيءَ نه آهي. 

Published in issue No: 1 of Roshni , 
Muhammad Anas Buriro
2K13/MC/64
Practical work done under supervision of Sir Sohail Sangi
 Department of Media and Communication Studies,
University of Sindh