. Edited required. some photo representing Shahdadkot
فيچر
عبدالسليم سولنگي
رول نمبر 06
عبدالله سولنگي
شهدادڪوٽ جو پراڻو نالو شهدادپور هو سن 1914
کان 1922ع جي وچ داري شهدادپور نالو مٽائي شهدادڪوٽ رکيو ويو، ڇاڪاڻ جو شهدادپور
صوبي سنڌ ۾ 2 شهر ٿي پيا هئا 1 شهدادپور سانگهڙ ضلعي وارو ۽ ٻيو لاڙڪاڻي ضلعي وارو
مطلب شهدادڪوٽ، جنهن جي ڪري ٽپال، ريل گاڏي ذريعي گڊز جو سامان ۽ مال وارا گاڏا ڀل
سبب ادلا بدلي ٿي ويندا هئا تنهن ڪري انگريزن گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ريلوي اسٽيشن
شهدادپور ۽ شهر شهدادپور جو نالو تبديل ڪري ريلوي اسٽيشن تي سيلرا شهدادڪوٽ لکيو ۽
شهر کي سرڪاري رڪارڊ ۾ شهدادڪوٽ لکيو ويو.
سيلرا ڳوٺ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هو
تنهنڪري نشاندهي ڪري سيلرا شهدادڪوٽ لکيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ وڏو ڪوٽ هئڻ ڪري
شهدادپور جي پور کي ڪٽي ڪوٽ ڪيو ويو جيڪو ڪوٽ سندن کهاوڙن جو هو شهدادڪوٽ کي 2004
۾ضلعي لاڙڪاڻي کان الڳ ڪري قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ٺاهيو ويو پر افسوس جي ڳالهه اها
آهي ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٺهڻ کانپوءِ ضلعي جي حيثيت قمبر شهر کي ڏني وئي جيڪو
سندس شهدادڪوٽ تعلقي کان ڪاروباري ۽ تعليمي لحاظ کان گهٽ آهي. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ
جي تعلقن مان سڀ کان وڏي آدمشماري رکندڙ علمي ادبي ڪاروباري تعلقو شهدادڪوٽ ئي
آهي.
شهر جي آباديءَ سان گڏوگڏ پڻ ترقياتي ڪم به
وڌيا آهن ۽ شهر جي سونهن لاءِ وڏا هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ۽ وڏيون بيڪريون ٺاهيون ويون
آهن جنهن ۾ گرين اسٽار هوٽل بلوچ هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ٽانوري شاخ وارو، ڊيسينٽ بيڪري،
نوجوانن جي تفريح جو مرڪز بڻيل گلشير عرف گلشو علڻ شاهه وارو هوٽل ۽ سندس هائي وي
وارو هوٽل جيڪو رات جي اونداهين ۾ رونق ڪندو آهي، مشهور جوس وارو دين ڪمبوهه وارو
مهراڻ جو جوس ڪارنر جيڪو اي سيڪشن جي ٿاڻي جي لڳ آهي ۽ يامين جي چانهه جيڪا
اديب،شاعر ۽ شاگرد پيئڻ لاءِ سندس گرلز هائي اسڪول جي اڳيان شام جي پهر ۾ ڪرسيون
رکي ويهندا آهن هوڏانهن ڪمبوه محلا سونا چوڪ تي پپو ڪباب واري وٽ لٺ لڳي ويندي آهي
۽ شهر جا چڱا چوکا ماڻهون سندس شيخ ڪباب کائڻ لاءِ پپو وٽ انتظار ۾ بيٺل هوندا
آهن.

No comments:
Post a Comment