انٽرويو
محمد خان سانگي

س.معاشري ۾ انگريزي ٻولي کي ٻين ٻولين کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ڇا انهي جا ڪي سبب آهن؟
ج. معاشري ۾ گذريل 60،65 سالن کان وٺي انگريزي
ٻولي کي بيوروڪريسي تمام گھڻي اهميت ڏني آهي،ڇاڪاڻ ته عالمي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو
معيار مٿي ڪرڻ گهرجي ۽ ٻئي اها به ڳالهه آهي ته ڪجهه خاص قسم جا ماڻهون جيڪي اڪثر
ڪري ٻاهر رهندا آهن اهي گهڻو استعمال ڪندا
آهن جنهن جي ڪري انگريزي ٻولي کي وڌيڪ
امپوز ڪيو ويو آهي هالانڪي ائين نه هئڻ کپي پنهنجي دفترن ۾ پنهنجي ٻولي
استمعال ڪئي وڃي.
س. موجوده دوٰر ۾ شاگردن جو انگريزي ادب ڏانهن لاڙو گھٽ هجڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
ج. اڄڪلهه جا شاگرد وقت جي اهميت کي نه ٿا
سمجهن ۽ پڙهائي کي صحيح طريقي سان وقت نه ٿا ڏين جنهن جي ڪري هو مايوس ٿين ٿا ۽ اڄ
دنيا ترقي جي طرف وڌي وڃي رهي آهي انهن کي گهرجي ته انهي شيءِ کي سمجهن ۽ سبجيڪٽ
سان گڏ ٻين ادبي ڪتابن، رسالن کي به ٽائيم ڏين جئين مايوس ٿيڻ کان بجاءِ اڳتي وڌن.
س. انگريزي سکڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءِ ورتا وڃن ؟
ج. انگريزي سکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته شاگرد جي
دلچسپي نصاب سان هجڻ ۽ رڳو لکڻ پڙهڻ سان ٻولي کي سکي نه سگهبو آهي انهي جي لاءِ ان
کي هر هنڌ ته اها ٻولي ڳالهائي نه صرف ڪلاسن ۾ جئين روزمره جي زندگي ۾ استعمال
ڪجي.
س.لسانيات ۽ ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ج. لسانيات معنيٰ ٻولي جي باري ۾ معلومات ۽ ان
۾ جيڪي تبديليون آڻجن ان کي لسانيات چئبو
آهي. ادب ان کي چئبو آهي جيڪو ٻولي کي خوبصورت بڻائي ۽ معاشري ۾ مثالن کي ۾ سمجهائي.
س.انگريزي ادب ۾ معاشري جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج.معاشري جو ڪردار اهو هوندو آهي ته انگريزي
ادب پڙهندڙ هوشيار ۽ چالاڪ هوندا آهن،جيڪي ڊراما لکڻ ۽ تحقيق ۾ سڀني کان اڳڀرا هوندا آهن جئين ناسا
وارا آهن.
س.جيڪي شاگرد ڳوٺن کان اچن ٿا انهن کي گهڻيون انگريزي ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون انهن جي حل لاءِ استادن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ج. ها بلڪل شاگردن مان وڏيون اميدون هونديون
آهن ،پر جڏهن رزلٽ ايندي آهي ته شاگرد انهي معيار مطابق نه ٿا لهن ڪجھ اهڙا به
شاگرد هوندا آهن جيڪي پڙهائي ۾ تمام سست هوندا آهن ۽ رزلٽ سٺي ڏيندا آهن.جيڪا تمام
گهڻو مايوس ڪندي آهي.
س. توهان انگريزي ادب ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟
ج. آئون ڪلاس ڪنڊڪٽ ڪندو آهيان .ايم فل ۽ پي
ايڇ ڊي جا باقي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڪتاب وغيره ڪونه لکيو آهي.
س. انگريزي ادب کي ايتري اهميت ڏيڻ ۽ ٻين ٻولين کي تباهه ڪرڻ جي شازش ته نه آه؟
ج. شازش جو ذمو خاص اداران جو آهي،ان کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا ،باقي پنهنجي
مادري ٻولي کي انگريزي ٻولي کان تمام
گھڻي اهميت ڏيڻ کپي جئين اتي جي ماڻهن لاءِ سمجهڻ ۾ سهولت پيدا ڪري.
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
گھڻي اهميت ڏيڻ کپي جئين اتي جي ماڻهن لاءِ سمجهڻ ۾ سهولت پيدا ڪري.
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Muhammad Khahn Sangi, Institute of English language and Literature University of Sindh, by Zohaib Arisar
ReplyDelete