Showing posts with label انٽرويو. Show all posts
Showing posts with label انٽرويو. Show all posts

Saturday, November 21, 2015

Interview with Master Ghulam Hussain


شاھنواز خاصخیلی
ماسٽر  غلام حسين   جو انٽرويو
غلام حسين  عرف ماسٽر  غلام حسين سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ شير خان لغاري ۾ 12 جنوري 1962ع ۾ پيدا ٿيو  ، سندس پيدائش مذهبي گهراڻي ۾ ٿي، غلام حسين جي والد جو نالو جمعو ۽ سندن ذات خاصخيلي آهي، هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ شهدادپور ۽ انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج شهدادپور مان ڪئي،  1995 ع سندس شادي  ٿي، کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، چار ڀينرن ۽ ڇهه ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، سندس وجهه شهرت ڪلاسڪيل ڊانس ۽ مشهور مور ڊانس آهي،  ماسٽر غلام حسين پاڪستان توڙي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي،  ڇهين ڪلاس کان غلام حسين اسڪولن ۾  ٿيندڙ فنڪشن ۾ ڊانس ڪندو هو، اسڪولن ۾ ڇوڪري جي ڪردار ڪري ڊانس ڪرڻ تي کيس مائٽن طرفان ڪيترائي دفعا مارڪٽ به ڪئي وئي پر سندس ڊانس ڪرڻ جو جنون گهٽجڻ بدران وڌندو ويو، انٽر بعد غلام حسين حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو ڇو ته سندس ڀائرن جي ڊيوٽي اتي هوندي هئي،  حيدرآباد اچڻ بعد  ماسٽر غلام حسين باقائدگي سان ناچ سکڻ شروع ڪيو، اسلام آباد پاڙي ۾ سن رائيز ڪلب ۾ سندس استاد ابراهيم لچڪي ۽ مشهور ڊانسر ماسٽر صديق عرف بوبي کيس ڊانس جي تربيت ڏني، سن رائيز ڪلب ۾ کيس استاد ابراهيم لچڪي کيس ڌاڳو ٻڌي شاگرد ڪيو، ماسٽر غلام حسين پاڪستان سميت، ايران ، جرمني، دبئي، مسقط، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، حيدرآباد جي راڻي باغ جي هڪ پروگرام ۾ سندس فن ڏسي پي ٽي وي جي اڳوڻي جرنل مئنجير مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۽ ٻين ۾ جڳهه ڏني، ان بعد ماسٽر غلام حسين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي،  لطيف ايوارڊ، ترڪي جي صدر جي ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ سميت سوين ايوارڊ فن مڃتا طور کيس مليا آهن، ماسٽر غلام   حسين جي شاگردن جو تعداد به هڪ سئو کان مٿي آهي،  جهرندڙ عمر جي باوجود غلام حسين جو نه جنون گهٽ ٿيو آهي نه  سندس  شوق شڪست کاڌي آهي، ڪوٽڙي جي ريلوي لائين  جي هڪ ڪمري وري ڪوارٽر نما گهر ۾ رهندڙ ماسٽر غلام حسين کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتس، ماسٽر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ تمام دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون

سوال؛ ماسٽر ڊانس جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو ؟  
جواب؛ جڏهن مان ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته اسڪول ۾ ننڍا پروگرام ٿيندا هئا، جن ۾ آئون حصو وٺندو هئس، جڏهن منهنجي ڳوٺ ۾ ڪا شادي وغيره ٿيندي هئي ، اڳ ۾ شادين ۾ ناچو ايندا هئا،  پوءِ جڏهن ناچو نچندا هئا ته انهن جي پيرن کي مان غور سان ڏسندو هئس ته اهي ڪيئن ٿا نچن؟ ان جي آواز پياري لڳندي هئي، ان کان علاوه موسيقي سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، جڏهن شهدادپور هائي اسڪول ۾ ڇهين جماعت داخلا ورتي ته اتي به وڏا پروگرام ٿيندا هئا،  اتي هڪ پروگرام ۾ مون ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو، انهي پروگرام ۾ مون پرفارمنس سان ڪيو، اداڪاري سان گڏ ڊانس ڪيو، جڏهن اها خبر گهروارن کي پئي ته مون کي تمام گهڻي مارڪٽ ڪئي وئي، مار ياد آهي پر وقت نٿو ڀلجان، اندر جو جنون مارڪٽ سان نٿي نڪري سگهيو، ڳوٺ ۾ مامي جي ڍڳن جا پٽي واري گهنگرو چوري ڪري اهي پائي مان اڪيلو وڃي جهنگ ۾ رقص ڪندو هئس، اها 1971ع جي ڳالهه آهي جڏهن مان پرائمري پڙهندو هئس، امان چوندي هئي ته ڪاٺيون ڪري اچو، آئون امان کي چوندو هئس ته آئون ٿو وڃان، اصل ۾ مون کي ڪاٺين جو شوق نه پر جهنگ ۾ رقص ڪرڻ جو جنون هو، گهنگرو جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيندو هئس، هڪ دفعو ڪنهن ڳوٺاڻي مون کي رقص ڪندي ڏسي ورتو، جنهن منهنجي گهر ٻڌايو، مامي کي جڏهن خبر پئي ته مامي پٽن سان مون کي ماريو، مارڪٽ باوجود جنون اهو ئي ساڳيو، مارڪٽ دوران امان بچائيند هئي ۽ وڏي ڀيڻ ٽاڪوڙ ڪندي هئي، وڏي ڀيڻ تمام گهڻو ڀائيندي هي.
    
سوال؛ باقائده فن جي سکيا ڪٿان ورتي؟ 
     جواب؛ شهدادپور ۾ جنهن گهر ۾ رهندو هئس اهو ڀيڻيويو جو گهر هو، ان گهر جي سامهون ريڊيو پاڪستان جو هڪ فنڪار استاد طفيل خان رهندو هو، اهو جڏهن ته رياض ڪندو هو آئون وڃي اتي ويهي رهندو هئس، ائون هن کي مامو ڪري سڏيندو هئس، استاد طفيل راڳ، سر ۽ تال ۾ منهنجو استاد رهيو، هڪ دفعي وري هڪ پروگرام ۾  ڊانس ڪيم ته گهروارن ڏاڍو ماريو، منهنجون رڙيون ٻڌي استاد طفيل گهر جو دروازو وڄايو، بابا ٻاهر نڪتو، استاد طفيل حاجي جمعي کي سمجهايو ته ڇوڪري کي مارڻ سان ڪجهه نه ورندو، وڌيڪ خراب ٿيندو، بابا چيو ته هن نالو  بدنام ڪيو آهي، استاد طفيل چيو ته ڇوڪرو ڀلو آهي، هن ۾ فن جو جنون آهي،  پوءِ بابا کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي،  جنهن بعد گهر جي ڀرسان بلوچن جي پاڙي ۾  شادي ۾ مشهور ڊانسر استاد ابراهيم لچڪ آيو،  هن جي ڊانس ڏسڻ دوران استاد ابراهيم جو پوئلڳ ٿي پيس، استاد طفيل خان منهنجي ٻانهن ابراهيم لچڪ حوالي ڪئي، هن مون کان واعدو ورتو ته تعليم پوري ڪندي مون هائوڪار ڪئي، جنهن بعد استاد ابراهيم لچڪ مون کي ڌاڳو ٻڌو، ست رپئي جي مٺائي وٺي آيس ۽ ٻن رپين جا گلاب جا گل وٺي آيس،  استاد طفيل منهنجي طرفان انهي وقت ويهه رپيا استاد ابراهيم لچڪ کي ويهه رپيا نذرانو ڏنو ۽ سندي طرفان اجرڪ پڻ ڏني، جنهن بعد آئون ڪوٽڙي مان حيدرآباد رائيز ڪلب تي ويندو هئس ۽ ڊانس سکندو هئس 

سوال؛ مور ڊانس ڪرڻ جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ان ۾ ڪيترويون ڏکيائون پيش آيون؟           جواب؛ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ پي ٽي وي تي هڪ پروگرام هلندو پائل نالي سان جنهن ۾ ناهيد صديقي ڊانس  ڪندي هئي، ٻئي هڪ پروگرام  ۾  ايمي مين والي ڊانس ڪندي هئي، ناهيد صديقي مور جو ڊانس ڪندي هئي، جيڪو مونکي تمام گهڻو وڻندو هو، وقت گذرندو ويو ۽ ناچ سکندو رهيس نيٺ 1985ع ۾ استاد کي چيم ته استاد آئون پنهنجي سڃاڻپ الڳ ٺاهڻ چاهيان ٿو، جنهن سان ماڻهو هميشه ياد رکن، استاد کي ٻڌايم ته مور جي ڊانس ڪرڻ چاهيان ٿو استاد چيو ته اهو ڏکيو ڪم آهي، مور جا پر ڪٿان ايندا، اهو لباس ٺهندو ڪيئن، مون استاد کي چيو ته جنون آهي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو آهي، 1987ع ۾ پر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، لباس ٺاهڻ نه اچي، استاد مرحوم حميد چوڌري منهنجي استاد جو استاد ، انهي طريقو ٻڌايو، مون سئو پر ورتا، استاد چيو ته هزار پر کپن، پوءِ پروگرامن مان جيڪوڪمائيندو هئس پر وٺندو هئس، جيئن تيئن ڪري پنج ڇهه سئو پر ورتا، 1989ع ۾ استاد مور جو لباس ٺاهڻ سيکاريو، موچي سان گڏ ڪم شروع ڪيم، مور لباس ٺاهڻ کانپوءِ پهريون پروگرام 1990ع سنڌيالاجي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيو، ان پروگرام بعد شهرت وڌندي وئي.                                                              
سوال؛ ٽي وي اسڪرين تي ڪنهن ۽ ڪڏهن متعارف ڪرايو؟ 
 جواب؛  1992 ع ۾ راڻي باغ حيدرآباد ۾ اوپن ٿيٽر پروگرام ٿيو، اتي ورائٽي شو ۾ پرفارم ڪيم، ان پروگرام ۾ پي ٽي وي جو جرنل مئينجر مرحوم عبدالڪريم بلوچ به آيو هو، ان منهنجي پرفارم ڏٺي ۽ ان کي ڏاڍي پسند آئي ۽ عبدالڪريم بلوچ مون وٽ ويو شاباش ڏني، اتي خواهش ظاهر ڪيم ته مون کي ٽي وي پروگرام ۾ جڳهه ڏني وڃي، جنهن تي عبدالڪريم بلوچ اتي بيٺل پروڊيوسر  حميد هاليپوٽو کي چيو ته هن کي عيد شو ۽ پرک پروگرام ۾ کڻو، ٽي وي اسڪرين تي آڻڻ ۾ عبدالڪريم بلوچ هو، هن مون کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو، پي ٽي وي تي اچڻ بعد جڳ مشهور ٿي ويس، عبدالڪريم بلوچ ڏاڍو ڀائيندو هو. 
                            
سوال؛  شادي پسند ته ڪئي يا ماءُ پيءُ جي مرضي سان؟    
جواب؛ شادي ماءُ پيءُ جي مرضي سان ڪئي.  
                                   
سوال؛ زندگي جو ڪو اهڙو ڏک جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟   
جواب؛ 2000 ع ۾ سنڌ ميوزم ۾ هڪ پروگرام ڪيم، پروگرام ۾ منهنجي انٽري جي اعلان ٿي ويو ۽ مان وڃڻ لڳس ته منهنجي شاگرد سڏ ڪيو استاد، استاد ضروري فون آهي، مون چيو ته منهنجي انٽري ٿي وئي آهي، شاگرد چيو ته استاد تنهنجي والده گذاري وئي آهي، منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا پر مون برداشت ڪيو، مون شاگرد کي چيو ته فون کي بند ڪر، ان باوجود ۾ اسٽيج تي سخت تڪليف واري ڪيفيت ۾ پرفارم ڪيو، پر اها ڪيفيت مون ظاهر نه ڪئي، ڊانس ختم ڪري مون بيگ تيار ڪيو ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪتس،  پئسا به نه ورتم، گهر پهتس، سياري جي رات هئي،  رات جا ٻه ٿياهئا، سڄي رات ويهي گذاريم ، فجر جي وقت گاڏي بوڪ ڪرائي ڳوٺ پهتس ۽ امان جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيس 
سوال؛ خراب ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟ 
جواب؛ ڪوڙ ۽ لالچي ماڻهو کان سخت نفرت آهي
                            ،
سوال؛ کائڻ ۾ ڇا پسند آهي؟
                             جواب؛ کائڻ ۾ جيڪي الله جي نعمت هجي سڀ پسند آهي پر شامي ڪباب ۽ کيرڻي گهڻي پسند آهي
                     .
سوال؛ سٺي ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟  
جواب؛ سچ تمام گهڻو پسند آهي.
                
سوال؛ پسنديده لباس؟
جواب؛ پينٽ شرٽ، جينيز  
         
سوال ؛ پسنديده سياسي شخصيت 
جواب؛ محترمه بينظير ڀٽو

سوال؛ پسنديده فلمي شخصيتون؟ 
جواب؛ پاڪستاني اداڪاره راني، اداڪاره زمرد، اداڪاره انجمن ، انڊيا ۾ وحيده رحمان، پدمني، وجنتي مالا، ريکا، ماڌوري، جيئا پراڌا، سري ديوي، هيما مالني                                                                                                  
سوال؛ڪو  آخري پيغام ڏيندو؟  
جواب؛ هڪ ڏينهن الله ڏي وڃڻو آهي، اهو اسان جو حقيقي مالڪ آ، پنج وقت اذان اچي ٿي، ان لاءِ نماز پڙهو، نماز ۾ ڇوٽڪارو آهي، الله جون ڪيتريون ئي نعمتون آهن، نماز نه ڇڏيو، نماز قائم ڪريو
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Saturday, September 12, 2015

انٽرويو محمد خان سانگي

انٽرويو 
محمد خان سانگي
محمد خان سانگي جو تعلق ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي شهر ٽنڊو علام علي سان آهي.سندس جنم 26 جنوري 1970ع ۾ ٿيو سندس پرائمري تعليم پنهنجي شهر ٽنڊو غلام علي جي اسڪول مان پرائي انٽر گورنمينٽ ڪاليج ماتلي ۾ ڪئي،اعلي تعليم لاءِ ڄامشوري جو رخ ڪيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلش جي شعبي ۾ داخلا ورتائين ۽ جنهن کان پوءِ هن ليڪچراري جي ٽيسٽ پاس ڪري ساڳئي شعبي ۾ خدمتون ڏيڻ شروع ڪيون هُن جي  17 سالن جي محنتن کي مُد نظر رکندي سائين جن کي پروموشن ڏئي شعبي جي چيئرمين ڪيو ويو ۽ هن وقت به سائين ٽي سالن کان  چيئرمين طور فرض انجام ڏئي رهيا آهن،ان دوران ٻه ٽينور ٿيا آهن هڪ ڊيڊ سال ۽ ٻيو هئينر جاري آهي.سائين جن پاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي پڙهندا آهن.

س.معاشري ۾ انگريزي ٻولي کي ٻين ٻولين کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ڇا انهي جا ڪي سبب آهن؟
ج. معاشري ۾ گذريل 60،65 سالن کان وٺي انگريزي ٻولي کي بيوروڪريسي تمام گھڻي اهميت ڏني آهي،ڇاڪاڻ ته عالمي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو معيار مٿي ڪرڻ گهرجي ۽ ٻئي اها به ڳالهه آهي ته ڪجهه خاص قسم جا ماڻهون جيڪي اڪثر ڪري ٻاهر رهندا آهن اهي گهڻو  استعمال ڪندا آهن جنهن جي ڪري انگريزي ٻولي کي وڌيڪ  امپوز ڪيو ويو آهي هالانڪي ائين نه هئڻ  کپي پنهنجي دفترن ۾ پنهنجي ٻولي استمعال ڪئي وڃي.

س. موجوده دوٰر ۾ شاگردن جو انگريزي ادب ڏانهن لاڙو گھٽ هجڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟
ج. اڄڪلهه جا شاگرد وقت جي اهميت کي نه ٿا سمجهن ۽ پڙهائي کي صحيح طريقي سان وقت نه ٿا ڏين جنهن جي ڪري هو مايوس ٿين ٿا ۽ اڄ دنيا ترقي جي طرف وڌي وڃي رهي آهي انهن کي گهرجي ته انهي شيءِ کي سمجهن ۽ سبجيڪٽ سان گڏ ٻين ادبي ڪتابن، رسالن کي به ٽائيم ڏين جئين مايوس ٿيڻ کان بجاءِ اڳتي وڌن.

س. انگريزي سکڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءِ ورتا وڃن ؟
ج. انگريزي سکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته شاگرد جي دلچسپي نصاب سان هجڻ ۽ رڳو لکڻ پڙهڻ سان ٻولي کي سکي نه سگهبو آهي انهي جي لاءِ ان کي هر هنڌ ته اها ٻولي ڳالهائي نه صرف ڪلاسن ۾ جئين روزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪجي.

س.لسانيات ۽ ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ج. لسانيات معنيٰ ٻولي جي باري ۾ معلومات ۽ ان ۾ جيڪي تبديليون آڻجن ان کي  لسانيات چئبو آهي. ادب ان کي چئبو آهي جيڪو ٻولي کي خوبصورت بڻائي ۽ معاشري ۾ مثالن کي  ۾ سمجهائي.

س.انگريزي ادب ۾ معاشري جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج.معاشري جو ڪردار اهو هوندو آهي ته انگريزي ادب پڙهندڙ هوشيار ۽ چالاڪ هوندا آهن،جيڪي ڊراما لکڻ  ۽ تحقيق ۾ سڀني کان اڳڀرا هوندا آهن جئين ناسا وارا آهن.



س.جيڪي شاگرد ڳوٺن کان اچن ٿا انهن کي گهڻيون انگريزي ۾ مشڪلاتون ٿين ٿيون انهن جي حل لاءِ استادن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ج. انهن شاگردن کي  وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ يونيورسٽي جا چار سال وڏي معنيٰ خيز ٿين ٿا.استادن کي گهرجي ته انهن شاگردن جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ وڌيڪ ٽائيم ڏين ته جئين  هو انهي معيار جهڙا ٿي سگھن.

س. توهان کي پڙهائڻ دوران ڪڏهن مايوسي ٿي؟
ج. ها بلڪل شاگردن مان وڏيون اميدون هونديون آهن ،پر جڏهن رزلٽ ايندي آهي ته شاگرد انهي معيار مطابق نه ٿا لهن ڪجھ اهڙا به شاگرد هوندا آهن جيڪي پڙهائي ۾ تمام سست هوندا آهن ۽ رزلٽ سٺي ڏيندا آهن.جيڪا تمام گهڻو مايوس ڪندي آهي.

س. توهان انگريزي ادب ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن؟
ج. آئون ڪلاس ڪنڊڪٽ ڪندو آهيان .ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا باقي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڪتاب وغيره ڪونه لکيو آهي.

س. انگريزي ادب کي ايتري اهميت ڏيڻ ۽ ٻين ٻولين کي تباهه ڪرڻ جي شازش ته نه آه؟
ج. شازش جو ذمو خاص اداران جو  آهي،ان کي ڪيتري اهميت ڏين ٿا ،باقي پنهنجي مادري ٻولي کي انگريزي ٻولي کان  تمام 
گھڻي اهميت ڏيڻ کپي جئين اتي جي ماڻهن لاءِ سمجهڻ ۾ سهولت پيدا ڪري.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi