Showing posts with label اصغر ناريجو. Show all posts
Showing posts with label اصغر ناريجو. Show all posts

Wednesday, September 9, 2015

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ
اصغر ناريجو  رول نمبر 40
دنيا جي ملڪن ۾ سمنڊ،درياءَ،ڍنڍون توڙي ٻيٽ فطري حسن جو شاهڪار هوندا آهن آهن ته ڪٿي انهن دريائن ۽ ٻيٽن تان  آمدروفت،واپار توڙي ٻين سهولتن لاءِ خشڪي رستي ڳنڍڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن ته جيئن .سنڌ ۾ سنڌو درياٰءِ جي چاڙھ کان پوءِ عوام جو رخ گڊو بئراج، سکر بئراج ڪوٽڙي بئراج ۽ ڄامشورو پل تي به المنظر جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي اهڙن نظارن تي فطري حسن سان گڏ انساني محنت به چارچنڊ لڳايا آهن اهڙين ئي پلين مان خيرپور لاڙڪاڻو پل به هڪ تفريحي
ماڳ بڻجي وئي آهي


 سنڌو جي موج ،دريائي وهڪرن ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب ملڪ جي دريائي هنڌن تي تفريحي ماڳن،پڪنڪ جڳهن تي عوامي ميلا لڳل هوندا هئا هر ڪو چوندوا آهي ته ڪاش اهي نظارا مان به پنهنجي اکين سان پسان ها اهڙا ئي دلڪش نظارا خيرپور لاڙڪاڻوپل تي به آهن خيرپور لاڙڪاڻو پل 2010 ۾ راس ٿي آمدرفت لاءِ کلي وئي .خيرپور لاڙڪاڻو پل تي سنڌو جي موجن کي ڏسڻ  لاءِ  عوام خيرپور،لاڙڪاڻي جي شهرن کان علاوه آسپاس جا شهري به ايندا آهن،اهي  احوال ٻڌي مونکي به دل ۾ خيال آيو ته مان به اهو من موهيندڙ نظارو اکين سان ڏسي اچان. شام جو پنهنجي دوستن سان اچي پل تي پهتس....ڏسان ڇا ته منظر آ ۽ من کي ڇوهيندڙ ڇولين سان  گڏ حسين چهرا به هئا. پل جي ٻنهي طرفن نظر ڪبي ته نظر کٽي ويندي پر ماڻهو نه کٽن پل، جي هيٺان پاڻي جي اڇاڻ ۽ پل تي  مسڪرائيندڙ چهرا ڪارن مٿن وارا جهومندڙ نوجوان ٻار، ناريون نينگريون به خوشي مان نه ماپنديون آهن،سنڌي توڙي اردو گانن تي جهمريون ۽ رقص ڪنديون آهن ،ڪي هٿ هٿن ۾ ڏئي درياءِ ۾ وهندڙ ڇولين کي اشارن سان هڪ ٻئي کي چئي رهيا هوندا آهن هو ڏي ڏس سنڌو جون ڇوليون..............
جتي پل ٺهڻ کان پهرين ماڻهو ٻيڙين وسيلي آرپار ايندا ويندا هئا ،درياءَ جو سير سفر به ٻيڙين تي ڪندا هئا.ملاح  ٻيڙين تي مڇي ماري گذر ڪندا هئا ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي هن پار کان هن پار پهچائي زندگي جو سفر بهترين ڪندا هئا. پر پل ٺهڻ کان پوءِ سندن روزگار گهٽ ٿيوآهي.خاص ڏهاڙن،عيد موڪلن،ثقافتي ڏهاڙن،برساتي موسم ۽ سنڌو درياءَ جي چاڙھ موج مستي سبب لاڙڪاڻو خيرپور پل تي عوامي جشن لڳل هوندو آهي.
پل جي هر طرف کان جيڏانهن  نظر ڪجي ته عوام ئي عوام نظر ايندو آهي،ننڍا توڙي وڏا فئملي وارا ۽ نوجوان ڀرپور نظارا ڏسي لطف اندوز ٿيندا آهن.ملاحن جي ٻيڙين ۽ لائنچن ۾ چڙهي درياءِ جو سير ڪندي هٿ سان پاڻي جا ڇنڊا مٿي اڇلائڻ ،بي خوف ٿي درياءِ جو هڪ پار کان ٻئي پار تائين ڏسي موٽي اچن.
خيرپر لاڙڪاڻو پل 1222 چورس ميٽرن تي ٺهيل آهي،پل تي ڇپرن وار هوٽل،دڪان،ڪئبن توڙي ريڙهي وارا به پنهنجي روزي ۾ مصروف رهندا آهن ۽ عوام جي سهولت لاءِ هر شيءِ مهيا ڪن ٿا،شام جي پهر لهندڙ سج وقت پاڻي ۾ سج جو دلڪش پاڇو من ۾ مادام مچائيندو آهي .چوڻي آهي ته درياءَ جا ٻڪ درياءَ ۾ ائين ئي پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ ماڻهو به لڙهندا ۽ ترندي گذرندا آهن ته جانور،گهرن جا ڇپر توڙي سامان به لڙهندا نظر ايندا آهن.هڪ دفعو مون آگسٽ جي پهرين هفتي نه وسرندڙ واقعو ڏٺو جنهن جو عڪس اڃا تائين ذهن تي گهمندو آهي ،پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ڳائو ڍور لڙهندي اچي پئي ته ماڻهن جي ان تي جيئن نگاھ پئي انهن مان ٻن ماڻهن موت کان بي خوف ٿي پل تان ڳئون کي پڪڙڻ لاءِ لهي پيا،ٻئي تارون هئا،هڪٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ انهي کي پڪڙڻ لاءِ ٻانهن جواستعمال تيز ڪندي وڃي ڳئون وٽ پهتا۽ پڪڙي ڳئون کي ڪپر تي اچي پهچائيائونس .


عوامي هجوم هجي ته رستي ويندڙ به گاڏيون روڪي پل تي ٻنهي پاسن کان بيهي درياءَ جي موج مستي جو عڪس ڏسي حيران رهجي ويندا آهن ۽ تصويرون ڪڍي پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏين ٿا.نوجوان توڙي فئملي وارا اسٽالش فوٽو ڪڍي يا سيلفي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪن ۽ زندگي جي يادگارين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري رکن ٿا. ۽.رات جي پهر ۾ پل تي لاڙڪاڻي شهر جون روشنيون به عڪس سٺو منظر نگاهي ڪندو آهي ..

Tuesday, September 1, 2015

سنڌ جو مسيحا ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي Refer back

سنڌ جو مسيحا   ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي
Some interesting events things of life are needed.
اصغر ناريجو 2ڪ13/ايم سي/40
هونئنءَ ته سڄي سنڌ ۾ صحت کاتي جو حال بڇڙو آهي جتي اسپتالن ۾ ڪنهن به قسم جون سهولتون مهيا نه آهن صحت مرڪزن جا حآل اهڙا ٿي ويا آهن جو اتي نه عملو آهي نه وري مشينري موجود آهي،ميرن جي رياست خيرپور ضلعي ۾ ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير رهندڙ سيد قائم علي شاھ جي شهر خيرپور ضلعي ۾ اهڙيون صحت جون سهولتون موجود نه آهن نه ئي ڪو اهڙو ادارو موجود آهي پر هڪ پوئتي پيل شهر گمبٽ جهڙِي ننڍي شهر ۾ هڪ  ماڻهو اڳتي نڪري آيو جنهن ڊسپينسري کان ڪم شروع ڪيو اڄ اها ڊسپينسري گمبٽ انسٽِوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي نالي سان قائم آهي ،جتي غريبن توڙي اميرن هڪجهڙائي آهي.ان اداري لاءِ  جنهن ماڻهو ڏينهن رات محنت ۽ جفاڪشي ڪئي،مقامي علائقي جا ماڻهو ان کي گمبٽ جو ايڌي ڪري سڏين، انهي اداري کي ڊاڪٽر ڀٽي جي اسپتال ڪري سڏين ۽ انهي نالي سان مشهور آهي.
ڊاڪٽر ڀٽي جو جنم گمبٽ جي هڪ غريب هاري جي گهر ۾ پهرين مارچ 1946 ۾  ٿيو. جنهن پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سانهن پهرين تعليم ۽ پو۽ طب جي ميدان ۾  ڪاميابيون ماڻي نالو ڪمايو آهي ۽ سنڌ جي هر فرد کي اهڙي مسيحا تي ناز آهي. ڊاڪٽر ڀٽي (ايم بي بي ايس)  جي ڊگري 1971 ۾ لياقت يونيورسٽي مان حاصل ڪئي۽ پوءِ گمبٽ جي ڊسپينسري ۾ ميڊيڪل آفيسر طور نوڪري شروع ڪئي.
ڊاڪٽر ڀٽي 1974ع ۾ چارج وٺڻ کانپوءِ  هن کي تعلقي اسپتال جو درجو ڏياريو ان وقت هي اسپتال اٺاويھ بسترن تي مشتمل هئي۽  1989ع ۾ وري اپ گريڊ تعلقا اسپتال ڪيو ويو.ان کان پوءِ 1997ع ۾ ورلڊ بئنڪ وزٽ ڪري ماڊيفائيڊ ماڊل تعلقا اسپتال قرار ڏنو ،ائين ئي هي مرحلو هلندو رهيو.
سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد 2003 ۾ اسپتال جو دورو ڪندي چيو ته هي ته انسٽيوٽ ٿو لڳي۽ گورنر هن کي انسٽيوٽ قرار ڏنو .2005 ۾ سنڌ اسيمبلي مان هن جو چارٽر پاس ٿيوان ۾ ڊاڪٽر ڀٽي کي دائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر ڀٽي 1974ع ۾ پاڪستان آرمي مان ڪئپٽن جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گمبٽ ڊسپينسري ۾ ۾يڊيڪل آفيسر طور مقر ٿيو.ڊاڪٽر ڀٽي هتان جي بي پهچ ،لاچار ماڻهن جي صحت جي بحالي جيڪي قدم کنيا،تن عوام ۾ سندن بي حد بي پناھ ۾حبت ۽ عقيدت پئدا ڪئي جو ايتري قدر اڄ ڏينهن تائين کيس اسپتال کي ڊاڪٽر ڀٽي جي نالي سان سڏيندا آهن.هن وقت گمس ۾ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي ڪاوشن سان 18 شعبا آهن جن ۾ ڊائلاسائيز،ڪڊني سينٽر،ايمرجنسي سينٽر،ڪورتري ڪريونيٽ،ڪارڊڪ سرجري،ليبارٽري،اينجو گرافي يونٽ ،ٽراما سينٽر، فزيولاجي ،آءِ سي يو سينٽر وغيرھ قائم آهن.ان کان عٿلاواھ ڪڊني ٽرانسپلانٽ سينٽر آهي جنهن م هلندڙ مهيني پنجن مريضن جي ٽرانسپلانٽ ٿيندي.ٻئي وڏي ايدوانسمينت اها آهي ته دل جو باءِ پاس ۽ گڙدن جي بيماري جو مڪمل علاج به ٿئي ٿو.هن جي محنتن سان اسپتال ۾ برنس وارڊ به ٺهيل آهي ته بون ميرو لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن جيڪا شايد اهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ تصور ڪرڻ  به ڏکيو آهي اهو هڪ معجزو آهي جو اهڙو سسٽم ملڪ جي ڪنهن به تعلقي اسپتال ۾ نه ٺهيو آهي.
گمس ادارو هن جي اڻٿڪ جدوجهد لگن سان لکين انسانن لاءِ مسيحا گهر بڻيل آهي،محدود وسيلا ۽ اسٽاف هوندي به هن سنڌ توڙي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي.پهنجي زندگي جا ايڪيتاليھ سال هن اداري جي خدمت سان گڏوگڏ عوام جي خدمت ۽ ڀلائي لاءِ گذاريا اٿس.ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي حقيقي مسيحا بڻجي عوام جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ پيشي جو پڻ مان مرتبو رکيو آهي.چوندا آهن سچائي آئيني جي محتاج نه هوندي آهي غريب بي پهچ ماڻهن جي صحت جو خيال ڪرڻ افضل ترين ڪم ۽ عبادت آهي،هن انهي ڪم کي عبادت سمجهي فرض نڀايوآهي.ڊاڪٽر ڀٽي جو خواب هو ته اسپتال ۾ دل،جگر،گڙدي۽ ٻين عضون جي ٽرانسپلانٽ ٿئين اڄ اهو خواب سندن مڪمل ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي،ڊاڪٽر اديب رضوي۽ ڳبدالستار ايڌي ٽي شخصيتون نه پر ٽي ادارا آهن  ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي هڪ عظيم شخص آهي پر هن جو ادارو هر ماڻهو جو ادارو بڻجي چڪو آهي.سنڌ۾ ٻيا اهرا ادارا ۽ شخص به ضرور ڪم ڪندڙ هوندا پر ان ڪري حيراني ٿيندي آهي ته ڪي فردايترا ادارا هلائي سگهن ٿا،اهي ادارا انهن شخصن جي ڪري ان ڪري ڪاميابي سان هلي رهيا آهن جو ان جو استعمال صحصح ٿي رهيو آهي.اهرا ادارا شخصيتون ڏسي روح کي راحتون ملن ٿيون ڇو ته اهي ٻين جي مدد ڪري رهيا آهن..

Tuesday, August 18, 2015

پروفيسر هيرانند لعل لطيف جو پارکو

Photo of the personality is required 
Put first wo quwtsions in introduction. In an interview interduction is must




پروفيسر هيرانند لعل اديب ۽ لطيف جو پارکو
ڳالھ ٻولھ  اصغر ناريجو  

  .اوهان جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
ج. منهنجو جنم ميرن جي رياست خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ بوزدار وڏا ۾ ڀوڄومل جي گهر۾ 5 جولاءِ 1962 ۾ ٿيو.

. شروعاتي تعليم  جي باري ۾ ٻڌايو؟
ج. منهنجو والد غريب خاندان سان تعلق رکندڙهو.زندگي غربت ۾ گذاري ، مون پرائمري تعليم جا سبق ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيا.مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۽ انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪئي.وڌيڪ تعليم لاءِ بي اي ۽ ايم اي سنڌي ۾ 1990ع ۾ شآھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي.1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري گورنمينٽ ڪاليج ٺري ميرواھ ۾ ليڪچرار ٿيس.
  .اوهان جو سنڌي ادب ڏانهن لاڙو۽ چاھ ڪيئن ٿيو؟
ج. ننڍپڻ کان ئي پهنجي ٻولي ادب سان نينهن لڳل هو،واندڪائي ۾ پهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ سنڌي ادب،لطيف،سچل،سامي جا بيت پڙهندو هوس ۽ پوءِ صوفين جي ميلن اندر درگاهن تي ڪمپيئرنگ ڪندو هوس۽ انهي وقت ۾ ڪيترائي بيت، ڪلام ياد ڪيم،ائين علم ادب سان لاڙو وڌنڌو ويو.

 .اڄ جو نوجوان ادب سان دلچسپي گهٽ رکي ٿوان جا ڪهڙا سبب آهن؟
ج. اڄ جي نوجوانن جو شوق انهي ڪري گهٽ ٿيو آهي ته جو اهي شاھ سائين ،سچل سامي، فلاسافي۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۽ فڪر گهٽ پڙهن سمجهن ٿا.انهي پاسي سندن چاھ گهٽ آهي. پهنجي ٻولي ڏانهن به توجه نه ڏين ٿا۽ اهڙا والدين به انهن کي هدايت نٿا ڪن.ته اهي پهنجي ٻولي پڙهن،سمجهن،ڳالهائن، انهي ڪري نوجوانن جو لاڙو گهٽيو ٿو وڃي.

. اوهان جي آئيڊيل شخصيت ۽ خواهش ڪهڙي آهي؟
ج. منهنجي آئيڊيل شخصيت شاه سائين آهي،جنهن جي فڪر سان عشق آهي۽ انهي جي پرچار ڪندو آهيان.منهنجي خواهش اها آهي ته زندگي جو سفر سچائي ۽ محبت سان گذري ۽ سڀ ڪنهن سان پيار محبت هجي، ڇو ته زندگي مختصر آهي انهي ڪري ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجي.

.زندگي ۾ ڪو خاص ڪارنامو ۽ يادگار ؟
ج. زندگي ۾ ڪارنامن جا فيصلا تاريخ ڪندي آهي، منهنجو فيصلو به تاريخ ڪندي.زندگي يادگار واقعن لمحن جو داستان آهي، ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايون، جڏهن مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيم ته اهو منهنجو نه وسرندڙ لمحو آهي.

. توهان جو علم موسيقي سان تمام گهڻو شوق آهي،ڪهڙا فنڪار پسند آهن؟
ج.آئون واندڪائي ۾ صوفين جي محفلن،راڳ رنگ رهاڻ جي  محفلن تي ويندو آهيان ۽ شوق سان ٻڌندو آهيان،سڀئي فنڪار پسند آهن ۽ سٺو ڳائين ٿا پر انهن ۾ مرحوم ماسٽرابراهيم،استاد محمد جمن، عبدالله پهنور۽ عبدالله ڪڇي تمام گهڻا پسند آهن.

. اوهان کي لطيف سائين جي هر حرف سان بيت ياد آهن انهن کي ياد ڪرڻ جو سبب ۽ ڪيئن ياد ڪيا ؟
ج. آئون لطيف سائين جو رسالو روزانو صبح جو پڙهندو آهيان، پراڻي دور ۾ شاه سائين جا تمام سٺا پارکو هئا انهن سان تمام گهڻيون ڪچهرون ٿينديون هيون ۽ پاڻ  کي به شوق هو۽ آهي ائين ئي شاھ سائين جا بيت ياد ڪيم.

. شاھ سائين جو اوهان کي ڪهڙوبيت پسند آهي؟
ج. مون کي شاھ صاحب جو هي بيت تمام گهڻو پسند آهي ۽ اڪيلائي ۾ گنگنائيندو آهيان،
نڪي روئڻ واريون، نڪي اوسارين
مون کي ٿا مارين، مون سندا ڏکڙا.

.شاھ سائين جي شاعري ۾ ڪهڙو پيغام آهي؟
 ج.شاھ سائين جي شاعري ۾ امن،ڀائيچاري۽ محبت جو پيغام آهي.انهن جو پيغام هنن سٽن ۾ واضع آهي .
سائينم سدائينم ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

.سنڌ جي نوجوانن لاءِ پيغام ؟
ج. سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته اهي پيار،محبت امن سان رهن ۽ ان جي پرچار ڪن، شاھ سائين،سچل،سامي جو پيغام فڪر پڙهن،سنڌي ٻولي کي اولين ترجيع ڏئي محبت ۽ چاھ سان پڙهن.

August 2015 
 This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi