Showing posts with label لاڙڪاڻو. Show all posts
Showing posts with label لاڙڪاڻو. Show all posts

Wednesday, September 9, 2015

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ
اصغر ناريجو  رول نمبر 40
دنيا جي ملڪن ۾ سمنڊ،درياءَ،ڍنڍون توڙي ٻيٽ فطري حسن جو شاهڪار هوندا آهن آهن ته ڪٿي انهن دريائن ۽ ٻيٽن تان  آمدروفت،واپار توڙي ٻين سهولتن لاءِ خشڪي رستي ڳنڍڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن ته جيئن .سنڌ ۾ سنڌو درياٰءِ جي چاڙھ کان پوءِ عوام جو رخ گڊو بئراج، سکر بئراج ڪوٽڙي بئراج ۽ ڄامشورو پل تي به المنظر جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي اهڙن نظارن تي فطري حسن سان گڏ انساني محنت به چارچنڊ لڳايا آهن اهڙين ئي پلين مان خيرپور لاڙڪاڻو پل به هڪ تفريحي
ماڳ بڻجي وئي آهي


 سنڌو جي موج ،دريائي وهڪرن ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب ملڪ جي دريائي هنڌن تي تفريحي ماڳن،پڪنڪ جڳهن تي عوامي ميلا لڳل هوندا هئا هر ڪو چوندوا آهي ته ڪاش اهي نظارا مان به پنهنجي اکين سان پسان ها اهڙا ئي دلڪش نظارا خيرپور لاڙڪاڻوپل تي به آهن خيرپور لاڙڪاڻو پل 2010 ۾ راس ٿي آمدرفت لاءِ کلي وئي .خيرپور لاڙڪاڻو پل تي سنڌو جي موجن کي ڏسڻ  لاءِ  عوام خيرپور،لاڙڪاڻي جي شهرن کان علاوه آسپاس جا شهري به ايندا آهن،اهي  احوال ٻڌي مونکي به دل ۾ خيال آيو ته مان به اهو من موهيندڙ نظارو اکين سان ڏسي اچان. شام جو پنهنجي دوستن سان اچي پل تي پهتس....ڏسان ڇا ته منظر آ ۽ من کي ڇوهيندڙ ڇولين سان  گڏ حسين چهرا به هئا. پل جي ٻنهي طرفن نظر ڪبي ته نظر کٽي ويندي پر ماڻهو نه کٽن پل، جي هيٺان پاڻي جي اڇاڻ ۽ پل تي  مسڪرائيندڙ چهرا ڪارن مٿن وارا جهومندڙ نوجوان ٻار، ناريون نينگريون به خوشي مان نه ماپنديون آهن،سنڌي توڙي اردو گانن تي جهمريون ۽ رقص ڪنديون آهن ،ڪي هٿ هٿن ۾ ڏئي درياءِ ۾ وهندڙ ڇولين کي اشارن سان هڪ ٻئي کي چئي رهيا هوندا آهن هو ڏي ڏس سنڌو جون ڇوليون..............
جتي پل ٺهڻ کان پهرين ماڻهو ٻيڙين وسيلي آرپار ايندا ويندا هئا ،درياءَ جو سير سفر به ٻيڙين تي ڪندا هئا.ملاح  ٻيڙين تي مڇي ماري گذر ڪندا هئا ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي هن پار کان هن پار پهچائي زندگي جو سفر بهترين ڪندا هئا. پر پل ٺهڻ کان پوءِ سندن روزگار گهٽ ٿيوآهي.خاص ڏهاڙن،عيد موڪلن،ثقافتي ڏهاڙن،برساتي موسم ۽ سنڌو درياءَ جي چاڙھ موج مستي سبب لاڙڪاڻو خيرپور پل تي عوامي جشن لڳل هوندو آهي.
پل جي هر طرف کان جيڏانهن  نظر ڪجي ته عوام ئي عوام نظر ايندو آهي،ننڍا توڙي وڏا فئملي وارا ۽ نوجوان ڀرپور نظارا ڏسي لطف اندوز ٿيندا آهن.ملاحن جي ٻيڙين ۽ لائنچن ۾ چڙهي درياءِ جو سير ڪندي هٿ سان پاڻي جا ڇنڊا مٿي اڇلائڻ ،بي خوف ٿي درياءِ جو هڪ پار کان ٻئي پار تائين ڏسي موٽي اچن.
خيرپر لاڙڪاڻو پل 1222 چورس ميٽرن تي ٺهيل آهي،پل تي ڇپرن وار هوٽل،دڪان،ڪئبن توڙي ريڙهي وارا به پنهنجي روزي ۾ مصروف رهندا آهن ۽ عوام جي سهولت لاءِ هر شيءِ مهيا ڪن ٿا،شام جي پهر لهندڙ سج وقت پاڻي ۾ سج جو دلڪش پاڇو من ۾ مادام مچائيندو آهي .چوڻي آهي ته درياءَ جا ٻڪ درياءَ ۾ ائين ئي پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ ماڻهو به لڙهندا ۽ ترندي گذرندا آهن ته جانور،گهرن جا ڇپر توڙي سامان به لڙهندا نظر ايندا آهن.هڪ دفعو مون آگسٽ جي پهرين هفتي نه وسرندڙ واقعو ڏٺو جنهن جو عڪس اڃا تائين ذهن تي گهمندو آهي ،پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ڳائو ڍور لڙهندي اچي پئي ته ماڻهن جي ان تي جيئن نگاھ پئي انهن مان ٻن ماڻهن موت کان بي خوف ٿي پل تان ڳئون کي پڪڙڻ لاءِ لهي پيا،ٻئي تارون هئا،هڪٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ انهي کي پڪڙڻ لاءِ ٻانهن جواستعمال تيز ڪندي وڃي ڳئون وٽ پهتا۽ پڪڙي ڳئون کي ڪپر تي اچي پهچائيائونس .


عوامي هجوم هجي ته رستي ويندڙ به گاڏيون روڪي پل تي ٻنهي پاسن کان بيهي درياءَ جي موج مستي جو عڪس ڏسي حيران رهجي ويندا آهن ۽ تصويرون ڪڍي پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏين ٿا.نوجوان توڙي فئملي وارا اسٽالش فوٽو ڪڍي يا سيلفي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪن ۽ زندگي جي يادگارين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري رکن ٿا. ۽.رات جي پهر ۾ پل تي لاڙڪاڻي شهر جون روشنيون به عڪس سٺو منظر نگاهي ڪندو آهي ..

Tuesday, September 8, 2015

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

آرٽيڪل

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

عبدالسلام سومرو

رول نمبر 05

لاڙڪاڻو اتر سنڌ جو خوبصورت ترين شهر آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ موئن جي دڙي کان اٺاويهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هيءُ شهر بهترين نقشي ۽ منصوبه بندي تحت جڙيل آهي. لاڙڪاڻو شهر تعليم، ادب ۽ سياست جي حوالي سان منفرد حيثيت رکي ٿو. جنهن جو مثال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انور پيرزادو ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي سياسي سماجي عظيم شخصيتن جي روپ ۾ ملندو.

 لاڙڪاڻي شهر کي سن 1901ع ۾ ضلعي جو درجو مليو. 1998 جي آدمشماري تحت هن ضلعي جي آدمشماري 19 لک 97 هزار 66 هئي ۽ سن 2010ع تحت 25 لک 27 هزار ڇاهٺ آدمشماري هئي ۽ تازو 2014ع مطابق صرف لاڙڪاڻي شهر جي آبادي 15 لک 63 هزار 40 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترو تيزيءَ سان هن شهر جي آبادي ۾ اضافو آيو آهي. سن 2005ع  ۾ لاڙڪاڻو ضلعو پنجن ضلعن جو هيڊ ڪوارٽر يعني ڊويزن بڻيو.

امن مان جي لحاظ کان لاڙڪاڻو مڃيل شهر رهيو آهي، جنهن جو مکيه سبب اهو آهي جو سنڌ جي ٻين شهرن جهڙوڪ : ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وغيره جي ڀيٽ ۾ هتي ڌاري آبادڪاري صرف هڪُ فيصد آهي، جنهن جو مکيه سبب لاڙڪاڻي شهر جو صنعتڪاري علائقو نه هجڻ آهي. ان ڪري ڌارين ماڻهن جو هن  شهر طرف رجحان گهٽ رهيو آهي. انهن سڀني خصوصيتن جي ڪري گذريل ڏهن سالن اندر لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جي ماڻهن جي شهري زندگيءَ کي ترجيع ڏيڻ ڪري هن شهر ۾ (پلاٽنگ) يعني پلاٽن جي وڪري جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. نتيجي ۾ شهر جي اندرين علائقن سميت ڪيترن ئي ٻاهرين علائقن ۾ پلاٽن ۽ جڳهن وغيره جي خريد و فروخت لاءِ اسٽيٽ ايجنسيون ملنديون جن ۾ طوبه اسٽيٽ ايجنسي سچل ڪالوني، سويرا ريئل اسٽيٽ ايجنسي لاهوري محله، الحسنين ريئل اسٽيٽ ايجنسي رحمت پور ۽ ٻاهرين علائقن ۾ ايئر ويز رائل سٽي (ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻو)، لاڙڪاڻه ڊفينس سٽي، سکر روڊ اسٽيٽ ايجنسي، گل سعيد اسٽيٽ ايجنسيءَ سميت ٻيون پڻ ڪيتريون ئي پلاٽ وڪرو ڪندڙ اسٽيٽ ايجنسيون شامل آهن، جن ۾ 720 فٽن کان ويندي 1080، 1800، 2100 ۽ 3600 اسڪوائر فٽن جا پلاٽ به موجود آهن، جن جون قيمتون 04 لک پنج هزار کان 21 لک 42 هزارن تائين آهن.

لاڙڪاڻي اندر گذريل ڏهن سالن دوران خاص ڪري 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ ٻهراڙي جي ماڻهن وڏي پئماني تي شهر ڏانهن لڏپلاڻ تي زور ڏنو آهي جنهنڪري پلاٽن جي وڪري جو رجحان تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي جو اڳ جيڪو پلاٽ ٽي يا چار سئو روپين ۾ فٽ ملندو هو اڄ اهو اٺ سئو کان ڇهن هزارن تائين وڃي پهتو آهي. پلاٽن جي اها رقم علائقي کي مدِنظر رکي ڪئي وڃي ٿي. جهڙوڪ؛ سچل ڪالوني، پروفيسرز ڪالوني يا دڙي محلي جي پلاٽن جا اگھ بنسبت ٻاهرين علائقن جي تمام چوٽ چڙهيل آهن.

سن 2009ع ۾ جڙيل خيرپور پُل (جيڪا لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ سکر کي ڳنڍي ٿي) ۽ موئن جي دڙي ڏانهن ويندڙ ٻنهي پاسي ٺهيل روڊ ته لاڙڪاڻي شهر جي اهميت ۽ بيهڪ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهنڪري هن وقت مشهور اوٺا چوڪ کان اتاترڪ ٽاور تائين پلاٽن جي صورت ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پلاٽن جي وڪري ۾ واڌ جا ڪجھ مکيه سبب ٻهراڙي جي ماڻهن جو شهرن ڏانهن رخُ ڪرڻ، روزگار جي تلاش، بهتر تعليم جي جستجو، وڌيڪ سهوليات جي موجودگي وغيره آهن. جيڪڏهن اسين پلاٽن جي ان وڪري يعني (پلاٽنگ) جي افاديت تي نظر وجهنداسين ته ان جا ڪيترائي فائديمند اثرات ظاهر ٿيندا جهڙوڪ؛ ماڻهو ڳوٺاڻي زندگي ڇڏي شهرن ڏانهن رخ ڪندا، ان سان سندن رهڻي ڪهڻي جو معيار وڌڻ سميت شعور ۾ پڻ واڌارو ايندو ۽ کين روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ ماڻهن جي مجموعي ترقيءَ سان ملڪي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. پر جيڪڏهن اسان پلاٽن جي وڪري ڏانهن وڌيڪ توجھ ڪنداسين ته ان جا ڪجھ نقصان به نظر ايندا جهڙوڪ: اسان وٽ اڪثر ڪري زرعي زمين ختم ڪري پلاٽنگ ايريا ٺاهي ويندي آهي ۽ زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جي صورت ۾ وڪرو ڪرڻ سان آمدني متاثر ٿيڻ سميت بيروزگاري وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته عمومن ٻه ايڪڙ زرعي زمين سال ۾ مجموعي طور هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻجي ٿي، جنهن زمين کي زراعت کان محروم ڪرڻ سان يقينن نقصان ئي ٿئي ٿو.
 ٻيو ته پلاٽنگ جو مرحلو صرف مخصوص طبقي جي لاءِ فائديمند ٿئي ٿو، ان ۾ هيٺئين طبقي جي ڪا به ڀلائي نه آهي. انڪري اسين چئي سگهون ٿا ته پلاٽن جي وڪري جو مرحلو ڪجھ حد 
تائين فائديمند هجڻ سان گڏ نقصانڪار پڻ آهي.

حقيقت ۾ ڪنهن غير آباد زمين کي رهڻي ڪهڻيءَ جون سمورين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ کانپوءِ پلاٽنگ ايريا بنائڻ گهرجي. پر ڪڏهن به زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جو ٽڪرو نه بنائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان زراعت تي ڀاڙيندڙ ملڪ آهي ۽ زراعت متاثر ٿيڻ سان ملڪي نقصان پڻ ٿيندو. 

Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
        

  

  

Tuesday, September 1, 2015

سر شاهنواز ميموريبل لائبريري Referred

foto is required. it is not feature. Feature's main objectvie is to entertain, it is written in interesting manner. Feature is reporting based. means primary data, observation and secondary data. Here observation and primary data is missing. Observation includes 'Manzar kashi"

سر شاهنواز ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو
جنيد محمود کهڙو
ايم اي پريويس

دنيا ۾ ڪيتريون ئي وڏيون لائبريريون موجود آهن. جنهن مان دنيا ۾ وڏي مان وڏي لائبريري، لائبريري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي لائبريريون موجود آهن. جن ۾ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري جي نالي سان هڪ بهترين لائبريري موجود آهي.
سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ايس پي چوڪ وٽ قائم آهي. جيڪا 1984ع ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ جي ڪوششن سان قائم ڪئي وئي، سر شاهنواز لائبريري لاڙڪاڻي ۾ هڪ ريفرنس هال ، هڪ سي اي سس هال ، هڪ پي سي ايس هال، هڪ چلڊرين هال، نيوز سيڪشن ۽ بڪ سيڪشن موجود آهن. هن لائبريري ۾ موجود بڪ سيڪشن ۾ تقريبن 10 هزار کان مٿي ڪتاب پيل آهن. جيڪي ادب، تاريخ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي مشتمل آهن. هن لائبريري ۾ روزانو 800 سئو کان هزار تائي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا. جن مان تقريبن 10 کان وڌيڪ شاگرد سي اي سس ۾ ڪاميابي ماڻين ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد ٻين ڪامپيٽيٽو ايگزيمس ۾ ڪاميابي ماڻين ٿا. سرشاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو ۾ نه صرف لاڙڪاڻي جا بلڪي آسپاس جي ضلعن، مثلا قمبر شهدادڪوٽ، ڏوڪري، نوديرو وغير کان شاگرد پڙهڻ اچن  ٿا. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ هڪ آڊيٽوريم هال پڻ موجود آهي. جتي شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيترائي تعليمي پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ نياڻين جي پڙهڻ لاءِ هڪ سيپريٽ گرلس سيڪشن موجود آهي. جتي ڪيتريون ئي شاگردياڻيون پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون. شاگردن جو پڙهائي ڏانهن وڌندڙ رجحان ڏسي لائبريري انتظاميه لائبريري ۾ ٻه بوائز هال وڌيڪ ٺهرائي رهيا آهن. جيڪي هن وقت انڊرڪنسٽرڪشن آهن. سرساهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري ۾ آمريڪي ڪائونسل طرفان هڪ لنڪولن ڪارنر جي نالي سان هال ٺهرايو ويو آهي. جنهن جو افتتاح 09 جون 2014 تي شرميلا فاروقي پاران ڪيو ويو. جتي شاگردن کي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسڪالرشپس بابت ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي. سر شاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ هڪ ميوزيم پڻ انڊر ڪنسٽرڪشن آهي. جيڪو انقريب مڪمل ٿيڻ وارو آهي. هيءُ ميوزيم سنڌ حڪومت پاران ٺهرايو پيو وڃي.
سرشاهنواز ڀٽو ميموريبل لائبريري لاڙڪاڻو ۾ شاگردن جي سهولت لاءِ هڪ ڪينٽين پڻ موجود آهي. جتي چانهه ۽ کاڌي پيتي جون شيون موجود آهن. هن لائبريري ۾ 3 پار ڪ موجود آهن. جتي شاگرد شام جو ويهي تعليمي بحث ڪري ڄاڻ حاصل ڪندا آهن. 

Tuesday, August 18, 2015

لاڙڪاڻو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ



نالو. ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3
Photo
فيچر....          لاڙڪاڻو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
                                                                     Unedited

ڊاڪٽر ۽ حڪيم چونداآھن ته  ورزش جسم لاءِ تمام ضروري آھي،پوءِاھا ڪھڙي به قسم جي ورزش ڇونه ھجي.ورزش رڳو جيم خانن ۾ نه پر راند روند ڪرڻ سان به ٿيندي آھي، اھڙي طرح ڪرڪيٽ راند به ورزش آھي جنھن ۾ جسم جو ھر عضو ڪم ڪندو اھي ڪرڪيٽ نه رڳو جسماني پر دماَغي ورزش جي راند پڻ آھي ھن راند ۾ سوچي سھمجي فصلو ڪيو ويندوآھي ھن راند ۾ دماغ کي حاضر ۽ جوست رکڻو پوندو آھي.ھو ته پاڪستان جي قومي راند ھاڪي ۽ سنڌ جي قديمي راند ملھ آھي پر اڪثر ڪري ملڪ ڀر ۾ ڪرڪيٽ وڌيڪ کيڏي ويندي آھي،پاڪستان جي وڏن شھرن ڪراچي، لاھور، ملتان، حيدرآباد  کان سواءِ اندروني سنڌ جي  ٻين نندڊن  شھرن دادو،سکر،جيڪبآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي.اندروني سنڌ ۾ سال جي 12 مھينن مان 7کان 8 مھينا ظم جي گرمي ٿيندي آھي. جون جولاءِ جي مھيني جي گرم ڏينھن ۾ جتي ڪانوءُ جي اک نڪرندي آھي اتي ڏينھن جو ڪرڪيٽ جا  وڏا مقابلا تمام گھٽ ٿيندا آھن. پر گذريل 13 کان 15 سالن ۾ گرمي جي ڪري لاڙڪاڻي شھر جا رانديگر اھي مقابلا رات جي ٿدي پھر ۾ اليڪٽرڪ لائيٽ جي روشني ۾ ڪرائي پنھجا شوق پوڙا ڪندا آھن.جتي ڏينھن جو ماڻھو پنھنجي پيٽ جي گذر صفر لاءِ دندو داري يا نوڪري ڪندي پنھنجو شوق ۽ زندگي جو مزو ختم ڪري ويھندا آھن ، اھي نوجوان رانديگر به رات جي پھر ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڀرپور حصو وٺندا آھن. لاڙڪاڻي شھر ۾ پھريان اھا ٽورنامينٽ ڪينڊي مارڪيٽ ۽ الله آباد واري روڊن تي ٿيندي ھئي جتي روڳو بيٽسمين سيدي شارٽ کيڏي ڪري اسڪور ٺاھيندو ھو، ھن روڊن تي صرف 6،6 رانديگر سيڪسر ٽورنامينٽ ٿينديون ھويون. پر گذريل 8 سالن کان اھي مقابلا چانڊيڪا ميديڪل ڪاليج جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي 11 ،11 رانديگرن“ فل” ٽيم جا ڪري ڪرايا وڃن ٿا، ٽورنامينٽ جي اجازت وي سي چانڊيڪا کان وٺڻ بعد ڊراس ڪاپي ھر تيم جي ڪپتان کي ڏني ويندي آھي جنھن ۾ ٽورنامينٽ  جا قانون ،ٿيندڙ مقابلن جو وقت ۽ ٽيمون جا نالا ھوندا آھن.جيڪا ٽيم 15 منٽ دير ايندي سا بنا کيڏي واپس ويندي ۽ ٻئي ٽيم کي واڪ اوور طور ميچ ڏني ويندي، ڪرڪيٽ سڀ قانون اھي ھوندا آھن جيڪي انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ ھلندا اھن.چانڊيڪا جي خوبصورت  ڇٻر واري گرائونڊ لائيٽ جي روشني ۾ جڏھن ڪرڪيٽ کيڏي ويندي آھي ته نه روڳو بيٽسمين يا بالر پر فلڊر به وڏي جوش سان ميدان مارڻ لاءِ تيار ھوندا آھن، فلڊر اڀتيون سڀتيون ڪلٽيون خائي جُنٽي روز جيان فلڊيئنگ ڪندي نظر ايندا  آھن. نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ رانديگرن کان سواءِ عام ماڻھو جو به وڏو شوق ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار کان پوءِ ھر ھڪ ماڻھو انٽرٽينمينٽ گھرندو آھي تنھن ڪري مدائين جو وڏو تعداد ان ٽورنامينٽ  کي  ڏسڻ ايندو آھي، ھر نائيٽ ٽورنامينٽ ۾ لاڙڪاڻو ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ طور رجسٽرڊ 52 ٽيمون کانسواءِ ڪجھ لوڪل ۽ شھر جي ڀرپاسي وارن شھرن جھڙوڪ شھداد ڪوٽ ، دادو، مورو ۽ سکر جون ٽيمو حصو پڻ وٺديون آھن، ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندر ٽيمون کي 4 پولن ۾ وراھيو ويندو آھي، ھر روز ھڪ پول ختم ٿيندو آھي اڪثر ڪري ٽورنامينٽ ناڪ آوٽ سسٽم ھوندي آھي جيڪا تيم ھارائي سا گھر وڃي ننڊ ڪري جيڪا کٽي سا اڃان راند کيڏي  رات جا مزا وٺي. ھر ھڪ پول مان ھڪ ھڪ ٽيم کٽي اڳتي ايندي ۽ سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏديون،جڏھن به اھڙا مقابلا ٿيندا آھن ته صرف رانديگر ن پر لاڙڪاڻي جو عوام به لطف اندوز ٿيندو آھي، راند جا شوقين سڄي رات ويھي پنھنجي پسند جي ٽيمون ۽ رانديگر  کي داد ڏينداآھن.پر خاص ڪري جڏھن لاڙڪاڻي شھر جي ڪرڪيٽ جا اسٽار رانديگر ۽ مشھور ٽيمون ميدان ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاريندا آھن ته پورو گرائونڊ ڀريل ھوندو آھي، ھر طرف کان آ اياز ڇڪو آ فواد ڇڪو چوڪو آ برٽلي بولڊ جا ھر بال تي آواز ھوندا آھن ، رات جي وڳڙي ۾ لائِيٽ جي پوري ساري روشني ۾ تيز رفتار بال کي ايڏو ئي  وڏو ڇڪُو ھڻڻ ۽ ۡڪاري آسمان ھيٺيان بھي  ڪڏھن مٿان  ته ڪڏھن تيزسيدو انيدڙ بال کي ڪيچ ڪرڻ آسان نه آھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين لڳندو آ  ڄڻ  نوجوان رانديگرن کي چمڙي جي اک آھي جو رات جي پھر ۾ تيز ايندر بال کي مھارت سان کيڏندا ۽ ڪيچ پڪريندا  آھن،جڏھن ڪرڪيٽ جو اھوميلو پنھنجي آخر لھمن ۾ داخل ٿيندي آھي ته وڌيڪ دلچسپ بڻجي ويندي آھي، فائنل ميچ ۾ مھمان خاص  به شرڪت ڪندو آھي، ٽورنامينٽ جو مھمان خاص ايم پي اي يا ڪو پريس ڪلب آفيسر ھوندو آھي  جيڪو آخر ۾  رانديگرن کي  انعام ڏيندو آھي، لاڙڪاڻو ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ يونين جي عھدي داران جو چوڻ آھي تي لاڙڪاڻي جي ڪرڪيٽ ھاڻي بھتر ٿي رھي آھي لاۡڙڪاڻي  ۾ تمام سٺو ٽيلينٽ آھي رانديگرن کي اڳتي کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي .

ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3 
Second semester August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi