Showing posts with label ظفرالله سومرو. Show all posts
Showing posts with label ظفرالله سومرو. Show all posts

Saturday, September 12, 2015

رستم علي سميجو انٽرويو HOLD

HOLD -Very weak. we are not interested in when SEF was founded etc.

انٽرويو

ظفرالله سومرو
رول نمبر 43
رستم علي سميجو
رستم علي سميجو  22  اپريل 1974ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي هڪ ننڍي ڳوٺ سجاڳري ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب جو نالو دودو خان سميجو آهي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي محنتي هجڻ سان گڏ پڙهڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو. رستم سميجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان پرائڻ بعد انجنيئرنگ شعبي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري ”بي اي اليڪٽريل“ ڪئي ۽ طبيعتن سماج ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري سوشالاجي ۾ ايم اي پڻ ڪيائين. 2003_04 کان اڄ تائين سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اداري سلهاڙيل آهي، هن وقت پاڻ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ انچارج جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ساڻس ڪيل ڳالھ ٻولھ روشني جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي ٿي.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد 1992ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان بل منظور ٿيڻ سان پيو. ان جو مکيه مقصد پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ هو.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي قيام جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
جواب؛ اهو ان ڪري جو جتي سڌي طرح گورنمينٽ جي رسائي نه هئي، اتي اسڪول کولرائي ٻارڙن کي تعليم ڏانهن متوجھ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪم جي وسعت ڪيتري آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صوبي جي ٽيويهن ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت سون جي تعداد ۾ پرائمري کان مئٽرڪ ليول جا ٽي هزار اسڪول کولرائي چڪا آهيون.
س؛ ڇا هيءَ فائونڊيشن صرف ٻهراڙين ۾ ئي ڪم ڪري رهي آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صرف ٻهراڙين تائين ئي محدود نه آهي پر هن ڪم جو دائرو ننڍن وڏن شهرن تائين وڌي وڃي ٿو. مثال حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو وغيره. پر وڌيڪ ڌيان پوئتي پيل علائقن ڏانهن ڏنو وڃي ٿو.
س؛ سنڌ اندر تعليم تي ڪهڙيون ڪهڙيون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن؟
جواب؛ هونئن ته ڪيتريون ئي مختلف آرگنائيزيشنس ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پر سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن، ايجوڪيشن سيڪٽر ريفارم اسسٽنس ۽ آغا خان ايجوڪيشن سروس پاڪستان وغيره جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر آهي.
س؛ سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ ۾ اين جي اوز جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ سنڌ جي تعليم ۾ اين جي اوز جو ڪردار ڄاڻ يعني اويئرنيس تائين محدود آهي. اين جي اوز آرگنائيزيشن جي مثبت هجڻ سان گڏ ڪجھ ناڪاري اثرات پڻ آهن. جهڙوڪ؛ انهن علائقن تائين تعليم کي يقيني بڻائي، مفت ٿيلها، ڪتاب ۽ سٺو ماحول پيدا ڪري ڏيڻ بهتر ۽ ساراھ جوڳو عمل آهي پر اين جي اوز پراجيڪٽ فنڊنگ تي ڀاڙڻ ڪري ڪنهن حد تائين ٻار رولڙي جو شڪار ٿئي ٿي جيڪو تمام نقصانقار آهي، کڇاڪاڻ ته هنن اسڪولن جو مدو فنڊنگ جي آڌار هوندو آهي. نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي.
س؛سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول فلاسافي ۽ لائحه عمل ڇا آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول فلاسافي اها آهي ته هڪڙي اسڪول ۾ بنيادي سهولتون مڪمل ڪري، هڪڙو استاد مقرر ڪري به جيڪي ٻار غربت يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري تعليم کان پري آهن انهن کي اسڪول ڀيڙو ڪجي.
س؛ ڇا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سبب بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي؟
جواب؛ ها بلڪل، صرف سنڌ اندر تيرهن هزار کان وڌيڪ ملازم سنڌ ايجوڪيشن
فائونديشن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن گهڻي نه ته ٿوري بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي.

س؛ سائين ڇا اوهان نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ ڇاهيندا؟

جواب؛ نوجوانن کيگهرجي ته تعليم کي جاري ساري رکن ۽ چوندا آهن ته ”هنر بادشاھ آهي“ انڪري هنر سکڻ ۾ عيب نه سمجهي ڪو به موقعو هٿان نه وڃڻ ڏين ۽ خاص ڪري والدين کي پڻنياڻين جي تعليم ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.

Tuesday, September 1, 2015

پروفائيل ميڊم رحناه ڪوثر ظفرالله سومرو

پروفائيل.. ميڊم رحناه ڪوثر.. ليڪچرار جنرل ھسٽري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو..
نالو.. ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3

Add caption
دنيا جي پوري تاريخ تي نظر ويھجندو ته توھان کي عورت جو وڏو ڪردار ملندو، جيڪڏھن ماضي ۾ ڏسون ته ھر ھنڌ ھر مور تي عورت مرد سان ڪلھو ڪلھي ۾ مليل نظر ايندي . ڪنھن به ملڪ ج انقلاب ۾ روگو مرد جون خدمتون ۽ قربانيون نه آھن پر ان سان گڏوگڏ عورتن جون به تمام وڏيون قربانيون آھن، پر اڄ ڪلھ جي دور ۾ عورت ذات کي ڪم طر ۽ بيھ وس ڪري پيش ڪيو پيو وڃي انجي زندگي کي جيل جيان قيد ڪري چار ديوارين ۾ صرف ۽ صرف گھر جي ڪم ڪار لاءِ مخصوص ڪري رکيو پيو وڃي ايتري قدر جو انھن کي پڙھائي جي حَسِين زيور کان پڻ محروم ڪيو وڃي ٿو.پر جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ عورت کي پڙھڻ جو موقعو ملي ٿو ته ھو پاڻ کي ڪنھن نه ڪنھن منزل تائين ضرور پھچائن ٿيون.

 جھڙوڪ عابدا پروين، امر سنڌو ۽ اھڙا ٻيا مثال ملن ٿا جن مان ميڊم ريحاناه ڪوثر پڻ ھڪ آھي. ميڊم ريحناه جو جنم  28 جولاءِ سن 1978 ع داري لاھور شھر ۾ ٿيو.سندس جو والد سرڪاري ملازم ھيو والد جي بدلي سبب لاھور کان ڪراچي ڏانھن منتقيل ٿيا. ميڊم ريحناه ڪوثر پنھنجي شروعاتي تعليم ڪراچي جي زمان ڪورنگي علائقي جي  سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي انٽرميڊيٽ به زمان ڪورنگي جي ڪاليج ۾ ڪئي.پاڻ ننڊ پڻ ۾ ئي تمام محنتي ۽ ھوشيار ھجڻ ڪري استادن ۽ استاديائڻن جي نظرون جو مرڪز رھي.ميڊ مکي انٽر ميڊيٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ  ايل ايل بي ڪرڻ جو شوق زور وٺي ويو،پر ان کان اڳ کيس بي ايس جي ڊگري ڪرڻي ھئي ۽ سندس جو شروع کان وٺي ھسٽري جي ڪتابن سان لڳائو رھيو ھو تنھن ڪري ھن ڪراچي يونيورسٽي ۾1997 جنرل ھسٽري شعبي ۾ داخلا ورتي.سن 2000 ع ۾ بي ايس پوريڪرڻ کان ڦورن ئي 2001 ۾ ايم ايس ڪئي ۽ سن 2002 ۾ ميڊ م ريحناه کي انھي يونيورسٽي ۾ پڙاھڻ جو موقعو مليو جن ڀيچون تي ويھي ڪري ھن  پاڻ ڪلاس ورتا 2002 کان 2008 تائين ڪراچي يونيورسٽي ۾ آر اي طور پڙاھندي رھي ان وچ ۾ ھن محنتي عورت پنھنجو اسڪول به کوليو ھيو جيڪو اڄ ڪلھ سندس جي ننڊي ڀيڻ سڀالي رھي آھي، پاڻ کي ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿيڻ جو شوق ھويس ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين کي پڙاھڻ جو بيشمار جذبو ھويس پاڻ جڏھن اڃان شاگرد ھئي ته پاڙي جي ٻاھرن کي تعليم ڏيندي ھئي،پاڙي جا ماڻھو کيس ڏاڍو ڀائيندا ھيا ۽ چوندا آھن ته جنھن به ٻاھر کي سُٺي تعليم حاصل ڪرڻي آھي يا پيپر ۾ پاس ٿيڻو آھي تهاھو ريحناه ڪوثر وٺ پڙھي.8 فيبروري سن 2008 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي  جنرل ھسٽري ۾ ليچرار طور مقرر ٿي پھريان 6 مھينا روز آوٽ بيڪ ڪندي ھئي، پاڻ ھڪ عورت ٿي ڪري روز ڪراچي کان ڄامشورو جو سفر ڪري بروقت ڪلاس وٺندي نظر ايندي ھئي، ڪجھ ڏينھن بعد ان وقت جي وي سي پير مظھر الحق کي درخواست لکي ۽ وي سي کيس حيدرآباد جي لا ڪاليج جي ھاسٽل ۾ روم آلٽ ڪرائي ڏنو. چند سالن ۾ اندر ميدم ريحناه شادي ڪئي ۽ کيس وري روشني جي شھر ڪراچي ۾ رھڻو پيو. پھريان جيان روز ڪراچي کان اچي پنھنجا ڪلاس وٺندي آھي، شادي کان پوءِ اڪثر ڪري عورت جي آزادي ختم ٿيو وڃي پر ھن بھادر،محنت ڪش عورت نه  پڙھڻ ڇڏيو ۽ نه ئي پڙھائڻ، پنھنجي )تعليم جاري رکندي جنرل ھسٽريDeterminant and Structure of Political Historiography and its future in Pakistan)  ريسريچ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جوفصلو ڪيو سندس جي پي ايڇ ڊي ھلي پئي ۽ انجو ھڪ سيمنار ڊسمبر 14،سن 2014ع  تي ٿي گذريو، ميڊم جو رشتو شاگردن سان صرف ڪلاس تائين نه ھوندو آھي،پر جيڪڏھن ڪو شاگرد ڪھڙي به وقت ميڊم ڏي ھلي  ويندو آھي ته ان کي تمام سٺي طريقي سان سوال جو جواب ڏيندي آھي، سند س جو پڙھائڻ جو انداز دلپسند آھي جو ھر شاگرد ليڪچر کي آساني سان سھمجي وڃي ٿو.


Tuesday, August 18, 2015

لاڙڪاڻو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ



نالو. ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3
Photo
فيچر....          لاڙڪاڻو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
                                                                     Unedited

ڊاڪٽر ۽ حڪيم چونداآھن ته  ورزش جسم لاءِ تمام ضروري آھي،پوءِاھا ڪھڙي به قسم جي ورزش ڇونه ھجي.ورزش رڳو جيم خانن ۾ نه پر راند روند ڪرڻ سان به ٿيندي آھي، اھڙي طرح ڪرڪيٽ راند به ورزش آھي جنھن ۾ جسم جو ھر عضو ڪم ڪندو اھي ڪرڪيٽ نه رڳو جسماني پر دماَغي ورزش جي راند پڻ آھي ھن راند ۾ سوچي سھمجي فصلو ڪيو ويندوآھي ھن راند ۾ دماغ کي حاضر ۽ جوست رکڻو پوندو آھي.ھو ته پاڪستان جي قومي راند ھاڪي ۽ سنڌ جي قديمي راند ملھ آھي پر اڪثر ڪري ملڪ ڀر ۾ ڪرڪيٽ وڌيڪ کيڏي ويندي آھي،پاڪستان جي وڏن شھرن ڪراچي، لاھور، ملتان، حيدرآباد  کان سواءِ اندروني سنڌ جي  ٻين نندڊن  شھرن دادو،سکر،جيڪبآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي.اندروني سنڌ ۾ سال جي 12 مھينن مان 7کان 8 مھينا ظم جي گرمي ٿيندي آھي. جون جولاءِ جي مھيني جي گرم ڏينھن ۾ جتي ڪانوءُ جي اک نڪرندي آھي اتي ڏينھن جو ڪرڪيٽ جا  وڏا مقابلا تمام گھٽ ٿيندا آھن. پر گذريل 13 کان 15 سالن ۾ گرمي جي ڪري لاڙڪاڻي شھر جا رانديگر اھي مقابلا رات جي ٿدي پھر ۾ اليڪٽرڪ لائيٽ جي روشني ۾ ڪرائي پنھجا شوق پوڙا ڪندا آھن.جتي ڏينھن جو ماڻھو پنھنجي پيٽ جي گذر صفر لاءِ دندو داري يا نوڪري ڪندي پنھنجو شوق ۽ زندگي جو مزو ختم ڪري ويھندا آھن ، اھي نوجوان رانديگر به رات جي پھر ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڀرپور حصو وٺندا آھن. لاڙڪاڻي شھر ۾ پھريان اھا ٽورنامينٽ ڪينڊي مارڪيٽ ۽ الله آباد واري روڊن تي ٿيندي ھئي جتي روڳو بيٽسمين سيدي شارٽ کيڏي ڪري اسڪور ٺاھيندو ھو، ھن روڊن تي صرف 6،6 رانديگر سيڪسر ٽورنامينٽ ٿينديون ھويون. پر گذريل 8 سالن کان اھي مقابلا چانڊيڪا ميديڪل ڪاليج جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي 11 ،11 رانديگرن“ فل” ٽيم جا ڪري ڪرايا وڃن ٿا، ٽورنامينٽ جي اجازت وي سي چانڊيڪا کان وٺڻ بعد ڊراس ڪاپي ھر تيم جي ڪپتان کي ڏني ويندي آھي جنھن ۾ ٽورنامينٽ  جا قانون ،ٿيندڙ مقابلن جو وقت ۽ ٽيمون جا نالا ھوندا آھن.جيڪا ٽيم 15 منٽ دير ايندي سا بنا کيڏي واپس ويندي ۽ ٻئي ٽيم کي واڪ اوور طور ميچ ڏني ويندي، ڪرڪيٽ سڀ قانون اھي ھوندا آھن جيڪي انٽرنيشل ڪرڪيٽ ۾ ھلندا اھن.چانڊيڪا جي خوبصورت  ڇٻر واري گرائونڊ لائيٽ جي روشني ۾ جڏھن ڪرڪيٽ کيڏي ويندي آھي ته نه روڳو بيٽسمين يا بالر پر فلڊر به وڏي جوش سان ميدان مارڻ لاءِ تيار ھوندا آھن، فلڊر اڀتيون سڀتيون ڪلٽيون خائي جُنٽي روز جيان فلڊيئنگ ڪندي نظر ايندا  آھن. نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ رانديگرن کان سواءِ عام ماڻھو جو به وڏو شوق ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار کان پوءِ ھر ھڪ ماڻھو انٽرٽينمينٽ گھرندو آھي تنھن ڪري مدائين جو وڏو تعداد ان ٽورنامينٽ  کي  ڏسڻ ايندو آھي، ھر نائيٽ ٽورنامينٽ ۾ لاڙڪاڻو ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ طور رجسٽرڊ 52 ٽيمون کانسواءِ ڪجھ لوڪل ۽ شھر جي ڀرپاسي وارن شھرن جھڙوڪ شھداد ڪوٽ ، دادو، مورو ۽ سکر جون ٽيمو حصو پڻ وٺديون آھن، ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندر ٽيمون کي 4 پولن ۾ وراھيو ويندو آھي، ھر روز ھڪ پول ختم ٿيندو آھي اڪثر ڪري ٽورنامينٽ ناڪ آوٽ سسٽم ھوندي آھي جيڪا تيم ھارائي سا گھر وڃي ننڊ ڪري جيڪا کٽي سا اڃان راند کيڏي  رات جا مزا وٺي. ھر ھڪ پول مان ھڪ ھڪ ٽيم کٽي اڳتي ايندي ۽ سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏديون،جڏھن به اھڙا مقابلا ٿيندا آھن ته صرف رانديگر ن پر لاڙڪاڻي جو عوام به لطف اندوز ٿيندو آھي، راند جا شوقين سڄي رات ويھي پنھنجي پسند جي ٽيمون ۽ رانديگر  کي داد ڏينداآھن.پر خاص ڪري جڏھن لاڙڪاڻي شھر جي ڪرڪيٽ جا اسٽار رانديگر ۽ مشھور ٽيمون ميدان ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاريندا آھن ته پورو گرائونڊ ڀريل ھوندو آھي، ھر طرف کان آ اياز ڇڪو آ فواد ڇڪو چوڪو آ برٽلي بولڊ جا ھر بال تي آواز ھوندا آھن ، رات جي وڳڙي ۾ لائِيٽ جي پوري ساري روشني ۾ تيز رفتار بال کي ايڏو ئي  وڏو ڇڪُو ھڻڻ ۽ ۡڪاري آسمان ھيٺيان بھي  ڪڏھن مٿان  ته ڪڏھن تيزسيدو انيدڙ بال کي ڪيچ ڪرڻ آسان نه آھي ڪڏھن ڪڏھن ته ائين لڳندو آ  ڄڻ  نوجوان رانديگرن کي چمڙي جي اک آھي جو رات جي پھر ۾ تيز ايندر بال کي مھارت سان کيڏندا ۽ ڪيچ پڪريندا  آھن،جڏھن ڪرڪيٽ جو اھوميلو پنھنجي آخر لھمن ۾ داخل ٿيندي آھي ته وڌيڪ دلچسپ بڻجي ويندي آھي، فائنل ميچ ۾ مھمان خاص  به شرڪت ڪندو آھي، ٽورنامينٽ جو مھمان خاص ايم پي اي يا ڪو پريس ڪلب آفيسر ھوندو آھي  جيڪو آخر ۾  رانديگرن کي  انعام ڏيندو آھي، لاڙڪاڻو ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ يونين جي عھدي داران جو چوڻ آھي تي لاڙڪاڻي جي ڪرڪيٽ ھاڻي بھتر ٿي رھي آھي لاۡڙڪاڻي  ۾ تمام سٺو ٽيلينٽ آھي رانديگرن کي اڳتي کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي .

ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3 
Second semester August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi 

آرٽيڪل “جُھڪڙ جو دڙو” ظفرالله سومرو

Unedited 
 There should be proper paragraphing


 ظفرالله سومرو بي ايس پارٽ 3
آرٽيڪل..  کنڊربڻيل قديم ماڳ  “جُھڪڙ جو دڙو”

دنيا جون چار وڏيون تھذيبون آھن، جن ۾ ميسيوپوٽيميا، مصر، چائنا ۽ سنڌو تھذيب شامل آھن.ھر تھذيب ڪنھن نه ڪنھن ھنڌ  درياءِ جي ڪناري تي واقع آھن. اھڙي طرح سنڌو تھذيب جيڪا اڄ کان اٽڪل 5 ھزار سال  پراڻي تھذيب آھي جيڪا سنڌو درياء جي ڪناري تي قائم ھئي سنڌو تھذيب کي سڀني تھذيبن جي ماءُ چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ھن عظيم تھذيب جي “ خطي”  جا ماڻھو تمام محنت ڪش ۽ شاھوڪار ھيا.سنڌو درياءَ جي ڪناري تي قائم اھا تھذيب صرف اڄ جي  سنڌ نه پر انڊيا ۽ بنگلاديش  جي رياستن تائين وسيع ھئي، ھن تھذيب جي دور ۾ سنڌ جو رڳو ھڪ  شھر موھن جودڙو نه ھيو پر ان سان گڏوگڏ  ٻيا به ڪجھ شھر آباد ھيا. جن ۾ “ھڙاپا” ۽  آمري جيڪو ڄامشورو شھر کان اٽڪل 50 کان 60 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آھي اھڙو ئي ھڪ ٻيو ننڊو شھر جيڪو سنڌوتھذيب جو حصو ھيو جيڪو لاڙڪاڻي شھر کان اولھندي طرف تي 12 کان 15 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي موجود آھي . جڏھن موهن جو دڙو تمام  شاھوڪار ۽ وڏو واپاري مرڪز ھو، ھن  وقت موھن جو دڙي سان گڏ ڀرپاسي ۾ آمري، ھڙاپا سميت  جُھڪڙ جو دڙو به ھڪ ننڊڙي رياست جي حثيت  رکندو هو. ڪجھ ليکڪ لکن ٿا ته عربن جي دور ۾ به جُھڪڙ جو دڙو قائم ۽ دائم ھو، ان وقت اتي جو بادشاھ راجا اغام بيمڻ ھو، ھڪ اھڙو شھر جيڪو ايتري وڏي تھذيب جو حصو هو، اھو اڄ بلڪل ھڪ کنڊڙ بڻجي چڪو آھي ، جڏھن  موهن جو دڙي  جي ٻاھرين ملڪ جي آرڪالاجسٽ کوٽائي ڪئي ته کين اتان ڪافي قديم ۽ قيمتي شيون ھٿ آيون جن ۾ عورت جو مجسمو گھرو ڪم ڪار جا ٿانو ٺڪر ۽ قيمتي زيور پڻ مليا جنھن  کي لائبيريري ۾ ريسرچ ڪري اندازو لڳايو ويو ته ھي ڪنھن پراڻي زماني جون شيون آھن جيڪي ڪنهن تهذيب هجڻ جا آثار ڏين ٿيون اھڙي طرح موھن جي دڙي کان پوءِ پاڪستان جا آرڪالاجسٽ آمري ۽ ھڙاپا جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو پڻ چيو ته ھي سنڌو ماٿري سان ملنڙ جلندر شھر آھن. پر افسوس جُھڪڙ جو دڙو جيڪو پڻ ھڪ پراڻي رياست آھي.، انجي اڄ تائين نه ڪنھن اداري ۽ نه ئي وري حڪومت طرفان سارسڀال لڌي وئي آھي.هن دڙي جي ڀرپاسي جي ڳوٺ واسين جو چوڻ آھي ته  جڏھن به تيز برسات پوندي آھي ته پوءِ اسين برسات جو مزو وٺڻ لاءِ دڙي جي چوٽي تي چڙهي ويندا آھيون، اتي اسان کي اڪثر ڪري ڪجھ عجيب ۽ پراڻيون  شيون زيورات  وغيره ملندا آھن.ان کانسواءِ اتي جي ماڻھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان کي پنھنجا ابا ڏاڏا ٻدائيندا ھئا ته ڪجھ وقت اڳي سال ۾ ڪنھن ھڪ ڏينھن تي اتي جوڳين جو ھجوم ايندو ھو ۽ دڙي جي چوڌاري 2 کان 3 ڪلو ميٽر جي فاصلي ۾ ڪپڙن جون ڍيريون ڪري رکندا ۽ پوءِ وري مرليون وڄائيندا ھئا ، چوندا آھن  ته ھتي ھڪ وڏو نانگ آھي جيڪو دولت جي مٿان ويٺو آھي اھو سال جي ڪنهن ڏينھن تي ٻاھر نڪرندو ۽ ڦوڪ ڏئي ڍيريون ساڙي ويندو ته پٺيان دولت به نڪرندي اھڙي قسم جون ٻيون به ڏند ڪٿائون ملن ٿيون جن  مان  اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ھي صرف  ڪو خالي دڙو نه  پر ھڪ قديم تھذيب سان واڳيل شھر پڻ آھي. اڄ ڪلھ عيدن جي ڏينھن ۽ ٻيو جڏھن موسم وڻندڙ ٿيندي آھي ته اڪثر ڪري نوجوانن جو جُھڪڙ جي دڙي ڏانھن رخ  ٿيندو آھي ، اھي نوجوانن پنھنجي جوھر ڏيکارڻ جي چڪر ۾ موٽر سائيڪل سميت دڙي تي چڙي ويندا آھن جنھن سان دڙي کي تمام وڏو نقصان پھتو آھي دڙي جي به ته ڪو دانهن ٻڌي حڪومت کي گھرجي تي جُھڪڙ جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ۽ انجي سارسڀال لھي ته جيئن سنڌ اندر قديم ماڳ پنهنجي اهميت ۽ وجود وڃائي نه ويهن.

Zaffarullah Soomro
 BS-III second semester August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi