Showing posts with label راشد لغاري. Show all posts
Showing posts with label راشد لغاري. Show all posts

Saturday, December 5, 2015

Rashid Laghari Malishi

حيدرآباد جا مالشي
The work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
(تاريخ،مالش ڪرائيندڙ جا رايا)

راشد لغاري

بقول شڪسپئر جي دنيا هڪ اسٽيج آهي.هر انسان هن اسٽيج جو ڪردار آهي.هر انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري اسٽيج تان
 رخصت ٿي ٿو وڃي. اسان جي زندگي روز مره جي زندگي ۾ بيشمار ڪردار اس جي زندگي ۾ گھمندي پهرندي نظر ايندا آهن.اسان بـ هنن سان گڏ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهيون پر اسان اهيو ناهيون سوچندا تـ ٻيا ڪردار پنهنجو رول ڪئي ادا ڪن ٿا.هنن هلندر گھمندڙ ڪردارن مان اسان کي ڪٿي ميون کپائڻ وارا،ڪٿي رڪشـ وارو،ڪٿي پينو فقير ۽ وري ڪٿي ڪنھن روڊ جي ڪنڊ تي پارڪ وٽ مالش ڪندڙ مالشي نظر ايندا آهن.

مالشي کي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي تـ هن جا ثبوت ٽي هزار سال پهرين چين ۽ 25 سو سال پهرين   مصر جي تهذيب ۾ ملن ٿا،جنهن ۾ مالشي جو اهم ڪردار رهيو آهي.مالشي جو ڪم غريب کان وٺي بادشاه جي دربار تائين رهيو آهي.اڄ جي جديد دور ۾ بـ مالش پنهنجي روايتي انداز سان اڳتي وڌي آهي،هن جي واضح مثال مساج سينٽر آهن.جيڪي دنيا جي ننڍن وڏن شهرن ۾ موجود آهن.دنيا ٿائي مساج سڀني کان مشهور آهي.اسان جو ڪردار حيدرآباد جا اهي مالشي آهن جيڪي شام ٿيندي هي ڇِن ڇِن جي آواز ڪندي روڊ جي ڪناري،روڊ واري فوٽ پاٿ تي،ڪنهن هوٽل تي يا وري هن جي آس پاس کٽون تي هنڌ بستره وڇائي گيراڪ جي انتظار ۾ ويٺل نظر ايندا آهن.

حيدرآباد شهر جيڪو تاريخي پس منظر جي لحاظ کان وڏو پراڻو شهر آهي.مالشي جي تاريخ بـ هن شهر ۾ اوتري هي پراڻي آهي.انهي  جو هڪ اهم مثال ٽالپر دور جو حڪمران مير فتح علي ٽالپر جڏهن پنهنجي مصروفيات مان ٿڪجي پوندو هو تـ مالشي هي هن کي زور ڏئي ۽ مالش ڪري هن جي ٿڪاوٽ دور ڪندو هو.هن وقت بادشاه سلامت دربار ۾ مالشي جي وڏي اهميت هوندي هئي.

موجوده دور ۾ حيدرآباد ۾ مالشي واري ڪم کي ڪجھ خاص اهميت ناهي انهي جا مختلف پهلو آهن.سڀني کان پهرين تـ مالش ڪرائيندڙ ماڻهن جو رجحان گھٽجي ويو آهي، ٻيو تـ هن مالشي هاڻي هن هنر کي صرف ڪمائي جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو ٿن.

مالشي حيدرآباد ۾ قاسم آباد، لطيف آباد، نياپول، سبزي منڊي، بس اڏن، ٽرڪن جي اڏن تي پنهنجي مخصوص ڇِن ڇِن جي آواز سان ملندا پر سڀني کان وڌيڪ هن وقت حيدرآباد شهر ۾ سڀني کان وڌيڪ مالشي اوهان کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن وٽ نظر ايندا هنن مان اَسي سيڪڙو مالشي ملتان يا وري هن جي آس پاس وارن علائقن مان هتي پنهنجي هنر جا جوهر ڏيکارڻ آيا آهن.هي پنهنجو گھر ٻار ڇڏي هتي هوٽل جي ڪمري ۾ هڪ کان ٽي ڄڻا روز جي مسواڙ تي رهن ٿا. 

مالشي کان جڏهن ڪير انٽرويو وٺڻ ويندو آهي تـ پهرين هو لنوائيندا آهن تـ متان هي پوليس وارا يا ٻيا ڪير تـ ناهن جيڪي اسان کي گرفتار نـ ڪرائي ڇڏن.ريلوي اسٽيشن تي استادن جو استاد مالشي رشيد پهلوان هو،2005 ۾ هو هن فاني دنيا مان رخصت ٿي ويو هو.هن بابت مالشي چون ٿا تـ هن جهڙو ڪاريگر اسان اج تائين ناهي ڏٺو ڇو تـ هن وٽ پري پري کان ماڻهن مالش ڪرائڻ ايندا هئا.عزز استاد جو هي شاگرد هو هن چيو تـ استاد پهلوان کان پوءِ   يتيم ٿي ويا آهيون. 

حيدرآباد شهر ۾ اوهان کي مالش ڪرائيندڙ گهڻو ڪري غريب طبقو نظر ايندو،ڇا ڪاڻ تـ پيسي وارا ماڻهو اڪثر مساج سينٽر جو رخ ڪن ٿا.۽ اڪثرماڻهو کلي فضا ۾  مالش ڪرائڻ کي عيب سمجهن ٿا،ڇوتـ مالشي هڪ کُلي ڄگھ تي ويٺا آهن تنهن ڪري ماڻهو شرم جي ڪري مالش ڪرائڻ کان لنوائن ٿا. مالشن موجب هنن جو وڌيڪ ڪاروبار گرمي جي موسم ۾ ٿيندوآهي،جڏهن تـ سياري ۾ ڄڻ ڪُڪڙو ڪو لڳي پئي هوندي آهي. 

ڪجھ عرصي کان حيدرآباد ۾ هن ڪم جي آڙ ۾ ٻـ نمري ڪم بـ کلي عام جاري آهي،مالشي ڪارن ڌنڌن ۾ ملوث رهيا آهن،سبزي منڊي ۾ هڪ پنجاب جي واپاري هلندڙ پهرندڙ کان مالش ڪرائي،مالش وقت هن کي ننڊ اچي وئي ۽ هو مالشي هن جا موبائيل فون،ٻـ لک نقد رقم کرين فرار ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن بـ هٿ نـ آيو.هتي هنن جي رجسٽريشن بـ ناهي ٿيندي جئين پنجاب ۾ ٿيندي آهي ڦرون ڪرڻ جو اهو بـ سبب آهي.هي تـ هڪڙو واقعو آهي اهڙا کوڙ سارا واقعا وقت سان گڏ پيش ايندا رهيا آهن.اهڙن واقعن مالشن جي ڪاروبار کي ڪافي وڏو نقصان پهچايو آهي. 

اسان جڏهن هٽڙي بائي پاس وٽ مردان هوٽل جي ٻاهران پيل صندل،جنهن تي وڇايل ايراني قالين هو،هن تي نعمان پٽاڻ ٽرڪ ڊرائيور مالشي کان مالش ڪرائي رهيو هو،هن چيو تـ آئون ڪافي سالن کان فراز بهائي کان مالش ڪرائي رهيو آهيان، مالش سان منهنجي ٿڪاوٽ دور ٿي وڃي ٿي ۽ آئون پاڻ کي چست محسوس ڪندو آهيان.جسم جون نسون پنهنجو ڪم سهي طريقي سان ڪنديون آهن.هن اڃا وڌيڪ چيو تـ مالش انسان لاءِ انتهائي ضروري آهي. فالج بيماري خطرناڪ بيماري آهي جيڪا انسان کي جڏو ڪري ٿي ڇڏي،تڏهن اهي مالشي هي بيمار جسم کي اهڙي ريت مالش ڪندا آهن،جو مريض هلڻ گهمڻ جيهڙو ٿي ويندو آهي. 

قاسم آباد جي هوٽلن تي ماڻهن اڪثر شوقيا مالش ڪرائيندا آهن.گيراڪ جيڪي روز مالش ڪرائيندا آهن.هنن جو چوڻ هو تـ مالش جڻ تـ گاڏي جي ٽيونگ وانگر آهي انسان کي هر مهيني ڪرائڻ گھرجي.ڪيفي عبيد جو ملازم وقار هن جو چوڻ هو تـ مالش هڪ نشو آهي جيڪڏهن ڪنهن هڪ بـ چڪر ڪرائي تـ هن جو عادي ٿي ويندو ڇو جو اسان وٽ ڪجھ ماڻهو ايندا هي مالش ڪرائڻ آهن جيڪڏهن هو مالش نٿا ڪرائين تـ رات جو هنن کي ننڊ ناهي ايندي.مالشي پاران جيڪو تيل استعمال ڪيو وڃي ٿو هن جي بـ شڪايت ڪن ٿا.سائينٽيفڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي تـ مالشي جا انيڪ فائده آهن. 

ٻين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنلاجي سان هر ڪم اڳتي وڌندو آهي پر هتي ائين ناهي اهو ڪم ڏينهون ڏينهن پوئيتي ٿي ويندو آهي.مالش وارو ڪم بـ هتي ائين ختم ٿيندو پيو وڃي خاص ڪري حيدرآباد جيهڙي شهر ۾ هزارن مسئلن جي ور چڙهيل آهي 

Photo are needed. Some part of Shahrukh and urs is same. Some spelling and proof mistakes
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
.    

Wednesday, September 2, 2015

غفار احمد راجپوت پروفائيل:راشد لغاري

پروفائيل:راشد لغاري
غفار احمد راجپوت
دنيا ۾ اھڙا ماڻھو جنم وٺندا رھندا آھن جيڪي پنھنجي ھنر جي ذريعي شين کي ايتري تـ خوبصورت شڪل ڏيندا آھن جوھر ڏسندر حيرت ۾ اچي ۽ اچرچ جي نگاهـ سان انسان جي ھٿ مان ٺھيل خوبصورتي جو عظيم شاھڪارڏسي پنھنجي اکين تي ناز ڪري ۽ پنھنجي دل ۾ اھا سوچ سمائي ڇڏين ٿا تـ محنت،لگن،آرزو ۽ اميد سان انسان ھر خواب کي تعبير جي شڪل ڏئي سگھي
ٿو.
جي ھا غفار احمد اھو بـ ڊزائينرآُھي،جنھن کي خدا پاڪ جي طرفان وڻن، ٻوٽن کي ڪٽي ھنن کي سينگاري ۽ تصويرون جي شڪل ڏيڻ جو ھنر حاصل آھي.غفار احمد 1958 ۾ مروحوم وحيد راجپوت جي گھر غربت جي آغوش ۾ جنم ورتو سندس خاندان ھندستان مان ھجرت ڪري ڀٽ شاهـ ۾ اچي آباد ٿيا.ھندستان جي سر زمين ھن خاندان کي الوداع ڪرڻ وقت سندن جھولي ۾ آرٽ جو ھڪ انمول شخصيت تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.جنھن اڳيان ھلي غفار جي صورت ۾ جنم ورتو ۽ اڄ ڪلھـ استاد جو لقب گڏ لڳائي پنھنجي خاندان جي سڃاڻپ ٿيا آھن.
ھا غفار جي طبعيت شروع کان ھي خاموش ھئي ۽ ساوڪ سان عشق جي وجھـ سان سندس خاموشي ۾ وڻ ڳالھائڻ لڳنداھئا.پاڻ صرف 15 سالن جي عمر ۾ پنھجي مائٽ سان جاپان ويو جٿي ھن مسلسل ٽن سالن واري لينڊاسڪيپ ۽ گارڊن جي ٽرينگ حاصل ڪئي ھن جو مين فوڪس ڀڳن ڀيل مان جديد ڊزائينون ٺاھڻ ۽ ان جي پوک ھئي،نت نوان وڻ لڳائڻ بـ انھي ٽرينگ جو حصو ھئا.غفار اڃا ٽرينگ سکي ھي رھيو ھو تـ سندس مائٽن خاندان جو اڪيلو وارث ھجڻ ڪري واپس وطن گھرائي ورتو پر غفار تيستائين پنھنجي روح ۾ وڻن کي شڪل ڏيڻ جو ھنر محفوظ ڪري ڇڏيو اھائي وجھـ آھي تـ شايد جاپان جي استاد ھن کي الوداعي لفظ چوندي چيو تـ مون کي افسوس آھي تـ جاپان جا وڻ اھڙي انمول ڊزائينر کان محروم پيا ٿين پر پاڪستان جا ماڻھو ھن ٻوٽي جو ميوءُ ضرور کائيندا.ھنر سکڻ جي عمل ۽ يادگيرين جا ڪيترا ئي حسين پل غفار پنھنجي سيني ۾ سانڊي اباڻي وطن واپس پھتو پر اسان جي ماڻھن ان جي ھنر تي يقين نـ آيو ۽ ھن کي ڪم نـ ڪرڻ جا بھانا چوڻ لڳا تنھڪري غفار کي مختلف جڳھـ تي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ بـ پنڌ ڪرڻو پيو پر سندس وڻن سان لازوال محبت ٻوٽن کان پري ٿيڻ نـ ڏنو ۽ روزگار سان گڏوگڏ غفار پنھنجي اضافي وقت ۾ جنگلن ۾ وڃي ٻوٽن جي ڊزائينگ ڪرڻ لڳو ۽ انھي ھي وقت رسول بخش لغاري جي اکين ھن جي عظيم ھنر کي سڃاتو ۽ سندس اوطاق جو پروجيڪٽ ھن جي حوالي ڪيائين.پروجيڪٽ ملندي ھي ھن جي دل ۾ موجود ھنر ھڪ آتش فشان پھار وانڱي ڀاٽي ڪري ماڻھن جي اڳيان نمايان ٿيو،مون جھڙن ڪيترن ھي صحافين کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيائين غفار پنھنجي خوبصورت وڻن جي ڪٽينگ جي ذريعي وڻن مان ڪتاب ٺاھي انسانيت کي سبق پڙھائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تـ ڪڏھن بحري جھاز ٺاھي انسان کي مشڪل واري سمنڊ مان نڪرڻ جي مدد ڪندو آھي تـ ڪڏھن وري انھي خوبصورت وڻن جي ڪٽنگ پروردگار عالم جو نالو ظاھر ڪري انسان کي ڪائنات جي ارتقا ۽ انجام ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.استاد غفاراحمد سان مختصر ملاقات ۾ ھن ٻڌايو تـ انسان ۾ جيڪڏھن ھنر موجود ھجي تـ ھو وڻن جي خوبصورتي بـ انسانيت جو سبق پڙھائي سگھي ٿو.