Monday, October 3, 2016

طب يوناني علاج جو قديمي طريقو سست رفتاري جو شڪار Tahir Mastoi

Investigative report




Name Of Group Members:
Tahir Mastoi
Habib ur Rahman Jamali  (M.A Prev)
Abdul Malik Solangi   (M.A Prev)
Batch MC 2k12
Teacher:
      Sir Sohail Sangi

 
طاهر مستوئي
طب يوناني
علاج جو قديمي طريقو سست رفتاري جو شڪار

طب يوناني دنيا ۾ علاج جو سڀ کان پراڻو طريقو آهي، جيڪو اڄ جديد سائنسي ايجادن جي باوجود پنهنجي جديد تحقيق سان گڏ هڪ اهم وجود ۽ منفرد مقام رکي ٿو. طب يوناني جي تاريخ ايتري پراڻي آهي جيتري پراڻي تاريخ خود انسان جي آهي. پر طب يوناني کي باقائده فن جو درجو ڏيڻ وارو يوناني فلاسافر قليموس هو، جيتوڻيڪ حڪيمن جي ڪم يا علاج کي دنيا ۾ سائنسي طرح سان نه ٿو مڃيو وڃي پر طب يوناني انسان جي جسماني بيمارين جي علاج يا خاتمي جي لاءِ حيواني، نباتاتي ۽ جماواتي هر قسم جي دوا کان ڪم وٺي ٿو. جيڪو دنيا م موجود علاج جي ٻين  طريقن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ سائيڊ ايفيڪٽ هجڻ سبب جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ تمام گهڻن ميڊيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ باوجود به عوام جي هڪ وڏي تعداد ۾ ايترو مقبول آهي جيترو قديم زماني ۾ هو.  شايد اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ صحت جو وڏو ادارو world health organization   به ديسي طريقي علاج ڏانهن راغب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

          پاڪستان ۾ طب يوناني جي مقبوليت ۽ ضرورت سبب 21 جولاءِ 1965ع تي وفاقي حڪومت يوناني آيور ويدڪ پريڪٽيشنز ايڪٽ جي نفاذ جو اعلان ڪيو ۽ هڪ نئين طبي بورڊ تشڪيل ڏني ۽ ان طبي بورڊ طبي فارماڪوپيا ترتيب ڏني ملڪ جي چئني صوبن ۾ قومي طبي ڪاؤنسل جي قائدن ۽ ضابطن جي تحت طبي ڪاليج قائم ٿيا ۽ انتظامي ۽ امتحاني معامله طئي ٿيا. پاڪستان طبي ڪاؤنسل جي صدر حڪيم پروفيسر اقبال شاهد جي مطابق پاڪستان ۾ رجسٽرڊ طبيبن جو ڪل تعداد چاليهه هزار آهي جيڪي وڏن شهر کان علاوه ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. هن وقت سڄي دنيا متبادل علاج جي تلاش ۾ آهي ترقي يافته ملڪ طب مشرڪ جي نظرين ۽ خاص طور تي نباتاتي دوائن تي تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ ان کي گرين ريووليوشن سبز انقلاب جو نالو ڏيئي رهيا آهن...

جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي کانپوءِ هر ڳوٺ ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ ٺهي چُڪا آهن ۽ بيمارين بابت سرڪاري صحت کاتي اشتهاربازي ذريعي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد حڪيمن کان پاسيرو ٿي ميڊيڪل ڊاڪٽرن ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳو آهي. توڻي جو ان ڳالهه کي حيدرآباد جا حڪيم رد ٿا ۽ دعوي ڪن ٿا ته اڳي جي مقابلي ۾ سندن دواخانن تي مريضن جي اچڻ جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ اهو تعداد تيزيءَ سان پڻ وڌي رهيو آهي. پر ان حقيقت کان به ڪير انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهي ته حيدرآباد ۾ طبي ڪاليجن جو تعداد ٻه آهي. هڪ سنڌ طبي ڪاليج ۽ ٻيو اعظم طبي ڪاليج آهن. ۽ حيدرآباد ۾ ٽوٽل رجسٽرڊ حڪيمن جو تعداد 500 آهي.



 حڪيمن جو تعداد حيدرآباد ۾ گهٽ ڇو آهي؟ ۽ ماڻهو حيڪمن کان پاسيرو ٿي ميڊيڪل ڏانهن رجوع ڪرڻ ڇو لڳا آهي؟ ان حوالي سان حڪيم نظير شيخ سان ٿيل ڳالهه ٻولهه!

                    حيدرآباد جو مشهور نالي وارو حڪيم حافظ نظير احمد شيخ پاڻ موروثي يا خانداني حڪيم آهن سندس پڙ ڏاڏي کي انگريز سرڪار خدمتن عيوض ايوارڊ سان نوازيو آهي، حڪيم نظير شيخ وٽ ڪيتريون ئي يوناني دوائون تيار ٿين ٿيون سندس پروڊڪٽ جو نالو نظير نيچرل ڪيومر آهي. حيدرآباد سميت سنڌ جي هر دواخاني ۾ سندس دوا  موجود آهي. حڪيم صاحب ٻڌايو ته حڪيمن ڏانهن مريضن جي آمد جو رجحان گهٽ نه پر وڌي رهيو آهي. هن وقت ڪيترائي پڙهيل لکيل حڪيم اسان جي معاشري ۾ موجود آهن جيڪي حڪمت جي ڊگري ڪواليفائڊ آهن. اوهان کي مريضن جي لسٽ ڏيکاريان ته اوهين حيران رهجي ويندا ته مون وٽ اڪثر ڪري جيڪي مريض آهن اهي ازخود ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽرن جو اڪثر مقدار پنهنجو علاج حڪمت مان ڪرائن ٿا، ڇو ته اهي هن ڳالهه مان واقف آهن ته انهن جي دوا ۾ سائڊ افيڪٽ آهن. حڪيم صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته  ها ڪجهه عطائي حڪيمن جي ڪري حڪيمن جو نالو خراب ٿي رهيو آهي جيڪي تجربي جي بنياد تي حڪمت ڪري رهيا آهن، جنهن مان ماڻهن کي اڪثر نقصان ئي ٿيندو آهي. هن وقت حڪمت بابت ڪيترائي سيمينار ڪوٺايا وڃن ٿا جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه ٻاهريان ملڪ به شرڪت ڪن ٿا. حيدرآباد ۾ اڪثر اهڙن حڪيمن جنم ورتو آهي جنهن جي ڪري حڪمت جو نالو پوئتي ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي دماغ م حڪيمن جي خراب تصوير ٺهي رهي آهي. ٻي ڳالهه ته مريض ميڊيڪل سائنس ڏانهن متوجح انهي ڪري ٿيا آهن ته ان ۾ جلدي ريسلٽ ڏيکارڻ جي صلاحيت آهي جنهن جي ڪري مريض بيمارين مان جلدي جان ڇڏائڻ لاءِ ميڊيڪل ڊاڪٽرن وٽان ترت علاج لاءِ دوائون وٺن ٿا، ۽ حڪيمن جي علاج ۾ اڪثر ٿورو عرصو لڳندو آهي پر حڪمت سان مريضن جي بيماري کي پاڙ مان ڪڍي اڇلائي سگهجي ٿو.

          اهڙي ريت جڏهن ڇوٽڪي گهٽي ۾ موجود حڪيم حنيف ابڙو سان حڪمت بابت ڳالهايو ته هن ٻڌايو ته “ هن وقت اسان وٽ ڪيترائي حڪيم ٺڳ ۽ مڪار آهن جيڪي مريضن جو علاج نه پر پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، اهڙا حڪيم اڪثر ڪري  اسان کان دوائون وٺي انهن دوائن کي پاڻ وٽ موجود خالي پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ وجهي ان دوائن کي پنهنجي هٿرادو ٺاهيل ڪک جو نالو ڏيئي مريضن کان فيس وصول ڪن ٿا، دوا جي اصل قيمت 150 رپيه آهي ته مريضن  کان 500 وٺن ٿا.

حڪيمن جي شڪل ۾ روڊن تي ۽ لڪيل جاين ۾ ويٺل ٺڳ

هيرآباد جي ختم ٿيندڙ روڊ جي ڀرسان ڪجهه اهڙا ماڻهو پڻ بيٺل آهن جيڪي اوهان جي شڪل کي ڏسي اهڙي بيماري جو نالو ٻڌائي پريشان ڪندا جيڪي اڪثر اوهان جي ذهن ۾ ئي نه هوندي، اوهان جي اندر هڪ اهڙي ڪمزوري ٻڌائيندا جيڪي اڄڪلهه جي هر انسان ۾ موجود آهي جئين ٽنگن جو سور، سستي، مٿي جو سور، پريشان پريشان رهڻ اهڙيون ڳالهايون ٻڌائي اوهان کي متعمن  ڪري پنهنجي حڪمت جي دڪان تي وٺي ويندا، جتي اوهان جو چيڪ اپ ۽ دوا ڪئي ويندي.  پر انهن ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪوڙ جي بنياد تي پاڻ کي حڪيم سڏرائن ٿا.

          ڪنهن حڪيم جي تلاش ۾ قاسم آباد علائقي جي ڪنهن ماڻهو کان حڪمين بابت پڇيو ته ان حڪيم بشير عباسي جو نالو ورتو ته هي هتان جو مشهور حڪيم آهي. مان ان کان ڪجهه انفارميشن وٺڻ لاءِ ويس پئي ته خبر پئي رستي مان ڪجهه ماڻهن کان پڇيو ته حڪيم بشير عباسي پاڙي ۾ سندن حڪيم جي نالي سان ئي مشهور شخص بشير عباسي سان جڏهن ملاقات ٿي ته، ان پهريان ته مونکي مريض سمجهي منهنجي سوالن جا جواب ڏينئين پئي، پر ڳالهين دوران مون سنڌ يونيورسٽي ۽ مليل اسائنمينٽ جو ذڪر ڪيو ته حڪيم صاحب جي چهري تي ڪجهه پريشاني ڇائنجي وئي ۽ مونکي بنا ڪجهه بڌائيندي چوڻ لڳو ته حڪمت بابت آءُ ڪجهه نٿو ڄاڻيان سندن بابا جن مشهور آهن جنهن جي ڪري مونکي به حڪيم سڏيو وڃي ٿو. حڪمت بابت سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ صاف انڪار ڪندي چيو ته ٻيو ڪنهن حڪيمن وٽ وچو ته اوهان کي شايد انفارميشن ملي سگهي ٿي آءُ سرڪاري ملازم آهيان.

























عبدالمالڪ سولنگي

قاسم آباد ۾ موجود حڪيم

قاسم آباد جي مشهور حڪيم علي محمد شيخ جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا جا ادارا اشتهارن تي هلن ٿا ڪنهن  اداري جي ترقي جو دارومدار اشتهار بازي تي هوندو آهي ۽ حڪيمن جي فيس به گهٽ هجي ٿي تنهنڪري اهي اشتهار کان پري آهن،  اڄ جي جديد دؤر ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽر 500 کان هزار رپيا في وٺن ٿا پر حڪيمن اڃا به ساڳيو 100 رپيا مشوري جي في وٺن ٿا. جنهن مان گهر جو خرچ به مس نڪري ٿو ،ان صورتحال ۾ اشتهار تي خرچ جا پئسا ڪٿان آڻين؟ ۽ ٻيو ته گورنمينٽ جي سرپرستي به ناهي، هن قديمي علاج جي طريقي کي بس زنده رکيو ويٺا آهن.                                        

حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ فقط هڪڙو ئي حڪيم آهي جنهن جو نالو علي محمد شيخ آهي. ايل ايل بي جي ڊگري به حاصل ڪئي پاڻ خانداني حڪيم پڻ آهن. 1984ع ۾ طبي ڪاليج مان طب جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ حڪمت جي باقائده شروعات قاسم آباد مان ڪئي.

هزارين ماڻهن جي آبادي واري تعلقي قاسم آباد ۾ هر ٻن قدمن کان پوءِ ميڊيڪل ڊاڪٽرن جون ڪلينڪس اهن ۽ اُتي مريضن جي رش به تمام گهڻي هوندي آهي. ۽ اتي حڪيم صرف هڪڙو آهي اصل لاڙڪاڻي سان تعلق اٿن.  حڪيم علي محمد شيخ حيدرآباد ۾ حيڪمن طرف ماڻهن جي گهٽ رجحان جا سبب بڌائيندي چوي ٿو ته ميديڪل ۾ اينٽي بائيوٽڪ جي اچڻ سان ماڻهن کي جلدي شفا ملي ٿي ۽ اينٽي بائيوٽڪ ۾ سائيڊ افيڪٽ به تمام گهڻا هوندا آهن. پر ماڻهن کي ان جي پرواهه ناهي بس رڳو شفا جلدي ملي، هڪ چوڻي آهي ته “ پير ڀلو يا ويساهه ڀلو” جڏهن ته حڪمت ۾ اها چوڻي آهي ته “بيماري ايندي گهوڙي وانگر ۽ ويندي جونءَ وانگر”  حڪمت ۾ ڪنهن نئين بيماري جو خاتمو به گهٽ ۾ گهٽ 40 ڏينهن جي علاج سان ايندو آهي ۽ پراڻي بيماري جي علاج جو پراسيس 6 سال جو ٿيندو آهي، پر ماڻهو جلدي شفا ماڻڻ واري چڪر ۾ لڳل آهن.

          ميڊيڪل جي مقابلي ۾ حڪيمن وٽ علاج سستو آهي، ڊاڪٽر ته مختلف ٽيسٽون ڪرائي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته حڪيم ٽيسٽون نه ڪرائيندا آهن. پراڻن حڪيمن کي قدرتي ڪشف حاصل هوندو هو جو ماڻهو کي ڏسي بيماري ٻڌائيندا هئا پر اڄ حڪيم علامتون ڏسي بيماري ٻڌائيندا آهن ۽ ان جو علاج ڪندا آهن. يونيورسٽيون ته هاڻ ٺهيون آهن ميڊيڪل ترقي ته هاڻ ڪئي آهي پر طب يوناني ذريعي علاج جي تاريخ انساني تاريخ جيتري پراڻي آهي ۽ دنيا ۾ اهو علاج اڄ تائين ڪاميابي سان جاري آهي. حافظ اجمل مغل بادشاهن جو خانداني حڪيم هو مطلب ته هڪ حڪيم مغل بادشاهن جو علاج ڪندو هو.

ٻيو اهو مسئلو سرڪاري سرپرستي نه هجڻ آهي. سرڪار حڪيمن جي طريقه علاج کي جديد سهولتن سان سرشار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر سرڪاري سطح تي حڪيمن کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو سبب اهو آهي ته سرڪاري  يهودي لابي سان ٽڪر نٿي کائي، کانئن ٽئڪس وڄي ملڪ ۾ ايلوپيٿڪ کي رسائي ڏني ايلوپيٿڪ جون سڄي دنيا ۾ فيڪٽريون آهن.  طب لاءِ حافظ سعيد جون وڏيون خدمتون آهن هو جڏهن گورنر هو ته  هن تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون. اسان وٽ ڪاري ڪامڻ، ڪينسر، شگر،بلڊ پريشر سيمت هر بيماري جو علاج آهي. مطلب ته حڪيمن کي اڪثر مسئلو ايڊورتائيزمينٽ آهي جيڪا انهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ناڪام ڪن ٿا.



حبيب الرحمان جمالي


حڪيمن جا مسئلا


انويسٽيگيشن رپورٽ ٺاهڻ دوران اسان جي ملاقات جن به حڪيمن سان ٿي آهي انهن پنهنجا پنهنجا مسئلا ٻڌايا آهن سحرش نگر ۾ اسان جي ملاقات حڪيم درمحمد سان ٿي، هن حڪمت کي پنهنجي زندگي جا 30 سال ڏنا آهن هو ٻڌائي ٿو ته سڀ کان وڏو مسئلو آهي


Advertisement


در محمد ٻڌائي ٿو ته هن جديد دور ۾ ڪنهن به پروڊڪٽ يا ڪنهن به شئ جي ائڊورٽائزمينٽ نه ٿيندي آهي ته اها شئ پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي آهي، ميڊيڪل سائنس جي مختلف ڪمپنين کان وٺي مختلف ٻيون ڪمپنيون سڄو ڪارونهوار اشتهاربازي تي هلائين ٿيون هڪ روپي کان وٺي ڪروڙين روپين جي ماليت وارين شين جي به اشتهاربازي ٿيندي آهي پر حڪمت ۾ ان جو رجحان گھٽ پر نه هئڻ جيترو آهي حڪمت جي ڪا اهڙي پروڊڪٽ مشڪل سان ملندي جنهن جي اشتهاربازي ٿيندي هجي،  همدرد جي اشتهاربازي ٿيندي آهي ته همدر جون دوائون اڄ به وڏي پئماني تي هلن ٿيون حڪمت جي ٻين پروڊڪٽس جي اشتهاربازي نه ٿيندي آهي ته اهي اترو مشهور ناهن، هڪ حڪيم جنهن جي مشوري جي ڪا به فيس نه هوندي آهي ۽ ميڊيڪل سائنس جي ڀيٽ ۾ علاج به سستو آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪيم اشتهاربازي جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگھن ۽ اشتهاربازي نه ٿيڻ سبب علاج جو هي قديمي طريقو به سست ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن هن قديمي علاج واري طريقي جي اشتهاربازي ٿيندي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهو ميڊڪل سائنس کي ڇڏي ڪري حڪيمن وٽ علاج ڪرائڻ ايندا.           


 سو منهنجي خيال ۾ اشتهار بازي به هڪ وڏو سبب آهي مان اڄ به ان خيال جو آهيان ته طب يوناني جي داوئن جي اشتهار بازي ٿيڻ سان علاج جو هي طريقو ماضي وانگر ماڻهن ۾ مقبول ٿي ويندو


در محمد ٻڌائي ٿو ته اشتهار بازي کان علاوه ٻيو وڏو سبب هي آهي

عطائي حڪيم

حڪيم ٻڌائي ٿو ته حڪمت ڏانهن ماڻهن جو جيڪو رجحان گھٽ ٿيو آهي ۽ ماڻهو حڪيمن کي ڇڏي ڪري ميڊيڪل جي ڊاڪٽرن ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳا آهن ان جو وڏو سبب عطائي حڪيم به آهن، جن وٽ ڪا به معلومات يا کين تجربو نه هوندو آهي هو هڪ مفروضي يا اندازي موجب ماڻهن جو علاج ڪندا آهن بيماري جي صحيح ڄاڻ نه هجڻ سبب مريض ٺيڪ ٿيڻ بجائي موت جي منهن  ۾ هليو وڃي ٿو ان ڪري ئي ماڻهن جو اصل حڪيمن تان ويساه کڄي ويو ۽ ماڻهو ان عطائي حڪيمن جي غلط علاج سبب حڪيمن ڏانهن اچڻ پسند نه ڪندا آهن.

انويسٽيگيشن رپورٽ ٺاهڻ دوران اسان جي ملاقات عطائي حڪيمن سان ٿي آهي جيڪي پنهنجي دوا خانن ۾ ويهي مريضن جو علاج ڪري رهيا هئا اهڙوئي هڪ عطائي حڪيم اسان کي حيدرآباد جي کاهي روڊ تي مليو جيڪو پنهنجي دوا خاني جي اند ويٺو هو شروع ۾ ته هن اسان کي مريض سمجھي ٿوري گھڻي ڪچهري حڪمت جي حوالي سان ڪئي پر جڏهن اسان کيس ٻڌايو ته اسان مريض ناهيون ۽ حڪمت جي حوالي سان هڪ انويسٽيگيشن رپورٽ ٺاهڻ آياسين ته هو پنهنجي حڪيم هجڻ تان هٿ کڻي ويو ۽ ٻڌايائين ته هو هڪ ٽيچر آهي باقي حڪمت جي جي باري ۾ ڪجھ ڄاڻ آهي ان ڄاڻ تحت ماڻهن کي مشورا ڏيندو آهي.

حڪيم پير بخش ٽنڊو ولي محمد ۾ گذريل 5 سالن کان طب يوناني ذريعي ماڻهن جو علاج ڪندو آهي اسان کيس حڪمت جي سستي ، ماڻهن جو حڪيمن ڏانهن لاڙو گھٽجڻ جا سبب معلوم ڪيا ته هن ٻڌايو ته سندن سڀ کان وڏو مسئلو آهي

اينٽي بائيوٽيڪ

ميڊيڪل سائنس ۾ اينٽي بائيوٽيڪ جي اچڻ سان جلدي شفا ماڻڻ جي چڪر ۾ ماڻهو حڪيمن ڏانهن گھٽ ٿا اچن ڇو ته حڪمت جي دوائن ۾ جلد شفا نه ملندي آهي  هن قديمي علاج جي طريقي ۾ سائيڊ افيڪٽس نه هوندا آهن پر شفا دير سان ملندي آهي ، جڏهن ته ميڊيڪل سائنس جي دوائن ۾ سائيڊ افيڪٽس تمام گھڻا هوندا آهن پر دوا جي استعمال سان بيماري جلد ختم ٿي ويندي آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو حڪيمن ڏانهن گھٽ اچن ٿا حڪيم پير بخش مطابق حيدرآباد ۾ ميڊيڪل سائنس جي جديد اسپتالن ٺهڻ باوجود به ماڻهو پري پري کان سندن وٽ علاج لاءِ اچن ٿا سندس موجب حيدرآباد ۾ 40 کان 50 حڪيم هوندا جيڪي هن حڪمت کي زنده رکيو ويٺا آهن.

حڪيم پير بخش جو والد به حڪيم هو، پنهنجي دور جي وڏن حڪيمن مان هڪ هو سندس نالو اڄ به علائقي ۾ مشهور آهي

هي ٻڌائي ٿو ته هيپاٽائيٽس، شگر، ٽي بي، فالج، گڙدي يا مساني ۾ پٿري جو علاج اڄ به ڪاميابي سان ڪيون ٿا ڄاڻايل بيمارين ۾ ورتل مريض پري پري کان سندن وٽ علاج لاءِ اچن ٿا آئون اها ڳاله دعوا سان ڪيان ٿو  ته اسان حڪيم ٽيسٽن جي نالي ته خرچ ناهيون ڪرائيندا، بس! نفس ڏسي بيماري کي سڃاڻون ٿا پر ميڊيڪل جا ڊاڪٽر مريض کي ٽيسٽن ۾ ئي مارائي ڇڏيندا آهن.

حڪيم منور شيخ لطيف آباد ۾ دوا خانو هلائي ٿو سندس چوڻ مطابق حڪمت دنيا جواهو واحد علاج جو طريقو آهي جنهن جي تاريخ خد انسان ذات جيتري پراڻي آهي اڄ جيڪي ماڻهو حڪيمن تي تنقيد ڪري رهيا آهن حڪيمن کي اڻپڙهيل جاهل چئي رهيا آهن اهي ٻڌائين ته لقمان حڪيم ڪهڙي يونيورسٽي مان پڙهيو هو؟ حڪيمن کي قدرتي ڪشف حاصل هوندو آهي هو مريض ڏسي بيماري ٻڌائيندا آهن باقي جيستائين ڳاله آهي حڪيمن ڏانهن ماڻهن جي گھٽ ٿيندڙ رجحان جي ته ان جو هڪ وڏو سبب سرڪاري سر پرستي ناهي سرڪار حڪمت تي توجه ڏيڻ بدران ٽيڪس جي لالچ ۾ ميڊيڪل کي ترجيح ڏئي رهي آهي سرڪار کي گھرجي ته هو حڪمت کي پنهنجي سرپرستي ۾ وٺي ۽ حڪيمن کي ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرائي ڏي ته جيئن طب يوناني جو هي قديمي علاج وارو طريقو ماضي وانگر اوج وٺي سگھي ڇو ته هن علاج جي طريقي ۾ ڪي به سائيڊ افيڪٽس نه هوندا آهن هي هڪ علاج جو بهترين طريقو آهي ۽ صحت جا عالمي ادارا به هن ديسي علاج ڏانهن راغب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن 

حڪيمن ڏانهن ماڻهن جو لاڙو ڇو گھٽيو آهي ان بابت ميڊيڪل سائنس جا ڊاڪٽر  ڇا ٿا چون؟

ڊاڪٽر بشير احمد انصاري چائلڊ اسپيشلسٽ

حڪيمن جي علاج جو طريقو تمام گهڻو پراڻو آهي ۽ علاج جو اهو طريقو ڪو غلط به ناهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ديسي علاج جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڇو نه ٿي وٺي.

ٽئڪس جي پئسن جي لالچ ۾ اچي ڪري ملڪ ۾ ميڊيڪل کي پير کوڙڻ ڏنا آهن جڏهن ته ميڊيڪل جي دوائن ۾ تمام گهڻا سائڊ افيڪٽ هوندا آهن، چائنا ۽ جرمني جهڙا ملڪ به پنهنجي دوائن کي اهميت ۽ اوليت ڏين ٿا. حڪيمن وٽ ڪي به ريسيرچ انسٽيٽيوٽ ناهن هو پنهنجون دوائون ته ٺاهن ٿا پر اهي دوائون جسم جي ڪهڙي حصي تي ڪيترو اثر ڪن ٿيون ان جي حڪيمن کي خبر ناهي ڇوته سندن وٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ناهن سڄي سنڌ ۾ هنن جي فقط هڪ “همدرد” يونيورسٽيءَ آهي.

ريسرچ نه هجڻ سبب دوا جي استعمال ۽ وزن بابت حڪيمن کي خبر ناهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪيمن جي دوا جي استعمال سان بيمار ماڻهو وري ڪنهن ٻي بيماري ۾ وٺجي وڃي ٿو تڏهن حڪيمن وٽ مريض نٿا وڃن ۽ حڪيمن به حڪمت ڇڏي ڏني آهي. سڄي حيدرآباد ۾ ٿورا ئي حڪيم بچيا آهن.

هڪ مريض کي گڙدي ۾ پٿري هئي حيدرآباد جي حڪيم کان وڃي علاج ڪرايائين حڪيم 15 ڏينهن جون  ڦڪيون ڏنس ڦڪين سان گڙدي جي پٿڙي ته ختم ٿي ويس پر انهن ڦڪين مريض جي ٻنهي گڙدن تي وڏو اثر ڪيو، مُنهن وارو حصو سُڄي ويو پوءِ مون وٽ آيو.

حڪومت کي گهرجي ته حڪيمن لاءِ به ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرائي انساني تاريخ جيتري پراڻي هن علاج جي طريقي مان فائدو حاصل ڪري نه ته علاج جو هي طريقو فنا ٿي ويندو، ڇو ته حڪيمن وٽ ريسرچ نه هجڻ سبب دوائن سان  ماڻهو جي جان خطري ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ ماڻهن هاڻ حڪيمن وٽ ذري گهٽ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي.





ڊاڪٽر محمد امين پليجو ( ايم بي بي ايس)

ميڊيڪل جي ترقي کانپوءِ حڪيمن ڏانهن ماڻهن جو رجحان گهٽ ٿي ويو آهي، ميڊيڪل جي دوائن جي تياري ۾ لڳي ويندا آهن ۽ دوا تيار ٿيڻ کان پوءِ ايف ڊي اي هڪ آمريڪي ايجنسي آهي اها اپروو ڪندي آهي ان کانپوءِ اها دوا مارڪيٽ ۾ آندي وڃي ٿي پر ان جي ڀيٽ ۾ حڪيم پاڻ ئي دوائون ٺاهن ٿا ۽ انهن تي ڪنهن به قسم جي ريسرچ نه هجڻ سبب انهن دوائن جي استعمال سان مريض ويتر بيمار ٿيو وڃن، ٻيو ته حڪيم ايترو پڙهيل ناهن. ماڻهن هاڻي اهو سڀ ڪجهه سمجهي ورتو آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو حڪيمن وٽ وڃڻ کان لنوائن ٿا.



ڊاڪٽر آفتاب احمد جمالي

حڪيمن وٽ ماڻهن جو لاڙو گهٽ ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن انهن سببن کي بيان ڪرڻ لاءِ ايترو وقت ناهي، مان اوهان کي مختصر ٻڌائيندو هلان ته حڪيم پراڻن نسخن تي هلن ٿا مطلب هڪ مفروضي يا اندازي تي، پراڻي زماني م ميڊيڪل نه هجڻ سبب ماڻهن جو علاج حڪيم ڪندا هئا. پر جيئن جيئن دنيا جديديت ڏانهن وڌڻ لڳي تيئن نئين بيمارين ۽ وائرسن اچي ديرو ڄمايو.

هاڻي انهن بيمارين ۽ وائرسن بابت حڪيمن کي ڪا خبر ئي ناهي ته هو انهن جي خاتمي لاءِ مريضن کي ڪهڙي ٽريٽ مينٽ ڏيندا؟ جڏهن ته اوهان حڪيمن کان پڇندؤ ته نيگيليريا، ايبوليا ۽ ٻين نون بيمارين بابت حڪيمن وٽ ڪو جواب ئي نه هوندو ته ان صورتحال ۾ حڪيمن ڏانهن مريضن جو لاڙو گهٽ نه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿئي؟ ميڊيڪل سائنس جي ترقي ئي حڪيمن جي ڌنڌي کي نقصان پهچايو آهي، ميڊيڪل سائنس ريسرچ جي ڊپينڊ ڪري ٿي، جيڪي نيون بيماريون وجود ۾ اچن ٿيون ته فوري طور تي انهن جي حل لاءِ ريسرچ ڪري اينٽي ڊوز تيار ڪيا وڃن ٿا. حڪيمن جي حڪمت جيڪا آڳاٽي زماني ۾ هلي هڻ نه هلندي ڇو ته ان وقت ميڊيڪل سائنس ايتري اپڊيٽ نه هئي توهان ڏسو ته اسان جو ماحول ڪيترو آلوده ٿي ويو آهي ۽ اسان جي ماحول م تمام گهڻن وائرسن اچي جاءِ والاري آهي، ميڊيڪل سائنس جون سڄي دنيا ۾ يونيورسٽيون آهن ۽ هن ڊپارٽمينٽ ۾ هر ڪم ريسرچ جي بنياد تي ٿئي ٿو ۽ ان ريسرچ جو اهو فائدو ٿيو جو نون بيمارين جو حل نڪتو.


This practical work was carried out under Supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment