Saturday, November 21, 2015

Roshni ka safar by Asad Ali

Asad Ali has written this piece, if any one can add some important thing
 اسدعلی   (روشنی میں کام کرنے کا تجربہ)           رول نمبر2k13/MC/17
       روشنی کا سفر
ھفت روزہ روشنی جامعہ سندھ شعبہ ابلاغ عامہ کی لیبارٹری اشاعت ہے، جس کا مقصد بی ایس سال سوئم اور ایم اے پریوئیس کے طلباءمیں پیشہ ورانہ اور عملی تربیت دینا ہے ۔

    ہمارا روشنی کا سفر بھی گہرے سمندر میں ہچکولے کھاتی کشتی کی مانند شروع ہوا،روشنی تین زبانوں پر مشتمل اخبار ہے، طلباءکو مکمل آزادی حاصل ہے کہ وہ جس زبان میں دلچسپی رکھتے ہیں اس کا انتخاب کریں۔ 5 سے6 طلباءپر مشتمل ایڈیٹوریل بورڈ تشکیل دئیے جاتے ہیںاور دیگر طلباءکو جامعہ کے مختلف شعبہ جات کی رپورٹنگ کے لئے یعنی رپورٹر مختص کیا جاتا ہے۔ چونکہ یہ ایک ہفتہ وارشائع ہونے والی اخبار ہے تو لہذا تمام کام ہفتے میں مکمل کرنے کی تمام تر ذمہ داری طلباءپر عائد ہوتی ہے، کہ وہ تمام کام وقت پر ترتیب دےں۔

   رپورٹنگ کا تجربہ کافی دلچسپ اور کارآمد رہا۔ رپورٹنگ لے لئے بدھ کا دن مختص ہوتاہے، جس دن تمام رپورٹر دیئے گئے شعبہ جات سے خبریں عینی بیٹ رپورٹس لے آتے ہیں۔ رپورٹنگ فیلڈ ورک ہے جو کہ ذرا مختلف نوعیت کا کام ہے۔ہم جس شعبہ میں جارہے ہوں ہمیں اس کے بارے میں بنیادی معلومات ہونی چاہئے،جب ہم شعبہ میں قدم رکھتے ہیں تو ایک سوال گردن اٹھائے کھڑا ہوتاہے کہ بھائی رپورٹ لینے آئے ہو لوگے کس سے؟ یہ سوال ہمارے لئے پریشانی کا باعث تھا۔ مگر اب نہیں کیونکہ جب ہم ایک دو دفعہ رپورٹ حاصل کرنے گئے تو ہمیں اندازہ ہوگیا کہ معلومات کہاں سے ملیں گی،جسے ہم ذرائع کہتے ہیں وہ ذرائع کوئی بھی ہوسکتاہے۔ایک طالب علم سے لے کر استادیا پھر ڈائریکڑ،چیئر مین سے،خبر کے بارے میں معلومات حاصل کرتے وقت اپنی آنکھیں اور کان کھلے رکھیںجو اکثر اوقات ہمارے بند ہواکرتے تھے جس کے باعث ہمیں دوبارہ شعبہ کی جانب دوڑ لگانی پڑتی تھی۔خبر سے جوڑے تمام سوالات کب ،کیوں، کیسے،کہاں کے جوابات حاصل کرنا رپورٹر کی ذمہ داری ہے تا کہ خبر مکمل اور معنی خیز ثابت ہو۔ معلومات کو خبر کا روپ دینا اور سر سے تصدیق کرواکر ایڈیٹرکے سپرد کرنا رپورٹر کی ذمہ داری ہے۔

  ایڈیٹوریل بورڈ میں کا م کرنے کا تجربہ نہایت دلچسپ اور سیکھنے والا ثابت ہوا، ابتداءمیں ریل کے ڈبے یعنی ہم کئی بار پٹری سے اترے لیکن پھر آہستہ آہستہ یہ ڈبے پٹریوں پر چل دوڑے، جس طرح ٹرین وقت پر اسٹیشن پہنچنے کی پابند ہے ٹھیک اسی طرح اخبار کا وقت پر شائع ہونا بھی لازم ہے۔ ایڈیٹوریل بورڈ میں اخبار میں شائع ہو نے والے مضامین کے انتخاب سے لے کر خبروں تک کی ذمہ داری ہم پر عائد ہوتی تھی،ہم میں سے کچھ لوگ خبروں کا میک اپ یعنی ایڈیٹنگ کرکے اپنے جوہر دکھاتے تو کچھ شائع ہونے والے مضامین کی ڈیکوریشن (ایڈیٹنگ)کرتے۔یہ تمام کام ہمیںاتوارشام سر کو میل کرنا ہوتا تھا۔ اس کام میں کبھی انٹرنیٹ سروس ہمارے راستے کا کانٹا بنی تو کبھی بجلی کی آنکھ مچولی نے ہمیں پریشان کیا۔ایڈیٹوریل بورڈ ٹیم ورک ہے یہ اس وقت تک بہتر انداز میں کام نہیں کرسکتا جب تک بورڈ کے تمام ممبران اور ممبران کے سر کے ساتھ رابطے نہ ہوں۔اس لئے ایڈیٹرز کی آپس میں ہم آہنگی ضروری ہے جس کے مثبت نتائج حاصل ہوں گے۔

ہمیں اکثر اوقات خبروں کے حوالے سے مشکلات کا سامنا کرنا پڑاکیونکہ خبروں کی اہمیت ایسے ہی ہے جیسے بندوق کے لئے گولی کی،اگر گولی نہ ہو تو بندوق نہیں چلتی اور خبر نہ ہوتو اخبار نہیں چلتا،لہذا ایڈیٹرزکو چاہئے کہ وہ اپنے رپورٹرز کی ہر ممکن مدد کریں تاکہ زیادہ سے زیادہ خبریں حاصل ہوں،یہ کچھ اہم دشواریاں تھیں جو ہمارے راستے کی رکاوٹ بنیں۔

    اس سفر کے دوران ہم سے کئی غلطیاں ہوئیں لیکن ان غلطیوں سے ہمیں بہت کچھ سیکھنے کو ملا،ہم نہایت مشکور ہیں کہ ہمارے اساتذہ نے ہمیں پیشہ ورانہ صلاحیتوں کو سیکھنے کا پلیٹ فارم مہیا کیااور ان تمام اساتذہ کا بھی شکریہ ادا کرنا چاہیں گے جنہوں نے لیبارٹری میں اپنے ہر ممکن تعاون کے ذریعے ہماری مشکلات کو اسان بنایا۔
    

Profile - Amar Fayaz by Shahnawaz Khaskheli

 Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
امر فياض ٻرڙو
( پروفائيل)
شاھنواز خاصخیلی

ڪڏهن زندگي ۾ اهڙا لمحا ايندا آهن جو ماڻهو چڪرائجي ويندو آهي ۽ هن جي سوچ جي سڄي ڌارا تبديل ٿي ويندي آهي، ڪي ڪي شيون فوري طور انسان جي دماغ کي هٽڪنديون آهن ۽ ماڻهو هڪ نئين جنون سان نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪندو آهي، ڪرندڙ صوف ڏسي نيوٽن جي زندگي جي ڌارا ئي بدلجي وئي ۽ ان سخت ۽ اڻٿڪ محنت ڪرر فزڪس جا لا آف موشن کان سواءِ ڪيترائي لا متعارف ڪرائي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو، اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نيوٽن کان بغير فزڪس جو عمل اڌورو ڇا بلڪه نامڪمل سمجهيو ويندو آهي، ائين پاڪستان ۾ به اهڙيون شخصيتون موجود آهن جيڪي دنيا جي جدت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ مصروف آهن،

 دنيا کي ٽيڪنالاجي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي، جديد دور ۾ جتي ڪيتريون ئي شيون  هٿن مان نڪري ڪمپيوٽر تي منتقل ٿي ويون آهن اتي پوري دنيا جا ماڻهو هن ٽيڪنالاجي واري ڊوڙ ۾ پنهنجي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي منتقل ڪري رهيا آهن، ڇو جو ٻولي جي وجود کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍي ئي بچائي سگهجي ٿو،  سنڌي ٻولي کي بچائڻ ۾ جتي سنڌ لئنگويج اٿارٽي سميت مخلتف ادارا ٻولي جي بقا لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن اتي سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ ليپ ٽاپ ۾ اکيون کپائي ويٺل امر فياض ٻرڙو ايندڙ وقت کي ڏسي سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، يقينن امر فياض ٻرڙو جو جنون کيس ڪامياب ڪندو،

امر فياض ٻرڙو  هڪ ڊسمبر 1967ع تي ڳوٺ ڏانيو ٻرڙو ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان وڻن هيٺيان ويهندي حاصل ڪئي، مئٽرڪ ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي، هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان  مڪنيڪل مان ڊپلوما انجنيئرنگ ڪئي، ڊپلوما دوران امر فياض ٽيوشن به پڙهائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي انائونسر ۽ ڪمپيئر پڻ هو، بقول امر فياض جي  ته هن ننڍي هوندي کان ليبر طور ڪم ڪيو آهي، ڊپلوما ڪرڻ جي ڏيڍ سال بعد هن ڪميشن  ڏني ۽ کيس پاڪستان ريلوي ۾ اسسٽنٽ فورمين جي نوڪري ملي، ڇهن سالن ۾  امر فياض پرموٽ ٿيندي ٿيندي سترهين گريڊ تائين پهتو، امر فياض رشوت نه وٺڻ سبب دٻاءُ پوڻ ڪري هن  نوڪري تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي.  جنهن بعد امر فياض ڊبليو ٽي او جي  انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزر جوائن ڪري ڪينڊا هليو ويو،  ٽن سالن جي نوڪري بعد استيفيٰ ڏئي ڇڏي،  جنهن بعد هن يونائيٽيڊ نيشن ۾ ڪميونيڪشن آفيسر طور جوائن ڪيو، ان دوران هن شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سوشالاجي ڪئي،

 اسلام آباد جي هڪ پروگرام ۾ انگريز امر فياض جي زندگي جو رخ مٽي ڇڏيو، انگريز کيس چيو ته اوهان وٽ ڪو لئنگويج انجنئير  ناهي، اوهان ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي ٻولي کي ڇو ٿا ماريو، امر فياض ان انگريز کي پنهنجو استاد مڃي ٿو، امر فياض ٻڌايو ته انگريز کيس طعنو ڏيندي چيو ته يونيوسٽين کان وٺي آفيسن تائين اوهان چوري جا ونڊوز ٿا هلايو تنهنڪري اوهان کي قدر ناهي، ان بعد امر فياض يونائيٽيڊ نيشن جي نوڪري تان استيفيٰ ڏئي پنهنجي سڄي ذهني قوت ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي، پاڻ وٽ گڏ ڪيل ڪجهه لک گهروارن کي ڏئي ڇڏيا ته گهر هلايو ۽ پاڻ گوشه نشين ٿي ويو،

 سندي فارم تي ٻن ڪمپيوٽرن ۽ هڪ ليپ ٽاپ سان هن ٻولي تي ڪم شروع ڪيو ۽ ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ شروع ڪيو، سڀ کان پهريان امر فياض اردو جي پهريون ٽيڪسٽ بيسڊ پروگرام امر نصالحيف جي اسلام آباد ۾ نمائش ڪئي، امر فياض سڀني ٻولين کي کڻي ورسٽائيل پروگرام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وقت امر فياض سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ انفارميشن ٽينڪنالاجي اسپيلشسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي، هيئنر تائين پاڻ ۽ سندس ٽيم پرنٽ ميڊيا جي ڊڪشنري کان وٺي يارنهن مختلف ڊڪشنرين جي موبائيل ايپ متعارف ڪرائي چڪا آهن،

 امر فياض ٻڌائي ٿو ته ڊسمبر ۾ سنڌي جي امجينو ٽائپ لئنگويج پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون، ان کان علاوه ڪيترائي چئينلج آهن، موجوده وقت ۾ امر فياض مائيڪرسافٽ سميت فيسبڪ جو ڪور ميمبر آهي، امر فياض کي محسن اردو سميت ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن، مڪينڪل ڊپلوما ڪندڙ امر فياض کي جنون لئنگويج انجنيئر بڻائي ڇڏيو، امر فياض مستقبل ۾ سنڌي کي مڪمل طور ڪمپيوٽنگ سان ڳنڍڻ لاءِ گوگل تي سنڌي سميت ڪيترائي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، اميد آهي ته سندس اهي ڪوششون ڪامياب وينديون ۽ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ سان ڳنڍجي تحفظ حاصل ڪري وٺندي ۽ جدت جي ڌاري ۾ اچي ويندي.                                                                                            
Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year) Improver ( 1st year 2nd semester )

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Illegal water business in Hyderabad

Un edited Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
شاھنواز خاصخیلی

 منرل واٽر جو غيرقانوني ڪاروبار 

تحقيقاتي رپورٽ

 حيدرآباد ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي نالي تي سوين ڪوڙيون ۽ غيرقانوني اڪمپنيون مضر صحت پاڻي فراهم ڪرڻ لڳيون، شهر جي هر هنڌ تي ڪلين واٽر فلٽر پلانٽ کليل، 95 سيڪڙو اڻ رجسٽرڊ ۽  ان سرٽيفائيڊ، ماڻهن گهرن، پاڙن ۽ مخلتف هنڌن تي هٿرادو فلٽر پلانٽ لڳائي ڇڏيا، مضر صحت پاڻي جو وڪرو جاري،  ننڍو پلانٽ هڪ لک کان ٽي لک ۽ وڏو پلانٽ ويهه کان پنجاهه لک ۾ لڳي ٿو،  ڪيترين ئي جعلي نالن تي ڪمپنيون هلندڙ،  پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي رجسٽرڊ ڪمپنين جي بوتلن ۽ ڪينن ۾ هٿرادو  منرل واٽر جي ڪمپنين جو مضر صحت پاڻي وجهي کپايو پيو وڃي، اسپتالن ۾ اڪثر جعلي ڪمپنين جون منرل واٽر بوتلون پيل، هٿرادو فلٽر پلانٽن ۾ پاڻي مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ جو ڪو نظام ناهي، اڪثر پلانٽ اصولن جي ابتڙ هنڌن تي قائم ، ڪيترائي ماڻهو گڙدن، ڪاري سائي ۽ اسڪن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا
  
  حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي نالي تي سوين غيرقانوني ڪمپنيون کليل،  مضر صحت پاڻي واپرائڻ سبب انساني صحت داءِ تي لڳل

 حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ماڻهن گهرن اندر فلٽر پلانٽ لڳائي غيرقانوني طور صاف پاڻي جي نالي مضر صحت پاڻي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد شهر جي جر جو پاڻي مٺو نه هئڻ ۽ واٽر سپلاءِ  جو پاڻي صاف نه هئڻ سبب شهر جي نوي سيڪڙو کان مٿي آبادي دڪانن،  جرنل اسٽون ۽ مخلتف ڪمپنين کان پاڻي خريد ڪري واپرائيندي آهي،  جڏهن ته منرل واٽر جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي رجسٽرڊ ڪمپنين مثلا نيسلي، اڪوائفينا، پيور ۽ ڪلين سميت ٻين ڪمپنين جي ڪينن ۽ بوتلن ۾ مضر صحت پاڻي وجهي شهر ۾ کپائي رهيا آهن ، ان کان علاوه شهر جي مخلتف گهرن، پاڙن ۽ ڪرائي تي جڳهيون وٺي اتي ڪلين ڊرڪنگ واٽر جي نالي تي غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ ڪمپنيون کولي غيرقانوني طور پاڻي واپرائي رهيا آهن 

 حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گوڊ لائيف، زيرو، ميرائين، پيورلي، فريش واٽر، موم، اليا،  پيور ڪول، اورئيل، سيف ۽ نيچرل سميت سوين جعلي نالي سان غير قانوني ڪمپنيون پاڻي کپائي رهيون آهن، پاڻي کي سائٽينفيڪ طريقي سان صاف نه ڪرڻ سبب ان پاڻي ۾ جراثيم ۽ بيڪٽريا رهجي ٿا وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي پاڻي واپرائيندڙ ڪاري سائي، گڙدن ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن انتظاميا توڙي وزارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ماتحت صاف پاڻي جي ڪمپنين کي مانيٽر ڪندڙ اداري پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ان تي ڪو به قدم نه کنيو آهي ،

  حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي هزارين اهڙيون غيرقانوني ڪمپنيون ۽ فلٽر پلانٽ لڳل آهن جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن،  پلانٽ  کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي لاڳو ڪيل قانونن جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهن،  عام طور ملندڙ سلينڊرن ، فلٽرن ۽ پاڻي جي وڏين ٽينڪن کي خريد ڪري پلانٽ لڳايو وڃي ٿو، ننڍي پلانٽ جو خرچ هڪ لک کا ن ٽي لک ۽ وڏي پلانٽ جو خرچ ويهه پنجاهه لک رپيا آهي. جڏهن ماڻهو رجسٽرڊ ڪمپنين جو پاڻي مهانگو هجڻ ڪري خريدڻ کان لاچار آهن۽  مقامي طور تيار ٿيندڙ پاڻي سستو آهي، رجسٽرڊ ڪمپني جو 19 ليٽر وارو ڪين 70 کان 90 رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي جڏهن ته غيرقانوني منرل واٽر فلٽر پلانٽن جي پاڻي جو 19 ليٽر واري ڪين 20 کان چاليهه رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب ماڻهو سستو پاڻي خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا

  اسپتالن، بس اسٽاپن ۽ تفريحي هنڌن تي نقلي پاڻي جو وڪرو  
  حيدرآباد جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن، بس اسٽاپن ۽ تفريحي جاين تي منرل واٽر جي نالي تي نقلي پاڻي جو وڪرو عروج تي آهي،  اڪثر هنڌن تي نمل، نيچر، لائيف ۽ ڪلين واٽر جي نالي تي غيرقانوني پاڻي جون بوتلون وڪرو ٿيندي نظر اچن ٿيون، جيڪي اڪثر ڪري جي پاڻي کي ڪڍي انهن بوتلن ۾ ڀري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، سندس ذائقو پڻ ڪڙو هوندو آهي

 لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ غيرقانوني فلٽرپلانٽ لڳل 
                                                                                                      لطيف آباد ۽ قاسم آباد غير قانوني منرل واٽر ڪاروبار جا مک مرڪز بڻيل آهن، ٻنهي علائقن ۾ سون جي تعداد ۾ غيرقانوني پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ لڳل آهن، جڏهن انهن ٻنهي علائقن مان ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾  پاڻي جون بوتلون ۽ ڪين سپلاءِ ڪيا وڃن. ٻنهي علائقن جي غريب آبادي اهو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي 

  پلانٽ پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول قانون جي ابتڙ ڪم ڪندڙ                                                                                                                                      منرل واٽر توڙي فوڊ جي نگراني ڪندڙ ۽ انهن جي ڪمپنين کي  لائسنس جاري ڪندڙ پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ماتحت اداري جي قانون تحت پاڻي صاف ڪرڻ وارو پلانٽ مٽي ۽ دز کان محفوظ هجي، پاڻي جي باقائدگي سان ريفرشنگ ٿيندي هجي ۽ پاڻي مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ لاءِ ڪيمڪيل ڊوز استعمال ڪيا وڃن پر اڪثر پاڻي وارا پلانٽ  روڊن ڀرسان هجڻ ڪري اتي مٽي ۽ دز مسلسل ايندي رهي ٿي ۽ اڪثر پلانٽن ۾ صفائي جو به باقائده نظام ناهي

 غيرقانوني پاڻي جي وڪري ۾ مافيائون ملوث 
  غيرقانوني صاف پاڻي جي وڪري ۾ اڪثر سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ مقامي طور بااثر ماڻهن ملوث آهن، جن خلاف انتظاميا ڪارروائي کان بيوس نظر اچي ٿي، ان ڏس ۾ هڪ انتظامي عملدار ٻڌايو ته هن هڪ پلانٽ تي ڇاپو هنيو جيڪو هن جي معطلي جو سبب بڻجي ويو، جنهن بعد ڪو به اعليٰ توڙي انتظامي عملدار ان معاملي ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. ان مافيا ۾ گهٽي جي دڪاندار کان وٺي اعليٰ شخصيتون شامل آهن.  

 اڪثر پلانٽن تي گريجوئيٽ نوجوان ڪم ڪندڙ

 حيدرآباد جي اڪثر پلانٽن تي يونيورسٽين جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ نوجوان ڪم ڪندڙ  لطيف آباد جي پلانٽ تي ڪم ڪندڙ نوجوان ٻڌايو ته هن سنڌ يونيورسٽي مان پبلڪ رليشن  ۾  بيچلر ڪئي جڏهن ته بيروزگاري سبب هن هي ڪاروبار شروع ڪيو آهي، شروعاتي طور هن پلانٽ تي ٻه لک رپيا خرچ ڪيو آهي سندس چوڻ ته في الحال هو پنهنجا پئسا ڀري پيو پر ڪاروبار هلي پيو ته منافعي بخش آهي،  جڏهن ته قاسم آباد ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪيل ٻن نوجوانن پلانٽ لڳائي ڪاروبار شروع ڪيو آهي، سندس چوڻ ته پوليٽيڪل سائنس جو اسڪوپ نه هئڻ سبب هنن ڪاروبار شروع ڪيو آهي ۽ ڪاروبار نوڪري کان بهتر آهي
  
 اڪثر پلانٽن تي  لمس جي واٽر اينڊ ڪوالٽي شعبي جو سرٽيفڪيٽ ٽنگيل
                                                                                                                     لمس يونيورسٽي جو شعبو واٽر اينڊ ڪوالٽي جيڪو مفت ۾ پاڻي جي چڪاس ڪري  ماڻهن کي معلومات ڏيندو آهي ته هي پاڻي پيئڻ جي قابل آهي يا نه، جڏهن ته رجسٽرڊ ڪرڻ سندس اختيار ۾ ناهي، اڪثر پلانٽن تي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ لمس جي انهيءِ شعبي جو سرٽفيڪيٽ ٽنگيل هوندو آهي يا وري ماڻهن کي اهو ڏيکاريندا آهن.
                                                                            
 اڪثر پلانٽن تي پراڻا فلٽر لڳل، ڪارٽيج به ساڳيا

  حيدرآباد جي انهن غيرقانوني پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن تي پراڻا فلٽر لڳل آهن جڏهن  ته ڪيترن  ئي فلٽر جي ڪارٽيج به تبديل نٿي ڪئي وڃي جيڪا اصولن تحت هڪ مقرر مقدار ۾ پاڻي ڪڍڻ بعد تبديل ڪبي آهي، جڏهن ته ريور پاڻي کي صرف صاف ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم  نٿا ڪيا وڃن، جڏهن ته جر جي پاڻي مان سنکيو جي مقدار به گهٽائي نه ٿي وڃي، عام طور تي جر جي پاڻي ۾ سنکيو 12 سئو کان 17 سئو ٽي پي ايس تائين سنکيو ملي ٿو، جنهن کي گهٽائي ٽي کان چار سئو تائين آندو ويندو آهي پر ايئن نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته واٽر کي ريفرش ڪندڙ  واٽر وائيلٽر يا ته ناڪاره بڻيل آهن يا ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو جواز ڄاڻائي انهن کي بند رکيو ويندو آهي جنهن سبب پاڻي صرف صاف ٿي ٻاهر ايندو آهي، جڏهن ته ان بيڪٽريا ۽ جراثيم موجود هوندا آهن 

 عوامي جاڳرتا ۽ حڪومت طرفان ڪا به مهم نه هلائڻ 

 حيدرآباد جي ڪيترن ئي شهرين کي خبر ئي ناهي ته منرل واٽر جي ڪاروبار تي نظرثاني ڪندڙ به ڪو ادارو آهي ۽ انهن ئي اها به خبر ناهي ته ان پاڻي واپرائڻ سان ڪهڙا هاڃيڪار اثر پون ٿا، عوامي جاڳرتا نه هجڻ ۽ حڪومت طرفان عوامي جاڳرتا لاءِ ڪا به مهم نه هلائڻ سبب ماڻهن کي خبر به نه آهي ته اهو پاڻي سندن صحت لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار آهي، جڏهن ته جاڳرتا نه هجڻ سبب حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ چمڙي جي بيماري جا مريض عام جام ملن ٿا 

Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year) Improver ( 1st year 2nd semester )    
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi  

Sanghar: Rich in natural resources but poor


Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
قدرتي وسيلن سان مالا مال کنڊر بڻيل سانگهڙ ضلعو

تحقيقاتي رپورٽ

قدرتي وسيلن سان مالا مال سانگهڙ ضلعو کنڊر بڻجي ويو، ضلعو موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳو،  20 سيڪڙو کان مٿي گئس مهيا ڪندڙ ۽ تيل جي ذخيرن سان مالامال ضلعي جا 75 سيڪڙو ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ لڳا، تيل ڳوليندڙ 50 کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين ۾ اڪثر ڌاريا ڀرتي ٿيل، مقامي ماڻهن کي صرف ليبر طور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ضلعي جي نوجوانن جا ڏنل ڪاغذ ڊسٽ بين حوالي، ضلعي ڏانهن ايندڙ ويندڙ هر روڊ ٽٽل، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال دل جي وارڊ، گڙدن جي وارڊ ۽ ٻين وارڊن کان وانجهيل، مقامي سياسي اڳواڻن جي ماهانه منٿلي مقرر ٿيل، ضلعي جي چونڊيل نمائنده جون ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ٿيل. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ  

                                                                                                             سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان مالامال سنڌ جي امير ضلعي سانگهڙ جا  75 سيڪڙو  ماڻهو انتهائي غربت جي زندگي گزاري رهيا آهن، ضلعي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري ضلعو موئن جو دڙو جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، ضلعي ڏانهن ايندڙ ويندڙ هر روڊ ميرپورخاص_سانگهڙ روڊ، نوابشاهه _سانگهڙ روڊ، شهدادپور_سانگهڙ روڊ، ۽ ٽنڊآدم_ سانگهڙ روڊ سميت جو ضلعي جا سڀئي ننڍا وڏا 
روڊ توڙي لنڪ روڊ تباهه بڻجي ويا آهن جنهن سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن ، 

هڪ رپورٽ موجب سانگهڙ ضلعي اندر گذريل ٽن سالن ۾  ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيا جن مان 50  کان مٿي فوري طبي سهولتون نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويا، ضلعي جي 75 سيڪڙو کان مٿي آبادي انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته  ضلعي اندر تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳوليندڙ 50 کان مٿي ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين ۾ وڏي تعداد ۾ ڌاريا ڀرتي ڪري مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. 

 مقامي ماڻهن کي صرف ليبر طور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ضلعي جي ٻن مک گئس پلانٽن ٻوٻي آئل اينڊ گئس پلانٽ ۽ رواتياڻي آئل اينڊ گئس پلانٽ ۾ پيش امام به ٻين صوبن جا ڀرتي ٿيل آهن،  جڏهن مقامي نوجوان طرفان ڏنل ڪاغذن کي ڊسٽ بن ۾ اڇلايو ويندو آهي، ان کان علاوه انهن ڪمپنيون ضلعي ۾ ترقياتي ڪم به نٿيون ڪرائين، ضلعي جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال  ۾ دل ۽ گڙدن جو وارڊ ناهي جنهن سبب ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر  ٿيڻ کان پهريان ئي فوت ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ڪمپنين معاهدي تحت ضلعي اندر نه ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو آهي نه ئي تعليم ۽ صحت  جي بهتري لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون آهن،

 ضلعي جي چونڊيل نمائنده، مقامي وڏيرن ۽ ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ سبب ضلعي جي حالت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندي پئي وڃي، ضلعي جي چونڊيل نمائنده جون انهن ڪمپنين ۾ ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ٿيل آهن جن جي ماهانه رقم باقائدگي سان انهن جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي، جڏهن ته مقامي وڏيرن جون پڻ منٿليون مقرر ٿيل آهن جيڪي ڪمپنيون انهن کي ادا ڪنديون آهن، ٻئي طرف سانگهڙ بار جي عهديدران پاران ڪمپنين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن جي داخل ڪئي وئي هئي جن  جي لاڳيتو ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو هو ته ڪمپنيون معاهدي موجب ضلعي ۾ ڪم ڪري رپورٽ پيش ڪن، سانگهڙ ضلعي جي اهڙي ابتر صورتحال تي سپريم ڪورٽ انتهائي سخت ريمارڪس ڏنا هئا 
   اي پي ڪمپنيون ڪيتري ئي عرصي تائين پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ جي ڀڃڪڙي ڪنديون رهيون، معاهدي تحت کين ضلعي اندر مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، ماحولياتي آلودگي روڪڻ سميت طئي شده رقم اسپتالن، اسڪولن ۽ روڊن رستن جي مرمت تي خرچ ڪرڻي هئي،     

 تيل ڳوليندڙ ڪمپنيون جن کي اي پي چئجي ٿو اهي ڪيتري ئي عرصي تائين پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ جي ڀڇڪڙي ڪنديون رهيون،  تيل ڳوليندڙ  ۽ تيل پيدا ڪرڻ واري ڪمپنين کي حڪومت سان  طئي ٿيل معاهدي ( پي سي اي ) تحت ڪمپنين کي تيل ۽ گئس وارن علائقن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، ماحولياتي آلودگي روڪڻ ، گئس جون سهولتون مهيا ڪرڻ سميت طئي شده رقم اسڪولن ۽ اسپتالن جي بهتري سميت روڊن ۽ رستن جي تعمير تي خرچ ڪرڻي هئي پر ڪمپنيون ڪيتري ئي عرصي تائين انهي معاهدي ڪمپنين جي ڀڇڪڙي ڪنديون رهيون 

 چيف جسٽس جي ٽنڊوآدم بار ڪائونسل آمد وقت بار جي صدر عبدالحڪيم کوسو خطاب ۾ ڪمپنين جي ڏاڍ کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو، جنهن خطاب جي نقل ڪاپي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري شعبي کي موڪلي ۽ پوءِ  ٻڌڻيون شروع ٿيون،

سپريم ڪورٽ ۾ سانگهڙ جي بدحالي ۽ ڪمپنين پاران معاهدي تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي شروعات 10 آڪٽوبر 2013 کان ٿي، ٽنڊوآدم بار ڪائونسل جي حلف برادري تقريب ۾ چيف جسٽس پڻ آيو هو، حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي بار ڪائونسل جي صدر عبدالحڪيم کوسو ضلعي جي حالت ۽ ڪمپنين پاران ٿيندڙ زيادتين کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد چيف جسٽس ان خطاب جي ڪاپي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري شعبي کي موڪلي جنهن تحت ڪيس نمبر 13371 داخل ٿيو ۽ ڪمپنين کان وضاحتون طلب ڪيون ويون ، جنهن تي او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين ڪمپنين وضاحتون ڏنيون پر اهي تسلي جوڳيون قرار نه ڏنيون ويون، جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي آرٽيڪل (3) 184 تحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪيس جي باقائده ٻڌڻيون شروع ڪيون ويون، ڪجهه ٻڌڻيون اسلام آباد ۾ ، 19 سيپٽمبر 2013 ۾ ڪراچي سپريم ڪورٽ ۾ ۽ آخري ٻڌڻي 28 آڪٽوبر 2013 تي ڪراچي ۾ جسٽس جواد ايس خواجه، جسٽس خلجي عارف حسين ۽ جسٽس گلزار  تي ٻل ٽي رڪني بئنچ ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو، فيصلو جسٽس جواد ايس خواجه لکيو   

 آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت بنيادي ڄاڻ تائين رسائي، اي پي ڪمپنين پاران فلاحي فنڊ جي گڏڻ ڪر ڻ، نگراني ۽ انهن جو مفيد استعمال يقيني بڻايو وڃي، هر ڇهن  مهينن بعد کليل ڪچهريون منعقد ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ جو فيصلو 
                                                                                             
 سپريم ڪورٽ سانگهڙ گئس اينڊ آئل ڪمپنين جي ڪيس جو فيصلو ڏيندي چيو هو  ته آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت معلومات تائين پهچ جي بنيادي حق جي طريقڪار مطابق اي اينڊ پي ڪمپنينز ذريعي گڏ ٿيندڙ فلاحي ۽ سماجي فنڊن جي نگراني ۽ انهن جي مفيد استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، مقامي ضلعي حڪومت کي انهن ۾ ضرور شروع شامل ڪيو وڃي، خصوصي طور هر ڇهن مهينن ۾ کليل ڪچهريون ڪرايون وڃن ۽ عوام کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي دعوت ڏني وڃي، ڊائريڪٽر پي اي کي هدايت ڏني وئي ته حاصل ٿيندڙ رقمن جي جامع رپورٽ ٺاهي وڃي،
 ضلعي جي ترقي لاءِ جوڙيل پروڊڪشن ڪاميٽي به سياسي اختلافن جي ور چڙهيل، هر چونڊيل نمائنده ڪمپنين پاران ڏنل ترقياتي فنڊ پنهنجي علائقي ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل 
      سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ڪمپنين جي ڏنل فنڊن تي ترقياتي ڪم ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ پروڊڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن جو ڪنوينر ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين پ پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو کي ٺاهيو ويو، ڪاميٽي ۾  فنڪشنل ليگ  ۽ پيپلزپارٽي جا ٽي ٽي ايم،پي،ايز رکيا ويا، پر اها ڪاميٽي به سياسي اختلافن جي ور چڙهي وئي ۽ هر چونڊيل نمائنده ترقياتي فنڊ پنهنجن علائقن ۾ استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي جنهن ڪري فنڊن جي صحيح استعمال تي پڻ خدشا موجود آهن.                                             
  ويهه لک آبادي واري ضلعي جي اسي سڪيڙو آبادي صاف پاڻي کان محروم، 68 يوسيز مان صرف 20 يوسيز ۾ فلٽر پلانٽ لڳل، اڌ کان وڌيڪ فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻيل، 
  ويهه لک کان مٿي آبادي واري ضلعي سانگهڙ  جي اسي سيڪڙو آبادي صاف پاڻي کان محروم، اسي سيڪڙو آبادي واٽر سپلاءِ جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور، واٽر سپلاءِ به ويهه کان پنجهويه سال پراڻا، جڏهن ته ضلعي جي 68 يوسيز مان صرف 20 يوسيز ۾ فلٽر پلانٽ لڳل آهن جن مان اڌ کان وڌيڪ ناڪاره بڻيل آهن  

 ضلعي جا چار سئو کان مٿي پرائمري اسڪول بند، 11 هائير سڪينڊري اسڪولن مان 8  جي ايس،اين ،اي منظور نه ٿي، عمارتون موجود،اسٽاف اڻلڀ، ويهه لک آبادي لاءِ چار تعلقي اسپتال ۽ ڇهه رورل هيلٿ سينٽر موجود، اڪثر اسپتالن م ايڪسري جي سهولت ناهي. 
  سانگهڙ ضلعي ۾ چا سئو کان مٿي پرائمري ۽ مڊل اسڪول بند ٿيل آهن، جن مان ڪجهه وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا بڻيل آهن، 11 هائير سيڪنڊري گرلز اينڊ بوائز اسڪولن مان 8 اسڪولن جي ايس  اين اي سالن کان منظور نه ٿي، ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل عمارتون اسٽاف نه هئڻ ڪري زبون حال بڻجي ويون، جڏهن ته  هائير سڪينڊري جا استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري ضلعي جي ڏهه هزارن کان مٿي شاگردن جي تعليم  ڪيترن ئي سالن کان داءِ تي لڳل آهي، مٿئين ڪلاس جا ٻار پرائيويٽ ٽيوشن سينٽرن تي داخلا وٺي اڳتي نڪري وڃن ٿا جڏهن ستر سيڪڙو کان مٿي غريب شاگرد انٽر بعد گهر ويهي رهن ٿا

 ضلعي جي ويهه لک آبادي کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ صرف چار تعلقي اسپتالون ۽ ڇهه رورل هيلٿ سينٽر موجود، ضلعي جيون ڪيتريون ئي ڊسپنسريون بند، اڪثر اسپتالن ۾ ته ايڪسري جي سهولت به ناهي، بجيٽ جي کوٽ ڄاڻائي مريضن کي دوائون ٻاهران وٺن جي هدايت ڪئي وڃي ٿي، ضلعي جي مک اسپتال ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال سانگهڙ  ۾ ماڻهن وڃڻ کان لنوائيندا آهن، هن مک اسپتال ۾ دل جي مريض کي فوري طور هڻڻ واري انجيڪشن به موجود ناهي 
 جتي تيل ۽ گئس جا ذخيرا ظاهر ٿيا اتي جي آبادي غربت کان هيٺ واري لڪير ۾ زندگي گهاريندڙ  
                                                                                                                  سانگهڙ ضلعي جي جن علائقن ۾ وڌيڪ تيل ۽ گئس جا ذخيرا مليا اتي جي آبادي غربت کان هيٺ زندگي گهاريندڙ آهي، رپورٽ موجب تيل ۽ گئس جي ذخيرن وارن علائقن  ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت  هيٺ  تعلقن ۾ پهرئين نمبر تي تعلقو سنجهورو، ٻئين نمبر تي سانگهڙ، ٽئين نمبر تي شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم آهن 

 ضلعي جي سول سوسائٽي جا حال به هيڻا 

   سانگهڙ ضلعي جي سول سوسائٽي جا حال به هيڻا آهن، اها ضلعي جي ترقي، مقامي ماڻهن کي ڪمپنين ۾ روزگار ڏيڻ توڙي شعوري سجاڳي لاءِ موثر ڪردار ادا نه ڪري سگهي، غربت ۽ تعليم جي گهٽتائي سبب ڪا به موثر تحريڪ ضلعي اندر پنهنجا پير نه کوڙي سگهي آهي، سپريم ڪورٽ به سانگهڙ ضلعي جي ڪيس دوران ريمارڪس ڏنا هئا ته اسان ته حڪم ڏيون ٿا پر سول سوسائٽي کي به اڳتي اچڻ گهرجي ، ڪجهه عرصو پهريان شهرين، سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن تي مشتمل سول سوسائٽي تحريڪ هلائي هئي ان هڙتالون ۽ احتجاج به ڪيا هئا پر اها تحريڪ موثر ثابت نه سگهي، ان جو وڏو سبب ضلعي اندر  پيري مرشدي واري سياست آهي 
             
 ضلعو سانگهڙ ٽن قومي ۽ ڇهن صوبائي تڪن تي مشتمل آهي، گذريل ويهن سالن کان ڪنهن به چونڊيل نمائندي گئس اينڊ آئل ڪمپنين خلاف اسيمبلي جي فلور تي ڪو به آواز ناهي اٿاريو، ضلعي جو سينيٽر به خاموش  بڻيل 
                                 
   مشرف جي دور حڪومت ۾ هن ضلعي تي فنڪشنل ليگ جي حڪمراني هئي پر انهن به گئس اينڊ آئل ڪمپنين خلاف ڪو به آواز نه اٿاريو جنهن سبب انهن جو گئس اينڊ آئل ڪمپنينز جو ڳٺ جوڙ هو،  ضلعي سانگهڙ ۾ ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي تڪ آهن، موجوده وقت ۾ ضلعي مان هڪ سينيٽر، ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائنده آهن جڏهن ته هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي فنڪشنل ليگ جا چونڊيل نمائنده آهن پر انهن مان ڪنهن پنهنجي ضلعي جي تباهي ۽ گئس اينڊ آئل ڪمپنينز خلاف اسيمبيلين ۾ آواز ناهي اٿاريو،  اها ڳالهه ضلعي م هر ماڻهو جي زبان تي آهي فنڪشنل ليگ توڙي پ پ  جي چونڊيل نمائنده ۽ پارٽي اڳواڻن جو انهن ڪمپنين سان ڳٺ جوڙ آهي ۽ هر مهيني اهي انهن کان منٿليون وٺن ٿا ۽ پنهنجا ماڻهو رکن ٿا ان لاءِ اهي ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن

                                                        
 مقامي ماڻهن جا احتجاج  پر وڏيرا انهن کي هائيجڪ ڪري ويا

 آئل اينڊ گئس ڪمپنين خلاف مقامي ماڻهن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر انهن احتجاجن کي مقامي وڏيرا هائجيڪ ڪري ويا، جنهن سبب سندن احتجاج بنا نتيجي تي پڄاڻي تي پهتا، ٻئي طرف ڪمپنين مقامي ماڻهن جي احتجاج کان بچڻ ۽ انهن کي هيسائڻ لاءِ رينجرز جون خدمتون پڻ ورتيون آهن جيڪي انهن ڪمپنين اندر مقرر آهن 
            
 اڪثر ڪمپنين  ۾ جي ايم، ايم  ڊي تي آرمي جا ريٽائرڊ آفيسر مقرر ٿيل
 سانگهڙ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ڪمپنين جا ايم ڊي، جي ايم ، ايڊمنسٽريٽر ۽ مٿين پوسٽن تي آرمي جا ريٽائرڊ آفيسر مقرر ٿيل، جيڪي مقامي ماڻهن سان ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن ۽ ضلعي انتطاميا جي پڻ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ سندن اڳيان بيوس هجي ٿو

Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

منڱڻهارن جو عروج ۽ زوال


Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
 منڱڻهارن جو عروج ۽ زوال 
تحقيقاتي رپورٽ

( تحقيقاتي رپورٽ )
 سنڌي ثقافت جي سفيرن منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي، روڊن تي ويهي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ لڳا، ڪيترن ئي دهل، شهنائي ڇڏي ڏنا، ڪيترائي روڊن تي اچي ويا،  جدت جي وڌندڙ  اثرن سنڌ جي هن شاندار ثقافتي جزکي ڪاپاري ڌڪ هنيو، سرڪاري سرپرستي توڙي ماڻهن جو ثقافت کان پري ٿيڻ به زوال جو سبب بڻيل، ماضي ۾ سنڌ جي ننڍي وڏي شادي منڱڻهار فقيرن کانسواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي، ايڪو سائونڊ ۽ شادي هالن جي تيزي سان تعمير کانپوءِ ماڻهو منڱڻهارن فقيرن کي وسارڻ لڳا، اولاد ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقير ساز ڇيڙي ماڻهن کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا هئا، دهل ۽ شهنائي جي جڳهه ايڪو سائونڊ ۽ غيرمعياري گانن سنڀالي ورتي،  اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان ۽ مرتبو برقرار،

  تفصيل موجب سنڌ جي ثقافت جو اهم جز سمجهيا ويندڙ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي، ڪيترا ئي شهنائي ۽ دهل وڄائڻ ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ جنبي ويا،  ماضي ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر جي ننڍي وڏي شادي منڱڻهار فقيرن کان سواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي پر موجوده دور ۾ ايڪو سائونڊ ۽ شادي هالن جي تيزي سان تعمير سبب ماڻهو منڱڻهار فقيرن کي وسارڻ لڳا آهن، سنڌ جي ثقافت جو هي اهم جز  پنهنجي فن جي مڃتا نه ملڻ زوال پذيري جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي  منڱڻهار فقير پنهنجي اباڻي ڏنل ورثي کي ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ جنبي ويا آهن، سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ ماڻهن ۾ ثقافت بابت شعور گهٽ هئڻ سبب سنڌي ثقافتي جو هي جز سنڌ جي تقريبن شهرن مان ختم ٿي چڪو آهي، ڪيترائي منڱڻهار فقير اڄ به پنهنجي فن ۾ ماهر سڃاتا ويندا آهن پر سرپرستي نه هئڻ ڪري اهي روڊن تي شهنائيون وڄائي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ تي مجبور آهن،  ماضي ۾ سنڌ  جا ماڻهو اولاد ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقيرن کي لازمي گهرايو ويندو هو ۽ ان کانسواءِ تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي، انهيءِ ۾ منڱڻهار فقير شهنائي تي ڌنون ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا،  موجوده دور ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شادين ۾ منڱڻهار فقيرن جي جڳهه ايڪو سائونڊن ۽  غيرمعياري گانن سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته اليڪشن وارن ڏينهن ۾  به سياسي پارٽين جي ريلين ۾ منڱڻهار فقيرن کي گهرايو ويندو هو پر موجوده وقت  سياسي پارٽين جي جلسن، جلوسن ۽ ريلين ۾ ايڪو سائونڊ ۽ ڀنگڙا ڊانس جڳهه سنڀالي ورتي آهي، سنڌ جو ثقافت جو هي اهم جز ماڻهن ۾ ثقافتي  شعور نه هجڻ سبب پڻ زوال پذير ٿي رهيو آهي، اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان مرتبو برقرار آهي، منڱهار فقير پنهنجي فن جي زوال پذيري سبب هاڻ ٻين ڌنڌن کي ترجيح ڏين ٿا، سنڌ جي ثقافت جي هن شاندرن ٿنڀ جي زوال پذير ٿيڻ سان سنڌ پنهنجي شاندار ثقافتي پاسي کان نه صرف محروم ٿي ويندي پر اڌوري پڻ بڻجي ويندي
              
 دهلن ۽ شهنائين جا مخلتف قسم،  گزي محرم ۾، متو شادين ۽ عام پروگرامن ۾ ۽ بنارسي ڪو ڪو وڄائي، وچولي جو وجود ئي ختم،  ڊڍ محرم  ۾ ۽ خوشي ۾ ليوا، جهومر ۽ ٽلو جا تال وڄايا وڄن ٿا.  
 منڱڻهار فقيرن وٽ دهلن ۽ شهنائين جا مخلتف قسم آهن ۽ انهن مان مخلتف قسمن جا ساز ۽ تال مخلتف موقعن تي وڄايا ويندا آهن، گزي شهنائي محرم جي چاليهي تائي، متو شهنائي شادي مرادي ۽ خوشين جي ٻين موقعن تي ۽ بنارسي شهنائي ڪير ڪير وڄائيندو آهي، جڏهن ته ڪجهه وقت وچولي شهنائي پڻ آئي پر جلد وجود وڃائي ويٺي، ان کان علاوه دهلن جا مخلتف قسم آهن ۽ تال آهن، ڊڍ محرم ۾ ۽ خوشي ۾ ليوا، جهومر ۽ ٽلو جا تال وڄايا وڃن ٿا. جڏهن ته وچولي شهنائي ۽ گزي ۾ ڪو خاص فرق ناهي،  

 محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي سنڌ ۾ صرف حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ موجود  
       محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي هن وقت سنڌ ۾ صرف حيدرآباد  ڪوٽڙي ۾ موجود، باقي شهرن ان وجود ناهي رهيو.                                                                                                                                                                                                                           
 شهنائي جا مخلتف قسم مخصوص علائقن جا ڪاريگر ٺاهيندڙ، بنارسي شهنائي ڀارت جي شهر بنارس، متو سيالڪوٽ ۽ ملتان، جڏهن ته گزي سنڌ ۾ ٺهي ٿي.
 شهنائي جا مخلتف قسم مخلتف شهرن ۾ ٺهن ٿا ۽ ان کانسواءِ ڪٿي نٿا ٺهن، محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي سنڌ ۾، متو سيالڪوٽ ۽ ملتان ۾، جڏهن ته بنارسي شهنائي ڀارت جي شهر بنارس ۾ ٺهي ٿي.
                                                                                                                                            
 بنارسي شهنائي ۾  گهٽ آواز، متي ۾ ٿورو وڌيڪ ۽ گزي ۾ سنهو ٿئي ٿو.  
    بنارسي شهنائي ۾ گهٽ آواز، سنڌ ۾ وڄائي ويندڙ متي ۾ ٿورو وڌيڪ آواز  ۽  محرم  وڄائي ويندڙ گزي جو سنهو آواز ٿئي ٿو.
روڊن تي دهل ۽ شهنائي رکي ويٺلن کي منڱڻهار تسليم نٿا ڪيون، اهي نقل آهن، ماڻهن کي گوڙ کپي جيڪا روڊن تي  ويٺل انهن کي مهيا ڪري ڏين ٿا، حيدرآباد جا منڱڻهار فقير 
  حيدرآباد جي منڱڻهار فقيرن علي ، اويس، خان محمد ، استاد گلو، سوڍي رحيم بخش، علي مراد ۽ ٻين چيو ته روڊن تي دهل ۽ شهنائي کڻي ويٺلن کي منڱڻهار تسليم نٿا ڪيون اهي نقل آهن، اڄ ڪلهه نقل تمام گهڻو ٿي ويو آهي، ماڻهن کي پڻ گوڙ ۽ شور کپي جيڪو  روڊ تي ويٺل انهن کي مهيا ڪري ڏين ٿا. روڊن ويهڻ اسان جي اصولن خلاف آهي.
 ڪوٽڙي جو استاد عبدالله منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شهنائي وڄائيندڙ، عابده پروين کان وٺي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان ڳائي چڪو، شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ کان وٺي ڪيترائي ايوارڊ ماڻ چڪو. 
ڪوٽڙي جو استاد عبدالله منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شهنائي وڄائيندڙ آهي، ان کان پهريان استاد رنگي خان لاهور وارو بنارسي شهنائي وڄائيندو هو، استاد عبدالله عابده پروين، استاد فتح علي خان، حميره چنا، جلال چانڊيو سميت ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان شهنائي وڄائي چڪو، ان کان علاوه استاد عبدالله شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا، استاد عبدالله ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ پرفارم ڪري چڪو    
                                                                                                                             

حيدرآباد جي روڊن تي ويٺل دهل شهنائي وارن پڻ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي نقصان پهچايو، روڊن تي ويٺل اڪثر  پنجاب سان تعلق رکندڙ،
 حيدرآباد جي مختلف روڊن، آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد روڊ، ٿڌي سڙڪ روڊ، حسين آباد روڊ ۽ گدو چوڪ سميت مخلتف علائقن ۾ روڊن ڀرسان ويٺل دهل ۽ شهنائي وارن پڻ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي نقصان پهچايو آهي، انهن روڊن تي ويٺلن مان اڪثر جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ تمام گهٽ پئسن ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندا آهن،  انهن وٽ موجود دهل ۽ شهنائيون پڻ سنڌ جي منڱڻهارن فقيرن کان مختلف آهن ۽ اڪثر هو دهل پنجابي طرز جي ڀنگڙي وانگر وڄائين ٿا  
 ماضي ۾ اولاد جي ڄمڻ کان وٺي عقيقي تائين ۽ شادي جا ڏينهن ٻڌڻ کان شادي تائين منڱڻهارن فقيرن کي بوڪ ڪرايو ويندو هو، ڪنواريتن ڏانهن ويندڙ ڄڃ منڱڻهارن فقيرن کانسواءِ نامڪمل هوندي هئي 
ماضي ۾ سنڌ ۾ اولاد جي ڄمڻ کان وٺي عقيقي تائين ۽ شادي جا ڏينهن ٻڌڻ کان نڪاح تائين منڱڻهارن فقيرن جي ٽولي کي بوڪ ڪرايو ويندو هو ، ان کانسواءَ ڪنواريتن ڏانهن ويندڙ ڄڃ منڱڻهار فقيرن کانسواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي، جڏهن ته نڪاح جي واري ڏينهن فجر مهل گهوٽ کي منڱڻهارن فقيرن جي پروٽوڪول سان شامياني ۾ آندو ويندو هو، جنهن کي ڀسرين جي رسم پڻ چئجي ٿو.
 تعليم يافته ۽ نوڪرين سان وابسته هئڻ باوجود ڪيترن ئي منڱڻهار فقيرن پنهنجي فن کي نه ڇڏيو، اولاد کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ فن جي تربيت به ڏيندا آهن،
                                                                                   حيدرآباد جا ڪيترائي تعليم يافته ۽ نوڪرين سان وابسته منڱڻهار فقيرن پنهنجي فن کي نه ڇڏيو، اولاد کي تعليم سان گڏ فن جي تربيت پڻ ڏيڻ لڳا، حيدرآباد جا منڱڻهار فقير پرائمري استاد ظهير منڱڻهار، ڪلارڪ حبيب منڱڻهار ۽ ٻين چيو ته هن دور ۾ تعليم کانسواءِ جياپو ناهي، اسان پنهنجي ڪميونٽي کي تعليم ڏانهن  ڏيان ڏيڻ لاءِ چوندا آهيون ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم ڏا نهن خاص ڌيان ڏيندا آهيون ۽ ان کان علاوه پنهنجي اولاد  کي فن جي پڻ تربيت ڏيندا آهيون ، اڄ ڪلهه جي دور ۾ فن تي گذارڻ مشڪل آهي ان لاءِ فن صرف اسان ورثي طور سنڀالي رکون پيا. 
Shahnawaz Khaskheli

Mukhi Forest by Shahnawaz Khaskheli

 Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
شاھنواز خاصخیلی
مکي ٻيلو
( فيچر )
سانگهڙ ضلعو حرن جي مزاحمتي ماڳ، سهڻي ميهار جي آخري آرامگاهن ۽ برهمڻ آباد جي قديم آثارن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي، سانگهڙ ضلعي جي اتر ڏانهن ضلعو خيرپور ۽ نوابشاهه،ڏکڻ طرف حيدرآباد ۽ اوڀر ڏانهن ڀارت جو حدون لڳن ٿيون،هن ضلعي ۾ مکي ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ٻيلو آهي، جنهن کي مکي جو ٻيلو سڏجي ٿو، (عثمان ڏيپلائي جو سانگهڙ ناول به هن ٻيلي ۾ حرن جي  مزاحمتي هلچل ۽ ان مزاحمتي ڪردارن تي لکيل آهي)  مکي ٻيلو حرن  جي مزاحمتي هلچل جو هيڊڪوارٽر هو،  حر تحريڪ جي عسڪري ڪارروائين کي هتان هدايتون ۽ ڪنٽرول ڪيو  ويندو هو،  

حر تحريڪ جي باقائده سرواڻي بچو بادشاهه ڪئي ، جنهن سان 12 ڄڻا شامل هئا، جن کي حر يا پيرپاڳاري جا مريد ٻرهوٽيا يا مکي جا مور ڪري چوندا هئا، هنن پنهنجي تحريڪ جو مرڪز سانگهڙ ضلعي جي مکي ٻيلي جي مکي ڍنڍ کي بڻايو،  ان هنڌ جي ايراضي اٽڪل هڪ هزار چويهه ميل هئي، ان مکي ڍنڍ جي پاڻي اندر بي انداز ٻيلاٽيون ۽ ٻيٽاريون هيون، جن ۾ اهڙا ته گهاٽا ٻيلا هئا، جو ڪنهن به اڻ سونهين ماڻهو لاءِ بلڪل اڻ ڄاتل ۽ اجنبي هئا، ڄاڻو ماڻهو ئي انهن جي گهٽن گهيڙن، رستن ۽ پيچرن کي سڃاڻي سگهيو ٿي، اهو علائقو ايترو ته محفوظ هو جو دشمن اتي ڪنهن ڪنهن به ريت پهچي نه ٿي سگهيو،  ان ڪري حرن مکي ٻيلي کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو،  مکي ٻيلي ۾ ڪاٺ، اڱر، کونئر ۽ ماکي جام ملندي هئي ۽ مال جي چرڻ لاءِ گاهه به جام ٿيندو هو،  

هن ٻيلي ۾ فطرت جي سونهن ڏسڻ وٽان آهي، تل جي اگهه ۽ وڻن جي گلن جي رس ماکي جي اهڙي ميزباني ڪئي جو خود ٻيلي تي نالو مکي ئي پئجي ويو، ماکي ج جهجي هئڻ سبب هن ٻيلي تي مکي نالو پيو، آزادي کان گهڻو اڳ مکي ٻيلي جون حدون جمڙائو هيڊ کان ناري جي پرئين ڀر اڇڙي ٿر جي ڀٽن تائين دنگ ڪيو ٿي،  هينئر به چوٽياري کان کپري ۽ هٿونگي کان هيٺ تائين ان ٻيلي جا نشان ملن ٿا، موجود وقت ۾ مکي ٻيلي جا ڪجهه حصا موجود آهي، جيئن کپري ويجهو کوڙي وارو ٻيلو اڄ به سوين ايڪڙن تي موجود آهي، کوڙي ٻيلي جي ماکي اڄ به مشهور آهي،  جمڙائو  هيڊ کان اورئين ڀر اڄ جتي پنجابين ۽ پٺاڻن جا چڪ آباد آهن،  اهي سڀ مکي ٻيلي اندر هئا،  ان پاسي کان ٻيلي جون حدون اڳتي وڌنديون شاهپور چاڪر جي اترئين ڳوٺن غلام محمد ڏاهري ۽ راهواري واري ايريگيشن بنگلي کان ٿينديون کڏڙو، ڀڙي ۽ وري گولائي ۾ سانگهڙ ۽ باکوڙو ڪئمپ ڏانهن ڦري ٿي آيون.آزادي کان اڳ هزارين ايڪڙن تي ٻڌل هن 

مکي ٻيلي ۾ ڪيئي قومون آباد هنيون جن ۾ سک، ڀٽ ، پلهه، ملاح، هنڱورا، مري، شر، ابوپوٽا، ڪارڙا، لغاري، وسا ڻ، بهڻ، مڱريا، شاهه، ميرجت، خاصخيلي، ڪراڙ، ميگهواڙ، اوڏ، راڄپر، انڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي ذاتين جا ماڻهو هي باد هئا، مکي ٻيلي ۾ ڪنڊي، لئي، ڪرڙ ۽ کٻڙ  جا وڻ عام جام ٿيندا هئا، لئي ۽ ڪنڊي جو وڻ هتان جي مقامي ماڻهن جي ڪم جا وڻ هئا، مکي ۾ جڏهن ڍنڍون وجود ۾ نه آيون هيون تڏهن رڳو ٻيلو ئي ٻيلو هو،  ان ٻيلي جي اورئين ۽ پرئين ڀر هيٺاهين ۾ لئي ٻين وڻن کان وڌيڪ هئي، لئي هن ٻيلي ۾ ٽن قسمن جي ٿيندي هئي ۽ ٿيندي آهي،  هڪ آسري لوو، ٻي عام ڇاٽرو هڻندڙ کاري جي لئي ۽ ٽئين مٺي جي لاڪڙ يا مور،  لاڪڙ لئي ٿوري وڏي گندين ۽ گهرن جي پتر لاءِ استعمال ڪبي آهي، منها به انهن سان ٺاهبا هئا، 

هن ٻيلي ۾ لئي عام جام هئڻ ڪري هتي ماکي ۽ ڦاڙهي پنهنجو گهر ڪيو،  ماکي ۽ ڦاڙو ٻئي دريائي ٻيلي جون سوکڙيون آهن، جيڪي مکي وارن کي هن  علائقي جي حياتياتي رنگارنگي ڪري تحفي ۾ مليون،  مکي  ٻيلي  جي تل ۾ مٺو  گاهه جهجهي تعداد ۾ ٿئي، ان ڪري ڦاڙهو مکي ۾ ايئن وڌيو جيئن رڍون ۽ ٻڪريون،  ڦاڙهو به اهو گاهه کائي ٿو جيڪو ڳائو مال واپرائي ٿو،  مکي ٻيلي ۾ ڳاڙهڳنيو نالي گاهه به ٿئي،  ڦاڙهو ٻٻر جي ٽاري، ڪنڊي جا ڪچڙا گئونچ يا پن ۽ سڱر پڻ شوق سان کائيندو آهي، ڪڻڪ جڏهن زمين مان نڪري گاهه جي شڪل ۾ اچي ته ڦاڙهو ان کي شوق سان کائي، آزادي کان اڳ مکي ٻيلي ۾ فطرت جون اهي سڀ رنگينيون موجود هيون،
 ناري جي هن ماٿري بابت مشهور آهي ته اها هاڪڙي درياءَ جي تهذيب جو حصو
آهي،  اڳئي ناري جي ماٿري جي دل مکيءَ ۾ ڪنڊي، ٻٻر، لئي، بهڻ، ڪرڙ ۽ کٻڙ جا وڻ جام هئا، مکي ۾  درياءَ واري علائقي جي ڏاچين آندو هو، 

اميد علي شر جو واسطو جيلاني پيرن جي جماعت سان هو،  هن مطابق ته جڏهن هالا وارن پيرن ۽ ان جي مريدن جون ڏاچيون هتي اينديون هيون ته اهي هالا کان مکي تائين مختلف کائيندي اينديون هيون، پوءِ هتي اچي مکي ۾ چرنديون هيون،  مکي ٻيلي جي موني ۾ واڳون، ڦاڙها ۽ سوئر بي حساب هونداهئا، سڄي مکي کي گهرن جو ڪاٺ موني مان ويندو هو،  حر تحريڪ کان اڳ ناري جو اوريئون حصو هيرڻ ڍنڍ هو، جنهن کي بچاءُ بند ڏنل هو، ناري جو پريون حصو مکي ٻيلو ۽ ان جي اندر آباد زمينون هيون، جن کي ڍوري، رانٽي ڇنڊڻ ۽ آجي ڇنڊڻ وٽان پاڻي ملندو هو، انهن زماني ۾ بقار، سيري، جادوپور ۽ صدوري نالي ننڍيون ننڍيون ڍنڍون وهنديون هيون،  جڏهن ته ڦاڙهي جي جوءِ جو دنگ چوٽياريون تائين ڇيهه ڪندو هو، 

جڏهن حر تحريڪ زور ورتو ته 1942ع کان 1943ع جي وچ ڌاري انگريز فوج ناري جي پرئين پاسي مکي ٻيلي کي ڪڙو چاڙهي بمباري ڪئي، ان بمباري ۾ جادوپور، سيري ۽ صدوري ڳوٺن کي سخت نقصان رسيو، ڳوٺ سڙي رک ٿي ويا، ڪي ماڻهو مري ويا، ڪن کي لوڙهن م قيد ڪيو ويو ۽ ڪي دربدر ٿي ويا، مشهور  ڌاڙيل رحيم هنڱورو  جو ٽولو به هن علائقي ۾ سرگرم هو،  انگريز فوج ان جي تلاش ۾ سڄي ٻيلي تي بم وسايا، جڏهن بمباري کان بچيل ٿاڪن کي بچائڻ لاءِ رحيم هنڱوري ناري کا گهارو هڻي پاڻي سان ٻوڙي فوج جي اندر پهچڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا، گهارو لڳو ته ماڻهن بيٺل فصل ۽ ٻيو سمورو ٻيلو پاڻي هيٺ اچي ويو، حرن جي خوف ڪري ڪير گهارو ٻڌڻ ڪو نه آيو،  ان دوران ڪيتريون ئي نيون ڍنڍون وجود ۾ آيون،  حر تحريڪ تي ڪم ڪندڙ محققن مطابق بقار جو هڪ وڏو حصو گهاري لڳڻ کانپوءِ ٺهيو ۽ سائو نارو پاڻي هيٺ اچي ويو،  

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڄو زور پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر آباد ڪرڻ تي ڏنو ويو، ٻيلا، جهنگ، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻي حياتياتي رنگارنگي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو، ايتري قدر جو 53_1932ع جي وچ واري عرصي دوران مکي ٻيلي جي گڪ فاريسٽر کي اهو چوڻو پيو ته رحيم هنڱورو مکي جي جهنگلي جيوت ۽ وڻن لاءِ قدرت طرفان رحمت بڻيل هو،  حڪومتي ادارن جي اهڙي بيحسي اڄ به قائم آهي، 

 سڄي مکي زراعت  ۽ مڇي جي تلائن جي ورچڙهيل آهي،  جنهن ۾ سواءِ چند ذاتي رکن جي خدا جي ان ٻي مخلوق لاءِ ذرو به رحم  نه بچيو آهي،  ستر سالن کانپوءِ هاڻ جڏهن مکي کي ڏنل پرائي ٻار جهڙو تحفو “ چوٽياريون ڊيم” ( جنهن کي مکي جو اڊاپٽڊ چائلڊ به چوندا آهن ) ڀرجي وري سڪو آهي ته ان جي تري مان ان زماني واري ٻيلي جا آثار هڪ ڀيرو ٻيهر نڪري نروار ٿيا آهن، 

گذريل ڪجهه عرصي کان چوٽياريون وارو علائقو ڪاٺ جي چوري جو وڏو مرڪز بڻيل آهي،  ان ڪري ڊيم اندر آيل پراڻين ڍنڍن جي تري وارو ڪاٺ علائقي جي ڪاٺ مافيائن لاءِ سون بڻجي ويو آهي،  اصل ۾ مکي ٻيلو لئي جو وطن هو.چوٽياريون ڊيم ٺهڻ کانپوءِ مکي ٻيلي جي رهيل حالت به تباهه ٿي وئي ، هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا، زمينون خريد ڪيون ويون، جهنگلي جيوت نالي ماتر وڃي بچيو آهي، 

 ان ڊيم جڪي سروي تي ڪم ڪندڙ ادارن سرميڪانلڊ، پاٽنرس، قومي انجنيئرنگ سروس، ايوسسيئيٽ ڪنسلٽنگ انجنيئر جي رپورٽ موجب  ڊيم ٺهڻ سان پيدواري زمين جو خاتمو، مال جي چراگاهن جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي جوءِ جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي چرپر، بند جي تعمير دوارن پاڻي جي ترسيل ۽ نظام ۾ رنڊڪ پوڻ، واهن ۾ مٿاهين پٽن جو پاڻي کڻي ايندڙ، نين جي ڇيڙڇاڙ،  ناري ڪئنال سان گڏوگڏ سم ۽ ڪلر جو وڌي وڃڻ، تيار ٿيل وڻ جي تباهي يا خاتمو، ڦاڙهي کي جوءِ نيڪالي اچڻ، پاڻي جي گدلاڻ، تعميراتي مٽي ۽ ڌوڙ جو اڏرڻ وغيره.ڊيم ٺاهڻ دوران ماڻهن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا اهي پورا نه ڪيا ويا،

 اسان ڏٺو ته نه ته پاڻي وڌيو، نه ئي مهاڻن کي لائسنس مليا ۽ نه ئي کين پاڻي جو حق، هارين  کي نه مليون نه کين گهر ٺهي مليا، مالوندن سان وڏو مذاق ڪيو ويو، هن ڊيم جي ڪري هنن سڀڪجهه وڃايو، ڊيم ٺهڻ کانپوءَ نه ته ڊيم ڀرجي سگهيو، نه ئي ٽيوب ويل هلي سگهيا، گهڻا ٽيوب ويل ته سڙي رکي ٿي ويا يا چوري ٿي ويا، نارا جي ريماڊلنگ سان پاڻي جي بچت به نه ٿي، ڳري مشينري جي اچڻ ڪري جهنگلي جيوت خوف وچان ميداني علائقن جو رخ ڪيو،  ڊيم جي ڪري علائقو کلي ويو، وائلڊ لائيف وارن به ڪي جوڳا قدم نه کنيا،چراگاهه ختم ٿي ويا، فطرت جي حسين نظاري مکي ٻيلي جي سونهن اجڙي وئي، هڪ خوبصورت ٻيلي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو. پوري پاڪستان ۾ هن وقت ٻيلن جو صرف ٻه سيڪڙو رهيو آهي جيڪو به مستقبل ۾ ختم ٿي ويندو، 
                                                                                                                          

Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Interview with Master Ghulam Hussain


شاھنواز خاصخیلی
ماسٽر  غلام حسين   جو انٽرويو
غلام حسين  عرف ماسٽر  غلام حسين سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ شير خان لغاري ۾ 12 جنوري 1962ع ۾ پيدا ٿيو  ، سندس پيدائش مذهبي گهراڻي ۾ ٿي، غلام حسين جي والد جو نالو جمعو ۽ سندن ذات خاصخيلي آهي، هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ شهدادپور ۽ انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج شهدادپور مان ڪئي،  1995 ع سندس شادي  ٿي، کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، چار ڀينرن ۽ ڇهه ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، سندس وجهه شهرت ڪلاسڪيل ڊانس ۽ مشهور مور ڊانس آهي،  ماسٽر غلام حسين پاڪستان توڙي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي،  ڇهين ڪلاس کان غلام حسين اسڪولن ۾  ٿيندڙ فنڪشن ۾ ڊانس ڪندو هو، اسڪولن ۾ ڇوڪري جي ڪردار ڪري ڊانس ڪرڻ تي کيس مائٽن طرفان ڪيترائي دفعا مارڪٽ به ڪئي وئي پر سندس ڊانس ڪرڻ جو جنون گهٽجڻ بدران وڌندو ويو، انٽر بعد غلام حسين حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو ڇو ته سندس ڀائرن جي ڊيوٽي اتي هوندي هئي،  حيدرآباد اچڻ بعد  ماسٽر غلام حسين باقائدگي سان ناچ سکڻ شروع ڪيو، اسلام آباد پاڙي ۾ سن رائيز ڪلب ۾ سندس استاد ابراهيم لچڪي ۽ مشهور ڊانسر ماسٽر صديق عرف بوبي کيس ڊانس جي تربيت ڏني، سن رائيز ڪلب ۾ کيس استاد ابراهيم لچڪي کيس ڌاڳو ٻڌي شاگرد ڪيو، ماسٽر غلام حسين پاڪستان سميت، ايران ، جرمني، دبئي، مسقط، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، حيدرآباد جي راڻي باغ جي هڪ پروگرام ۾ سندس فن ڏسي پي ٽي وي جي اڳوڻي جرنل مئنجير مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۽ ٻين ۾ جڳهه ڏني، ان بعد ماسٽر غلام حسين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي،  لطيف ايوارڊ، ترڪي جي صدر جي ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ سميت سوين ايوارڊ فن مڃتا طور کيس مليا آهن، ماسٽر غلام   حسين جي شاگردن جو تعداد به هڪ سئو کان مٿي آهي،  جهرندڙ عمر جي باوجود غلام حسين جو نه جنون گهٽ ٿيو آهي نه  سندس  شوق شڪست کاڌي آهي، ڪوٽڙي جي ريلوي لائين  جي هڪ ڪمري وري ڪوارٽر نما گهر ۾ رهندڙ ماسٽر غلام حسين کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتس، ماسٽر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ تمام دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون

سوال؛ ماسٽر ڊانس جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو ؟  
جواب؛ جڏهن مان ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته اسڪول ۾ ننڍا پروگرام ٿيندا هئا، جن ۾ آئون حصو وٺندو هئس، جڏهن منهنجي ڳوٺ ۾ ڪا شادي وغيره ٿيندي هئي ، اڳ ۾ شادين ۾ ناچو ايندا هئا،  پوءِ جڏهن ناچو نچندا هئا ته انهن جي پيرن کي مان غور سان ڏسندو هئس ته اهي ڪيئن ٿا نچن؟ ان جي آواز پياري لڳندي هئي، ان کان علاوه موسيقي سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، جڏهن شهدادپور هائي اسڪول ۾ ڇهين جماعت داخلا ورتي ته اتي به وڏا پروگرام ٿيندا هئا،  اتي هڪ پروگرام ۾ مون ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو، انهي پروگرام ۾ مون پرفارمنس سان ڪيو، اداڪاري سان گڏ ڊانس ڪيو، جڏهن اها خبر گهروارن کي پئي ته مون کي تمام گهڻي مارڪٽ ڪئي وئي، مار ياد آهي پر وقت نٿو ڀلجان، اندر جو جنون مارڪٽ سان نٿي نڪري سگهيو، ڳوٺ ۾ مامي جي ڍڳن جا پٽي واري گهنگرو چوري ڪري اهي پائي مان اڪيلو وڃي جهنگ ۾ رقص ڪندو هئس، اها 1971ع جي ڳالهه آهي جڏهن مان پرائمري پڙهندو هئس، امان چوندي هئي ته ڪاٺيون ڪري اچو، آئون امان کي چوندو هئس ته آئون ٿو وڃان، اصل ۾ مون کي ڪاٺين جو شوق نه پر جهنگ ۾ رقص ڪرڻ جو جنون هو، گهنگرو جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيندو هئس، هڪ دفعو ڪنهن ڳوٺاڻي مون کي رقص ڪندي ڏسي ورتو، جنهن منهنجي گهر ٻڌايو، مامي کي جڏهن خبر پئي ته مامي پٽن سان مون کي ماريو، مارڪٽ باوجود جنون اهو ئي ساڳيو، مارڪٽ دوران امان بچائيند هئي ۽ وڏي ڀيڻ ٽاڪوڙ ڪندي هئي، وڏي ڀيڻ تمام گهڻو ڀائيندي هي.
    
سوال؛ باقائده فن جي سکيا ڪٿان ورتي؟ 
     جواب؛ شهدادپور ۾ جنهن گهر ۾ رهندو هئس اهو ڀيڻيويو جو گهر هو، ان گهر جي سامهون ريڊيو پاڪستان جو هڪ فنڪار استاد طفيل خان رهندو هو، اهو جڏهن ته رياض ڪندو هو آئون وڃي اتي ويهي رهندو هئس، ائون هن کي مامو ڪري سڏيندو هئس، استاد طفيل راڳ، سر ۽ تال ۾ منهنجو استاد رهيو، هڪ دفعي وري هڪ پروگرام ۾  ڊانس ڪيم ته گهروارن ڏاڍو ماريو، منهنجون رڙيون ٻڌي استاد طفيل گهر جو دروازو وڄايو، بابا ٻاهر نڪتو، استاد طفيل حاجي جمعي کي سمجهايو ته ڇوڪري کي مارڻ سان ڪجهه نه ورندو، وڌيڪ خراب ٿيندو، بابا چيو ته هن نالو  بدنام ڪيو آهي، استاد طفيل چيو ته ڇوڪرو ڀلو آهي، هن ۾ فن جو جنون آهي،  پوءِ بابا کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي،  جنهن بعد گهر جي ڀرسان بلوچن جي پاڙي ۾  شادي ۾ مشهور ڊانسر استاد ابراهيم لچڪ آيو،  هن جي ڊانس ڏسڻ دوران استاد ابراهيم جو پوئلڳ ٿي پيس، استاد طفيل خان منهنجي ٻانهن ابراهيم لچڪ حوالي ڪئي، هن مون کان واعدو ورتو ته تعليم پوري ڪندي مون هائوڪار ڪئي، جنهن بعد استاد ابراهيم لچڪ مون کي ڌاڳو ٻڌو، ست رپئي جي مٺائي وٺي آيس ۽ ٻن رپين جا گلاب جا گل وٺي آيس،  استاد طفيل منهنجي طرفان انهي وقت ويهه رپيا استاد ابراهيم لچڪ کي ويهه رپيا نذرانو ڏنو ۽ سندي طرفان اجرڪ پڻ ڏني، جنهن بعد آئون ڪوٽڙي مان حيدرآباد رائيز ڪلب تي ويندو هئس ۽ ڊانس سکندو هئس 

سوال؛ مور ڊانس ڪرڻ جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ان ۾ ڪيترويون ڏکيائون پيش آيون؟           جواب؛ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ پي ٽي وي تي هڪ پروگرام هلندو پائل نالي سان جنهن ۾ ناهيد صديقي ڊانس  ڪندي هئي، ٻئي هڪ پروگرام  ۾  ايمي مين والي ڊانس ڪندي هئي، ناهيد صديقي مور جو ڊانس ڪندي هئي، جيڪو مونکي تمام گهڻو وڻندو هو، وقت گذرندو ويو ۽ ناچ سکندو رهيس نيٺ 1985ع ۾ استاد کي چيم ته استاد آئون پنهنجي سڃاڻپ الڳ ٺاهڻ چاهيان ٿو، جنهن سان ماڻهو هميشه ياد رکن، استاد کي ٻڌايم ته مور جي ڊانس ڪرڻ چاهيان ٿو استاد چيو ته اهو ڏکيو ڪم آهي، مور جا پر ڪٿان ايندا، اهو لباس ٺهندو ڪيئن، مون استاد کي چيو ته جنون آهي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو آهي، 1987ع ۾ پر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، لباس ٺاهڻ نه اچي، استاد مرحوم حميد چوڌري منهنجي استاد جو استاد ، انهي طريقو ٻڌايو، مون سئو پر ورتا، استاد چيو ته هزار پر کپن، پوءِ پروگرامن مان جيڪوڪمائيندو هئس پر وٺندو هئس، جيئن تيئن ڪري پنج ڇهه سئو پر ورتا، 1989ع ۾ استاد مور جو لباس ٺاهڻ سيکاريو، موچي سان گڏ ڪم شروع ڪيم، مور لباس ٺاهڻ کانپوءِ پهريون پروگرام 1990ع سنڌيالاجي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيو، ان پروگرام بعد شهرت وڌندي وئي.                                                              
سوال؛ ٽي وي اسڪرين تي ڪنهن ۽ ڪڏهن متعارف ڪرايو؟ 
 جواب؛  1992 ع ۾ راڻي باغ حيدرآباد ۾ اوپن ٿيٽر پروگرام ٿيو، اتي ورائٽي شو ۾ پرفارم ڪيم، ان پروگرام ۾ پي ٽي وي جو جرنل مئينجر مرحوم عبدالڪريم بلوچ به آيو هو، ان منهنجي پرفارم ڏٺي ۽ ان کي ڏاڍي پسند آئي ۽ عبدالڪريم بلوچ مون وٽ ويو شاباش ڏني، اتي خواهش ظاهر ڪيم ته مون کي ٽي وي پروگرام ۾ جڳهه ڏني وڃي، جنهن تي عبدالڪريم بلوچ اتي بيٺل پروڊيوسر  حميد هاليپوٽو کي چيو ته هن کي عيد شو ۽ پرک پروگرام ۾ کڻو، ٽي وي اسڪرين تي آڻڻ ۾ عبدالڪريم بلوچ هو، هن مون کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو، پي ٽي وي تي اچڻ بعد جڳ مشهور ٿي ويس، عبدالڪريم بلوچ ڏاڍو ڀائيندو هو. 
                            
سوال؛  شادي پسند ته ڪئي يا ماءُ پيءُ جي مرضي سان؟    
جواب؛ شادي ماءُ پيءُ جي مرضي سان ڪئي.  
                                   
سوال؛ زندگي جو ڪو اهڙو ڏک جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟   
جواب؛ 2000 ع ۾ سنڌ ميوزم ۾ هڪ پروگرام ڪيم، پروگرام ۾ منهنجي انٽري جي اعلان ٿي ويو ۽ مان وڃڻ لڳس ته منهنجي شاگرد سڏ ڪيو استاد، استاد ضروري فون آهي، مون چيو ته منهنجي انٽري ٿي وئي آهي، شاگرد چيو ته استاد تنهنجي والده گذاري وئي آهي، منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا پر مون برداشت ڪيو، مون شاگرد کي چيو ته فون کي بند ڪر، ان باوجود ۾ اسٽيج تي سخت تڪليف واري ڪيفيت ۾ پرفارم ڪيو، پر اها ڪيفيت مون ظاهر نه ڪئي، ڊانس ختم ڪري مون بيگ تيار ڪيو ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪتس،  پئسا به نه ورتم، گهر پهتس، سياري جي رات هئي،  رات جا ٻه ٿياهئا، سڄي رات ويهي گذاريم ، فجر جي وقت گاڏي بوڪ ڪرائي ڳوٺ پهتس ۽ امان جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيس 
سوال؛ خراب ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟ 
جواب؛ ڪوڙ ۽ لالچي ماڻهو کان سخت نفرت آهي
                            ،
سوال؛ کائڻ ۾ ڇا پسند آهي؟
                             جواب؛ کائڻ ۾ جيڪي الله جي نعمت هجي سڀ پسند آهي پر شامي ڪباب ۽ کيرڻي گهڻي پسند آهي
                     .
سوال؛ سٺي ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟  
جواب؛ سچ تمام گهڻو پسند آهي.
                
سوال؛ پسنديده لباس؟
جواب؛ پينٽ شرٽ، جينيز  
         
سوال ؛ پسنديده سياسي شخصيت 
جواب؛ محترمه بينظير ڀٽو

سوال؛ پسنديده فلمي شخصيتون؟ 
جواب؛ پاڪستاني اداڪاره راني، اداڪاره زمرد، اداڪاره انجمن ، انڊيا ۾ وحيده رحمان، پدمني، وجنتي مالا، ريکا، ماڌوري، جيئا پراڌا، سري ديوي، هيما مالني                                                                                                  
سوال؛ڪو  آخري پيغام ڏيندو؟  
جواب؛ هڪ ڏينهن الله ڏي وڃڻو آهي، اهو اسان جو حقيقي مالڪ آ، پنج وقت اذان اچي ٿي، ان لاءِ نماز پڙهو، نماز ۾ ڇوٽڪارو آهي، الله جون ڪيتريون ئي نعمتون آهن، نماز نه ڇڏيو، نماز قائم ڪريو
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Tuesday, November 10, 2015

Editorial board Redesigned scheme


ENGLISH
Issue 3: - qirat fatima, - saddam Solangi, - uroosa Rajput, - faiza Masood
Issue 4: - M. Ibrahim, -rehmat ali, - salal, - shahrukh khan, - amna Sangi
Issue 5: -Salma - yasir Junejo, - (Salman Chatta, - Ronak Baloch reamined absent)
Issue 6: - saddam, - shahrukh khan, - ali waqas, - amna, - Kamran Sario
Issue 7: - qirat fatima, - ali waqas, - yasir, - ronak, Kamran Sario

Sindhi section Editorial board groups
----------------------------------------
Issue 3 : 1. R.B Bodani, 2. A.Salam Soomro, 3.Zafar Soomro, 4.Abdul Saleem, 5. Jamshed 6.Govind , 7.M.YOUNIS, 8. Mukhtiar Ali Soomro, 9.Waseem, 10. Jamalu din Samejo
----------------------------------------------
Issue 4 : 1. Dharmdas, 2. G.Asghar Narejo, 3. Zohaib Arisar, 4. Paras Pari, 5. Shaila Pahnwar, 6. Sana Laghari. 7. Aftab Kalhoro. 8. Pirah Mahar. 9. Sultan Bhalai, 10. Jamalu din Samejo
----------------------------------------------
Issue 5: 1. Mukhtiar Ali Soomro, 2. Abdul Salam Soomro 3. Zohaib Arisar 4. Rashid Laghari, 5. Noor u Zaman, 6. Athar u Din, 7. Zakir Hussain, 8. Mohram Mangrio, 9. Furqan Mughal, 10. Fahad Mughal, 8. Anus Anas Buriro
----------------------------------------------
Issue 6: 1. Zafarullah Soomro, 2. Deep Sagar, 3. Sarang Satar, 4. Akhtar Ahemd, 5. Ali Raza, 6. Dasrat Rai, 7. Muneer Jamali, 8. Sohail Ahmed, 9. Ghulam Asgar Narejo, 10. Juned Mehmood 11. Faisal Vighio
----------------------------------------------
Issue 7: 1. A. Salam soomro, 2. Dharamdas, 3. Rajesh, 4. M. Ali Mangrio, 5. Mashooq Ali Lashari, 6. Sheeraz Qadir, 7. Mehboob Ali 8. Ghulam Asghar, 9. Asad ALI Dahri, 10. Musrat Soomro

URDU Editing
Issue I: Muneeba, rafay sohail, asad Arain, Bilal, Hammad, Kainat, Humera
Issue 2: Muneeba, rafay sohail, asad ail Arain, Bilal, Hammad, Kainat, Humera and Awais
Issue 3: Muneeba, rafay sohail, asad ail Arain, Bilal, Hammad, Kainat, Humera and Daial dass
issue 4: 1. mohsin talpur, 2.m.mahad, 3.asad abbasi , 4.sadia naz, 5.m.osama, 6.ramsha, 7. fahim raza syed .
issue 5: 1. ubaid-ul-haq, 2.mohsin talpur, 3.a.rehman, 4..shahrukh abbasi, 5.m.fahad ali syed, 6.fawad ali, 7.a.hadi,
issue 6 .1. m.mahad, 2.ubaid-ul-haq, 3.rafay uddin, 4.jahanzaib, 5. gulam qadir chandio
6.a.ayaz, 7.imran abbasi .
issue 7: 1. asad abbasi, 2.talha shaikh, 3.asad ali, 4.shahzaib, 5.murtaza, 6.m.noman ,7.mohsin tariq arain .