Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
شاھنواز خاصخیلی
مکي ٻيلو
( فيچر )
سانگهڙ ضلعو حرن جي مزاحمتي ماڳ، سهڻي ميهار جي آخري آرامگاهن ۽ برهمڻ آباد جي قديم آثارن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي، سانگهڙ ضلعي جي اتر ڏانهن ضلعو خيرپور ۽ نوابشاهه،ڏکڻ طرف حيدرآباد ۽ اوڀر ڏانهن ڀارت جو حدون لڳن ٿيون،هن ضلعي ۾ مکي ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ٻيلو آهي، جنهن کي مکي جو ٻيلو سڏجي ٿو، (عثمان ڏيپلائي جو سانگهڙ ناول به هن ٻيلي ۾ حرن جي مزاحمتي هلچل ۽ ان مزاحمتي ڪردارن تي لکيل آهي) مکي ٻيلو حرن جي مزاحمتي هلچل جو هيڊڪوارٽر هو، حر تحريڪ جي عسڪري ڪارروائين کي هتان هدايتون ۽ ڪنٽرول ڪيو ويندو هو،
حر تحريڪ جي باقائده سرواڻي بچو بادشاهه ڪئي ، جنهن سان 12 ڄڻا شامل هئا، جن کي حر يا پيرپاڳاري جا مريد ٻرهوٽيا يا مکي جا مور ڪري چوندا هئا، هنن پنهنجي تحريڪ جو مرڪز سانگهڙ ضلعي جي مکي ٻيلي جي مکي ڍنڍ کي بڻايو، ان هنڌ جي ايراضي اٽڪل هڪ هزار چويهه ميل هئي، ان مکي ڍنڍ جي پاڻي اندر بي انداز ٻيلاٽيون ۽ ٻيٽاريون هيون، جن ۾ اهڙا ته گهاٽا ٻيلا هئا، جو ڪنهن به اڻ سونهين ماڻهو لاءِ بلڪل اڻ ڄاتل ۽ اجنبي هئا، ڄاڻو ماڻهو ئي انهن جي گهٽن گهيڙن، رستن ۽ پيچرن کي سڃاڻي سگهيو ٿي، اهو علائقو ايترو ته محفوظ هو جو دشمن اتي ڪنهن ڪنهن به ريت پهچي نه ٿي سگهيو، ان ڪري حرن مکي ٻيلي کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو، مکي ٻيلي ۾ ڪاٺ، اڱر، کونئر ۽ ماکي جام ملندي هئي ۽ مال جي چرڻ لاءِ گاهه به جام ٿيندو هو،
هن ٻيلي ۾ فطرت جي سونهن ڏسڻ وٽان آهي، تل جي اگهه ۽ وڻن جي گلن جي رس ماکي جي اهڙي ميزباني ڪئي جو خود ٻيلي تي نالو مکي ئي پئجي ويو، ماکي ج جهجي هئڻ سبب هن ٻيلي تي مکي نالو پيو، آزادي کان گهڻو اڳ مکي ٻيلي جون حدون جمڙائو هيڊ کان ناري جي پرئين ڀر اڇڙي ٿر جي ڀٽن تائين دنگ ڪيو ٿي، هينئر به چوٽياري کان کپري ۽ هٿونگي کان هيٺ تائين ان ٻيلي جا نشان ملن ٿا، موجود وقت ۾ مکي ٻيلي جا ڪجهه حصا موجود آهي، جيئن کپري ويجهو کوڙي وارو ٻيلو اڄ به سوين ايڪڙن تي موجود آهي، کوڙي ٻيلي جي ماکي اڄ به مشهور آهي، جمڙائو هيڊ کان اورئين ڀر اڄ جتي پنجابين ۽ پٺاڻن جا چڪ آباد آهن، اهي سڀ مکي ٻيلي اندر هئا، ان پاسي کان ٻيلي جون حدون اڳتي وڌنديون شاهپور چاڪر جي اترئين ڳوٺن غلام محمد ڏاهري ۽ راهواري واري ايريگيشن بنگلي کان ٿينديون کڏڙو، ڀڙي ۽ وري گولائي ۾ سانگهڙ ۽ باکوڙو ڪئمپ ڏانهن ڦري ٿي آيون.آزادي کان اڳ هزارين ايڪڙن تي ٻڌل هن
مکي ٻيلي ۾ ڪيئي قومون آباد هنيون جن ۾ سک، ڀٽ ، پلهه، ملاح، هنڱورا، مري، شر، ابوپوٽا، ڪارڙا، لغاري، وسا ڻ، بهڻ، مڱريا، شاهه، ميرجت، خاصخيلي، ڪراڙ، ميگهواڙ، اوڏ، راڄپر، انڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي ذاتين جا ماڻهو هي باد هئا، مکي ٻيلي ۾ ڪنڊي، لئي، ڪرڙ ۽ کٻڙ جا وڻ عام جام ٿيندا هئا، لئي ۽ ڪنڊي جو وڻ هتان جي مقامي ماڻهن جي ڪم جا وڻ هئا، مکي ۾ جڏهن ڍنڍون وجود ۾ نه آيون هيون تڏهن رڳو ٻيلو ئي ٻيلو هو، ان ٻيلي جي اورئين ۽ پرئين ڀر هيٺاهين ۾ لئي ٻين وڻن کان وڌيڪ هئي، لئي هن ٻيلي ۾ ٽن قسمن جي ٿيندي هئي ۽ ٿيندي آهي، هڪ آسري لوو، ٻي عام ڇاٽرو هڻندڙ کاري جي لئي ۽ ٽئين مٺي جي لاڪڙ يا مور، لاڪڙ لئي ٿوري وڏي گندين ۽ گهرن جي پتر لاءِ استعمال ڪبي آهي، منها به انهن سان ٺاهبا هئا،
هن ٻيلي ۾ لئي عام جام هئڻ ڪري هتي ماکي ۽ ڦاڙهي پنهنجو گهر ڪيو، ماکي ۽ ڦاڙو ٻئي دريائي ٻيلي جون سوکڙيون آهن، جيڪي مکي وارن کي هن علائقي جي حياتياتي رنگارنگي ڪري تحفي ۾ مليون، مکي ٻيلي جي تل ۾ مٺو گاهه جهجهي تعداد ۾ ٿئي، ان ڪري ڦاڙهو مکي ۾ ايئن وڌيو جيئن رڍون ۽ ٻڪريون، ڦاڙهو به اهو گاهه کائي ٿو جيڪو ڳائو مال واپرائي ٿو، مکي ٻيلي ۾ ڳاڙهڳنيو نالي گاهه به ٿئي، ڦاڙهو ٻٻر جي ٽاري، ڪنڊي جا ڪچڙا گئونچ يا پن ۽ سڱر پڻ شوق سان کائيندو آهي، ڪڻڪ جڏهن زمين مان نڪري گاهه جي شڪل ۾ اچي ته ڦاڙهو ان کي شوق سان کائي، آزادي کان اڳ مکي ٻيلي ۾ فطرت جون اهي سڀ رنگينيون موجود هيون،

ناري جي هن ماٿري بابت مشهور آهي ته اها هاڪڙي درياءَ جي تهذيب جو حصو
آهي، اڳئي ناري جي ماٿري جي دل مکيءَ ۾ ڪنڊي، ٻٻر، لئي، بهڻ، ڪرڙ ۽ کٻڙ جا وڻ جام هئا، مکي ۾ درياءَ واري علائقي جي ڏاچين آندو هو،
اميد علي شر جو واسطو جيلاني پيرن جي جماعت سان هو، هن مطابق ته جڏهن هالا وارن پيرن ۽ ان جي مريدن جون ڏاچيون هتي اينديون هيون ته اهي هالا کان مکي تائين مختلف کائيندي اينديون هيون، پوءِ هتي اچي مکي ۾ چرنديون هيون، مکي ٻيلي جي موني ۾ واڳون، ڦاڙها ۽ سوئر بي حساب هونداهئا، سڄي مکي کي گهرن جو ڪاٺ موني مان ويندو هو، حر تحريڪ کان اڳ ناري جو اوريئون حصو هيرڻ ڍنڍ هو، جنهن کي بچاءُ بند ڏنل هو، ناري جو پريون حصو مکي ٻيلو ۽ ان جي اندر آباد زمينون هيون، جن کي ڍوري، رانٽي ڇنڊڻ ۽ آجي ڇنڊڻ وٽان پاڻي ملندو هو، انهن زماني ۾ بقار، سيري، جادوپور ۽ صدوري نالي ننڍيون ننڍيون ڍنڍون وهنديون هيون، جڏهن ته ڦاڙهي جي جوءِ جو دنگ چوٽياريون تائين ڇيهه ڪندو هو،
جڏهن حر تحريڪ زور ورتو ته 1942ع کان 1943ع جي وچ ڌاري انگريز فوج ناري جي پرئين پاسي مکي ٻيلي کي ڪڙو چاڙهي بمباري ڪئي، ان بمباري ۾ جادوپور، سيري ۽ صدوري ڳوٺن کي سخت نقصان رسيو، ڳوٺ سڙي رک ٿي ويا، ڪي ماڻهو مري ويا، ڪن کي لوڙهن م قيد ڪيو ويو ۽ ڪي دربدر ٿي ويا، مشهور ڌاڙيل رحيم هنڱورو جو ٽولو به هن علائقي ۾ سرگرم هو، انگريز فوج ان جي تلاش ۾ سڄي ٻيلي تي بم وسايا، جڏهن بمباري کان بچيل ٿاڪن کي بچائڻ لاءِ رحيم هنڱوري ناري کا گهارو هڻي پاڻي سان ٻوڙي فوج جي اندر پهچڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا، گهارو لڳو ته ماڻهن بيٺل فصل ۽ ٻيو سمورو ٻيلو پاڻي هيٺ اچي ويو، حرن جي خوف ڪري ڪير گهارو ٻڌڻ ڪو نه آيو، ان دوران ڪيتريون ئي نيون ڍنڍون وجود ۾ آيون، حر تحريڪ تي ڪم ڪندڙ محققن مطابق بقار جو هڪ وڏو حصو گهاري لڳڻ کانپوءِ ٺهيو ۽ سائو نارو پاڻي هيٺ اچي ويو،
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڄو زور پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر آباد ڪرڻ تي ڏنو ويو، ٻيلا، جهنگ، جانور، پکي پکڻ ۽ ٻي حياتياتي رنگارنگي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو، ايتري قدر جو 53_1932ع جي وچ واري عرصي دوران مکي ٻيلي جي گڪ فاريسٽر کي اهو چوڻو پيو ته رحيم هنڱورو مکي جي جهنگلي جيوت ۽ وڻن لاءِ قدرت طرفان رحمت بڻيل هو، حڪومتي ادارن جي اهڙي بيحسي اڄ به قائم آهي،
سڄي مکي زراعت ۽ مڇي جي تلائن جي ورچڙهيل آهي، جنهن ۾ سواءِ چند ذاتي رکن جي خدا جي ان ٻي مخلوق لاءِ ذرو به رحم نه بچيو آهي، ستر سالن کانپوءِ هاڻ جڏهن مکي کي ڏنل پرائي ٻار جهڙو تحفو “ چوٽياريون ڊيم” ( جنهن کي مکي جو اڊاپٽڊ چائلڊ به چوندا آهن ) ڀرجي وري سڪو آهي ته ان جي تري مان ان زماني واري ٻيلي جا آثار هڪ ڀيرو ٻيهر نڪري نروار ٿيا آهن،
گذريل ڪجهه عرصي کان چوٽياريون وارو علائقو ڪاٺ جي چوري جو وڏو مرڪز بڻيل آهي، ان ڪري ڊيم اندر آيل پراڻين ڍنڍن جي تري وارو ڪاٺ علائقي جي ڪاٺ مافيائن لاءِ سون بڻجي ويو آهي، اصل ۾ مکي ٻيلو لئي جو وطن هو.چوٽياريون ڊيم ٺهڻ کانپوءِ مکي ٻيلي جي رهيل حالت به تباهه ٿي وئي ، هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا، زمينون خريد ڪيون ويون، جهنگلي جيوت نالي ماتر وڃي بچيو آهي،
ان ڊيم جڪي سروي تي ڪم ڪندڙ ادارن سرميڪانلڊ، پاٽنرس، قومي انجنيئرنگ سروس، ايوسسيئيٽ ڪنسلٽنگ انجنيئر جي رپورٽ موجب ڊيم ٺهڻ سان پيدواري زمين جو خاتمو، مال جي چراگاهن جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي جوءِ جو خاتمو، جهنگلي جيوت جي چرپر، بند جي تعمير دوارن پاڻي جي ترسيل ۽ نظام ۾ رنڊڪ پوڻ، واهن ۾ مٿاهين پٽن جو پاڻي کڻي ايندڙ، نين جي ڇيڙڇاڙ، ناري ڪئنال سان گڏوگڏ سم ۽ ڪلر جو وڌي وڃڻ، تيار ٿيل وڻ جي تباهي يا خاتمو، ڦاڙهي کي جوءِ نيڪالي اچڻ، پاڻي جي گدلاڻ، تعميراتي مٽي ۽ ڌوڙ جو اڏرڻ وغيره.ڊيم ٺاهڻ دوران ماڻهن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا اهي پورا نه ڪيا ويا،
اسان ڏٺو ته نه ته پاڻي وڌيو، نه ئي مهاڻن کي لائسنس مليا ۽ نه ئي کين پاڻي جو حق، هارين کي نه مليون نه کين گهر ٺهي مليا، مالوندن سان وڏو مذاق ڪيو ويو، هن ڊيم جي ڪري هنن سڀڪجهه وڃايو، ڊيم ٺهڻ کانپوءَ نه ته ڊيم ڀرجي سگهيو، نه ئي ٽيوب ويل هلي سگهيا، گهڻا ٽيوب ويل ته سڙي رکي ٿي ويا يا چوري ٿي ويا، نارا جي ريماڊلنگ سان پاڻي جي بچت به نه ٿي، ڳري مشينري جي اچڻ ڪري جهنگلي جيوت خوف وچان ميداني علائقن جو رخ ڪيو، ڊيم جي ڪري علائقو کلي ويو، وائلڊ لائيف وارن به ڪي جوڳا قدم نه کنيا،چراگاهه ختم ٿي ويا، فطرت جي حسين نظاري مکي ٻيلي جي سونهن اجڙي وئي، هڪ خوبصورت ٻيلي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو. پوري پاڪستان ۾ هن وقت ٻيلن جو صرف ٻه سيڪڙو رهيو آهي جيڪو به مستقبل ۾ ختم ٿي ويندو،

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:
Post a Comment