Saturday, November 21, 2015

Illegal water business in Hyderabad

Un edited Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
شاھنواز خاصخیلی

 منرل واٽر جو غيرقانوني ڪاروبار 

تحقيقاتي رپورٽ

 حيدرآباد ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي نالي تي سوين ڪوڙيون ۽ غيرقانوني اڪمپنيون مضر صحت پاڻي فراهم ڪرڻ لڳيون، شهر جي هر هنڌ تي ڪلين واٽر فلٽر پلانٽ کليل، 95 سيڪڙو اڻ رجسٽرڊ ۽  ان سرٽيفائيڊ، ماڻهن گهرن، پاڙن ۽ مخلتف هنڌن تي هٿرادو فلٽر پلانٽ لڳائي ڇڏيا، مضر صحت پاڻي جو وڪرو جاري،  ننڍو پلانٽ هڪ لک کان ٽي لک ۽ وڏو پلانٽ ويهه کان پنجاهه لک ۾ لڳي ٿو،  ڪيترين ئي جعلي نالن تي ڪمپنيون هلندڙ،  پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي رجسٽرڊ ڪمپنين جي بوتلن ۽ ڪينن ۾ هٿرادو  منرل واٽر جي ڪمپنين جو مضر صحت پاڻي وجهي کپايو پيو وڃي، اسپتالن ۾ اڪثر جعلي ڪمپنين جون منرل واٽر بوتلون پيل، هٿرادو فلٽر پلانٽن ۾ پاڻي مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ جو ڪو نظام ناهي، اڪثر پلانٽ اصولن جي ابتڙ هنڌن تي قائم ، ڪيترائي ماڻهو گڙدن، ڪاري سائي ۽ اسڪن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا
  
  حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي نالي تي سوين غيرقانوني ڪمپنيون کليل،  مضر صحت پاڻي واپرائڻ سبب انساني صحت داءِ تي لڳل

 حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ماڻهن گهرن اندر فلٽر پلانٽ لڳائي غيرقانوني طور صاف پاڻي جي نالي مضر صحت پاڻي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد شهر جي جر جو پاڻي مٺو نه هئڻ ۽ واٽر سپلاءِ  جو پاڻي صاف نه هئڻ سبب شهر جي نوي سيڪڙو کان مٿي آبادي دڪانن،  جرنل اسٽون ۽ مخلتف ڪمپنين کان پاڻي خريد ڪري واپرائيندي آهي،  جڏهن ته منرل واٽر جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي رجسٽرڊ ڪمپنين مثلا نيسلي، اڪوائفينا، پيور ۽ ڪلين سميت ٻين ڪمپنين جي ڪينن ۽ بوتلن ۾ مضر صحت پاڻي وجهي شهر ۾ کپائي رهيا آهن ، ان کان علاوه شهر جي مخلتف گهرن، پاڙن ۽ ڪرائي تي جڳهيون وٺي اتي ڪلين ڊرڪنگ واٽر جي نالي تي غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ ڪمپنيون کولي غيرقانوني طور پاڻي واپرائي رهيا آهن 

 حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گوڊ لائيف، زيرو، ميرائين، پيورلي، فريش واٽر، موم، اليا،  پيور ڪول، اورئيل، سيف ۽ نيچرل سميت سوين جعلي نالي سان غير قانوني ڪمپنيون پاڻي کپائي رهيون آهن، پاڻي کي سائٽينفيڪ طريقي سان صاف نه ڪرڻ سبب ان پاڻي ۾ جراثيم ۽ بيڪٽريا رهجي ٿا وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي پاڻي واپرائيندڙ ڪاري سائي، گڙدن ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن انتظاميا توڙي وزارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ماتحت صاف پاڻي جي ڪمپنين کي مانيٽر ڪندڙ اداري پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ان تي ڪو به قدم نه کنيو آهي ،

  حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي هزارين اهڙيون غيرقانوني ڪمپنيون ۽ فلٽر پلانٽ لڳل آهن جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن،  پلانٽ  کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي جي لاڳو ڪيل قانونن جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهن،  عام طور ملندڙ سلينڊرن ، فلٽرن ۽ پاڻي جي وڏين ٽينڪن کي خريد ڪري پلانٽ لڳايو وڃي ٿو، ننڍي پلانٽ جو خرچ هڪ لک کا ن ٽي لک ۽ وڏي پلانٽ جو خرچ ويهه پنجاهه لک رپيا آهي. جڏهن ماڻهو رجسٽرڊ ڪمپنين جو پاڻي مهانگو هجڻ ڪري خريدڻ کان لاچار آهن۽  مقامي طور تيار ٿيندڙ پاڻي سستو آهي، رجسٽرڊ ڪمپني جو 19 ليٽر وارو ڪين 70 کان 90 رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي جڏهن ته غيرقانوني منرل واٽر فلٽر پلانٽن جي پاڻي جو 19 ليٽر واري ڪين 20 کان چاليهه رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب ماڻهو سستو پاڻي خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا

  اسپتالن، بس اسٽاپن ۽ تفريحي هنڌن تي نقلي پاڻي جو وڪرو  
  حيدرآباد جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن، بس اسٽاپن ۽ تفريحي جاين تي منرل واٽر جي نالي تي نقلي پاڻي جو وڪرو عروج تي آهي،  اڪثر هنڌن تي نمل، نيچر، لائيف ۽ ڪلين واٽر جي نالي تي غيرقانوني پاڻي جون بوتلون وڪرو ٿيندي نظر اچن ٿيون، جيڪي اڪثر ڪري جي پاڻي کي ڪڍي انهن بوتلن ۾ ڀري وڪرو ڪيو وڃي ٿو، سندس ذائقو پڻ ڪڙو هوندو آهي

 لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ غيرقانوني فلٽرپلانٽ لڳل 
                                                                                                      لطيف آباد ۽ قاسم آباد غير قانوني منرل واٽر ڪاروبار جا مک مرڪز بڻيل آهن، ٻنهي علائقن ۾ سون جي تعداد ۾ غيرقانوني پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ لڳل آهن، جڏهن انهن ٻنهي علائقن مان ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾  پاڻي جون بوتلون ۽ ڪين سپلاءِ ڪيا وڃن. ٻنهي علائقن جي غريب آبادي اهو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي 

  پلانٽ پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول قانون جي ابتڙ ڪم ڪندڙ                                                                                                                                      منرل واٽر توڙي فوڊ جي نگراني ڪندڙ ۽ انهن جي ڪمپنين کي  لائسنس جاري ڪندڙ پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ماتحت اداري جي قانون تحت پاڻي صاف ڪرڻ وارو پلانٽ مٽي ۽ دز کان محفوظ هجي، پاڻي جي باقائدگي سان ريفرشنگ ٿيندي هجي ۽ پاڻي مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم ڪرڻ لاءِ ڪيمڪيل ڊوز استعمال ڪيا وڃن پر اڪثر پاڻي وارا پلانٽ  روڊن ڀرسان هجڻ ڪري اتي مٽي ۽ دز مسلسل ايندي رهي ٿي ۽ اڪثر پلانٽن ۾ صفائي جو به باقائده نظام ناهي

 غيرقانوني پاڻي جي وڪري ۾ مافيائون ملوث 
  غيرقانوني صاف پاڻي جي وڪري ۾ اڪثر سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ مقامي طور بااثر ماڻهن ملوث آهن، جن خلاف انتظاميا ڪارروائي کان بيوس نظر اچي ٿي، ان ڏس ۾ هڪ انتظامي عملدار ٻڌايو ته هن هڪ پلانٽ تي ڇاپو هنيو جيڪو هن جي معطلي جو سبب بڻجي ويو، جنهن بعد ڪو به اعليٰ توڙي انتظامي عملدار ان معاملي ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. ان مافيا ۾ گهٽي جي دڪاندار کان وٺي اعليٰ شخصيتون شامل آهن.  

 اڪثر پلانٽن تي گريجوئيٽ نوجوان ڪم ڪندڙ

 حيدرآباد جي اڪثر پلانٽن تي يونيورسٽين جا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ نوجوان ڪم ڪندڙ  لطيف آباد جي پلانٽ تي ڪم ڪندڙ نوجوان ٻڌايو ته هن سنڌ يونيورسٽي مان پبلڪ رليشن  ۾  بيچلر ڪئي جڏهن ته بيروزگاري سبب هن هي ڪاروبار شروع ڪيو آهي، شروعاتي طور هن پلانٽ تي ٻه لک رپيا خرچ ڪيو آهي سندس چوڻ ته في الحال هو پنهنجا پئسا ڀري پيو پر ڪاروبار هلي پيو ته منافعي بخش آهي،  جڏهن ته قاسم آباد ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪيل ٻن نوجوانن پلانٽ لڳائي ڪاروبار شروع ڪيو آهي، سندس چوڻ ته پوليٽيڪل سائنس جو اسڪوپ نه هئڻ سبب هنن ڪاروبار شروع ڪيو آهي ۽ ڪاروبار نوڪري کان بهتر آهي
  
 اڪثر پلانٽن تي  لمس جي واٽر اينڊ ڪوالٽي شعبي جو سرٽيفڪيٽ ٽنگيل
                                                                                                                     لمس يونيورسٽي جو شعبو واٽر اينڊ ڪوالٽي جيڪو مفت ۾ پاڻي جي چڪاس ڪري  ماڻهن کي معلومات ڏيندو آهي ته هي پاڻي پيئڻ جي قابل آهي يا نه، جڏهن ته رجسٽرڊ ڪرڻ سندس اختيار ۾ ناهي، اڪثر پلانٽن تي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ لمس جي انهيءِ شعبي جو سرٽفيڪيٽ ٽنگيل هوندو آهي يا وري ماڻهن کي اهو ڏيکاريندا آهن.
                                                                            
 اڪثر پلانٽن تي پراڻا فلٽر لڳل، ڪارٽيج به ساڳيا

  حيدرآباد جي انهن غيرقانوني پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن تي پراڻا فلٽر لڳل آهن جڏهن  ته ڪيترن  ئي فلٽر جي ڪارٽيج به تبديل نٿي ڪئي وڃي جيڪا اصولن تحت هڪ مقرر مقدار ۾ پاڻي ڪڍڻ بعد تبديل ڪبي آهي، جڏهن ته ريور پاڻي کي صرف صاف ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان بيڪٽريا ۽ جراثيم ختم  نٿا ڪيا وڃن، جڏهن ته جر جي پاڻي مان سنکيو جي مقدار به گهٽائي نه ٿي وڃي، عام طور تي جر جي پاڻي ۾ سنکيو 12 سئو کان 17 سئو ٽي پي ايس تائين سنکيو ملي ٿو، جنهن کي گهٽائي ٽي کان چار سئو تائين آندو ويندو آهي پر ايئن نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته واٽر کي ريفرش ڪندڙ  واٽر وائيلٽر يا ته ناڪاره بڻيل آهن يا ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو جواز ڄاڻائي انهن کي بند رکيو ويندو آهي جنهن سبب پاڻي صرف صاف ٿي ٻاهر ايندو آهي، جڏهن ته ان بيڪٽريا ۽ جراثيم موجود هوندا آهن 

 عوامي جاڳرتا ۽ حڪومت طرفان ڪا به مهم نه هلائڻ 

 حيدرآباد جي ڪيترن ئي شهرين کي خبر ئي ناهي ته منرل واٽر جي ڪاروبار تي نظرثاني ڪندڙ به ڪو ادارو آهي ۽ انهن ئي اها به خبر ناهي ته ان پاڻي واپرائڻ سان ڪهڙا هاڃيڪار اثر پون ٿا، عوامي جاڳرتا نه هجڻ ۽ حڪومت طرفان عوامي جاڳرتا لاءِ ڪا به مهم نه هلائڻ سبب ماڻهن کي خبر به نه آهي ته اهو پاڻي سندن صحت لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار آهي، جڏهن ته جاڳرتا نه هجڻ سبب حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ چمڙي جي بيماري جا مريض عام جام ملن ٿا 

Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year) Improver ( 1st year 2nd semester )    
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi  

No comments:

Post a Comment