Saturday, November 21, 2015

Profile - Amar Fayaz by Shahnawaz Khaskheli

 Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
امر فياض ٻرڙو
( پروفائيل)
شاھنواز خاصخیلی

ڪڏهن زندگي ۾ اهڙا لمحا ايندا آهن جو ماڻهو چڪرائجي ويندو آهي ۽ هن جي سوچ جي سڄي ڌارا تبديل ٿي ويندي آهي، ڪي ڪي شيون فوري طور انسان جي دماغ کي هٽڪنديون آهن ۽ ماڻهو هڪ نئين جنون سان نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪندو آهي، ڪرندڙ صوف ڏسي نيوٽن جي زندگي جي ڌارا ئي بدلجي وئي ۽ ان سخت ۽ اڻٿڪ محنت ڪرر فزڪس جا لا آف موشن کان سواءِ ڪيترائي لا متعارف ڪرائي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو، اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نيوٽن کان بغير فزڪس جو عمل اڌورو ڇا بلڪه نامڪمل سمجهيو ويندو آهي، ائين پاڪستان ۾ به اهڙيون شخصيتون موجود آهن جيڪي دنيا جي جدت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ مصروف آهن،

 دنيا کي ٽيڪنالاجي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي، جديد دور ۾ جتي ڪيتريون ئي شيون  هٿن مان نڪري ڪمپيوٽر تي منتقل ٿي ويون آهن اتي پوري دنيا جا ماڻهو هن ٽيڪنالاجي واري ڊوڙ ۾ پنهنجي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي منتقل ڪري رهيا آهن، ڇو جو ٻولي جي وجود کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍي ئي بچائي سگهجي ٿو،  سنڌي ٻولي کي بچائڻ ۾ جتي سنڌ لئنگويج اٿارٽي سميت مخلتف ادارا ٻولي جي بقا لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن اتي سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ ليپ ٽاپ ۾ اکيون کپائي ويٺل امر فياض ٻرڙو ايندڙ وقت کي ڏسي سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، يقينن امر فياض ٻرڙو جو جنون کيس ڪامياب ڪندو،

امر فياض ٻرڙو  هڪ ڊسمبر 1967ع تي ڳوٺ ڏانيو ٻرڙو ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان وڻن هيٺيان ويهندي حاصل ڪئي، مئٽرڪ ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي، هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان  مڪنيڪل مان ڊپلوما انجنيئرنگ ڪئي، ڊپلوما دوران امر فياض ٽيوشن به پڙهائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي انائونسر ۽ ڪمپيئر پڻ هو، بقول امر فياض جي  ته هن ننڍي هوندي کان ليبر طور ڪم ڪيو آهي، ڊپلوما ڪرڻ جي ڏيڍ سال بعد هن ڪميشن  ڏني ۽ کيس پاڪستان ريلوي ۾ اسسٽنٽ فورمين جي نوڪري ملي، ڇهن سالن ۾  امر فياض پرموٽ ٿيندي ٿيندي سترهين گريڊ تائين پهتو، امر فياض رشوت نه وٺڻ سبب دٻاءُ پوڻ ڪري هن  نوڪري تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي.  جنهن بعد امر فياض ڊبليو ٽي او جي  انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزر جوائن ڪري ڪينڊا هليو ويو،  ٽن سالن جي نوڪري بعد استيفيٰ ڏئي ڇڏي،  جنهن بعد هن يونائيٽيڊ نيشن ۾ ڪميونيڪشن آفيسر طور جوائن ڪيو، ان دوران هن شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سوشالاجي ڪئي،

 اسلام آباد جي هڪ پروگرام ۾ انگريز امر فياض جي زندگي جو رخ مٽي ڇڏيو، انگريز کيس چيو ته اوهان وٽ ڪو لئنگويج انجنئير  ناهي، اوهان ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي ٻولي کي ڇو ٿا ماريو، امر فياض ان انگريز کي پنهنجو استاد مڃي ٿو، امر فياض ٻڌايو ته انگريز کيس طعنو ڏيندي چيو ته يونيوسٽين کان وٺي آفيسن تائين اوهان چوري جا ونڊوز ٿا هلايو تنهنڪري اوهان کي قدر ناهي، ان بعد امر فياض يونائيٽيڊ نيشن جي نوڪري تان استيفيٰ ڏئي پنهنجي سڄي ذهني قوت ڪمپيوٽر ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي، پاڻ وٽ گڏ ڪيل ڪجهه لک گهروارن کي ڏئي ڇڏيا ته گهر هلايو ۽ پاڻ گوشه نشين ٿي ويو،

 سندي فارم تي ٻن ڪمپيوٽرن ۽ هڪ ليپ ٽاپ سان هن ٻولي تي ڪم شروع ڪيو ۽ ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ شروع ڪيو، سڀ کان پهريان امر فياض اردو جي پهريون ٽيڪسٽ بيسڊ پروگرام امر نصالحيف جي اسلام آباد ۾ نمائش ڪئي، امر فياض سڀني ٻولين کي کڻي ورسٽائيل پروگرام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وقت امر فياض سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ انفارميشن ٽينڪنالاجي اسپيلشسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي، هيئنر تائين پاڻ ۽ سندس ٽيم پرنٽ ميڊيا جي ڊڪشنري کان وٺي يارنهن مختلف ڊڪشنرين جي موبائيل ايپ متعارف ڪرائي چڪا آهن،

 امر فياض ٻڌائي ٿو ته ڊسمبر ۾ سنڌي جي امجينو ٽائپ لئنگويج پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون، ان کان علاوه ڪيترائي چئينلج آهن، موجوده وقت ۾ امر فياض مائيڪرسافٽ سميت فيسبڪ جو ڪور ميمبر آهي، امر فياض کي محسن اردو سميت ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن، مڪينڪل ڊپلوما ڪندڙ امر فياض کي جنون لئنگويج انجنيئر بڻائي ڇڏيو، امر فياض مستقبل ۾ سنڌي کي مڪمل طور ڪمپيوٽنگ سان ڳنڍڻ لاءِ گوگل تي سنڌي سميت ڪيترائي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، اميد آهي ته سندس اهي ڪوششون ڪامياب وينديون ۽ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ سان ڳنڍجي تحفظ حاصل ڪري وٺندي ۽ جدت جي ڌاري ۾ اچي ويندي.                                                                                            
Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year) Improver ( 1st year 2nd semester )

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment