Saturday, November 21, 2015

Sanghar: Rich in natural resources but poor


Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
قدرتي وسيلن سان مالا مال کنڊر بڻيل سانگهڙ ضلعو

تحقيقاتي رپورٽ

قدرتي وسيلن سان مالا مال سانگهڙ ضلعو کنڊر بڻجي ويو، ضلعو موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳو،  20 سيڪڙو کان مٿي گئس مهيا ڪندڙ ۽ تيل جي ذخيرن سان مالامال ضلعي جا 75 سيڪڙو ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ لڳا، تيل ڳوليندڙ 50 کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين ۾ اڪثر ڌاريا ڀرتي ٿيل، مقامي ماڻهن کي صرف ليبر طور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ضلعي جي نوجوانن جا ڏنل ڪاغذ ڊسٽ بين حوالي، ضلعي ڏانهن ايندڙ ويندڙ هر روڊ ٽٽل، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال دل جي وارڊ، گڙدن جي وارڊ ۽ ٻين وارڊن کان وانجهيل، مقامي سياسي اڳواڻن جي ماهانه منٿلي مقرر ٿيل، ضلعي جي چونڊيل نمائنده جون ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ٿيل. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ  

                                                                                                             سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان مالامال سنڌ جي امير ضلعي سانگهڙ جا  75 سيڪڙو  ماڻهو انتهائي غربت جي زندگي گزاري رهيا آهن، ضلعي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري ضلعو موئن جو دڙو جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، ضلعي ڏانهن ايندڙ ويندڙ هر روڊ ميرپورخاص_سانگهڙ روڊ، نوابشاهه _سانگهڙ روڊ، شهدادپور_سانگهڙ روڊ، ۽ ٽنڊآدم_ سانگهڙ روڊ سميت جو ضلعي جا سڀئي ننڍا وڏا 
روڊ توڙي لنڪ روڊ تباهه بڻجي ويا آهن جنهن سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن ، 

هڪ رپورٽ موجب سانگهڙ ضلعي اندر گذريل ٽن سالن ۾  ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيا جن مان 50  کان مٿي فوري طبي سهولتون نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويا، ضلعي جي 75 سيڪڙو کان مٿي آبادي انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهي آهي، جڏهن ته  ضلعي اندر تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳوليندڙ 50 کان مٿي ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين ۾ وڏي تعداد ۾ ڌاريا ڀرتي ڪري مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. 

 مقامي ماڻهن کي صرف ليبر طور ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ضلعي جي ٻن مک گئس پلانٽن ٻوٻي آئل اينڊ گئس پلانٽ ۽ رواتياڻي آئل اينڊ گئس پلانٽ ۾ پيش امام به ٻين صوبن جا ڀرتي ٿيل آهن،  جڏهن مقامي نوجوان طرفان ڏنل ڪاغذن کي ڊسٽ بن ۾ اڇلايو ويندو آهي، ان کان علاوه انهن ڪمپنيون ضلعي ۾ ترقياتي ڪم به نٿيون ڪرائين، ضلعي جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال  ۾ دل ۽ گڙدن جو وارڊ ناهي جنهن سبب ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر  ٿيڻ کان پهريان ئي فوت ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته ڪمپنين معاهدي تحت ضلعي اندر نه ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو آهي نه ئي تعليم ۽ صحت  جي بهتري لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون آهن،

 ضلعي جي چونڊيل نمائنده، مقامي وڏيرن ۽ ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ سبب ضلعي جي حالت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندي پئي وڃي، ضلعي جي چونڊيل نمائنده جون انهن ڪمپنين ۾ ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ٿيل آهن جن جي ماهانه رقم باقائدگي سان انهن جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي، جڏهن ته مقامي وڏيرن جون پڻ منٿليون مقرر ٿيل آهن جيڪي ڪمپنيون انهن کي ادا ڪنديون آهن، ٻئي طرف سانگهڙ بار جي عهديدران پاران ڪمپنين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن جي داخل ڪئي وئي هئي جن  جي لاڳيتو ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو هو ته ڪمپنيون معاهدي موجب ضلعي ۾ ڪم ڪري رپورٽ پيش ڪن، سانگهڙ ضلعي جي اهڙي ابتر صورتحال تي سپريم ڪورٽ انتهائي سخت ريمارڪس ڏنا هئا 
   اي پي ڪمپنيون ڪيتري ئي عرصي تائين پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ جي ڀڃڪڙي ڪنديون رهيون، معاهدي تحت کين ضلعي اندر مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، ماحولياتي آلودگي روڪڻ سميت طئي شده رقم اسپتالن، اسڪولن ۽ روڊن رستن جي مرمت تي خرچ ڪرڻي هئي،     

 تيل ڳوليندڙ ڪمپنيون جن کي اي پي چئجي ٿو اهي ڪيتري ئي عرصي تائين پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ جي ڀڇڪڙي ڪنديون رهيون،  تيل ڳوليندڙ  ۽ تيل پيدا ڪرڻ واري ڪمپنين کي حڪومت سان  طئي ٿيل معاهدي ( پي سي اي ) تحت ڪمپنين کي تيل ۽ گئس وارن علائقن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ، ماحولياتي آلودگي روڪڻ ، گئس جون سهولتون مهيا ڪرڻ سميت طئي شده رقم اسڪولن ۽ اسپتالن جي بهتري سميت روڊن ۽ رستن جي تعمير تي خرچ ڪرڻي هئي پر ڪمپنيون ڪيتري ئي عرصي تائين انهي معاهدي ڪمپنين جي ڀڇڪڙي ڪنديون رهيون 

 چيف جسٽس جي ٽنڊوآدم بار ڪائونسل آمد وقت بار جي صدر عبدالحڪيم کوسو خطاب ۾ ڪمپنين جي ڏاڍ کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو، جنهن خطاب جي نقل ڪاپي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري شعبي کي موڪلي ۽ پوءِ  ٻڌڻيون شروع ٿيون،

سپريم ڪورٽ ۾ سانگهڙ جي بدحالي ۽ ڪمپنين پاران معاهدي تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي شروعات 10 آڪٽوبر 2013 کان ٿي، ٽنڊوآدم بار ڪائونسل جي حلف برادري تقريب ۾ چيف جسٽس پڻ آيو هو، حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي بار ڪائونسل جي صدر عبدالحڪيم کوسو ضلعي جي حالت ۽ ڪمپنين پاران ٿيندڙ زيادتين کان چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد چيف جسٽس ان خطاب جي ڪاپي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سپريم ڪورٽ جي انساني حقن واري شعبي کي موڪلي جنهن تحت ڪيس نمبر 13371 داخل ٿيو ۽ ڪمپنين کان وضاحتون طلب ڪيون ويون ، جنهن تي او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين ڪمپنين وضاحتون ڏنيون پر اهي تسلي جوڳيون قرار نه ڏنيون ويون، جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي آرٽيڪل (3) 184 تحت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪيس جي باقائده ٻڌڻيون شروع ڪيون ويون، ڪجهه ٻڌڻيون اسلام آباد ۾ ، 19 سيپٽمبر 2013 ۾ ڪراچي سپريم ڪورٽ ۾ ۽ آخري ٻڌڻي 28 آڪٽوبر 2013 تي ڪراچي ۾ جسٽس جواد ايس خواجه، جسٽس خلجي عارف حسين ۽ جسٽس گلزار  تي ٻل ٽي رڪني بئنچ ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو، فيصلو جسٽس جواد ايس خواجه لکيو   

 آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت بنيادي ڄاڻ تائين رسائي، اي پي ڪمپنين پاران فلاحي فنڊ جي گڏڻ ڪر ڻ، نگراني ۽ انهن جو مفيد استعمال يقيني بڻايو وڃي، هر ڇهن  مهينن بعد کليل ڪچهريون منعقد ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ جو فيصلو 
                                                                                             
 سپريم ڪورٽ سانگهڙ گئس اينڊ آئل ڪمپنين جي ڪيس جو فيصلو ڏيندي چيو هو  ته آئين جي آرٽيڪل 19 اي تحت معلومات تائين پهچ جي بنيادي حق جي طريقڪار مطابق اي اينڊ پي ڪمپنينز ذريعي گڏ ٿيندڙ فلاحي ۽ سماجي فنڊن جي نگراني ۽ انهن جي مفيد استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، مقامي ضلعي حڪومت کي انهن ۾ ضرور شروع شامل ڪيو وڃي، خصوصي طور هر ڇهن مهينن ۾ کليل ڪچهريون ڪرايون وڃن ۽ عوام کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهارن ذريعي دعوت ڏني وڃي، ڊائريڪٽر پي اي کي هدايت ڏني وئي ته حاصل ٿيندڙ رقمن جي جامع رپورٽ ٺاهي وڃي،
 ضلعي جي ترقي لاءِ جوڙيل پروڊڪشن ڪاميٽي به سياسي اختلافن جي ور چڙهيل، هر چونڊيل نمائنده ڪمپنين پاران ڏنل ترقياتي فنڊ پنهنجي علائقي ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل 
      سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ڪمپنين جي ڏنل فنڊن تي ترقياتي ڪم ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ پروڊڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن جو ڪنوينر ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين پ پ پ ايم پي اي فراز ڏيرو کي ٺاهيو ويو، ڪاميٽي ۾  فنڪشنل ليگ  ۽ پيپلزپارٽي جا ٽي ٽي ايم،پي،ايز رکيا ويا، پر اها ڪاميٽي به سياسي اختلافن جي ور چڙهي وئي ۽ هر چونڊيل نمائنده ترقياتي فنڊ پنهنجن علائقن ۾ استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي جنهن ڪري فنڊن جي صحيح استعمال تي پڻ خدشا موجود آهن.                                             
  ويهه لک آبادي واري ضلعي جي اسي سڪيڙو آبادي صاف پاڻي کان محروم، 68 يوسيز مان صرف 20 يوسيز ۾ فلٽر پلانٽ لڳل، اڌ کان وڌيڪ فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻيل، 
  ويهه لک کان مٿي آبادي واري ضلعي سانگهڙ  جي اسي سيڪڙو آبادي صاف پاڻي کان محروم، اسي سيڪڙو آبادي واٽر سپلاءِ جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور، واٽر سپلاءِ به ويهه کان پنجهويه سال پراڻا، جڏهن ته ضلعي جي 68 يوسيز مان صرف 20 يوسيز ۾ فلٽر پلانٽ لڳل آهن جن مان اڌ کان وڌيڪ ناڪاره بڻيل آهن  

 ضلعي جا چار سئو کان مٿي پرائمري اسڪول بند، 11 هائير سڪينڊري اسڪولن مان 8  جي ايس،اين ،اي منظور نه ٿي، عمارتون موجود،اسٽاف اڻلڀ، ويهه لک آبادي لاءِ چار تعلقي اسپتال ۽ ڇهه رورل هيلٿ سينٽر موجود، اڪثر اسپتالن م ايڪسري جي سهولت ناهي. 
  سانگهڙ ضلعي ۾ چا سئو کان مٿي پرائمري ۽ مڊل اسڪول بند ٿيل آهن، جن مان ڪجهه وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا بڻيل آهن، 11 هائير سيڪنڊري گرلز اينڊ بوائز اسڪولن مان 8 اسڪولن جي ايس  اين اي سالن کان منظور نه ٿي، ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل عمارتون اسٽاف نه هئڻ ڪري زبون حال بڻجي ويون، جڏهن ته  هائير سڪينڊري جا استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري ضلعي جي ڏهه هزارن کان مٿي شاگردن جي تعليم  ڪيترن ئي سالن کان داءِ تي لڳل آهي، مٿئين ڪلاس جا ٻار پرائيويٽ ٽيوشن سينٽرن تي داخلا وٺي اڳتي نڪري وڃن ٿا جڏهن ستر سيڪڙو کان مٿي غريب شاگرد انٽر بعد گهر ويهي رهن ٿا

 ضلعي جي ويهه لک آبادي کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ صرف چار تعلقي اسپتالون ۽ ڇهه رورل هيلٿ سينٽر موجود، ضلعي جيون ڪيتريون ئي ڊسپنسريون بند، اڪثر اسپتالن ۾ ته ايڪسري جي سهولت به ناهي، بجيٽ جي کوٽ ڄاڻائي مريضن کي دوائون ٻاهران وٺن جي هدايت ڪئي وڃي ٿي، ضلعي جي مک اسپتال ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال سانگهڙ  ۾ ماڻهن وڃڻ کان لنوائيندا آهن، هن مک اسپتال ۾ دل جي مريض کي فوري طور هڻڻ واري انجيڪشن به موجود ناهي 
 جتي تيل ۽ گئس جا ذخيرا ظاهر ٿيا اتي جي آبادي غربت کان هيٺ واري لڪير ۾ زندگي گهاريندڙ  
                                                                                                                  سانگهڙ ضلعي جي جن علائقن ۾ وڌيڪ تيل ۽ گئس جا ذخيرا مليا اتي جي آبادي غربت کان هيٺ زندگي گهاريندڙ آهي، رپورٽ موجب تيل ۽ گئس جي ذخيرن وارن علائقن  ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت  هيٺ  تعلقن ۾ پهرئين نمبر تي تعلقو سنجهورو، ٻئين نمبر تي سانگهڙ، ٽئين نمبر تي شهدادپور ۽ ٽنڊوآدم آهن 

 ضلعي جي سول سوسائٽي جا حال به هيڻا 

   سانگهڙ ضلعي جي سول سوسائٽي جا حال به هيڻا آهن، اها ضلعي جي ترقي، مقامي ماڻهن کي ڪمپنين ۾ روزگار ڏيڻ توڙي شعوري سجاڳي لاءِ موثر ڪردار ادا نه ڪري سگهي، غربت ۽ تعليم جي گهٽتائي سبب ڪا به موثر تحريڪ ضلعي اندر پنهنجا پير نه کوڙي سگهي آهي، سپريم ڪورٽ به سانگهڙ ضلعي جي ڪيس دوران ريمارڪس ڏنا هئا ته اسان ته حڪم ڏيون ٿا پر سول سوسائٽي کي به اڳتي اچڻ گهرجي ، ڪجهه عرصو پهريان شهرين، سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن تي مشتمل سول سوسائٽي تحريڪ هلائي هئي ان هڙتالون ۽ احتجاج به ڪيا هئا پر اها تحريڪ موثر ثابت نه سگهي، ان جو وڏو سبب ضلعي اندر  پيري مرشدي واري سياست آهي 
             
 ضلعو سانگهڙ ٽن قومي ۽ ڇهن صوبائي تڪن تي مشتمل آهي، گذريل ويهن سالن کان ڪنهن به چونڊيل نمائندي گئس اينڊ آئل ڪمپنين خلاف اسيمبلي جي فلور تي ڪو به آواز ناهي اٿاريو، ضلعي جو سينيٽر به خاموش  بڻيل 
                                 
   مشرف جي دور حڪومت ۾ هن ضلعي تي فنڪشنل ليگ جي حڪمراني هئي پر انهن به گئس اينڊ آئل ڪمپنين خلاف ڪو به آواز نه اٿاريو جنهن سبب انهن جو گئس اينڊ آئل ڪمپنينز جو ڳٺ جوڙ هو،  ضلعي سانگهڙ ۾ ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي تڪ آهن، موجوده وقت ۾ ضلعي مان هڪ سينيٽر، ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائنده آهن جڏهن ته هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي فنڪشنل ليگ جا چونڊيل نمائنده آهن پر انهن مان ڪنهن پنهنجي ضلعي جي تباهي ۽ گئس اينڊ آئل ڪمپنينز خلاف اسيمبيلين ۾ آواز ناهي اٿاريو،  اها ڳالهه ضلعي م هر ماڻهو جي زبان تي آهي فنڪشنل ليگ توڙي پ پ  جي چونڊيل نمائنده ۽ پارٽي اڳواڻن جو انهن ڪمپنين سان ڳٺ جوڙ آهي ۽ هر مهيني اهي انهن کان منٿليون وٺن ٿا ۽ پنهنجا ماڻهو رکن ٿا ان لاءِ اهي ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن

                                                        
 مقامي ماڻهن جا احتجاج  پر وڏيرا انهن کي هائيجڪ ڪري ويا

 آئل اينڊ گئس ڪمپنين خلاف مقامي ماڻهن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر انهن احتجاجن کي مقامي وڏيرا هائجيڪ ڪري ويا، جنهن سبب سندن احتجاج بنا نتيجي تي پڄاڻي تي پهتا، ٻئي طرف ڪمپنين مقامي ماڻهن جي احتجاج کان بچڻ ۽ انهن کي هيسائڻ لاءِ رينجرز جون خدمتون پڻ ورتيون آهن جيڪي انهن ڪمپنين اندر مقرر آهن 
            
 اڪثر ڪمپنين  ۾ جي ايم، ايم  ڊي تي آرمي جا ريٽائرڊ آفيسر مقرر ٿيل
 سانگهڙ ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ڪمپنين جا ايم ڊي، جي ايم ، ايڊمنسٽريٽر ۽ مٿين پوسٽن تي آرمي جا ريٽائرڊ آفيسر مقرر ٿيل، جيڪي مقامي ماڻهن سان ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن ۽ ضلعي انتطاميا جي پڻ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ سندن اڳيان بيوس هجي ٿو

Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment