Showing posts with label رسول بخش بوداڻي. Show all posts
Showing posts with label رسول بخش بوداڻي. Show all posts

Saturday, September 12, 2015

ڀڳت ڀاڳچند profile

See it, if u can more
Profile by Rasool Bux Bodani
رسول بخش بوداڻي
ڀڳت ڀاڳچند

سنڌ جا ماڻهو هميشه موسيقي جا عاشق رهيا آهن جنهن  جون نشانيون موئن جي دڙي مان پڻ ملن ٿيون، يا وري قاضي قادن ۽ شاهه لطيف يا ٻيا شاعر به ان شي جو اهڃاڻ آهن ته سنڌ صدين کان موسيقي سان واڳيل رهي آهي، ائين سنڌي ادب ۾ نثر کان نظم ۽ شاعري پڻ  وڏي اهميت رکي ٿي ان جي ڪري شاعري جيڪا راڳي مختلف محفلن توڙي يا ميڙاڪن ۾ شاعرن کان خوب داد حاصل ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هڪ ته شاعر کي به داد ڏيڻ گهرجي پر ان کان مڃتا ڏيارڻ ۾ راڳي جو اهم ڪردار هوندو آهي، شاعر جي شآعري کي مختلف سازن سان ڌُنون ٺاهي ان کي راڳ ۾ ڳائيندو آهي ، تنهن جي ڪري شاعر توڙي راڳي کي عوام ۾ مڃتا ملي ٿي ان مان ظاهر ٿئي ٿو  ته هن سڄي مانڊاڻ کي مچائڻ ۾ راڳي جو اهم ڪردار هوندو آهي.
ان ئي راڳي جي پيشي۽ هڪ غريب هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ ڀڳت ڀاڳچند جو به انهن راڳين مان هڪ آهي جيڪو سنڌڙي جي تعلقي کپرو ۾ 1965ع ڌاري جنم ورتو هن کي ننڊي هوندي کان ئي موسيقي سان بيحد چاهت هئي ان  ڪري هن ننڍي عُمِر ۾ اٽي جي  چڪي هلائيندي  ان مان ڪيترائي سُر ٺاهيندو هو.  ڪيترن ئي قسمن جا راڳ   چهيڙي ويهندو هو ته ڪڏهن وري ان چڪي جي آوازن کي ساز سمجهي پاڻ کي ان ۾ پنهنجي هستي کي گُم ڪري ڇڏيندو هو ته اتان کان هي شخص متاثر ٿيو ۽ وڃي سازن جي  دنيا وسايائين .
ائين ئي مختلف سازن سِکڻ جو هن ۾ شوق جاڳيو ان ڪري هن گهانگهر جي وڄائڻ کان شروعات ڪئي ۽ لوهه جا ڊٻا پڻ وڄائي پنهنجو شوق پورو ڪندو هو. ائين آهستي آهستي باجو، يڪتارو، بينجو ۽ ٻيا ڪيترائي ساز سکيائين ۽ استاد تارا چند کان باقائدي ڳائڻ جي سکيا ورتائين اتان کان ئي صوفي موسيقي سان شروعات ڪيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري و ساري  آهي. هن پنهنجي ڳائڻ جي شروعات مختلف درگاهن کان ڪئي ۽ تائين به درگاهن تي ڳائيندو رهي ٿو، هن پنهنجو فن صرف پنهنجي پاڻ تائين محدود نه رکيو پر فن کي امانت سمجهي ٻين شاگردن کي به  ڏيندو اچي ، پنهجي هن فن سان ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آهن جيڪو اڄ تائين جاري رکيو اچي .
هن پوءِ پنهنجي پراڻي ڳوٺ کي ڇڏي شاهپور چاڪر وسايائين سن 2000ع ۾ هن اتي اچي رهائش اختيار ڪئي اڃا تائين اتي ئي پيو رهي . هن پنهنجي ميڊيا تي ڳائڻ جي شروعات خيرپور جي ريڊيو اسٽيشن تان ڪئين ، اُتي هن کي ڪرم علي ٽالپر متعارف ڪرايو ، جنهن کي هي روحاني مُرشد پڻ ڪري مڃي ٿو،
خيرپور ريڊيو اسٽيشن تان هن فقير جو هنن اکرن کان شروعات ڪئي
فقير جو مظهر الله جو مظهر
فقير مليو ته الله مليو
پوءِ هن سچل کي ڳايو“ قلب اندر قابو ڏٺوسين مڪي وڃڻ ڪهڙو ڪم” ائين هي پنهنجي هن فن سان ڪيترن ئي شاعرن کي سُرن ۾ چهڙيو آهي جن ۾ روحل فقير، مراد فقير، فقير درياءَ خان، بيدل سائين ، سچل سائين، ولي محمد لغاري، ڀڳت ڪبير، انور سائين ۽ حُضور سائين کان ويندي هن هن دور جي شاعر مانجهي فقير تائين پنهنجا سُر وکيريا آهن.
هن جو پسنديدهه صوفي شاعر روحل فقير آهي اڄ به به ڪرم سائين جي واکاڻ ڪندو رهي ٿو ۽ هن ڪرم سائين جا ڪيترائي ڪلام ڳائي چڪو آهي ، روحل سائين کي پسند جو شاعر هئڻ ڪري اڄ تائين هي ان فقير جون هي سٽون سدائين چوندو رهندو آهي ڇو ته روحل فقير هفت زبان شاعر آهي.
  صحيع سڃاڻي پاڻ اٿئي سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قُلوب مان مدائي وارو ماڻ،
پري نِهارڻ  پِر کي سندو ڄٽن ڄاڻ ،
سائين توسان ساڻ رات ڏينهن روحل چوي.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi



Friday, September 11, 2015

مير شهداد خان ٽالپر جا تاريخي قبا


300 سالا تاريخي ميرن جا قبا تباهي جي ڪناري تي!!!
رسول بخش بوداڻي

سنڌ جي سيني مان صدين کان صدائون پيون اچن “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”  هي اهو نعرو آهي جيڪو سنڌ جي سپوت جوڌن ۾ هڪ نئون روح ۽ جذبو ڦوڪيو ڇڏي جنهن ڪري هو هر حالت ۾ پنهنجي مد مقابل سان مهاڏو اٽڪايو ڇڏين. اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ هميشه سورهيه مرد مجاهدن، آزادي جي علمبردارن عنظيم سرويچن کي جنم ڏنو آهي، سنڌ ڌرتي تي ڪڏهن 
پنهنجن جي حاڪميت رهي، ڪڏهن يلغار ڪري  ڌرتي ماتا کي اجاڙيو.
تاريخ جي انهي اٿل پٿل ۾ تاريخ جا وڇڙيل ورق اڄ به  شاهپوچاڪر ۾ موجود آهن ۽ “مير شهداد جا قبا” جي نالي سان سڌجن ٿا،
قومن جي عظمتن جا هي مينار ئي آهن، جيڪي کين دنيا ۾ اوچو ڳاٽ ڪرائن ٿا. سنڌ ڌرتي جيڪا پنج هزار سال پرڻي آهي. ان وقت به هي قوم تهزيب يافته ۽ سکي ستابي هئي. اڄ جي هن  سائنسي دور جا انسان خود حيران آهن   ته هزارين ورهيه اڳ سنڌو ماٿري جي انسان ايترا ترقي يافته ڪئين هئا.
تاريخ جي هن بي رحم اٿل پٿل ۾  حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل شاهپور چاڪر ۾ ميرن جو قديم قبرستان  “مير شهداد جا قبا”  شهداپور شهر جو بنياد وجهندڙ  مير شهداد خان ٽالپر  بن هوتڪ خان جي نالي پٺيان ميرن جو هي شاهي خانداني قبرستان آهي. هي شاهپور چاڪر کان چار ميل اتر_اولهه طرف  سدا واهه جي ساڄي ڪپ تي آهي، جنهن جو تعلق 12 صدين کان ڪلهوڙا حڪومت جي ٽآلپرن اميرن سان آهي. هي قبرستان اٽڪل 16 ايڪڙن تي پکڙيل آهي  جنهن ۾ 3 مسجدون ۽ ٻيا ڪيترائي قبن تي پٿرن جي نقش نگاري ٿيل آهي، جڏهن ته قبرن مٿان سن ۽ نالا اُڪريل آهن سنڌ جي هن ڪريگرن کي داد نه ڌيڻ زيادتي ٿيندي پر ان مان ڪنهن جا پٿر لڳل آهن ته ڪي وري ماڻهو لاهي ويا. هتي هڪ عاليشان قبي نما قبر مير صوبدار جي سپهه سالار ۽ شهداپور شهر جي بنياد وجهندڙ  مير شهداد خان ٽالپر جي قبر آهي، جنهن جي قبر ۽ مقبرو ملتاني ڳاڙي پٿر سان جڙيل آهي، قبر جي سيراندي کان پٿر تي پيدائش جي تاريخ  ماهه رجب 1147ع هجري لکيل آهي جڏهن ته انهي قبي ۾ ٻي قبر موجود  شاهپور چاڪر جو بنياد وجهندڙ مير چاڪر خان ابن
مير شهداد خان جي چئي وڃي ٿي،
 هن قبرستان جي ڏکڻ طرف  وڏي مسجد  جي اولهه طرف هڪ  وڏي قبر  ڳاڙي ملتاني پٿر سان ۽ مڪلي جي قبرستان جي طرز سان ٺهيل  مير چاڪر خان جي لاڏلي ڌيءُ  حوا بنت چاڪر خان وفات   19 رمضان 1210 هجري لکيل آهي . سرڪار ۽ ثقافتي کاتي طرفان ڪو به ڪم ناهي ٿيو نه وري ان تاريخي قبرستان جي ڪا سار سنڀال ٿي رهي آهي ، ٻيو ته ٺهيو پر اتي ڪو چڱي ريت ڪو رستو به ناهي ٺهيل جڏهن اسان ان قبرستان تي وياسين ته رستو نه هئڻ ڪري اسان کي گاڏي پري بيهارڻي پئي ۽ اسان قبرستان تائين پنڌ وياسين جڏهن اسان پهتاسين  اتي ڇا ڏسون جو هتي ڪاري وارا ڪک هئا ڪو چوڪيدار نه وري ڪو ٻيو جيڪو ان تاريخي ماڳن لاءَ سرڪار پاران سار سنڀال لاءَ رکيو ويو هجي ، قبرستان جيڪو 16 ايڪڙن تي مشتمل سو هاڻي وڃي ڪو ٻه ٽي ايڪڙ  بچيو آهي اتان جي بااثر ماڻهن قبرستان تي قبضو ڪري زمينو پوکي ڇڏيون آهن، ڪافي قبرون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن ، جڏهن ته قبرستان سِم ۽ ڪلر ۾ مڪمل لپٽيل آهي،  ميرن جي هن شاهي خاندان جي قبرستان بچائڻ لاءِ تڪڙا اُپاءُ نه ورتا ويا ته ٿوري عرصي ۾ هي قبرستان تباهه ٿي وين
دو. جڏهن ته ڪجهه لالچي ماڻهن دولت جي حوس ۾ ته ميرن هتي پنهنجي دولت(خزانو) لِڪائي هوندي سو ان ڪري ڪافي قبرن کي راتو رات ماڻهون کوٽيندا وڃن، ڪيترن ئي قبرن تان ماڻهو قيمتي پٿر لاهي ويا آهن. سنڌ جي هن 300 سالا قديمي قبرستان ۾ مقبرن ۽ مسجدن جي حالت تمام خراب آهي گهڻي ڀاڳي ڍهي چڪا آهن، سم ۽ ڪلر تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي جلد سنڌ جي ثقافتي ورثي جي پرگهور نه لڌي وئي ته سنڌ  جو هي قديمي ماڳ ۽ ان ۾ سنڌ جا سورهيه جوڌا ۽ سپوتن جا نشان مٽجي ويندا ، مگر افسوس جو حڪومت ۽ حڪمرانن کي خبر ناهي ته ڪڏهن انهن تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لهندا به صحيع يا نه ان جو ڪو پتو ناهي. اگر ائين ٿيو ته هي 300 سالا  تاريخ مٽجي ويندي.

11-09-2015

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Tuesday, September 1, 2015

انتظاميه جي بي حسي جو شڪار سانگهڙ

 آرٽيڪل رسول بخش بوداڻي
انتظاميه جي بي حسي جو شڪار سانگهڙ ضلعو.
 
سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف هلايل حُر تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ سانگهڙ ضلعو جتي زرعي حوالي سان زرخيز ۽ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪاٽن بيلٽ آهي، اُتي قدرتي وسيلن جي حوالي سان به هي ضلعو مالامال آهي، هن وقت ٻه وڏيون آئل فيلڊ پڻ هن ضلعي ۾ آهن جنهن ۾ ٻوٻي آئل فيلڊ ۽ سنجهورو آئل فيلڊ سميت ننڊيون آئل فيلڊون پڻ ڪم ڪري رهيون آهن، هڪ اندازي موجب ضلعي مان ڪروڙين روپين جو تيل ڪڍيو وڃي ٿو، ان سان گڏ ڦُٽين جي به رڪارڊ اُپت ٿئي ٿي پر بد قسمتي سان سانگهڙ ضلعو ملڪ جو ترقي يافته ضلعو هُئڻ بدران سڀ کان وڌيڪ پُٺ تي پيل ۽ بدحال آهي.

ضلعي جا هڪ ٻه نه پر سمورا روڊ ٽُٽل آهن، سانگهڙ کان ميرپورخاص، نوابشاهه، شهداپور ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ننڍا وڏا روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن جنهن ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن، جتان گاڏين جو هلڻ محال آهي، منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ به طئي نٿو ٿئي ان سان گڏ حادثا به روز جو معمول بڻيل آهن، انهن حادثن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن مريِض اسپتال پهچڻ کان اڳ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ڇڏي .

ضلعي ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون به ڪي ساراهه جوڳيون نه آهن ٻهراڙي جي علائقن ۾ پري پري تائين اسپتالن جو ڪو وجود ئي ناهي رورل هيلٿ سينٽر عوام لاء جيل بڻيل آهن اڪثر هيلٿ سينٽرن تي هڪ به ايمبولينس مليل ناهي ، وڏيون اسپتالون به انتظاميه جي بي ڌياني جو شڪار آهن ، انهن اسپتالن ۾ داخل مريضن سان ويهي حال اوربا ته اکين مان پاڻي اچي ويندو ، اسان وٽ شايد بيوسي جا ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءَ ٻيو ڪجهه نه هجي، ڇو ته هتي دانهن ڪوڪ جو درمان ٿيڻو ئي ناهي، امير دانهون ڪن ته  چئبو انهن سان ڪو نه ڪو مسئلو ضرور آهي، پر جڏهن ڪو غريب رڙيون ڪري ٿو ته چيو وڃي ٿو ته اهي ائين ئي دانهون ڪن ٿا هڪ بکيا ٻيا ماڻا گهڻا، ضلعي ۾ تعليم جو حال به صحت جهڙو ئي آهي ائين کڻي چئجي ضلعي جي تعليم کي به بهتر علاج جي سخت ِضرورت آهي، سروي ڪبي ته ضلعي ۾ سوين اسڪول بند، واڙن ۽ گدامن ۾ تبديل ٿيل ملندا، جن ڏانهن تعليم کاتي جي اختيارين ڪڏهن لڙي وڃڻ جي به زحمت ناهي ڪئي، انهن اسڪولن ۾ مقرر استاد ۽ ٻيو اسٽاف گهر ويٺي پگهار کڻي پنهنجن زاتي ڌنڌن ۾ مصروف آهن، اسڪول بند هُجڻ ڪري هزارين ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن پر ڪنهن کي ضرورت آهي جو غريبن ۽ بکين ٻارن کي مفت تعليم ڏيارڻ لاءَ جاکوڙي.

بيروزگاري ضلعي جو اهم مسئلو آهي، انتظاميه خاص طور تي ضلعي ۾ روزگار ذريعا پيدا ڪرڻ لاء ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن ، آئل فيلڊن ۾ ضابطن جي ابتڙ مقامي بدران ٻين صوبن ۽ ضلعن جي ماڻهن کي روزگار ڏئي سانگهڙ ضلعي جي ماڻهن جي حقن تي سرعام ڌاڙو هنيو ويو آهي ڪاٽن فيڪٽريون ۽ شگرملن پورهيتن لاءِ عذاب گهر بڻيل آهن، هزارين نوجوان بيروزگار آهن، اڪثر نوجوان ڊگريون کڻي وڏن شهرن ۾ ڌڪا کائيندي نطر اچن ٿا.

 آئل فيلڊن کي معائدي موجب علائقي ۾ روڊن ، صحت ۽ تعليم جون سهولتون مهيا ڪرڻيون آهن ر سانگهڙ جون آئل فيلڊون اهڙي معادي جي ڀڃڪڙي ۾ سڀ کان اڳتي آهن. آئل فيلڊن جي ويجهو رهندڙن ماڻهو به جديد دور ۾ پٿرن جي دور جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، آئل فيلڊن پاران ضلعي انتظاميه کي ملندڙ رائلٽي  نه ڄاڻي ڪهڙي کاتي ۾ هلي ٿي وڃي، جنهن مان اڄ تائين ضلعي تي نه هئڻ برابر يا نالي ماتر ڪو ڏيکاءُ لاءِ ڪم ڪيا ويا آهن، ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پڻ معاملو هلندڙ آهي، سپريم ڪورٽ جي سخت هدايتن باوجود ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو  سپريم ڪورٽ پنهنجي دليلن ۾ چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن سانگهڙ ضلعي ۾ تيل ڪمپنين پاران ملندڙ رائلٽي ضلعي تي خرچ  ڪئي وڃي ته سانگهڙ ضلعو پئرس بڻجي ويندو.

وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار (سائين سرڪار) ۽ سپريم ڪورٽ نوٽس وٺي سانگهڙ ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لا ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.   




  

Wednesday, August 19, 2015

انٽرويو نياز حسين بوداڻي زراعت ماهر ۽ زميندار

Ask him policies of different govts how benifited or harmed the agriculture?  Why big landlords are opting for cash crop? crises of cotton and sugar cane prices? will trade with India benifit Sindh growers

رسول بخش بوداڻي                                            تاريخ 20 آگسٽ 2015
انٽرويو نياز حسين بوداڻي (زراعت ماهر ۽ زميندار)

نياز حُسين بوداڻي جو جنم 15 جولاء 1975ع م  ضلع سانگهڙ جي شهر شهدادپور جي ڀر ۾ ڳوٺ محمد علي بوداڻي ٿيو هي شخص گذريل 20 سالن کان زراعت بابت مختلف فصلن جي مرض ، گهٽ خرچ زريعي وڌيڪ فصل حاصل ڪرڻ ، پاڻي جو گهٽ استعمال ڪئين ڪجي، جهڙن مسئلن تي تحقيقي ڪم ڪندو اچي پيو  سندس زراعت ۾ مهارت هئڻ ڪري سنڌ کان  علاوه ٻين صوبن جا ماڻهو پڻ زراعت بابت وقت به وقت معلومات حاصل ڪندا رهن ٿا، ان کان علاوه (سافڪو) اين جي او ۾ پڻ گورننگ باڊي جو ميمبر آهي ، پاڻي جي مسئلن ۽ زراعت جي ٻين مسئلن بابت مختلف يونيوسٽيز ۽ ٻين سيمنارز ۾ پڻ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو  ، ٻي ڳالهه ته هي هڪ سوشل ورڪر پڻ آهي، جيڪو پنهنجو ڳوٺ کان علاوه ٻين علائقن جا ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا آهن. 

س .  سنڌ جي تباهه ٿيندڙ زراعت بابت اوهان جو ڇا رايو رکو ٿا؟
ج. ان ڪري جو گورنمنٽ جو ڌيان زراعت ڏانهن نه هئڻ برابر آهي، ٻيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ زراعت کي اها سبسڊي ناهي ملي رهي جيڪا ملڻ گهرجي ان ڪري زميندار يا هاري اهو منافعو ناهي ملي رهيو.
ٻيو ته هتي جيڪي ڪمپنيون دوائون ۽ ڀاڻ ڏئي اهي معياري ناهن ، ڪمپنيون صرف پيسا ٺاهڻ ۾ پوريو آهن ، ان ڪري زراعت جو شعبو ڏينهون ڏينهن پُٺ تي پئجي رهيو آهي.

س. سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن ۾ شعور ڪئين ڦهلائجي؟
ج. آبادگار يا هاري ايستائين زراعت تي توجهه نه ڏيندو جيستائين هن کي جنسن جا سٺا ريٽ نه ملندا ، سٺا اگهه ملڻ سان هو پنهنجي فصل ته محنت ڪندو ۽ وڌيڪ فصل حاصل ڪندو.

س. اوهان زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ ڄاڻ رکو ٿا ڇا اوهان اهڙا پروگرام يا سصمينار ڪرايا آهن جنهن ذريعي آبادگارن کي سٺي ڄاڻ ملي؟
ج. اسان مختلف ڪمپنين ۽ “شاهه لطيف فارم هائوس” پاران زراعت بابت مختلف اشوز تي  پروگرام  ڪرايا آهن ، جن ۾ مختلف شين جي باري ۾ آبادگارن کي معلومات فراهم ڪئي وئي آهي ؛ ان کان علاوه جنهن به آبادگار يا هاري کي مختلف مسئلن بابت پُڇا ڪرڻي هوندي آهي انهن کي آئون معلومات بنا ججهڪ ۽ بنا لوڀ لالچ  فراهم ڪندو آهيان ، اهو به بلڪل سادي ۽ آسان طريقي سان انهن کي سمجهائيندو آهيان ته جئين اهي زرعي فصل وڌ کان وڌ حاصل ڪري پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.

س. زرعي جنسن جا اگهه ڪري رهيا آهن ، بحيثيت ماهر زراعت اوهان ڇا رايو رکو ٿا ؟
ج؛ ڪجهه اگهه ته هٿ ٺوڪي ڪرايا پيا وڃن ، ٻيو ته ايڪسپورٽ گهٽ هئڻ ۽ امپورٽ وڌيڪ هئڻ ڪري به زرعي جنسن جا اگهه ڪري رهيا آهن.

س. موجوده زراعت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙا اُپا ورتا وڃن؟
ج. جيڪي به زراعت جا انپٽس آنهن تي سبسڊي ڏني وڃي ، جئين اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جو مثال آهي، اتان جي گورنمينٽ آبادگارن کي زرعي هر، فرٽيلائيزر ۽ دوائون تي سبسڊي  ڏني وڃي . ائين ئي پاڪستان حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن زرعي استعمال جي شين  تي سبسڊي ڏي ته آبادگار محنت سان پنهجون زمينون  آباد ڪري وڌيڪ فصل حاصل ڪري هن ملڪ ۾ پنهنجي پاڻ کي زراعت جي شعبي ۾ مڃرائن ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.
ٻي اهم ڳالهه ته  زرعي فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي ته جئين هارين، زميندارن ۽ آبادگارن کي اهو يقين هجي ته جيڪو اسان فصل اسان زمين ۾ لڳائي رهيان آهيون ، اهو ڪنهن به قدرتي آفت يا ڪنهن ٻئي موزي مرض يا زميني پاڻي وغيره سان تباهه نه ٿيندو، تباه ٿي وڃڻ جي صورت ۾ گهٽ مان گهٽ ان تي جيڪو اسان جو خرچ اسان لڳايو آهي سو ته واپس ملي سگهندو ان صورت ۾ آبادگار پنهنجي زمينن کي وڌيڪ دلچسپي سان آباد ڪندا ۽ ان تي وڌيڪ محنت ڪندا ،۽ وڌيڪ فصل حاصل ڪري پنهجو ۽ پنهنجي ديش جو نالو روشن ڪندا ،پنهنجي ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندا، 

س. ڇا اوهان پنهنجي ريسرچ تحقيق ذريعي زرعي  نيون جنسون پيدا  ڪيون آهن .
ج. مون پنهنجي پاران ڪجهه زرعي جنسون پيدا ڪيون آهن جن ۾ “شاهه لطيف 1،2،3،4،5،6،7”  آهن جن مان ڪجهه حد تائين ڪامياب ٿيون آهن پر اڃا تائين مڪمل طرح آئون انهن  مان مطمئن ناهيان اڃا انهن تي وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهيان.
س. سنڌ ۾ هاري مزدور طبقو بُک بدحالي جو شڪار ڇو آهي؟
ج. هڪ ته زرعي جنسن جا ريٽ نه هُئڻ ڪري ٻيو ته جيڪي بااثر زميندار ۽ وڏيرا انهن کي وقت تي اجورو نا ٿا ڏين، ان ڪري حڪومت کي هارين جي حقن لاءَ اهڙو قانون آڻي جو انهن کي پنهنجي محنت جو اجورو وقت تي ملي سگهي.

س. گهٽ خرچ ذريعي وڌيڪ فصل ڪئين حاصل ڪجي؟
ج . آئون لاڳيتو تقريبن 10 سالن کان ان تي تحقيق ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ، زمين کي هموار ڪيو وڃي، چوپائي مال جي وٿاڻ جو ڀاڻ زمين ۾ وجهڻ گهرجي.
ٻئي اهم ڳالهه ته (اِي ايم ٽيڪنالاجي) جيڪا 1989ع ۾ متعارف ڪرائي وئي ، جيڪا ڳچ عرصو اڳ پاڪستان ۾ پڻ آئي آهي ، هن وقت آئون به ان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيو آهيان ، اها ٽيڪنالاجي بلڪل آسان ۽ سستو هل آهي ان جي استعمال سان فرٽيلايزر جي زمين ۾ ضرورت ئي نه ٿي رهي ، هي اي يم  ٽيڪنالاجي بيڪٽيريا ٽيڪنالاجي جن سان  سان بيڪٽريا ٺهندا آهن جيڪي زمين لا تمام وڌيڪ فائينديمند ثابت ٿيندا آهن اهي بيڪٽيريا هوا مان نان ئٽروجن ٺاهيندا آهن جن ڪري زمين کي ڀاڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي ، فرٽيلايزر جي ڀيٽ ۾ ان تي  75 سيڪڙو گهٽ خرچ اچي ٿو ۽ زمين لا فرٽيلائزر کان ٻِيڻ تي وڌيڪ بهتر آهي جنهن سان فصل به بهترين حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن ٽيڪنالاجي يا ڪنهن زراعت جي  مسئلن بابت آئون بنا ججهڪ ۽ لوڀ لالچ جي م مفت ۾ ۽ بلڪل آسان طريقي سان آبادگارن کي مشهورا ڏيندو رهيو آهيان . 

س . آبادگارن لاء اوهان ڪهڙو پيغام ڏيندئو؟
ج. آئون چوندس ته انسان جاکوڙ ۽ محنت ڪرڻ کپي ان سان ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي ، آبادگار هميشه تحقيقي ڪم کي نه ڇڏين ۽ سٺن آبادگارن کان اصلاح حاصل ڪن.
 
رسول بخش بوداني     رول 91                            20 آگسٽ 2015