Showing posts with label محمد يونس ملاڻو. Show all posts
Showing posts with label محمد يونس ملاڻو. Show all posts

Tuesday, September 1, 2015

قمبر جو ادبي ڪردار

قمبر جو ادبي ڪردار
محمد يونس ملاڻو              


دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪار،ڪاروبار۽ وڻج واپار ٿيندا رهن ٿا يا ٿيندا رهندا،انهن سمورن ڪاروبار مان جيڪو ڪٺين ۽ ڪشالي وارو ڪم آهي، سو آهي قلم جي ڪرت ،شل نه ڪڏهن انسان جو ڪڏهن قلم سان لڳ لاڳاپو،وجھ واسطوپئجي وڃي،پوءِ سڄي زندگي قلم جي قرب ڪشش ۾ قابو هوندو. هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب، (ل) سان لڳ ۽ لاڳاپو (م) سان محبت ۽ مروت، اهي مٿيون خاص خوبيون جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي.

ڪيترائي اديب پنهنجي سمجھ سوچ،فھم ۽ فراصت عقل ادارڪ مشاهدي مطالعي ۽ معلومات تجربي آزادمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن  جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو وٺندو آهي جو هو ھميشه ئي مضمون ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان پڙهندا آهن.

تاريخي شھر قمبر، علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ سٺي سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو جتان ڪيترن  ئي شخصيتن ادبي دنيا ۾ بهترين ڪردار نڀائي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.اهڙي طرح سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به اهڙين علمي ۽ ادبي شخصيتن ۽ قلم ڪاريگرن سان ڀرپور آهن ۽ انهن نامور شخصيتن مان ڪيترائي اديب ،شاعر،دانشور ۽ ليکڪ پڻ موجود آهن جن مان هيٺ انهن نامور شخصيتن جو حوالو ڏجي ٿو، جن جي علم جي پاھ ۽ ادبي جاکوڙ سبب قمبر جي تاريخي حيثيت سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

قمبر جي هڪ تمام وڏي ۽ ادب جو بڻ بنياد وجهندڙ شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي، هي قمبر جي مڙني اديبن مان سرخرو ۽ هڪ اڏول همگير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڏ جو هڪ لائق سپوت هو، جيڪو هڪ ئي وقت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب. ايڊيٽر، استاد، مترجم،محقق،سياسي ادبي سماجي لسانيتي تحقيقي تنقيد نگار، صحافي،اتساهڪ ڪردار، ڌرتي واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ يقين رکندر شخص هو. ڊاڪٽر محبت حقيقي معني ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.


نوجوان دانشور جامي چانڊيو هڪ بهترين ليکڪ آهن جنهن مختلف ڪرنٽ اشوز تي ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ مختلف موضوئن تي ڪتاب پڻ لکي چڪو آهي جن ۾ خط ٻن ادبن جا، لبرلازم جو اڀياس،پئي جن پروڙ، منجهان منهنجي روح. سنڌي ادب ۾ تنقيدي جا پنجاھ سوال شآمل آهن.ان کان علاواه جامي چانڊيو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي ان سان گڏ ڪيتررن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏئي چڪو آهي.


 پيرل قمبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو ۽ سندس جنم قمبر جي هڪ ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پرائمري استاد ۽ اديب جي صف شاعري سان لاڳاپيل هو.پيرل قمبر غزل، گيت ،وائيون، نظم ۽ بيت پڻ لکيا،. سندس شاعري جو تعداد لڳ ڀڳ 5 هزار آهي ۽ هن سنڌي ،اردو،انگريزي ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي .هن جا ڪلام ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايا آهن،پيرل قمبر جي شاعري جا 8 ننڍڙا ڪتاب پڻ ڇپيا آهن جن ۾ سلامه محبت،جذبه دل،باغ فردوس،يادگاتر زندگي ،نگاهي محبت ۽ تصور صنم شامل آهن .هو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.

علي آڪاش سنڌي ٻولي جو هڪ مقبول شاعر آهي جنهن شاعري سان گڏوگڏ ڪيترائي مضمون ڪالم لکيا آهن. هن جو پورو نالو معشوق علي گوپانگ آهي هي قمبر جي گوپانگ محلي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتان پرائڻ بعد  سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ۾ ڪيائين.ان سان گڏوگڏ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ايڊيتوريل صفحي جو انچارج ۽ سب ايڊيٽر طور صحافت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس.سندس غزلن تي مشتمل شاعري مجموعي ڪاڪ ڪناري شاھ 1998ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.

رياصت ٻرڙو سنڌي ٻولي جو ليڪک،ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آهي،سندس هن جو جنم قمبر جي نو ر شاھ محلي ۾ ٿيو.هن جي 8 ڪھاڻين تي مشتمل پهريون ڪتاب پيار جي ڪهاڻي 1994 ۾ ڇپيو۽ شآعري جو پهريون ڪتاب شآم جي هوا 2004 ،ٻيو ڪتاب ديوانه رياضت پڌرو ٿيو.هو ادبي شخصيت سان گڏ علمي شخصيت ۽ ليڪچرار پڻ آهي.

بشير احمد آڇو جو شمار قمبر جي نوجوان ليکڪن ۾ ٿئي ٿو هن شاعري سان گڏوگڏ مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.هن جو جنم قمبر جي ڀرسان ڳوٺ آڇا ۾ 1968 ۾ ٿيو.بشير احمد آڇي لکڻ جي شروعات 1988 ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري سان ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.هي پاڻ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو عهديدار پڻ ٿي رهيو آهي.

ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون قمبر تعلقي ۾ پڻ موجود آهن.جن ۾ ڀائو در محمد ٻرڙو،صابرف فقير ڪلهوڙو،عثمان ٻرڙو،لعل چند مهروح،نور احمد ميمڻ، غلام نبي گل،عظيم سومرو،عابد سومرو،مشاهد منگي،راشد بروهي، غلام عباس ڪوريجو،صابر چانڊيو ۽ٻيا ڪيترائي شامل آهن.


قمبر ۾ انهن شخصيتن جي بدولت سبب ڪيتريون ئي ادبي سرگرميون ڪافي وقت کان هلنديون پيون اچن، تن مان ڪجھ ادبي سرگرمين جو هيٺ حوالو ڏجي ٿو.
گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جيڪا 1974ع کان هلندي پئئ اچي، ۽ ٻيون کوڙ ساريون ادبي سرگرمين سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي تقريرون، پروگرام ۽ ليڪچر پڻ ڪوٺيا وڃن ٿا.

مطلب ته سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به ادبي لحاظ کان پوئتي ناهي ۽ هتان به ڪيتريون ئي نامورن،اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جنم ورتو آهي.جن علمي ادبي لحاظ کان هڪ الڳ پهنجو مقام ماڻيو آهي ۽ سماج جي تبديلي لاءِ قلم جي هڪ نوڪ سان ٻئي جي ڀيٽ تي ڪيئي شاهڪار سٽون سرجبيون آهن،جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ پيغام رکن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جو ادبي ڪردار قمبر جي علائقي لاءِ بخوبي سان نڀايو آهي. 


  2k13-MC-74 ---------------------- FIRST VERSION...................
قمبر جو ادبي ڪردار

Needs more names, and some literary activities. , at least one dozen names. 
محمد يونس ملاڻو 2ڪ/13/ايم سي/74
دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪار،ڪاروبار۽ وڻج واپار ٿيندا رهن ٿا يا ٿيندا رهندا،انهن سمورن ڪاروبار مان جيڪو ڪٺين ۽ ڪشالي وارو ڪم آهي، سو آهي قلم جي ڪرت ،شل نه ڪڏهن انسان جو ڪڏهن قلم سان لڳ لاڳاپو،وجھ واسطوپئجي وڃي،پوءِ سڄي زندگي قلم جي قرب ڪشش ۾ قابو هوندو. هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب، (ل) سان لڳ ۽ لاڳاپو (م) سان محبت ۽ مروت، اهي مٿيون خاص خوبيون جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي.ڪيترائي اديب پنهنجي سمجھ سوچ،فھم ۽ فراصت عقل ادارڪ مشاهدي مطالعي ۽ معلومات تجربي آزادمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن  جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو وٺندو آهي جو هو ھميشه ئي مضمون ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان پڙهندا آهن.
تاريخي شھر قمبر، علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ سٺي سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو جتان ڪيترن  ئي شخصيتن ادبي دنيا ۾ بهترين ڪردار نڀائي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.اهڙي طرح سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به اهڙين علمي ۽ ادبي شخصيتن ۽ قلم ڪاريگرن سان ڀرپور آهن ۽ انهن نامور شخصيتن مان ڪيترائي اديب ،شاعر،دانشور ۽ ليکڪ پڻ موجود آهن جن مان هيٺ انهن نامور شخصيتن جو حوالو ڏجي ٿو، جن جي علم جي پاھ ۽ ادبي جاکوڙ سبب قمبر جي تاريخي حيثيت سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جنهن ۾ قمبر جو نوجوان دانشور جامي چانڊيو،جنهن جو جنم ڀومي قمبر ۾ آهي ۽ پاڻ هڪ بهترين ليکڪ آهن جنهن مختلف ڪرنٽ اشوز تي ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ مختلف موضوئن تي ڪتاب پڻ لکي چڪو آهي جن ۾ خط ٻن ادبن جا، لبرلازم جو اڀياس،پئي جن پروڙ، منجهان منهنجي روح. سنڌي ادب ۾ تنقيدي جا پنجاھ سوال شآمل آهن.ان کان علاواه جامي چانڊيو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي ان سان گڏ ڪيتررن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏئي چڪو آهي.
 پيرل قمبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو ۽ سندس جنم قمبر جي هڪ ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پرائمري استاد ۽ اديب جي صف شاعري سان لاڳاپيل هو.پيرل قمبر غزل، گيت ،وائيون، نظم ۽ بيت پڻ لکيا،. سندس شاعري جو تعداد لڳ ڀڳ 5 هزار آهي ۽ هن سنڌي ،اردو،انگريزي ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي .هن جا ڪلام ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايا آهن،پيرل قمبر جي شاعري جا 8 ننڍڙا ڪتاب پڻ ڇپيا آهن جن ۾ سلامه محبت،جذبه دل،باغ فردوس،يادگاتر زندگي ،نگاهي محبت ۽ تصور صنم شامل آهن .هو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.
علي آڪاش سنڌي ٻولي جو هڪ مقبول شاعر آهي جنهن شاعري سان گڏوگڏ ڪيترائي مضمون ڪالم لکيا آهن. هن جو پورو نالو معشوق علي گوپانگ آهي هي قمبر جي گوپانگ محلي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتان پرائڻ بعد  سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ۾ ڪيائين.ان سان گڏوگڏ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ايڊيتوريل صفحي جو انچارج ۽ سب ايڊيٽر طور صحافت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس.سندس غزلن تي مشتمل شاعري مجموعي ڪاڪ ڪناري شاھ 1998ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
رياصت ٻرڙو سنڌي ٻولي جو ليڪک،ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آهي،سندس هن جو جنم قمبر جي نو ر شاھ محلي ۾ ٿيو.هن جي 8 ڪھاڻين تي مشتمل پهريون ڪتاب پيار جي ڪهاڻي 1994 ۾ ڇپيو۽ شآعري جو پهريون ڪتاب شآم جي هوا 2004 ،ٻيو ڪتاب ديوانه رياضت پڌرو ٿيو.هو ادبي شخصيت سان گڏ علمي شخصيت ۽ ليڪچرار پڻ آهي.
بشير احمد آڇو جو شمار قمبر جي نوجوان ليکڪن ۾ ٿئي ٿو هن شاعري سان گڏوگڏ مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.هن جو جنم قمبر جي ڀرسان ڳوٺ آڇا ۾ 1968 ۾ ٿيو.بشير احمد آڇي لکڻ جي شروعات 1988 ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري سان ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.هي پاڻ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو عهديدار پڻ ٿي رهيو آهي.ان کان علاواھ ٻيون ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون قمبر تعلقي ۾ پڻ موجود آهن.

مطلب ته سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به ادبي لحاظ کان پوئتي ناهي ۽ هتان به ڪيتريون ئي نامورن،اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جنم ورتو آهي.جن علمي ادبي لحاظ کان هڪ الڳ پهنجو مقام ماڻيو آهي ۽ سماج جي تبديلي لاءِ قلم جي هڪ نوڪ سان ٻئي جي ڀيٽ تي ڪيئي شاهڪار سٽون سرجبيون آهن،جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ پيغام رکن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جو ادبي ڪردار قمبر جي علائقي لاءِ بخوبي سان نڀايو آهي. 

طاهر مٺو: پروفائيل محمد يونس ملاڻو

  foto is required    
 محمد يونس ملاڻو
رول نمبر 74
 پروفائيل  
 طاهر مٺونئين ٽهيءَ جو اڀرندڙ فنڪار
                                    
  سنڌ  ۾ هر جڳھ تي ڪلاڪار ۽ فنڪار پيدا رهن ٿا. جهڙوڪ قادر بخش مٺوُ، ضامن علي، سجاد يوسف، ارباب شيخ  ۽ طاهر مٺوُ پڻ انهن مان هڪ آهي. طاهر مٺوُ 01 جنوري 1980 ع ۾ شيدي پاڙي ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو طاهر چانڊيو آهي پر قادر بخش مٺوُ جي صحبت ڪري طاهر چانڊيي بجاءِ طاهر مٺو سڏجڻ لڳو هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي، پاڻ پنجين ڪلاس ۾ هو جو کيس راڳ سکڻ جو شوق جاڳيو جنهن سبب ڏهين ڪلاس تائين پڙهائي جاري رکي سگهيو ان بعد هن تعليم ڇڏي استاد مجيد سينگار وٽ راڳ سکڻ جي باضابطا شروعات ڪئي. جنهن ۾ هو موسيقي جون ڌنون ڪمپوز 
ڪرڻ سان گڏ راڳ جو بنيادي ساز باجو “پيانو” پڻ سکندو هو.

ننڍي هوندي کان ئي طاهر مٺو راڳ جو شوقين هجڻ ڪري رستن ۽ گهٽين ۾ ڳائيندو ۽ آلاپيندو هو جنهنڪري  ڪجھ ماڻهو مٿس کِلون به ڪندا هئا پر هن ڪڏهن به مايوسي محسوس نه ڪئي.

هڪڙي ڀيري جڏهن هو پنجين ڪلاس ۾ هو ته هڪ اسڪولي پروگرام ۾ قادر بخش مٺو جو اچڻ ٿيو ۽ جڏهن قادر بخش مٺو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو هو ته طاهر چانڊيي جي اندر ۾ لڪيل صلاحيتون ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏا ساه کڻي رهيون هيون ته هن قادر بخش مٺو کي اهو چيو ته آءُ به توهان کي هڪ ڪلام ٻڌائڻ پسند ڪندس، جنهن تي قادر بخش مٺو سندس جرئت کي مان ڏيندي کيس همٿايو ۽ ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيو،
طاهر چانڊيو اڃا ٻار ئي هو ته سندس آواز ۽ لهجي قادر بخش مٺو کي ايترو ته موهي وڌو جو ان پاڻ هن جو نالو طاهر مٺو رکيو ۽ کيس پٽن واري اهميت ڏيندي سندس همت افزائي ڪئي ۽ کيس هر پروگرام ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو پڪو پھ ڪيو، جنهن بعد طاهر مٺو ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين قادر بخش مٺو سان گڏ آهي ۽ ان مان گهڻو ڪجه سکيو۽ پرايو اٿائين . سندس چوڻ موجب مان جيڪو ڪجھ به آهيان اهو سڀ ڪجھ استاد قادر بخش مٺو جي مهرباني آهي، جنهن جا احسان آخري دم تائين وساري نٿا سگهجن. هن دنيا ۾ هو مان لاءِ هر سک ۽ آرام کان ابتر آهي.

طاهر مٺو تقريبن 08 سال ٽيليويزن جو ڪم ڪيو آهي ۽ راڳ جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو.
سڄي پاڪستان ۾ سنڌ ڪلچر دپارٽمينٽ پروگرام، ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ قلندر لعل شهباز جي ميلي تي پڻ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جنهن تي کيس داد ڏيندي شهباز ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي.
طاهر مٺو راڳ جي خدمت ڪندي راڳ جي دنيا ۾ چار شاگرد تيار ڪيا آهن، جن ۾ شيدي باشا هم باشا، واجد علي صديقي ۽ ٻيا شامل آهن.

طاهر مٺو راڳ تي ايتري ته محنت ڪئي آهي جو سنڌ جا سريلا فنڪار شمن علي ميرالي، احمد مغل، ضامن علي، منظور سخيراڻي، سجاد يوسف، حميره چنا ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي فنڪار هن جون ڌنون ڳائي چڪا آهن.
طاهر مٺو ڪي ٽي اين، جيو، پاڪستان ٽيليويزن ۽ سنڌ  ٽي وي سميت ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ ڳائي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل راڳي سليمان شاھ جو ڳايل ڪلام “پيرين پونديسان چونديسان” نئين انداز ۾ بهترين نموني ڳائي چڪو آهي. طاهر مٺوءَ جو موسيقي سان چاھ رکڻ ڪري تمام سٺو ۽ محبت ڪندڙ آهي، انڪري ڌرتيءَ تي رهندڙ فنڪارن جو وجود تمام وڏي اهميت رکي ٿو جيڪي ماڻهن کي غمن جي گوندر مان ڪڍي کين ڪجھ پلن لاءِ خوشي ارپي سگهن ٿا.   


Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi


Monday, August 17, 2015

قمبر جي لائبرري



قمبر جي عوام لاءِ روشنيءَ جي لاٽ بڻيل لائبرري
محمد يونس ملاڻو   ( فيچر)
رول نمبر 74
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته لائبرريون قومن جي بنياد کي محفوظ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار نڀائينديون آهن. لائبرريون قومن جي علم، ثقافت  ۽ ٻين ڪيترن ئي عملن ۾ گاھ هونديون آهن. قومن جي سڃاڻپ لاءِ جيئن چئجي ته ٿرماميٽر جو ڪم ڏين ٿيون، لائبرريون علم حساب سان ڪرنگهي شھ رڳ جو به ڪردار ڪن ٿيون.
اکيون پوڙهيون ناهن ٿينديون نه ئي خواب پوڙها ٿيندا آهن هر اک ۾ خواب پلجندو آهي. ڀلي اها اک بيني هجي يا نابيني. خوبن جا به ته رنگ ٿيندا آهن جيئن سٺا يا خراب خواب پر خواب ته خواب ٿيندا آهن اهو اک تي دارومدار.

علم جي پارکو ان علم پاران خواب، هن شهر ۾ علم سان چاح رکندڙ ڳکين جي خواب هو ته جيڪر هن شهر ۾ هڪڙو گهر لائبرري (ڪتب خانو) آباد ٿئي، جتي وڃي پڙهجي ۽ سونهري مستقبل سنوارجي، انهن اکين ۾ عرصي کان اهو خواب سانڍيل هو، جيڪو محسوس ڪري اها اک جيڪا ٻين سان ڀلائيءَ جا خواب سانڍيل هئا. تنهن نوجوان اکين جي خوابن جو قدر ڪندي وڏي جاکوڙ کانپوءِ هن شهر ۾ علم جو گهر نالي “ڀائو دُر محمد ٻرڙو پبلڪ لائبرري”  کولي وئي ته اهي منتظر اکيون پنهنجو خواب حقيقت ۾ ڏسي ٺري پيون.
ڀائو در محمد ٽرسٽ (رجسٽرڊ) قمبر هڪ سماجي علمي ادبي ۽ فلاحي اداري جي حيثيت سان قمبر ضلعي ۾ شعور ۽ سجاڳي جو بخوبي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن جو بنيادي  مقصد هتي جي ماڻهن ۾ شعور جي لاٽ کي ٻرندو رکڻ آهي. ان مقصد جي صلاحيت لاءِ ٽرسٽ جي پليٽ فارم  تان 2005 ع کان وٺي لڳاتار جاکوڙ جاري آهي.

هن لائبرري جو افتتاح 24 مارچ 2007 ع ۾ ٿيو جتي علم سان چاھ رکندڙ هر طبقي ۽ مڪتب فڪر جا ماڻهو شموليت ڪن ٿا. تن مان قمبر ضلعي معزز شخصيتن تقريرن ذريعي ويچار ونڊيا، جن مان ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جي ميمبر مولانا محمد جان عابد بروهي چيو ته هن شهر ۽ ضلعي لاءِ هيءَ لائبرر ي نه پر هڪ  يونيورسٽي مثل آهي. هڪ لائبرري جو مقصد غريب عوام ۽ عام شاگردن کي پڙهڻ جي لاءِ سٺو ماحول پيدا ڪري ڏيڻ هوندو آهي.

محمد پنهل سومرو صدر پ پ قمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر چيو ته ڀائو در محمد ٻرڙي کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جنهن قمبر ضلعي هڪ بهترين ڪتب خاني سان نوازيو. هي سڄي محنت ڀائو در محمد ٻرڙي جي آهي جو پاڻ هتي گڏ ٿيا آهيون. ضلعي پريس ڪلب جي صدر رحيم منگي چيو ته ٻرڙو صاحب ننڍ پڻ کان ئي قمبر جي عوام جي سچائيءَ سان خدمت ڪئي آهي. آخر ۾ ڀائو در محمد چيئرمين پبلڪ لائبرري قمبر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي جو اوهان جي اڳيان آهي، اهو سڀ ڪجھ  35 سالن قمبر شهر جي  خدمت جي تحفي مليو آهي. اهو عمل ۽ ڀروسو بحال هجڻ جي ڪري مليو آهي. هن لائبرري ٺاهڻ ۾ سڀني علمي ۽ ادبي دوستن ڪجه نه ڪجه مدد ڪئي آهي، اڃا به هن لائبرري لاءِ ڪيتريون ئي شيون گهربل آهن، اميد ته اهي به پوريون ٿي وينديون.

جيئن ته قمبر جي لائبرريءَ ۾ مختلف سيڪشن موجود آهن. جنهن ۾ نيوزپيپر سيڪشن، سي ايس ايس سيڪشن، ڪامن سيڪشن پڻ موجود آهن جنهنڪري لائبرري اندر هر ڪو ماڻحو مناسبت سان سيڪشن جي چونڊ ڪري بهتر نموني پڙهائي ڪري ٿو.

هن لائبرري ۾  مختلف موضوعن تي مشتمل 05 هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جن ۾ سي ايس ايس ۽ بي ايس  سي جي تياريءَ لاءِ ڪتابن جا مڪمل سيٽ موجود آهن.روزانو هن لائبرري ۾ مطالعو ڪندڙن جو تعداد 200 کان به  وڌيڪ آهي. ان کان علاوه سنڌي، اردو۽ انگريزي اخبارون پڻ رازانو لائبرريءَ ۾ اچن ٿيون.27 ڊسمبر 2007  محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت  جي ردعمل ۾ ڪارڪنن مڇرجي پبلڪ لائبرري قمبر کي هاڃو رسايو جنهن سبب  لائبرريءَ ۾ موجود سمورو سامان سڙي رکُ ٿي ويو. جنهن ڪري قمبر جي شاگردن ۽ پڙهائي سان لاڳاپيل ماڻهو تمام گهڻا  اٻاڻڪا رهڻ لڳا جنهن سان قمبر جي شعور کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انڪري قمبر ضلعي جي شهرين کي گهرجي ته هو لائبريريءَ جهڙن قوم جي اڏيندڙ ادارن کي نقصان پهچائڻ بجاءِ ان جي بهترءَ لاءِ سوچن ته جيئن شعور جي لاٽ هلندي رهي.........