Showing posts with label ميرپورخاص. Show all posts
Showing posts with label ميرپورخاص. Show all posts

Wednesday, September 9, 2015

ميرپورخاص شهر جا کنڊر بڻيل روڊ رستا

آرٽيڪل
منظر علي
رول نمبر 59
4TH WRITTIG PIECE
ميرپورخاص شهر جا کنڊر بڻيل روڊ رستا

ڪنهن به علائقي يا شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۾ روڊ رستن جو وڏو عمل دخل ٿئي ٿو ۽ روڊ رستا بهتر هجڻ سان اهو شهر ڀرپاسي جي ٻين علائقن سان پڻ اچ وڃ ۾ سولو ٿي پوي ٿو ۽ عام رهڻي ڪهڻي جي معيار وڌڻ سميت، ڪاروبار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. ساڳئي وقت روڊ رستن جي بهتر هجڻ جو شمار عوام جي بنيادي سهولتن جي دائري ۾ اچي ٿو. ميرپورخاص جنهن کي گهاٽين نِمُن ۽ انبن وارو شهر چيو وڃي ٿو، ميرپورخاص ستن لکن کان مٿي آبادي رکندڙ سنڌ صوبي جو چوٿون نمبر وڏو شهر  آهي. پر ايترو وڏو شهر هوندي ۽ ضلعي حيثيت رکندي به ميرپورخاص شهر جا سمورا روڊ رستا کنڊر بڻجي چڪا آهن، جنهنڪري عام زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿيڻ سميت ڪاروبار به خساري جو شڪار ٿئي ٿو.         
                                                
تقريبن 1975ع کان ميرپوخاص شهر کي ڳنڍيندڙ مشهور روڊ  جن مان ڪن جا نالا بلدياتي ۽ سياسي اقتدار ۾ ايندڙ ڌرين پنهنجي مرضي سان ڪن اڻڄاتل ۽ اوپرن ماڻهن جي نالن سان  منسوب ڪري ڇڏيا، پر پراڻا رهواسي ۽ روينيو رڪارڊ ۽ نقشي ۾ اهي روڊ ۽ رستا اڄ به انهن پراڻن نالن سان آهن. ساڳئي ريت شهر جا چوڪ ۽ ننڍا پاڙا به ماڻهن بلڪه ڪن چند تعصب پسندن بورڊ هڻي پنهنجن  ڏاڏن ۽ پڙڏاڏن جي نالن سان رکيا آهن جيڪي گھڻي ڀاڱي مشهور نه ٿي سگھيا، پر مهر پاڙو، بلوچ پاڙو، سومرا پاڙو، ڀانسنگھ آباد سميت شهر جون انيڪ رهائشي ڪالونيون جهڙوڪ سيال ڪالوني سميت ميرپورخاص جون ٻيون رهائشي ڪالونيون جيئن نائي پاڙو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن ،روڊ رستن، بهتر تعليمي نظام، ڊسپينسرين ۽ ميونسپل عملي جي نااهلي سميت پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ به خواب بڻيل آهي.
ميرپورخاص شهر مان چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب اڄ به شهر جا اهم ڪاروباري رستا اسٽيشن کان سول اسپتال روڊ، ايم اي جناح روڊ، پوسٽ آفيس کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ پيپلزپارٽي جي وفاقي اڳواڻ پيرآفتاب حسين شاه جيلاني اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ موجوده پ پ پ ايم اين اي پير شفقت حسين شاه جيلاني جي والد مرحوم پيرغلام رسول شاه جيلاني جي نالي سان منسوب روڊ جيڪو اٽڪل 4 فرلانگ ۽ ٽائون ٿاڻي کان  کاڻ ناڪي تائين آهي. جيڪو اڄ به گٽرن جي خراب پاڻيءَ سبب تلاء جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. صدر پرويز مشرف  جي دور کانپوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پنجن سالن ۽ موجوده اڍائي سالن يعني ساڍن ستن سالن دوران شهر ۾ ڪو به روڊن جي مرمت لاءِ ڪو به ٺيڪو يا پراجيڪٽ منظور نه ٿيو آهي. نتيجي ۾ نيڪال جو پاڻي واٽر سپلاءِ جي لائينن ملي رهيو آهي ۽ ماڻهو اهو پاڻي واپرائي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي صحت جا مسئلا پيش اچن ٿا.
سال 2011 ۾ آيل مها ٻوڏ جنهن ۾ شهر جي اولهه طرف کان گذرندڙ سم نالي ۽ 800 کان وڌيڪ ملي ميٽر برساتن شهر جو بنيادي اسٽڪچر (هليو) ئي بگاڙي ڇڏيو.
تقريبن ويهارو سال اڳ شهر ۾ مختلف چوڪن، ماڳن تي وڏا وڻ ۽ خوبصورت پارڪ هوندا هئا، جنهنڪري ڪجھ گھٽيون، بازارون، چوڪ انهن جي نالن سان سڏبا هئا. جيئن هيرآباد ۾( نيم والي گلي)، پپر واري مسجد، جاڙن (ٻٽن) وڻن وارو چوڪ مشهور آهن.

مين ٽاور آباد روڊ، هيرآباد روڊ، مين غريب آباد روڊ، کڏ پلاٽ روڊ، سنڌڙي روڊ مارڪيٽ کان کپرو روڊ، مارڪيٽ کان اقبال سول اسپتال روڊ، ريلوي ڦاٽڪ کان سيٽلائٽ ٽائون ڏانهن ويندڙ پاور هائوس وارو روڊ، اسڪيم نمبر ٻه وارو روڊ، اورنگ آباد وارو روڊ، اسڪيم نمبر 2 کان مير جو ڳوٺ ويندڙ روڊ ۽ واپڊا آفيس واري سموري علائقي جا روڊ، هيرآباد کان ڪالوني ۽ کاڻ روڊ وغيره تقريبن روڊ ڀڄي ٽٽي کنڊرن جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، جن جا ڪجھ سبب هي آهن.
جڏهن ته شهر ميرپورخاص جون نيون وسنديون، ڪالونيون ۽ پاڙا وڌڻ لڳا ۽ ڪراچي، حيدرآباد جي ڪن ڌرين پنهنجو ڪارو ناڻو سفيد ڪرڻ لاء ننڍن شهرن خاص طور ميرپورخاص ۾ پلاٽنگ جا پروجيڪٽ شروع  ڪيا ته انهن با اثرن جي اثر رسوخ سان پراڻو شهر ۽ ان جا روڊ رستا ويران ٿيندا ويا ۽ روڊن لاء رکيل بجيٽ نين بستين ڏانهن خرچ ٿي وئي.
2011 ۾ جيڪا مها ٻوڏ جي ڪري تباهي آئي ته سرڪار ته ميرپوخاص بيوٽيشن پروگرام جي نالي ڪروڙين روپيه بلديه جي حوالي ڪيا پر اهو رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري سياسي مفاهمت کي زنده آباد ڪيو ويو. ان ڪري سڀئي تباه ٿيل روڊ رستا برباد ئي رهيا. شهر جي روڊن رستن جي بربادي ۽ کنڊر بڻجڻ جا مٿي ذڪر ڪيل ٻه اهم ڪارڻ آهن ۽ ٽيون سبب اهو آهي ته ماڻهن جلدي جلدي ڪالونيون ۽ پلاٽن جون اسڪيمون ٺاهي ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو ان سان شهر جي آسپاس ۾ نين پلاٽن جي جڙيل اسڪيمن سبب پاڻي جي نيڪال جا رستا بند ٿي ويا آهن نتيجي ۾ جيڪو پاڻي جي نيڪال جو قدرتي رستو هو اهو ڪاروبار جي نظر ٿي ويو، جنهن ڪري 2011 کان پوء ٽي چار سال پوندڙ برسات جي پاڻي جو خاطر خواه نيڪال نه ٿيو جنهن سبب اهو گندو پاڻي هيٺائين هنڌن، کڏن ۾ ڇوڙ ٿيو  باقي بچيل پاڻي روڊن کي کنڊر بڻائي رهيو آهي.
انڪري گورنمينٽ کي وقت تي روڊن رستن جي مرمت ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي مشڪلاتن سان منهن نه ڏيڻو پوي.



Tuesday, August 18, 2015

ميرپورخاص جي جاگرافيائي ۽ ثقافتي اهميت Referred back

Referred back

Manzar Bhatti
 Add some names of writers, lawyers, etc. 
Some photo which may represent Mirpurkhas
فيچر     
ميرپورخاص جي جاگرافيائي ۽ ثقافتي اهميت
سنڌ ۾ ٿرپارڪر جو اڳوڻو هيڊڪواٽر ميرپورخاص منفرد حيثيت رکي ٿو. ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهندڙ ميرپوخاص ڪيترين ئي مشهور ۽ معروف گلوڪارن، آرٽسٽن کي جنميو آهي.جن پنهنجي ملڪ سميت دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، تن ۾ مسعود رانا، اداڪاره بهار بيگم،ملڪ انوکا ۽ ٻيا ڪيترائي آهن.


 ميرپورخاص سماجي لحاظ سان اين جي اوز جو گهر آهي جتان کان پاڪستان جي نامور ماڻهن سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان نه صرف وڏو نالو ڪمايوبلڪ عملي طور تي انهن باقائده پنهنجي خرچي سان ادارا قائم ڪيا ۽ انهن ادارن کي ڪاميابي سان هلايو ۽ ميرپوخاص جي غريب طبقي کي فائدو پهچايو. جيڪڏهن انهن اين جي اوز مان خاص نالا ورتا وڃن ته انهن ۾ انٽرنيشنل طور تي ڊاڪٽر ڊريگو جو نالو ميرپوخاص جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ورتوويندو آهي جنهن ڪوڙ ۽ ٽي بي جيڪو ان وقت سڀ کان خطرناڪ بيماريون چيون وينديون هيون جنهن لاء جاکوڙ ۽ ڪوشش ڪري انهن بيمارين کي نه صرف ختم ڪيو بلڪ اڄ به ميرپوخاص ۾ ٽي بي جي اسپتال انهي جو ڪارنامو آهي.
  

ميرپوخاص ۾ تعليم جو رجحان گهٽ هو ان جي اين جي اوز جونالو چودري رفيق احمد آهي، جنهن پنهنجي ڪاوشن سان تعليم جي شعبي ۾ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن جنهن ۾ ماڊل هاء اسڪول ۽ ڪاليج جو قيام پنهنجي ذاتي خرچي مان ڪري قائم ڪيو جيڪي اڄ ڪامياب ترين تعليمي ادارا سڏرائن ٿا. ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ميرپوخاص ۾ خصوصن ڇوڪرين لاء ڪو به ڪاليج نه هو انهن نه صرف زمين خريد ڪري ابن رشد گرلس ڪاليج ٺهرايو ۽ انهي کي ڪاميابي سان پرائيويٽ طور تي هلايو ۽ اڄ اهو ڪاليج ميرپوخاص جو سڀ کان وڏو ڇوڪرين جو ڪاليج آهي جتان کان هزارين ڇوڪريون پنهنجي تعليم حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ان کان علاوھ ان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو غريب ڇوڪرين کي هنر سيکارڻ جي لاء هڪ ووڪيشنل سينٽر ڪڙائي،سلائي جو ادارو قائم ڪيو جيڪو اڄ به ڪاميابي سان هلي رهيو آهي ۽ انهي اداري ۾ ڇوڪرين ڪڙائي سلائي جو ڪم ڪنديون آهن انهن جي انهي ڪم کي مارڪيٽ ۾  پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو انهي کي خريد ڪندا آهن،انهي مان جيڪا رقم ملندي آهي انهي مان غريب ڇوڪرين جو ڪاروبار هلي ٿو . 

چودري رفيق احمد جا انهن ڪارنامن کان علاوه  ان زماني ۾ جڏهن بلدياتي ( بي ڊي ) نظام بنيادي جمهوريت جو قانون هوندو هو ،تڏهن هي انهي زماني ۾ بلديا جو چيئرمين هوندو هو.انهن ميرپورخاص شهر جي لاءِ عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ شهر کي خوبصورت ٺاهڻ ۾ خاص طورتي ٻارن جا پارڪ، ليڊيز پارڪ،لائبريريون۽ پڪن رستن جو ڄار وڇايو.ان لحاظ سان ميرپور خاص شهر هڪ ٻي به خاص اهميت جو حامل آهي. ميرپورخاص شهرجو ميوو سنڌڙي انب جيڪو پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ جنهن کي هي سنڌڙي انب وڌيڪ پسند آهن.اهو به ان جي ذريعي فارمن جي پيداوار آهن.

ميرپورخاص تاريخ جي لحآظ کان به انٽرنيشنل حيثيٽ رکي ٿو،جنهن جي مثال ميرپورخاص ۾ وڏو شاپنگ سينٽر هڪ ئي ڇت هيٺيان 518 دڪانن تي مشتمل آهي جنهن جي بين الاقوامي حيثيت آهي،جنهن ۾ هر قسم جي ڪاروبار جون دڪانون شامل آهن.جتان کان ماڻهو لکين روپين جي خريداري ڪندا آهن،هي شاپنگ سينٽر 1989ـ90 ۾ ان وقت بلديا جي ايڊمنسٽريٽر محمد حسن ڳاهوجي ڪوششن سان ٺهيو ۽ هاڻ هي شاپنگ سينٽر ميرپورخاص جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي.
 ميرپورخاص ذراعت جي حوالي سان هڪ وڏو ذرخيز علائقو آهي جنهن جي مثال ميرپورخاص ضلعو مرچن جو انٽرنيشنل مارڪيٽ آهي.جتان پوري دنيا ۾ مرچن کي موڪليو ويندو آهي.  

August 2015 
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi