Showing posts with label پرھ مهر. Show all posts
Showing posts with label پرھ مهر. Show all posts

Wednesday, September 9, 2015

ماروي هاسٽل Refer back

When it was constructed? Some big names who resided and studied here
Total capacity? now strength
Foto? 
 How it was planned? . 
ماروي هاسٽل

(فيچر) پرھ مهر
پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ،ڪيترائي تعليمي ادارا آهي،۽ هر يونيورسٽي جي هڪ الڳ سڃاڻپ ان ۾ هاسٽلن جو هجڻ به آهي،اهڙي طرح پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن،جهڙوڪ، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو،لمس ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو،پيپلز ميڊيڪل،مهراڻ يونيورسٽي،آئي بي اي ڪاليج سکر،سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وغيره. هر يونيورسٽي پنهنجي هڪ الڳ جڳهه والاري ٿي،انهن يونيورسٽين مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو به منفرد اهميت رکي ٿي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي هاسٽلون آهن ۽ انهن ۾خاص ڪري ڇوڪرِين جي ماروي هاسٽل پنهنجي سُونهن۽ تاريخ سبب الڳ حيثيت رکي ٿي.
ماروي هاسٽل اڄ کان ڪافي پراڻي هاسٽل آهي. تاريخي حوالي سان ان هاسٽل جو نالو  مارئي هاسٽل ان ڪري پيو.ڇاڪاڻ تـ هي سنڌ جي پهرين يونيورسٽي جي پهرين هاسٽل آهي ۽ مارئي( ( عورت ) جنهنجي بهادري سبب کينس ڪيترن ئي جڳ مشهورشاعرن جهڙوڪ شاھ لطيف، سچل، سامي ۽ شيخ اياز پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي) جي ڪري پيو.
 مارئي هاسٽل جيڪا ٽن بلاڪن (اي،بي،سي) تيمشتملآهي، هن هاسٽل ۾ ٽي سوُ 300 کان مٿي ڪمرا آهن، هر بلاڪ جي هڪ ڪمري ۾ چار ڇوڪريون رهن ٿيون. هتيٻـ ٽي وي هال ۽ هڪ لائيبريري پڻ موجود آهي. ٽي وي تي ڇوڪريون مختلف پروگرام ڏسي دل وندرائن ٿيون.۽ ڪيتريون ئيلائيبريريجيخوبصورتي ۽ پُرسُڪونماحولجيڪريڪيتريونئيڇوڪريونپنهنجارومڇڏي، لائبرري اندر پڙهائي ۾ مشغول نظر اينديون. ماروي هاسٽل جو ماحول هڪ گھر جيان آهي،سڀئي ڇوڪريون پنهنجا گهر ڇڏي هتي هڪ خاندان جيان مزاق مستي ته ڪڏهن ڪاوڙ۽ خوشي ڪري پاڻ ۾ زندگي گذارين ٿيون.هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هي هڪ اهڙي هاسٽل آهي جنهن کي اسين پنهنجو ٻيو گھر سڏيون ٿا.هتان جو ماحول پُر سُڪون ۽ دوستاڻو آهي،هتي اچڻ کان پوءِ ماحول کي سڃاڻون ٿا.
هن هاسٽل ۾ پرڏيهي شاگردياڻيون پڻ رهن ٿيون، هي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ۾ڏيهي شاگردياڻين کان وڌيڪ سهولتون ۽ ترجيع پڻ ڏني وڃي ٿي، ۽ هر هڪ کي الڳ الڳ ڪمرو ملي ٿو.مارويهاسٽلجيخوبصورتيانجيپارڪمان ظاهرٿيئٿيجيڪوهنجيسُونهنکيچارچنڊلڳائيٿو، هي پارڪ سيپٽمبر 2013 ۾ ٺاهيوويو،پارڪپنهنجيساوڪ،صفائيسبب ۽صافهواجي گُھلڻ جي ڪريراتديرتائينڇوڪرينسانڀريلهونديرهيٿي، جنهن ۾ ويهي ڪيترائي ڪلاڪ ويهي فطرت جو مزو ماڻي سگھجي ٿو،هاسٽل جي اندر هر سهولت موجود آهي ،جهڙوڪ نيٽ ڪيفي،دڪان،ڪينٽين،وغيره، جتي هر شي دستياب آهي. ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻيون ڪڏهن کلندي ته ڪڏهن گهر کي ياد ڪري لڙڪ لاڙين ٿيون جڏهن ته ڪي اهڙيون به ڇوڪريون آهن جن کي پڙهائي سان گڏ هنر جو ڪم جهڙوڪ ڪپڙا سلائي،ڀرٿ ڀري پنهنجو گذرسفر ڪن ٿيون،ماروي هاسٽل جي خوبصورتي ۽ ان جي ماحول کي ڏسي مختلف شاعرن پڻ شاعري ڪئي آهي،جنهن  ۾ ”حليم باغي“  ۽ امداد حسيني گهڻا سڃاتا وڃن ٿا.
ماروي هاسٽل جي وارڊن ۾ ماءِ،دوست،۽ ڀيڻ جيان هر وقت گڏ رهي ٿي،هر پريشاني هر تڪليف ۾ساٿ ڏئي ٿي،چوندا آهن ته جتي خوشيون اتي ڏک به ڏسڻا پون ٿا،هاسٽل جي خوبصورتي سان گڏوگڏ ميس جو سسٽم ۽ خراب پاڻي جي ڪري پريشانين کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي پاڻ ۾ شاگردياڻين جو هن پُر فضا زبردست ماحول ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ واري رشتي کي پنهنجو گهر ۽ گھر ڀاتي جو 
سمجهي هر ڏک ۽ خوشي سان چئن سالن جو مختصر وقت گذارين ٿيون.



 September 2015, BS-III second semester 
writing skill work done under supervision of Sir Sohail Sangi 


Department of Media and Communication Studeis, University of Sindh 
Key words: Marvi Hostel, Pireh Mahar, 




ڪشمور ضلعي جا مسئلا refer

 Not according to approved topic. Referred back 
آرٽيڪل؛ ڪشمور ضلعي جا مسئلا
پرھ مهر، رول نمبر83
سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم شاعر حسن درس جا ڪيڏانه خوبصورت لفظ آهن ته.
          سنڌ سموري پرينءَ جو ڀاڇو آهي.
سو سنڌ ڌرتيءَ جو وجود به قل فيقون کان وٺي قائم ۽ دائم آهي جتي ڪارونجهرجو ذڪر هجي اتي ڪينجهر جو ذڪر نه ڪجي ته اها نوري ۽ ڄام تماچيءَ سان ناانصاف هوندي. پرجيڪڏهن جتي ڪراچي جي ڳالهه هجي اتي ڪشمور جي ڳالهه نه ڪجي ته اها به سنڌ ماءُ سان ناانصافي چئجي.
          ڇو جو ڪشمور ضلعو اهو واحد ضلعو آهي جيڪو پوري سنڌ سميت پوري پاڪستان کي روشن ڪري ٿي. اهو ان ڪري جو ڪشمور ضلعي ۾ گڊو پاور هائوس جيڪو ايشيا جي وڏي ۾ وڏي پاور هائوس جي حيثيت رکي ٿو. سوهتان کان ئي بجلي پيدا ٿي ڪري پاڪستان جي پوري شهرن وستين ڳوٺن کي روشن ڪري ٿو.
                   ڪشمور ضلعو اڄ کان 10 سال پهريان ته ضلعي جي حيثيت ۾ نه هو. تڏهن جيڪب آباد ضلعي سان گڏ هيو. اڳتي هلي ڪري جيڪب آباد جي آبادي وڌنڌي وئي ۽ ماڻهن جا مسئلا به وڌندا ويا ته حڪمرانن جيڪب آباد کي توڙي ٻن ضلعن جي صورت ڏني. جنهن ۾ هڪ جيڪب آباد ضلعو ۽ ٻيو ڪشمور ضلعو.
                   اڳتي هلي ڪشمور ضلعو جنهن اڳواڻن جي هٿن ۾ ڏنو ويو ته انهن به هن ضلعي جي ڪائي واهرنه ڪئي توڻي جوهتان جا سردار جاگيردار به پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا ٿي ويا ۽ ڪشمور ضلعي جا مسئلا به ساڳيا وڌندا ويا.
                   هتي اسڪول آهن پر استاد نه آهن. هتي اسپتالون آهن پر ڊاڪٽر نه آهن هتي ميونسپل آهن پر صفائي نه آهي. هتي زراعت آهي پر واهر نه آهي هتي سنڌو دريا ته آهي پر ان جي وارثي نه آهي. جيڪڏهن اسان سردارن وڏيرن جا نالا کڻون ٿا ته ان ۾ وڏا وڏا بت اچي وڃن ٿا. جن ۾ سردار سليد کان سردار عابد خان سنڌراڻي غالب خان ومطي حاجي رئوف کوسو مير گل محمد خان بگراڻي احمد علي خان بنگوار يا کڻي هزار خان بجاراڻي ڇو نه هجي پر الائي ڇو پنهنجن تڪن جي وارثي نٿا ڪن.
          افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هيڏن وڏن سردارن ۽ وڏيرن هوندي به هتان جا قبيلائي ماڻهون پاڻ ۾ وڙهيا پيا وتن. ۽ هڪ ٻئي جون سوين جانيون ختم ڪري  ڇڏيون آهن. جکراڻي، ڀيا جهيڙي ۾ ڪئي ئي ماڻهون موت جو شڪار ٿيا. جکراڻي دومطي جهيڙي ۾ ڪي ئي ماڻهون موت جو شڪار ٿيا. سبزوئي ساوند جهيڙي ۾ ڪي ئي ماڻهون ڪٺاويا. مزاري کوسه جهڙي ۾ نوجوانن جون جانيون کسيون ويون پر پوءِ بدالائي جو سردار ۽ وڏيرا انهن جهيڙن کي نه روڪرائي سگهيان.
                   جنهن جي تنهنجي ۾ هتان شهر ويران ٿيندا ويا ۽ ڏوهن جي دنيا وڌندي وئي. هالا کي ڪي ڏٺو وڃي ته ڪشمور ضلعي ۾ وڏي رتبي جا  ماڻهون شاعر اديب ۽ سڳهڙ پيدا ٿيا، جن ۾
                   استاد ارڏو اترادي، ڊاڪٽر نواز علي شوڪ فيض بخشاپوري ملڪ نديم ديدار ڪلوڙ، بابن ڇاڇڙ جهڙا ماڻهون هوندي بـ ڪائي واهر نه آهي ۽ اسان جي ضلعي جي سڃاڻپ کي ڪائي هٿي نه ڏني ويئي ٿي.
                   وري جيڪڏهن تاريخي شيون ڏسجن تـ انهن ۾ ٽوڙي بنگلو جيڪو پڻ هٽن سان تباهه ۽ برباد آهي، غوث بعد ۾ نو 9 فبڻن واري مسجد، جيڪا پڻ لاوارث حالت ۾ آهي. بابا غريب واپس جو بندر جتي سالو سال هزارين ماڻهون ايندا آهن انهن مندرن جي ڪائي واهر نه آهي، رڳو پاڻ غريب هندو ڀائر ان جي سار سنڀال رکيو پيا اچن. ٻڌاڻي ۾ چئي مسجد آهي جيڪا بد پٽ صرف نالي ساتر رهجي وئي آهي.
                   اهڙيون ئي تاريخي شيون آهن جن جي واهر نه آهي روڊ رستا تباهه، نيڪال سسٽم تباهه روڊ رستن تي گدلاڻ ، جنهن ڪري هر طرف ويراني


                   آخر ڇا ٿيندو هن ضلعي جو  مان وس آهر انهن وڏيون ۽ سردارن کي اپيل ٿي ڪريان ته خدارا پنهنجن علائقن مان ذاتي جيهڙا ختم ڪرايو ۽ تعليم ڏي ڌيان ڏياريو وڃي. گوسڙو استادن کي اسڪول موڪليو جيڪي ڊاڪٽر اسپتالن ۾ نه ٿا اچن،انهن کي ڊيوٽي تي اچڻ لاءِ پابند ڪريو ته جيئن غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جو ڪجهه ڀلوٿي. روڊ رستا صاف ڪرايو ته جيئن گذر سفر چڱوٿي. ذاتي جيهڙا ختم ڪرايو ته جيئن اسان جا شهر آباد ٿين ۽ هتان جا ماڻهون سک جو ساهه کڻي سگهن.  

Tuesday, September 1, 2015

پروفائيل.. عبدالطيف جوکيو Hold

 Seems it is not written by u Miss Pireh
پروفائيل.. عبدالطيف جوکيو  ...ڪي ٽي اين نيوز ايديٽر
نالو..پرھ مھر رول نمبر 83

نيوز چينل تي ڪنھن به ڪردارڪنھن به مضمون تي ٺھيل رپورٽ ڊاڪيومينٽري ۾ ڪيمرا تي نظر انيدڙ اداڪار، روپرٽر ۽ ھوسٽ اڪيلي جي وس جي ڳالھ ناھي ھوندي .، پر انھن سان گڏوگڏ ڪيمرا جي اوٺ ۾ لڪيل چھرا به  ھن نيوز، ڊاڪيومينٽري ۽ ڊرامن جو حصو ھوندا آھن جن جي ڪوشش ۽ جھدوجھد سسان انھن ڊرامن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. انھن لڪيل چھرن ۾  ايڊيٽر جو اھم  ڪردار ھجي ٿو.
نيوز ايڊيٽر مان ھڪ اھڙو ئي محنتي ايديٽر عبدالطيف جوکيو به آھي.جنھن جو جنم 18 سيٽمبر 1990 تي لاڙڪاڻي شھر جي علي گوھر آباد محلي ۾ ٿيو،ھن محنتي نوجوان پنھنجي شروعاتي تعليم اباڻي شھر لاڙڪاڻي مان ئي حا صل ڪئي،مالي معملن  سبب پنھنجي  پڙھائي جاري نه رکي سگھيو ۽ پوءِ چانھ واري ھوٽل تي ھڪ عام بيري جي صورت ۾ ننڍپڻ  گذاريو.ھن پنھنجي زندگي جا 13 سال چانھ واري ھوٽل تي ڪم ڪندي گذاريا. وڏي ھجڻ ۽ گھر جي  ذميواريون   سبب پنھنجي پڙھائي کي الوداع ڪرڻو پيس.غربت ھڪ اھڙي بيماري آھي جيڪا انسان کي پنھنجو پاڻ کان پري ڪري ڇڏي ٿي. انھن ڪري مائٽ مٽ دوست دري  سڀ اڪليو ڇڏي ٿا وڃن.عبدالطيف جوکيوجي  گھر ڀاتي کي ھوٽل جي مزدوري تي گھر جون ضرورتون  پريون نه ٿيڻ ڪري تمام گھڻيون  مشڪلاتون منھن ڏيڻو پوندو ھو.آخرڪار پنھنجو اباڻو گھروڪڻي 25 مئي 2005 تي لاڙڪاڻي کي الوداع ڪري روشني جي شھر ڪراچي منتقل ٿيا، جتي عبدالطيف جي پيءٌ  عبدالستار جوکيو ڪريان جو ننڊو دوڪان کولي ۽ جن مان گذر سفر ڪندا ھيا. ۽ پوءِ ڪجھ ئي وقت اندر عبدالطيف ٽوال، گارمينٽس ڪمپني ۾ ھيلپر طور نوڪري ڪئي، ڪمپني ۾ نقصان  پيو جنھن ڪري ڪمپني بند ڪئي وئي جنھن بعد عبدالطيف بيروزگاري سب  پريشان ۽ تنگ زندگي گذاري رھيو ھو. ڏاھن جو چوڻ آھي ته ڏکن پويان سک .

چوندا آھن ته ڪڏھن به الله جي راھ کان مايوس نه ٿيڻ گھرجي ، الله غريبن کي به رزق روزي ڏي ٿو.ائين ئي ڪجھ وقت مشڪلات ۾ رھڻ کان پوءِ عبدالطيف کي ڪي ٽي اين ۾ ڪم ڪرڻ جي آش ٿي جتي عبدالطيف کي 2 مھينا ڪم سيکاريو ويو ان جي قابليت ۽ محنت کي ڏسي ڪي ٽي اين جي ٽآڪ شوو  پروگرام ۾ اسسٽينٽ ايڊٽر مقرر ڪيو ويو، جنھن تان ڪاميابي جي ڏاڪڻ تي چڙھندي ڪرنٽ آفيئر ۾ خاص ڊاڪيومينٽري رپورٽ ايڊٽ ڪرڻ جو موقعو مليس. جنھن بعد نيوز روم ۾ فوٽيج  ايڊٽ لاءِ رکيو ويو جنھن ۾ 30 سيڪنڊ  ۾ فوٽائيج تيار ڪرڻ جو موقعو مليو ، گھٽ پگھار ھجڻ باوجود عبدالطيف پنھنجي  زندگي مان ڪڏھن به مايوس ناھي ٿيو بلڪ ھو پنھنجي گھر وارن جو سھارو ٿي پنھنجي  پريشانيون لڪائي ڪري  گھر ڀاتين کي خوشي فراھم ڪرڻ جي ھر پوري ڪوشش ڪري رھيو آھي، ۽ ھن وقت ھو ڪي ٽي اين ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رھيو آھي غربت جي ڪري پڙھائي کان  پري ٿيندڙ نسل کي گھرجي ته اھي پنھنجي زندگي مان ڪڏھن به مايوس نه ٿين ڇاڪاڻ ته دل ۾ ھڪ اميد زنده رکي ھلڻ واري کي زندگي جي ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي خوشي ،ڪاميابي ملي ٿي.عبدالطيف جوکيو ھڪ عام ماڻھو جيان سڀني  سان ملي ٿو ھن پنھنجي زندگي جي ڏک پريشاني  ۾ گاري آھي ،تنھن ڪري ھي غريب ۽مسڪين دل جو حال احوال سمجھي انھن سان اڪثر گڏ ويھي ٿو ۽انھن جي  وس آر مدد پڻ ڪندو آھي.