Showing posts with label عبدالسلام سومرو. Show all posts
Showing posts with label عبدالسلام سومرو. Show all posts

Tuesday, September 8, 2015

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

آرٽيڪل

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

عبدالسلام سومرو

رول نمبر 05

لاڙڪاڻو اتر سنڌ جو خوبصورت ترين شهر آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ موئن جي دڙي کان اٺاويهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هيءُ شهر بهترين نقشي ۽ منصوبه بندي تحت جڙيل آهي. لاڙڪاڻو شهر تعليم، ادب ۽ سياست جي حوالي سان منفرد حيثيت رکي ٿو. جنهن جو مثال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انور پيرزادو ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي سياسي سماجي عظيم شخصيتن جي روپ ۾ ملندو.

 لاڙڪاڻي شهر کي سن 1901ع ۾ ضلعي جو درجو مليو. 1998 جي آدمشماري تحت هن ضلعي جي آدمشماري 19 لک 97 هزار 66 هئي ۽ سن 2010ع تحت 25 لک 27 هزار ڇاهٺ آدمشماري هئي ۽ تازو 2014ع مطابق صرف لاڙڪاڻي شهر جي آبادي 15 لک 63 هزار 40 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترو تيزيءَ سان هن شهر جي آبادي ۾ اضافو آيو آهي. سن 2005ع  ۾ لاڙڪاڻو ضلعو پنجن ضلعن جو هيڊ ڪوارٽر يعني ڊويزن بڻيو.

امن مان جي لحاظ کان لاڙڪاڻو مڃيل شهر رهيو آهي، جنهن جو مکيه سبب اهو آهي جو سنڌ جي ٻين شهرن جهڙوڪ : ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وغيره جي ڀيٽ ۾ هتي ڌاري آبادڪاري صرف هڪُ فيصد آهي، جنهن جو مکيه سبب لاڙڪاڻي شهر جو صنعتڪاري علائقو نه هجڻ آهي. ان ڪري ڌارين ماڻهن جو هن  شهر طرف رجحان گهٽ رهيو آهي. انهن سڀني خصوصيتن جي ڪري گذريل ڏهن سالن اندر لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جي ماڻهن جي شهري زندگيءَ کي ترجيع ڏيڻ ڪري هن شهر ۾ (پلاٽنگ) يعني پلاٽن جي وڪري جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. نتيجي ۾ شهر جي اندرين علائقن سميت ڪيترن ئي ٻاهرين علائقن ۾ پلاٽن ۽ جڳهن وغيره جي خريد و فروخت لاءِ اسٽيٽ ايجنسيون ملنديون جن ۾ طوبه اسٽيٽ ايجنسي سچل ڪالوني، سويرا ريئل اسٽيٽ ايجنسي لاهوري محله، الحسنين ريئل اسٽيٽ ايجنسي رحمت پور ۽ ٻاهرين علائقن ۾ ايئر ويز رائل سٽي (ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻو)، لاڙڪاڻه ڊفينس سٽي، سکر روڊ اسٽيٽ ايجنسي، گل سعيد اسٽيٽ ايجنسيءَ سميت ٻيون پڻ ڪيتريون ئي پلاٽ وڪرو ڪندڙ اسٽيٽ ايجنسيون شامل آهن، جن ۾ 720 فٽن کان ويندي 1080، 1800، 2100 ۽ 3600 اسڪوائر فٽن جا پلاٽ به موجود آهن، جن جون قيمتون 04 لک پنج هزار کان 21 لک 42 هزارن تائين آهن.

لاڙڪاڻي اندر گذريل ڏهن سالن دوران خاص ڪري 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ ٻهراڙي جي ماڻهن وڏي پئماني تي شهر ڏانهن لڏپلاڻ تي زور ڏنو آهي جنهنڪري پلاٽن جي وڪري جو رجحان تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي جو اڳ جيڪو پلاٽ ٽي يا چار سئو روپين ۾ فٽ ملندو هو اڄ اهو اٺ سئو کان ڇهن هزارن تائين وڃي پهتو آهي. پلاٽن جي اها رقم علائقي کي مدِنظر رکي ڪئي وڃي ٿي. جهڙوڪ؛ سچل ڪالوني، پروفيسرز ڪالوني يا دڙي محلي جي پلاٽن جا اگھ بنسبت ٻاهرين علائقن جي تمام چوٽ چڙهيل آهن.

سن 2009ع ۾ جڙيل خيرپور پُل (جيڪا لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ سکر کي ڳنڍي ٿي) ۽ موئن جي دڙي ڏانهن ويندڙ ٻنهي پاسي ٺهيل روڊ ته لاڙڪاڻي شهر جي اهميت ۽ بيهڪ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهنڪري هن وقت مشهور اوٺا چوڪ کان اتاترڪ ٽاور تائين پلاٽن جي صورت ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پلاٽن جي وڪري ۾ واڌ جا ڪجھ مکيه سبب ٻهراڙي جي ماڻهن جو شهرن ڏانهن رخُ ڪرڻ، روزگار جي تلاش، بهتر تعليم جي جستجو، وڌيڪ سهوليات جي موجودگي وغيره آهن. جيڪڏهن اسين پلاٽن جي ان وڪري يعني (پلاٽنگ) جي افاديت تي نظر وجهنداسين ته ان جا ڪيترائي فائديمند اثرات ظاهر ٿيندا جهڙوڪ؛ ماڻهو ڳوٺاڻي زندگي ڇڏي شهرن ڏانهن رخ ڪندا، ان سان سندن رهڻي ڪهڻي جو معيار وڌڻ سميت شعور ۾ پڻ واڌارو ايندو ۽ کين روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ ماڻهن جي مجموعي ترقيءَ سان ملڪي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. پر جيڪڏهن اسان پلاٽن جي وڪري ڏانهن وڌيڪ توجھ ڪنداسين ته ان جا ڪجھ نقصان به نظر ايندا جهڙوڪ: اسان وٽ اڪثر ڪري زرعي زمين ختم ڪري پلاٽنگ ايريا ٺاهي ويندي آهي ۽ زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جي صورت ۾ وڪرو ڪرڻ سان آمدني متاثر ٿيڻ سميت بيروزگاري وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته عمومن ٻه ايڪڙ زرعي زمين سال ۾ مجموعي طور هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻجي ٿي، جنهن زمين کي زراعت کان محروم ڪرڻ سان يقينن نقصان ئي ٿئي ٿو.
 ٻيو ته پلاٽنگ جو مرحلو صرف مخصوص طبقي جي لاءِ فائديمند ٿئي ٿو، ان ۾ هيٺئين طبقي جي ڪا به ڀلائي نه آهي. انڪري اسين چئي سگهون ٿا ته پلاٽن جي وڪري جو مرحلو ڪجھ حد 
تائين فائديمند هجڻ سان گڏ نقصانڪار پڻ آهي.

حقيقت ۾ ڪنهن غير آباد زمين کي رهڻي ڪهڻيءَ جون سمورين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ کانپوءِ پلاٽنگ ايريا بنائڻ گهرجي. پر ڪڏهن به زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جو ٽڪرو نه بنائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان زراعت تي ڀاڙيندڙ ملڪ آهي ۽ زراعت متاثر ٿيڻ سان ملڪي نقصان پڻ ٿيندو. 

Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
        

  

  

Tuesday, September 1, 2015

گلاب پيرزادو - پروفائيل: عبدالسلام سومرو

 foto is required. پروفائيل
عبدالسلام سومرو
رول نمبر 05
گلاب پيرزادو
سنڌ ڌرتي شروع کان اڄ تائين پنهنجي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي اهڙا عظيم ۽ انمول انسان پيدا ڪندي رهي آهي، جن پنهنجي ذات کان اڳتي نڪري خدمت خلق ۾ ئي پئي حقيقي سڪون حاصل ڪيو آهي. انهن ماڻهن سماج جي اوڻاين کي نظر ۾ رکندي اڻ ڳڻيون سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ذاتي مفادن کي ڇڏي ڪري فراخ دليءَ سان عوام دوستيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ٻلهڙيجي واسي چاچو گلاب پيرزادو به انهن ئي سماج جي اڏيندڙن مان هڪ آهي، جن هميشه عوام الناس جي خدمتپئي ڪئي آهي ۽ غريب طبقي جي حقن لاءِ اواز اٿاريو آهي.
گلاب پيرزادي جو جنم1942ع ۾ لٽل ماسڪو سڏجندڙ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ علي گوهر پيرزادي جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو وچولي طبقي جو عام ماڻهو هو. ٻلهڙيجي جي ماڻهن زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پئي پاڻ ملهايو آهي پوءِ اهو تعليمي ميدان هجي، علمي، ادبي، سياسي توڙي صحافتي ميدان ئي ڇو نه هجي. ان جو وڏو مثال انور پيرزادو، عيدل خان سومرو، محمد رمضان ساريو، مسرور پيرزادو، زرار پيرزادو، لطف پيرزادو ۽ خود چاچو گلاب پيرزادو پڻ هڪ وڏو آهي.
گلاب پيرزادو صرف اڄ جا پرائمري پنج درجا يعني ان دور جو مڊل پاس ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي پختي ارادي، سخت محنتن ۽ ڪاوشن سبب سموري سماج لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو آهي. پاڻ ايئرپورٽ ٽريڊ يونين ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ هاڻي رٽائرڊ ملازم هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو مرڪزي صدر پڻ آهي. نوڪريءَ دوران بهتر ڪارڪردگي جي ڪري ايئر پورٽ ٽريڊ يونين سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو ۽ اڳتي هلي آل پاڪستان ٽريڊ يونين آرگنائيزيشن سنڌ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. جيئن ته ايئر پورٽ هڪ مرڪزي ادارو آهي انڪري هن جي گوادر بدلي به ٿي هئي.
سماجي حوالي سان پڻ چاچي گلاب جو ڪردار ڪنهن اونداهيءَ ۾ سهائيءَ مثل آهي. سن 1981-82 ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جوڙي وئي جنهن جو صدارتي عهدو گلاب پيرزادي کي سونپيو ويو، جنهن جو مقصد ڳوٺ جي ننڍن وڏن مسئلن کي پاڻ ئي حل ڪري پوئتي پيل ماڻهن کي فائدو پهچائڻ ۽ سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ هو. ٻلهڙيجي جي سياسي اهميت جي ڪري اتي اڄ ڏينهن تائين به پوليس يا فوج ڪو تڪڙو قدم نه کڻي سگهندي آهي. هر دفعي اليڪشن ۾ ڪائونسلر به ان ڳوٺ سڌار سنگت جي آڌار ئي چونڊيو ويندو هو. 1990-91 واري اليڪشن ۾ پڻ چاچي گلاب ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان يونين ڪائونسل بگي جو ناظم چونڊرائي ڳوٺ جو روڊ منظور ڪرايو، بجلي ۽  گئس جهڙيون سهولتون وصول ڪيون. ترقياتي ڪمن ڪرائڻ ۾ پڻ گلاب پيرزادو وڏو ڪردار نڀائي ٿو. پر گلاب پيرزادي جي گوادر بدلي ٿيڻ ڪري ڪارڪردگي متاثر ٿي جنهن ڪري ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان ڳوٺ سڌار سنگت کي خارج ڪيو ويو پوءِ ان ئي سلسلي جو ڪڙيءَ موجب سن 2005ع ۾ گلاب پيرزادي ۽ سندس ساٿين گڏجي" انڊس دولپمينٽ ايسوسيئيشن " جوڙي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا. اڪثر ٻهراڙين ۾ ماڻهو پنهنجون نياڻيون ڇوڪرن جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ کان ڪيٻائيندا آهن، انڪري چاچي گلاب سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان مختلف علائقن ۾ 05 گرلس اسڪول کولرائي چڪو آهي، جتي عورت استاد مقرر ڪري تعليم جي مفت فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويو آهي، ۽ ٻلهڙيجي ۾ پڻ ڇوڪرين جو اسڪول زيرِتعمير آهي. ان کان علاوه مختلف ذريعا استعمال ڪري ڳوٺ ۾ ڊسپينسري، ريسورس سينٽر ۽ انور  پيرزادي جي نالي سان قائم لائبرري جي جڙڻ ۾ پڻ گلاب پيرزادي جو ڪردار وساري نٿو سگهجي.
سياسي حوالي سان ته چاچو گلاب پيرزادو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس تعلق شروع کان اڄ تائين ڪميونسٽ پارٽيءَ سان رهيو آهي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر هجڻ ڪري ڪيترن ئي ملڪن جا دورا پڻ ڪري چڪو آهي.
1977-78ع ڌاريلاڙڪاڻي ۾ گلاب پيرزادو مزدور يونين جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، جنهن سبب کيس ڇهن مهينن لاءِ سکر جيل ۾ نظربند پڻ ڪيو ويو. "سندس چوڻ موجب سنڌ ۾ اڄ تائين اهڙي مزدور تحريڪ نه هلي آهي جيڪا اسان ان وقت هلائي هئي"
1978ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا واري دور ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ گلاب پيرزادي ۽ ٻين ساٿين گڏجي " ڀٽائي ڪانفرنس " ڪرائي جنهن ۾ مک ڪردار انور پيرزادي جو هو، ان ڪانفرنس ۾ سنڌ جا وڏا اديب شاعر، ليکڪ شريڪ ٿيا ۽ اهڙي ماحول ۾ 1981 ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي ملهائي، ان ورسي ۾ بولچستان جي ڪامريڊ دوستن پڻ شرڪت ڪئي جنهن سبب هر ماڻهوءَ کي ڏندين آڱريون اچي ويون.
1990ع ۾جڏهن ماسڪو ۾ ڪميونسٽ گورنمينٽ هئي، تڏهن چاچي گلاب کي ٽن مهينن لاءِ ماسڪو اچي ٽريننگ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، پاڻ اتي وڃيپوليٽيڪ سائنس شعبي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي سياسي سائنس، جاگرافي، تاريخ ۽ معيشيت متعلق ليڪچر پروگرامن ۾ شريڪ ٿيو. ان بعد "ايشين ٽريڊ يونين فيڊريشن" جي پروگرام تحت گلاب پيرزادي جو ڪولمبو(سريلنڪا) پڻ وڃڻ ٿيو.

2008 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف بنگلاديش طرفان گلاب پيرزادي کي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي، جتي چاچي ڪانگريس بابت مختلف ميڊيا چينلز تي ويچار پڻ ونڊيا. اتي کينس 1971 واري " بنگلاديش انقلاب " بابت پڻ بريف ڪيو ويو. 2010ع ۾ پڻ ان حوالي سان گلاب پيرزادي جو رنگ پور وڃڻ ٿيو.
ٻه ٽي مهينا اڳ ميهڙجي " ڪاڪول واھ واري اسٽرگل " ۾ پڻ گلاب پيرزادي بحيثيت صدر سنڌ هاري ڪاميٽي مک ڪردار ادا ڪيو. تازو آيل ٻوڏ ۾ پڻ چاچي گلاب پيرزادي درياءَ جي بند تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان ڪئمپ هڻي غريب هارين جي ٿيل نقصانن جا تفصيل ررتا ۽ آهي اميد ڏيکاري ته جيڪڏهن ٿورو به رليف (فائدو) مليو ته رڪارڊ موجب سڀني کي پنهنجو حق وٺي ڏينداسين.
چاچو گلاب صوفي راڳ کي پسند ڪندي شاه عبداللطيف کي گهڻو ٻڌي ۽ پڙهي ٿو. سندس رويو سدائين ماٺيڻو رهيو آهي، نوجوانن کي سدائين سياست کي سماجي سائنس ڪري پڙهڻ ۽ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندو آهي ۽ هر ماڻهوءَ سان سندس چاھ رهي ٿو.
اسان جو هي سماج جيڪو ڪيترين ئي سماجي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، ان کي اهڙين برين بلائن آجو ڪرڻ لاءِ گلاب  
پيرزادي جهڙي پيغمبر صفت ماڻهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

This practical work was carried under the supervision of Sir Sohail Sangi
 Department of Mass Communication, University of Sindh 

Please add: 
Only a few know his origional name is Ahmed Bux but he is known as Gulab Pirzado. He was not the Nazim but he helped out Muhib Hussain Pirzado to became Nazim. In fact Muhibe Pirzado is the great social reformist of the the village and others are cooperating him. so mentioning personalities of the village Muhib's name be mentioned in that list who have brought about change in the village. as for as journalists are concerned Altaf Pirzado from same family is working as journalist. . 


Tuesday, August 18, 2015

موئن جو دڙو : عبدالسلام سومرو


Photos new and different type are required. poorly written. Unedited
 موئن جو دڙو
 فيچر  عبدالسلام سومرو
رول نمبر 05
انسان جڏهن اڃا زندگي گذارڻ جي اصولن کان واقف ئي نه هو تڏهن سنڌو ماٿريءَ يعني موئن جي دڙي  جا ماڻهو شاندار تهذيب ۽ ثقافت جا مالڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي هر سک سهولت کان واقف هئا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو آڳاٽي زماني کان ئي تمام مهذب، اديب، هنرمند ۽ ڪاروهنوار ۾ سرفهرست رهيا آهن ۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب ”موئن جي دڙي“ جي آڌار تي هميشه سندن مان مٿاهون رهيو آهي.
موئن جو دڙو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، جيڪو تعلقي ڏوڪري کان 07 ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. موئن جي دڙي تي اهو نالو انڪري پيو جو کوٽائيءَ کان اڳ اتي صرف وڏا مٽيءَ جا ڍير هئا جڏهن کوٽائيءَ دوران اتان ڪيترن ئي مئل انسانن جا ڍانچا ۽ هڏيون مليون جنهنڪري ان کي ”مئلن جو ڍير يعني موئن جو دڙو“ سڏيو ويو.
انگريزن جي دور ۾ سن 1920۾ انگريز آرڪيالاجسٽ نالي آر ڊي بينارجي ٻڌ مذهب جا اهڃاڻ ڳولهي لهڻ لاءِ هتي پهتو ته کيس ان مذهب سميت هڪ مڪمل تهذيب جا آثار پڻ مليا جنهنڪري وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ جي جستجو پيدا ٿي ۽ ايئن اڳتي هلي 1922 ۾ انگريز ماهر آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل ڀرپور نموني کوٽائي ڪرائي هڪ شاندار ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب“ موئن جو دڙو دنيا جي سامهون آندو. ان کوٽائيءَ دوران انسانن ۽ جانورن جي ڪيترين ئي هڏين سميت سوَن جي تعداد ۾ قيمتي شيون پڻ مليون جن ۾ سون ۽ چاندي جازيور، ٺڪر جا ٿانو، مهرون ( جن تي لکيل ٻولي اڄ تائين به ڪير نه سمجھي سگهيو آهي)، هڪ ناچڻي ڇوڪريءَ (سمبارا) جو مجسمو (جنهن کي موئن جي دڙي جي بهترين ڳولها چون ٿا)، هٿيار ۽ رانديڪا وغيره اچي وڃن ٿا، اهي سڀ شيون موئن جي دڙي تي واقع عجائب گهر (ميوزم) ۾ اڄ به موجود آهن. اهو عجائب گهر ايترو ته سهڻو ۽ دلڪش جڙيل آهي جو ڏسڻ سان ماڻهو اچرج ۾ اچيو وڃي.
بهرحال جيئن جيئن کوٽائي هلندي رهي ته هڪ تمام ترقي يافته ۽ بهترين منصوبه بنديءَ تحت اڏيل شهر جا آثار ملڻ لڳا ۽ معلوم ٿيو ته اهو سهڻي نقشي تي ٻڌل هڪ شهر هو جتي پڪين سرن سان ٺهيل گهر، ڪشاديون گهٽيون، روڊ رستا، بهترين نيڪال جو نظام هو ۽ هيءُ شهر واپار جو پڻ وڏو مرڪز ٿي رهيو آهي جنهنڪري هتي جا ماڻهو پڻ معاشي طور سگهارا هئا. سمورو شهر قلعي جي صورت ۾ حملي آورن کان محفوظ رکيو ويو هو جنهن ۾ مورچا پڻ ٺهيل هئا جتي سپاهي هر وقت پهري ۾ بيٺل هوندا هئا، جيڪا ڳالھ هن شهر کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي پئي.
موئن جو دڙو قديم ماڳ جي حيثيت رکڻ سان گڏوگڏ شاندار تفريحي ماڳ پڻ آهي جو اتي تمام قديم آثار، عجائب گهر، باغ باغيچا ۽ وڻڪاري آهي. جنهنڪري ماڻهو ٻاهرين ملڪن کان ڪهي اچي سير تفريح ۽ تحقيق ڪندا آهن. 
عام ڏينهن ۾ ته هتي مزو ئي مزو هوندو آهي پر 06 ڊسمبر قومي ايڪتا جي ڏينهن ۽ هر عيد جي پهرين ٽن ڏينهن تي ”موئن جو دڙو“  گهمڻ وٽان هوندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن تي هتي کاڌي پيتي سميت هر قسم جا دڪان ۽ اسٽال وغيره لڳايا ويندا آهن ۽ ماڻهو پري پري کان ڪهي پنهنجي عظيم تهذيب ۽ ثقافت جو ڀرم رکندي هتي پهچي لطف اندوز ٿين ٿا. اهي سڀئي ڏينهن ڄڻ ته هتي ميلو متو پيو هوندو آهي. ان موقعي تي موئن جي دڙي تان هٿ آيل شين جهڙوڪ رانديڪا، ڍڳي گاڏيون ۽ مهرون پڻ ثقافتي ورثي طور وڪرو ڪيون وينديون آهن.
هن وقت اهڙن قديم ماڳن ڏانهن مناسب توجھ نه پئي ڏني وڃي. 2012 ع ۾ هڪ پاڪستاني آرڪيالاجسٽ موئن جي دڙي جو جائزو وٺندي اها اڳڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن هن قديم ماڳ جي اڃا به سارسنڀال نه ڪئي وئي ته شايد 2030ع تائين سنڌ موئن جي دڙي جهڙي عظيم ثقافتي ورثي کان محروم ٿي وڃي.
موئن جي دڙي جي موجوده حالت اها آهي جو سموري زمين سِم ۽ ڪلر جي ور چڙهي چڪي آهي جهنڪري ڀتيون ۽ اسٽوپا ڏينهون ڏينهن کنڊرن ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. انڪري آرڪيالاجي شعبي جي اختيارين کي گهرجي ته هن قديم ماڳ ڏانهن ڌيان ڏين ته جيئن ”موئن جو دڙو“ پنهنجي عظمت ۽ وجود نه وڃائي ويهي ۽ سنڌ جا ماڻهو هن عظيم ثقافتي ورثي کان محروم نه ٿي وڃن.

عبدالسلام سومرو
BS-III Second semester, August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi
   
   

Monday, August 17, 2015

انٽرويو: نظر محمد سومرو- عبدالسلام سومرو



انٽرويو
عبدالسلام سومرو
رول نمبر 05
نظر محمد سومرو
              سائين نظر محمد سومرو 17 فيبروري 1962 ع تي موئن جي دڙي جي ڪکِ ۾ واقع تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عابد سومري جي گهر ۾ هن دنيا ۾ اک کولي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي تمام محنتي ۽ هوشيار هو. هن ابتدائي تعليم اباڻي شهر ڏوڪري مان پرائڻ کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان ايگرانامي شعبي ۾ ايم ايس سي ڪيائين ان بعد ٿورو وقت گذرڻ سان ئي 02 مارچ 1996ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرر طور ڀرتي ٿيو. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر تائين پهچي چڪو آهي. سندس رويو سدائين ماٺيڻو ۽ همت افزائي ڪندڙ رهيو آهي. ساڻس ڪيل ڳالھ ٻولھ روشني جي پڙهندڙن جي سامهون رکجي ٿي.

سوال01؛ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ٽوٽل ڪيترا شعبا آهن ۽ شاگردن جو تعداد ڪيترو آهي؟
           جواب؛ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ۾ ڪل ڏھ شعبا آهن جن ۾ ايگرانامي، پلانٽ بريڊنگ، سوائل سائنس، اينٽامالاجي، پيٿالاجي، پلانٽ پروٽيڪشن، هارٽ ڪلچر، پاڪستان اسٽڊي، اسلاميات ۽ انگريزي شامل آهن ۽ هتي جي شاگردن جو تعداد تقريبن 300 کان 400 جي لڳ ڀڳ آهي.
سوال 02 ڇا هتي جي شاگردن کي ليباريٽري جو ڪم ڪرائيندي ڪي نيون جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن؟
جواب ها بلڪل. هتي سڀني شاگردن کي ليباريٽري ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو پر گهڻي قدر آخري سال جي شاگردن کي ٿيسز جي صورت ۾ ۾ ٻجن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويندو آهي جنهن سبب ڪجھ ڪڻڪ ۽ چانورن جون مختلف جنسون متعارف ٿي چڪيون آهن.
سوال 03؛ سنڌ اندر زراعت جي موجوده صورتحال ڇا آهي؟
  جواب  تازو آيل ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن جا فصل تباھ ٿي چڪا آهن ۽ زراعت تي ڀاڙيندڙ ماڻهو ٻڏ ترِ جو شڪار آهن ۽ تقريبن زراعت جي ڪم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
سوال 04؛ سنڌ جي هارين جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڇا آهي؟
جواب؛  اهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته سنڌي ماڻهو مڙئي گهڻي محنت کان الائي ڇو ڪيٻائيندا رهندا آهن. جنهنڪري سدائين پستين جو شڪار رهندا آهن ۽ پوئتي ڌڪجي ويندا آهن، ساڳي حالت اسان جي هارين نارين جي پڻ آهي، نتيجي ۾ ٻين صوبن جا هاري هتان جي هارين کان بهتر پوزيشن ۾ آهن ۽ ٻئي طرف هتي جا زراعت ڪندڙ پورهيت جديد ٽيڪنالاجيءَ کان مڪمل طور اڻ ڄاڻ آهن جيڪو پڻ پٺتي رهڻ جو مکيه سبب آهي.
سوال 05؛ زراعت سان سلهاڙيل ماڻهن کي ڪهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا؟
جواب؛  اسان سان اهو هڪ وڏو الميو آهي جو زراعت ڪندڙ هاري هيٺئين طبقي جا ماڻهو ٿين ٿا جنهن ڪري هُو مجبورن ڪنهن وڏيري ننڍيري جي ڪڙمت لاءِ آماده ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هر انسان کي گذر سفر ڪرڻ لاءِ ٻه ويلا مانيءَ جي ضرورت ته يقيني آهي انڪري غريب هاري غلاميءَ جي زندگي تي مجبورب ٿي تمام گهٽ اُجوري تي گذارو ڪن ٿا جيڪو منهنجي نظر ۾ تمام وڏو مسئلو آهي. ان سميت ٻيا پڻ ڪيترائي مسئلا آهن جهڙوڪ زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وڃڻ، پاڻيءَ جي کوٽ، فصل جو گهٽجي وڃڻ سميت ٻجن ۽ ڀاڻ جي اگهن وڌي وڃڻ ڪري پڻ هاري طبقو مسئلن سان منهن ڏئي ٿو.
 سوال06؛ ڇا مختلف دوائن جي استعمال سان زمين ۽ فصل تي ڪو اثر پوي ٿو؟
جواب؛  اڳ ۾ زمينون طاقتور هونديو هيون ۽ فصل به پاڻمرادو بنا ڪنهن ڀاڻ يا دوا جي بهتر ٿيندا هئا پر هن وقت زمينون ساڳيون نه رهيون آهن جيڪي سم ۽ ڪلر جي ڪري سٺي اپت ڏيڻ جي به قابل نه ٿيون رهن انڪري دوائن ۽ ٻجن جو استعمال مفيد ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ پراڻيون زمينون اڄ جي زمينن کان هزار دفعا وڌيڪ بهتر هيون ۽ سندن اناج به وڌيڪ فائديمند هو.
سوال 07؛ زراعت کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا؟
جواب؛ مشينريءَ جي ايجاد انساني زندگيءَ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، اڳ جيڪي ڪم ماڻهو پنهنجي هٿن سان سرانجام ڏيندو هو (مسئلن هارپي جو ڪم، رونبو ڪرڻ، ٻج جي پوکائي ۽ لابارو وغيره) اهي تمام ڪم ڪار اڄ مشينن جي مدد سان ڪيا وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته ان ۾ وقت جي بچاءَ سان گڏ اپت به زياده ٿئي ٿي.انڪري هن وقت جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي ڄاڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ سان ئي زراعت کي وسيع ڪري سگهجي ٿو.
سوال 08؛ زراعت جي شعبي ۾ شاگردن جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب؛ هر آئي ڏينهن زراعت جي ڪم ۾ تيزي ايندي پئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي سان گڏ وڌيڪ صلاحيتن جي پڻ ضرورت پوي ٿي ان ڪري زراعت جي پيشي جي چونڊ ڪندڙ شاگردن لاءِ پڻ نيون راهون کلنديون رهن ٿيون جيڪي سندن مستقبل سگهارو هجڻ جو ثبوت ڏين ٿيون.
سوال 09؛  نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو؟
جواب ؛ شاگردن کي سڀ کان پهريان پنهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ کپي. چگن جي صحبت اختيار ڪري نشيدار شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. 
August 2015 
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi