Tuesday, September 8, 2015

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

آرٽيڪل

لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ پلاٽنگ جو رجحان

عبدالسلام سومرو

رول نمبر 05

لاڙڪاڻو اتر سنڌ جو خوبصورت ترين شهر آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ موئن جي دڙي کان اٺاويهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هيءُ شهر بهترين نقشي ۽ منصوبه بندي تحت جڙيل آهي. لاڙڪاڻو شهر تعليم، ادب ۽ سياست جي حوالي سان منفرد حيثيت رکي ٿو. جنهن جو مثال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انور پيرزادو ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي سياسي سماجي عظيم شخصيتن جي روپ ۾ ملندو.

 لاڙڪاڻي شهر کي سن 1901ع ۾ ضلعي جو درجو مليو. 1998 جي آدمشماري تحت هن ضلعي جي آدمشماري 19 لک 97 هزار 66 هئي ۽ سن 2010ع تحت 25 لک 27 هزار ڇاهٺ آدمشماري هئي ۽ تازو 2014ع مطابق صرف لاڙڪاڻي شهر جي آبادي 15 لک 63 هزار 40 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترو تيزيءَ سان هن شهر جي آبادي ۾ اضافو آيو آهي. سن 2005ع  ۾ لاڙڪاڻو ضلعو پنجن ضلعن جو هيڊ ڪوارٽر يعني ڊويزن بڻيو.

امن مان جي لحاظ کان لاڙڪاڻو مڃيل شهر رهيو آهي، جنهن جو مکيه سبب اهو آهي جو سنڌ جي ٻين شهرن جهڙوڪ : ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وغيره جي ڀيٽ ۾ هتي ڌاري آبادڪاري صرف هڪُ فيصد آهي، جنهن جو مکيه سبب لاڙڪاڻي شهر جو صنعتڪاري علائقو نه هجڻ آهي. ان ڪري ڌارين ماڻهن جو هن  شهر طرف رجحان گهٽ رهيو آهي. انهن سڀني خصوصيتن جي ڪري گذريل ڏهن سالن اندر لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جي ماڻهن جي شهري زندگيءَ کي ترجيع ڏيڻ ڪري هن شهر ۾ (پلاٽنگ) يعني پلاٽن جي وڪري جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. نتيجي ۾ شهر جي اندرين علائقن سميت ڪيترن ئي ٻاهرين علائقن ۾ پلاٽن ۽ جڳهن وغيره جي خريد و فروخت لاءِ اسٽيٽ ايجنسيون ملنديون جن ۾ طوبه اسٽيٽ ايجنسي سچل ڪالوني، سويرا ريئل اسٽيٽ ايجنسي لاهوري محله، الحسنين ريئل اسٽيٽ ايجنسي رحمت پور ۽ ٻاهرين علائقن ۾ ايئر ويز رائل سٽي (ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻو)، لاڙڪاڻه ڊفينس سٽي، سکر روڊ اسٽيٽ ايجنسي، گل سعيد اسٽيٽ ايجنسيءَ سميت ٻيون پڻ ڪيتريون ئي پلاٽ وڪرو ڪندڙ اسٽيٽ ايجنسيون شامل آهن، جن ۾ 720 فٽن کان ويندي 1080، 1800، 2100 ۽ 3600 اسڪوائر فٽن جا پلاٽ به موجود آهن، جن جون قيمتون 04 لک پنج هزار کان 21 لک 42 هزارن تائين آهن.

لاڙڪاڻي اندر گذريل ڏهن سالن دوران خاص ڪري 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ ٻهراڙي جي ماڻهن وڏي پئماني تي شهر ڏانهن لڏپلاڻ تي زور ڏنو آهي جنهنڪري پلاٽن جي وڪري جو رجحان تمام تيزيءَ سان وڌيو آهي جو اڳ جيڪو پلاٽ ٽي يا چار سئو روپين ۾ فٽ ملندو هو اڄ اهو اٺ سئو کان ڇهن هزارن تائين وڃي پهتو آهي. پلاٽن جي اها رقم علائقي کي مدِنظر رکي ڪئي وڃي ٿي. جهڙوڪ؛ سچل ڪالوني، پروفيسرز ڪالوني يا دڙي محلي جي پلاٽن جا اگھ بنسبت ٻاهرين علائقن جي تمام چوٽ چڙهيل آهن.

سن 2009ع ۾ جڙيل خيرپور پُل (جيڪا لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ سکر کي ڳنڍي ٿي) ۽ موئن جي دڙي ڏانهن ويندڙ ٻنهي پاسي ٺهيل روڊ ته لاڙڪاڻي شهر جي اهميت ۽ بيهڪ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهنڪري هن وقت مشهور اوٺا چوڪ کان اتاترڪ ٽاور تائين پلاٽن جي صورت ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پلاٽن جي وڪري ۾ واڌ جا ڪجھ مکيه سبب ٻهراڙي جي ماڻهن جو شهرن ڏانهن رخُ ڪرڻ، روزگار جي تلاش، بهتر تعليم جي جستجو، وڌيڪ سهوليات جي موجودگي وغيره آهن. جيڪڏهن اسين پلاٽن جي ان وڪري يعني (پلاٽنگ) جي افاديت تي نظر وجهنداسين ته ان جا ڪيترائي فائديمند اثرات ظاهر ٿيندا جهڙوڪ؛ ماڻهو ڳوٺاڻي زندگي ڇڏي شهرن ڏانهن رخ ڪندا، ان سان سندن رهڻي ڪهڻي جو معيار وڌڻ سميت شعور ۾ پڻ واڌارو ايندو ۽ کين روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ ماڻهن جي مجموعي ترقيءَ سان ملڪي ترقيءَ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. پر جيڪڏهن اسان پلاٽن جي وڪري ڏانهن وڌيڪ توجھ ڪنداسين ته ان جا ڪجھ نقصان به نظر ايندا جهڙوڪ: اسان وٽ اڪثر ڪري زرعي زمين ختم ڪري پلاٽنگ ايريا ٺاهي ويندي آهي ۽ زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جي صورت ۾ وڪرو ڪرڻ سان آمدني متاثر ٿيڻ سميت بيروزگاري وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته عمومن ٻه ايڪڙ زرعي زمين سال ۾ مجموعي طور هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي روزگار جو ذريعو بڻجي ٿي، جنهن زمين کي زراعت کان محروم ڪرڻ سان يقينن نقصان ئي ٿئي ٿو.
 ٻيو ته پلاٽنگ جو مرحلو صرف مخصوص طبقي جي لاءِ فائديمند ٿئي ٿو، ان ۾ هيٺئين طبقي جي ڪا به ڀلائي نه آهي. انڪري اسين چئي سگهون ٿا ته پلاٽن جي وڪري جو مرحلو ڪجھ حد 
تائين فائديمند هجڻ سان گڏ نقصانڪار پڻ آهي.

حقيقت ۾ ڪنهن غير آباد زمين کي رهڻي ڪهڻيءَ جون سمورين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ کانپوءِ پلاٽنگ ايريا بنائڻ گهرجي. پر ڪڏهن به زرعي زمين ختم ڪري پلاٽ جو ٽڪرو نه بنائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان زراعت تي ڀاڙيندڙ ملڪ آهي ۽ زراعت متاثر ٿيڻ سان ملڪي نقصان پڻ ٿيندو. 

Practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
        

  

  

No comments:

Post a Comment