Tuesday, September 1, 2015

طاهر مٺو: پروفائيل محمد يونس ملاڻو

  foto is required    
 محمد يونس ملاڻو
رول نمبر 74
 پروفائيل  
 طاهر مٺونئين ٽهيءَ جو اڀرندڙ فنڪار
                                    
  سنڌ  ۾ هر جڳھ تي ڪلاڪار ۽ فنڪار پيدا رهن ٿا. جهڙوڪ قادر بخش مٺوُ، ضامن علي، سجاد يوسف، ارباب شيخ  ۽ طاهر مٺوُ پڻ انهن مان هڪ آهي. طاهر مٺوُ 01 جنوري 1980 ع ۾ شيدي پاڙي ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو طاهر چانڊيو آهي پر قادر بخش مٺوُ جي صحبت ڪري طاهر چانڊيي بجاءِ طاهر مٺو سڏجڻ لڳو هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي، پاڻ پنجين ڪلاس ۾ هو جو کيس راڳ سکڻ جو شوق جاڳيو جنهن سبب ڏهين ڪلاس تائين پڙهائي جاري رکي سگهيو ان بعد هن تعليم ڇڏي استاد مجيد سينگار وٽ راڳ سکڻ جي باضابطا شروعات ڪئي. جنهن ۾ هو موسيقي جون ڌنون ڪمپوز 
ڪرڻ سان گڏ راڳ جو بنيادي ساز باجو “پيانو” پڻ سکندو هو.

ننڍي هوندي کان ئي طاهر مٺو راڳ جو شوقين هجڻ ڪري رستن ۽ گهٽين ۾ ڳائيندو ۽ آلاپيندو هو جنهنڪري  ڪجھ ماڻهو مٿس کِلون به ڪندا هئا پر هن ڪڏهن به مايوسي محسوس نه ڪئي.

هڪڙي ڀيري جڏهن هو پنجين ڪلاس ۾ هو ته هڪ اسڪولي پروگرام ۾ قادر بخش مٺو جو اچڻ ٿيو ۽ جڏهن قادر بخش مٺو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو هو ته طاهر چانڊيي جي اندر ۾ لڪيل صلاحيتون ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏا ساه کڻي رهيون هيون ته هن قادر بخش مٺو کي اهو چيو ته آءُ به توهان کي هڪ ڪلام ٻڌائڻ پسند ڪندس، جنهن تي قادر بخش مٺو سندس جرئت کي مان ڏيندي کيس همٿايو ۽ ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيو،
طاهر چانڊيو اڃا ٻار ئي هو ته سندس آواز ۽ لهجي قادر بخش مٺو کي ايترو ته موهي وڌو جو ان پاڻ هن جو نالو طاهر مٺو رکيو ۽ کيس پٽن واري اهميت ڏيندي سندس همت افزائي ڪئي ۽ کيس هر پروگرام ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو پڪو پھ ڪيو، جنهن بعد طاهر مٺو ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين قادر بخش مٺو سان گڏ آهي ۽ ان مان گهڻو ڪجه سکيو۽ پرايو اٿائين . سندس چوڻ موجب مان جيڪو ڪجھ به آهيان اهو سڀ ڪجھ استاد قادر بخش مٺو جي مهرباني آهي، جنهن جا احسان آخري دم تائين وساري نٿا سگهجن. هن دنيا ۾ هو مان لاءِ هر سک ۽ آرام کان ابتر آهي.

طاهر مٺو تقريبن 08 سال ٽيليويزن جو ڪم ڪيو آهي ۽ راڳ جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو.
سڄي پاڪستان ۾ سنڌ ڪلچر دپارٽمينٽ پروگرام، ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ قلندر لعل شهباز جي ميلي تي پڻ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جنهن تي کيس داد ڏيندي شهباز ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي.
طاهر مٺو راڳ جي خدمت ڪندي راڳ جي دنيا ۾ چار شاگرد تيار ڪيا آهن، جن ۾ شيدي باشا هم باشا، واجد علي صديقي ۽ ٻيا شامل آهن.

طاهر مٺو راڳ تي ايتري ته محنت ڪئي آهي جو سنڌ جا سريلا فنڪار شمن علي ميرالي، احمد مغل، ضامن علي، منظور سخيراڻي، سجاد يوسف، حميره چنا ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي فنڪار هن جون ڌنون ڳائي چڪا آهن.
طاهر مٺو ڪي ٽي اين، جيو، پاڪستان ٽيليويزن ۽ سنڌ  ٽي وي سميت ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ ڳائي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل راڳي سليمان شاھ جو ڳايل ڪلام “پيرين پونديسان چونديسان” نئين انداز ۾ بهترين نموني ڳائي چڪو آهي. طاهر مٺوءَ جو موسيقي سان چاھ رکڻ ڪري تمام سٺو ۽ محبت ڪندڙ آهي، انڪري ڌرتيءَ تي رهندڙ فنڪارن جو وجود تمام وڏي اهميت رکي ٿو جيڪي ماڻهن کي غمن جي گوندر مان ڪڍي کين ڪجھ پلن لاءِ خوشي ارپي سگهن ٿا.   


Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi


1 comment: