Wednesday, September 9, 2015

ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس انٽرويو Revised

ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس انٽرويو
انٽرويو؛ عبدالسليم سولنگي... رول نمبر 6
هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو......
                                            ( ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس )
                                                  عبدالله سولنگي
      ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس لاڙڪاڻي شهر جي وڪيل نرمل داس جي گهر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي مان پڙهڻ کانپوءِ سندس ڪٽنب شهدادڪوٽ منتقل ٿيو، جتي هن گرلز ڊگري ڪاليج مان پِري ميڊيڪل ۾ انٽرميڊيئٽ ڪئي. سنجوتا نرمل داس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان گريجوئيشن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي زولاجي مان ايم ايس سي جي فرسٽ ڪلاس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي. جتي هوءَ گذريل ٽن سالن کان خدمتون سرانجام ڏيندي پئي اچي جڏهن ته هن وقت تائين سندس 31 ريسرچ پيپر هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منظور شده قومي ۽ عالمي سطح جي ناليوارن جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ وٽس ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آهن. ڊاڪٽر سنجوتا هيڪ جي سهڪار سان هڪ ريسرچ پروجيڪٽ به مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ سندس ڪاميابين جو سفر زور شور سان جاري آهي.
سوال؛ توهان جو زولاجيءَ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب؛ مئٽرڪ ۽ انٽر پِري ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪرڻ کانپوءِ گهڻي قدر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿئي ٻيا سبجڪيٽ آپشنل هوندا آهن ساڳي ريت منهنجي والدين به مونکي ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاهيو، پر افسوس جو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ مارڪ جي گهٽتائي هئڻ ڪري سليڪٽ نه ٿي سگهيس. پر مون مايوس ٿيڻ بدران اڳتي وڌڻ کي ترجيح ڏني ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه بڻجڻ جي خواهش پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر بڻجي پوري ڪئي.
سوال؛ توهان ڇا ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي؟
جواب؛ منهنجي پيراساٽالاجي ۾ اسپيشلائيزيشن ٿيل آهي جيڪا پيراسائٽ جي باري ۾ پڙهائي ويندي آهي.  پيراسائيٽ جاندارن تي حملو ڪندا آهن جنهن کي اسان مفت خور به چوندا آهيون. منهنجو پنهنجو ڪم پکين تي آهي، جيڪا مرغي اسان کائون ٿا، اسان ته بس پچائي ڪري کائي ٿا ڇڏيون پر ان جي اندر ڪيترو پيراسائيٽس جو انفيڪشن آهي ان جي باري ۾ اسان انهن ماڻهن تائين ڄاڻ پهچائيندا آهيون جيڪي اهي کپائي رهيا آهن، ته خدارا هِنن سببن جي ڪري مرغي خراب ٿئي ٿي. تنهن ڪري ان کان بچاءُ ڪيو وڃي.
سوال؛ زولاجي جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ زولاجي ۾ اسان پنهنجي ۽ جانورن جي باري ۾ پڙهندا آهيون ڇاڪاڻ ته جانور به اسان جي سماج، ماحول ۽ وايومنڊل جو حصو آهن ۽ ڪائناتي نظام جو توازن برقرار رکڻ لاءِ هر ساهه واري شيءِ جي ڄاڻ ۽ تعليم رکڻ ضروري آهي. ٻيو ته جيڪي ٻار ايم بي بي ايس جون مخصوص سيٽون هجڻ سبب سليڪٽ نه ٿي سگهن يا ڪن ٻين سببن جي ڪري رهجي وڃن اهي زولاجي ۾ اچي پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهن ٿا ڇا ڪاڻ ته زولاجي ميڊيڪل جي اُها شاخ آهي جيڪا ڪنهن به اسڪول، ڪاليج، پيٿالاجي ليب، وائلڊ لائيف ۽ مختلف فيلڊس ۾ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي ٿي.
ڇاسوال؛ ڇا توهان جي شعبي ۾ ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي جيڪڏهن هلي رهيو آهي ته ڇا تي؟؟
جواب؛ جي، بلڪل ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي. زولاجي جون مختلف فيلڊس آهن جن ۾ اسپيشلائيزيشن يا مهارت حاصل ڪئي ويندي آهي تنهن مان اسان وٽ پيرا سائٽالاجي، ورٽي بريٽ بائلاجي، اينٽامالاجي تي ريسرچ هلي رهي آهي.
سوال؛ جيئن ته شڪار ۽ بيمارين جي ڪري جهنگلي جيوت ختم پيا ٿيندا وڃن انهن لاءِ زولاجيءَ ۾ ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن؟
جواب؛ بنيادي طور اهو ڪم وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ جو آهي ته اهي جانورن جي ظالماڻي قتلام خلاف قدم کڻي انهن جي روڪٿام ڪن ڇاڪاڻ ته سماج جو توازن برقرار رکڻ لاءِ انسانن وانگر جانورن جي حفاظت به ضروري آَهي پر حقيقت اها آهي ته اسان جا ذميوار ادارا گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن تنهنڪري ئي اڄ تائين ناياب قسم جي جانورن ۽ پکين جو شڪار توڙي قتلام جاري آهي جڏهن ته اڄ ڏينهن تائين اهڙي عمل ۾ ملوث ڪنهن خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. هاڻي ته صورتحال اها آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود دبئي سميت ٻين عرب رياستن جا ماڻهو هتي شڪار ڪرڻ اچن ٿا پر انهن جي روڪٿام لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جيڪا صورتحال مسقبل ۾ خطرناڪ ثابت ٿيندي.
سوال؛ زولاجي ۾ ڪهڙي موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن؟
جواب؛ جي بلڪل هتي مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهن ٿا. جنهن۾ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ريسرچ اسڪالرن کي تربيت ڏيون ۽ دنيا اندر هن شعبي ۾ ٿيل ترقي ۽ جديد تحقيقن کان روشناس ڪرايون.
سوال؛ توهان نئين ٽِهي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

جواب؛ نئين ٽِهي لاءِ منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته ڪو به شعبو يا ڪا به فيلڊ گهٽ ناهي هوندي ڇاڪاڻ جو هر شعبو پنهنجو معيار رکي ٿو، ڪجهه شاگرد ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جو شعبو نه ملڻ ڪري دل شڪستا ٿيندا آهن. مان انهن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته توهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃو ته دل سان محنت ڪري ان جي گهرائي ۾ وڃو توهان جي محنت ضرور رنگ آڻيندي ۽ ان ۾ ئي ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي قدم چمندي.


Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
----------------------------------  ---------------------
FIRST VERSION
انٽرويو؛ عبدالسليم سولنگي... رول نمبر 
6

هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو......
                                            ( ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس )
                                                  عبدالله سولنگي
      ڊاڪٽر سنجوتا نرمل داس لاڙڪاڻي شهر جي وڪيل نرمل داس جي گهر ۾ اک کولي 3 جماعت لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ کانپوءِ شهدادڪوٽ منتقل ٿيا. جتي گرلز ڊگري ڪاليج مان پِري ميڊيڪل ۾ انٽرميڊيئٽ ڪرڻ کانپوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان زولاجي ۾ گريجوئيشن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي زولاجي مان ايم ايس سي ڪئي بعد ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي به زولاجي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪرڻ کانپوءِ ايڇ اِي سِي طرفان ٽينيوئر سسٽم طور سنڌ يونيورسٽي شعبي زولاجي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر  ڪري رکيو ويو. جنهن بعد ڪارڪردگي سٺي هئڻ ڪري 2014 ۾ پڪو ڪيو ويو. ان دوران گرلز هاسٽل جي ڊپٽي پروسٽ جي عهدي تي پڻ رهي ۽ هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور زولاجي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي.
سوال؛ توهان جو زولاجيءَ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب؛ مئٽرڪ ۽ انٽر پِري ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪرڻ کانپوءِ گهڻي قدر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اسان جو ٻار انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿئي ٻيا سبجڪيٽ آپشنل هوندا آهن کيس ساڳي ريت ئي منهنجي والدين به مونکي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاهيو، پر افسوس جو منهنجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ 1 مارڪ جي گهٽتائي هئڻ ڪري سليڪٽ نه ٿي سگهيس. تنهن کانپوءِ پنهنجي ۽ گهر وارن جي خواهش مطابق زولاجي ۾ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي ڪري ٽيچنگ ڪيان ته اهو ئي بهتر رهندو.
سوال؛ توهان ڇا ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي؟
جواب؛ منهنجي پيراساٽالاجي ۾ اسپيشلائيزيشن ٿيل آهي جيڪا پيراسائٽ جي باري ۾ پڙهائي ويندي آهي. پيراسائِٽس هڪ بيڪٽيريا جو قسم آهي جيڪا جاندار شين تي حملو ڪندا آهن جنهن کي اسان مفت خور به چوندا آهيون. منهنجو پنهنجو ڪم پکين تي آهي جيڪا مرغي اسان کائون ٿا، اسان ته بس پچائي ڪري کائي ٿا ڇڏيون پر ان جي اندر ڪيترو پيراسائيٽس جو حملو ٿيل آهي. ان جي باري ۾ اسان انهن ماڻهن تائين ڄاڻ پهچائيندا آهيون جيڪي اهي کپائي رهيا آهن، ته خدارا هِنن سببن جي ڪري مرغي خراب ٿئي ٿي. تنهن ڪري ان کان بچاءُ ڪيو وڃي.
سوال؛ زولاجي جو اسان جي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ زولاجي ۾ اسان پنهنجي ۽ جانورن جي باري ۾ اسٽڊي ڪيون ٿا. جيڪي ٻار سائنس ۾ هوندا آهن ۽ اُهي ميڊيڪل ۾ چونڊجي ناهن سگهندا ته انهن لاءِ سيڪنڊ چوائس زولاجي هوندي آهي، ڇا ڪاڻ ته زولاجي ميڊيڪل جي اُها برانچ آهي جيڪا ڪنهن به اسڪول،ڪاليج، پيٿالاجي ليب، وائلڊ لائيف ۽ مختلف فيلڊس ۾ ڪم ڪري سگهجي ٿو.
ڇاسوال؛ ڇا توهان جي شعبي ۾ ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي اگر هلي رهيو آهي ته ڇا تي؟؟
جواب؛ جي بلڪل ريسرچ جو ڪم هلي رهيو آهي. زولاجي جون مختلف فيلڊس آهن جنهن ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي ويندي آهي تنهن مان اسان وٽ پيرا ساٽالاجي، ورٽي بريٽ، اينٽامالاجي تي ريسرچ هلي رهي آهي. پر اسان وٽ ليبارٽريز گهٽ هجڻ جي ڪري شاگردن کي ٻاهر موڪليو وڃي ٿو جنهن جي ڪري شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سوال؛ جيئن ته شڪار ۽ بيمارين جي ڪري وائلڊ لائيف ختم پيا ٿيندا وڃن انهن لاءِ زولاجيءَ ۾ ڪهڙا اپاءَ ورتا پيا وڃن؟
جواب؛ سڀ کان پهريان ته وائلڊ لائيف جي ختم ٿيڻ جو سبب ڳولهيندا آهيون ته ڪهڙي سبب جي ڪري اُهي ختم پيا ٿين ان کان بعد ان تي پمفليٽ ورهائي ۽ گڏجاڻيون ڪرائي سماج ۾ معلومات شيئر ڪندا آهيون ته جيئن اسپيشيز بچي سگهن.
سوال؛ زولاجي ۾ ڪهڙي موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪرايا ويندا آهن؟
جواب؛ جي بلڪل هتي مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ٿيندا رهن ٿا. جنهن۾ اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ريسرچ اسڪالرن کي ٽرينڊ ڪيون. هاڻي تازوئي مارچ ۾ ڪانفرنس ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف لاهور جي وڏن اسڪالرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر شڪوري پڻ موجود هو.
سوال؛ توهان نئين ٽِهي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟


جواب؛ نئين ٽِهي لاءِ منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته ڪو به شعبو يا ڪا به فيلڊ گهٽ ناهي هوندي ڇاڪاڻ جو هر شعبو پنهنجو اسڪوپ رکي ٿو، ڪجهه شاگرد ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جو شعبو نه ملن ڪري دل شڪستا ٿيندا آهن. مان انهن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته توهان ڪنهن به شعبي ۾ وڃو ته دل سان محنت ڪري ان جي گهرائي ۾ وڃو توهان جي محنت ضرور رنگ آڻيندي ۽ ان ۾ ئي ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي قدم چمندي.

No comments:

Post a Comment