Tuesday, September 1, 2015

قمبر جو ادبي ڪردار

قمبر جو ادبي ڪردار
محمد يونس ملاڻو              


دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪار،ڪاروبار۽ وڻج واپار ٿيندا رهن ٿا يا ٿيندا رهندا،انهن سمورن ڪاروبار مان جيڪو ڪٺين ۽ ڪشالي وارو ڪم آهي، سو آهي قلم جي ڪرت ،شل نه ڪڏهن انسان جو ڪڏهن قلم سان لڳ لاڳاپو،وجھ واسطوپئجي وڃي،پوءِ سڄي زندگي قلم جي قرب ڪشش ۾ قابو هوندو. هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب، (ل) سان لڳ ۽ لاڳاپو (م) سان محبت ۽ مروت، اهي مٿيون خاص خوبيون جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي.

ڪيترائي اديب پنهنجي سمجھ سوچ،فھم ۽ فراصت عقل ادارڪ مشاهدي مطالعي ۽ معلومات تجربي آزادمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن  جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو وٺندو آهي جو هو ھميشه ئي مضمون ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان پڙهندا آهن.

تاريخي شھر قمبر، علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ سٺي سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو جتان ڪيترن  ئي شخصيتن ادبي دنيا ۾ بهترين ڪردار نڀائي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.اهڙي طرح سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به اهڙين علمي ۽ ادبي شخصيتن ۽ قلم ڪاريگرن سان ڀرپور آهن ۽ انهن نامور شخصيتن مان ڪيترائي اديب ،شاعر،دانشور ۽ ليکڪ پڻ موجود آهن جن مان هيٺ انهن نامور شخصيتن جو حوالو ڏجي ٿو، جن جي علم جي پاھ ۽ ادبي جاکوڙ سبب قمبر جي تاريخي حيثيت سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

قمبر جي هڪ تمام وڏي ۽ ادب جو بڻ بنياد وجهندڙ شخصيت ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي، هي قمبر جي مڙني اديبن مان سرخرو ۽ هڪ اڏول همگير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڏ جو هڪ لائق سپوت هو، جيڪو هڪ ئي وقت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب. ايڊيٽر، استاد، مترجم،محقق،سياسي ادبي سماجي لسانيتي تحقيقي تنقيد نگار، صحافي،اتساهڪ ڪردار، ڌرتي واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ يقين رکندر شخص هو. ڊاڪٽر محبت حقيقي معني ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.


نوجوان دانشور جامي چانڊيو هڪ بهترين ليکڪ آهن جنهن مختلف ڪرنٽ اشوز تي ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ مختلف موضوئن تي ڪتاب پڻ لکي چڪو آهي جن ۾ خط ٻن ادبن جا، لبرلازم جو اڀياس،پئي جن پروڙ، منجهان منهنجي روح. سنڌي ادب ۾ تنقيدي جا پنجاھ سوال شآمل آهن.ان کان علاواه جامي چانڊيو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي ان سان گڏ ڪيتررن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏئي چڪو آهي.


 پيرل قمبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو ۽ سندس جنم قمبر جي هڪ ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پرائمري استاد ۽ اديب جي صف شاعري سان لاڳاپيل هو.پيرل قمبر غزل، گيت ،وائيون، نظم ۽ بيت پڻ لکيا،. سندس شاعري جو تعداد لڳ ڀڳ 5 هزار آهي ۽ هن سنڌي ،اردو،انگريزي ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي .هن جا ڪلام ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايا آهن،پيرل قمبر جي شاعري جا 8 ننڍڙا ڪتاب پڻ ڇپيا آهن جن ۾ سلامه محبت،جذبه دل،باغ فردوس،يادگاتر زندگي ،نگاهي محبت ۽ تصور صنم شامل آهن .هو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.

علي آڪاش سنڌي ٻولي جو هڪ مقبول شاعر آهي جنهن شاعري سان گڏوگڏ ڪيترائي مضمون ڪالم لکيا آهن. هن جو پورو نالو معشوق علي گوپانگ آهي هي قمبر جي گوپانگ محلي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتان پرائڻ بعد  سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ۾ ڪيائين.ان سان گڏوگڏ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ايڊيتوريل صفحي جو انچارج ۽ سب ايڊيٽر طور صحافت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس.سندس غزلن تي مشتمل شاعري مجموعي ڪاڪ ڪناري شاھ 1998ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.

رياصت ٻرڙو سنڌي ٻولي جو ليڪک،ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آهي،سندس هن جو جنم قمبر جي نو ر شاھ محلي ۾ ٿيو.هن جي 8 ڪھاڻين تي مشتمل پهريون ڪتاب پيار جي ڪهاڻي 1994 ۾ ڇپيو۽ شآعري جو پهريون ڪتاب شآم جي هوا 2004 ،ٻيو ڪتاب ديوانه رياضت پڌرو ٿيو.هو ادبي شخصيت سان گڏ علمي شخصيت ۽ ليڪچرار پڻ آهي.

بشير احمد آڇو جو شمار قمبر جي نوجوان ليکڪن ۾ ٿئي ٿو هن شاعري سان گڏوگڏ مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.هن جو جنم قمبر جي ڀرسان ڳوٺ آڇا ۾ 1968 ۾ ٿيو.بشير احمد آڇي لکڻ جي شروعات 1988 ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري سان ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.هي پاڻ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو عهديدار پڻ ٿي رهيو آهي.

ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون قمبر تعلقي ۾ پڻ موجود آهن.جن ۾ ڀائو در محمد ٻرڙو،صابرف فقير ڪلهوڙو،عثمان ٻرڙو،لعل چند مهروح،نور احمد ميمڻ، غلام نبي گل،عظيم سومرو،عابد سومرو،مشاهد منگي،راشد بروهي، غلام عباس ڪوريجو،صابر چانڊيو ۽ٻيا ڪيترائي شامل آهن.


قمبر ۾ انهن شخصيتن جي بدولت سبب ڪيتريون ئي ادبي سرگرميون ڪافي وقت کان هلنديون پيون اچن، تن مان ڪجھ ادبي سرگرمين جو هيٺ حوالو ڏجي ٿو.
گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جيڪا 1974ع کان هلندي پئئ اچي، ۽ ٻيون کوڙ ساريون ادبي سرگرمين سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي تقريرون، پروگرام ۽ ليڪچر پڻ ڪوٺيا وڃن ٿا.

مطلب ته سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به ادبي لحاظ کان پوئتي ناهي ۽ هتان به ڪيتريون ئي نامورن،اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جنم ورتو آهي.جن علمي ادبي لحاظ کان هڪ الڳ پهنجو مقام ماڻيو آهي ۽ سماج جي تبديلي لاءِ قلم جي هڪ نوڪ سان ٻئي جي ڀيٽ تي ڪيئي شاهڪار سٽون سرجبيون آهن،جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ پيغام رکن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جو ادبي ڪردار قمبر جي علائقي لاءِ بخوبي سان نڀايو آهي. 


  2k13-MC-74 ---------------------- FIRST VERSION...................
قمبر جو ادبي ڪردار

Needs more names, and some literary activities. , at least one dozen names. 
محمد يونس ملاڻو 2ڪ/13/ايم سي/74
دنيا ۾ جيڪي به ڪم ڪار،ڪاروبار۽ وڻج واپار ٿيندا رهن ٿا يا ٿيندا رهندا،انهن سمورن ڪاروبار مان جيڪو ڪٺين ۽ ڪشالي وارو ڪم آهي، سو آهي قلم جي ڪرت ،شل نه ڪڏهن انسان جو ڪڏهن قلم سان لڳ لاڳاپو،وجھ واسطوپئجي وڃي،پوءِ سڄي زندگي قلم جي قرب ڪشش ۾ قابو هوندو. هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب، (ل) سان لڳ ۽ لاڳاپو (م) سان محبت ۽ مروت، اهي مٿيون خاص خوبيون جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي.ڪيترائي اديب پنهنجي سمجھ سوچ،فھم ۽ فراصت عقل ادارڪ مشاهدي مطالعي ۽ معلومات تجربي آزادمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن  جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو وٺندو آهي جو هو ھميشه ئي مضمون ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان پڙهندا آهن.
تاريخي شھر قمبر، علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ سٺي سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو جتان ڪيترن  ئي شخصيتن ادبي دنيا ۾ بهترين ڪردار نڀائي ۽ قومي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.اهڙي طرح سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به اهڙين علمي ۽ ادبي شخصيتن ۽ قلم ڪاريگرن سان ڀرپور آهن ۽ انهن نامور شخصيتن مان ڪيترائي اديب ،شاعر،دانشور ۽ ليکڪ پڻ موجود آهن جن مان هيٺ انهن نامور شخصيتن جو حوالو ڏجي ٿو، جن جي علم جي پاھ ۽ ادبي جاکوڙ سبب قمبر جي تاريخي حيثيت سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جنهن ۾ قمبر جو نوجوان دانشور جامي چانڊيو،جنهن جو جنم ڀومي قمبر ۾ آهي ۽ پاڻ هڪ بهترين ليکڪ آهن جنهن مختلف ڪرنٽ اشوز تي ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ مختلف موضوئن تي ڪتاب پڻ لکي چڪو آهي جن ۾ خط ٻن ادبن جا، لبرلازم جو اڀياس،پئي جن پروڙ، منجهان منهنجي روح. سنڌي ادب ۾ تنقيدي جا پنجاھ سوال شآمل آهن.ان کان علاواه جامي چانڊيو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي ان سان گڏ ڪيتررن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏئي چڪو آهي.
 پيرل قمبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو ۽ سندس جنم قمبر جي هڪ ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پرائمري استاد ۽ اديب جي صف شاعري سان لاڳاپيل هو.پيرل قمبر غزل، گيت ،وائيون، نظم ۽ بيت پڻ لکيا،. سندس شاعري جو تعداد لڳ ڀڳ 5 هزار آهي ۽ هن سنڌي ،اردو،انگريزي ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي .هن جا ڪلام ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايا آهن،پيرل قمبر جي شاعري جا 8 ننڍڙا ڪتاب پڻ ڇپيا آهن جن ۾ سلامه محبت،جذبه دل،باغ فردوس،يادگاتر زندگي ،نگاهي محبت ۽ تصور صنم شامل آهن .هو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.
علي آڪاش سنڌي ٻولي جو هڪ مقبول شاعر آهي جنهن شاعري سان گڏوگڏ ڪيترائي مضمون ڪالم لکيا آهن. هن جو پورو نالو معشوق علي گوپانگ آهي هي قمبر جي گوپانگ محلي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتان پرائڻ بعد  سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ۾ ڪيائين.ان سان گڏوگڏ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ايڊيتوريل صفحي جو انچارج ۽ سب ايڊيٽر طور صحافت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس.سندس غزلن تي مشتمل شاعري مجموعي ڪاڪ ڪناري شاھ 1998ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
رياصت ٻرڙو سنڌي ٻولي جو ليڪک،ڪهاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آهي،سندس هن جو جنم قمبر جي نو ر شاھ محلي ۾ ٿيو.هن جي 8 ڪھاڻين تي مشتمل پهريون ڪتاب پيار جي ڪهاڻي 1994 ۾ ڇپيو۽ شآعري جو پهريون ڪتاب شآم جي هوا 2004 ،ٻيو ڪتاب ديوانه رياضت پڌرو ٿيو.هو ادبي شخصيت سان گڏ علمي شخصيت ۽ ليڪچرار پڻ آهي.
بشير احمد آڇو جو شمار قمبر جي نوجوان ليکڪن ۾ ٿئي ٿو هن شاعري سان گڏوگڏ مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.هن جو جنم قمبر جي ڀرسان ڳوٺ آڇا ۾ 1968 ۾ ٿيو.بشير احمد آڇي لکڻ جي شروعات 1988 ۾ ڪهاڻين ۽ شاعري سان ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي.هي پاڻ سنڌي ادبي سنگت قمبر جو عهديدار پڻ ٿي رهيو آهي.ان کان علاواھ ٻيون ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون قمبر تعلقي ۾ پڻ موجود آهن.

مطلب ته سڄي سنڌ جيان قمبر تعلقو به ادبي لحاظ کان پوئتي ناهي ۽ هتان به ڪيتريون ئي نامورن،اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جنم ورتو آهي.جن علمي ادبي لحاظ کان هڪ الڳ پهنجو مقام ماڻيو آهي ۽ سماج جي تبديلي لاءِ قلم جي هڪ نوڪ سان ٻئي جي ڀيٽ تي ڪيئي شاهڪار سٽون سرجبيون آهن،جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ پيغام رکن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جو ادبي ڪردار قمبر جي علائقي لاءِ بخوبي سان نڀايو آهي. 

1 comment:

  1. Literary characters of Qambar, Najeeb Chandio, Ali Aakash, Bashir Ahmed Achho, Peeral qambrai, Jami Chandio

    ReplyDelete