Tuesday, September 1, 2015

پروفائيل.. عبدالطيف جوکيو Hold

 Seems it is not written by u Miss Pireh
پروفائيل.. عبدالطيف جوکيو  ...ڪي ٽي اين نيوز ايديٽر
نالو..پرھ مھر رول نمبر 83

نيوز چينل تي ڪنھن به ڪردارڪنھن به مضمون تي ٺھيل رپورٽ ڊاڪيومينٽري ۾ ڪيمرا تي نظر انيدڙ اداڪار، روپرٽر ۽ ھوسٽ اڪيلي جي وس جي ڳالھ ناھي ھوندي .، پر انھن سان گڏوگڏ ڪيمرا جي اوٺ ۾ لڪيل چھرا به  ھن نيوز، ڊاڪيومينٽري ۽ ڊرامن جو حصو ھوندا آھن جن جي ڪوشش ۽ جھدوجھد سسان انھن ڊرامن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. انھن لڪيل چھرن ۾  ايڊيٽر جو اھم  ڪردار ھجي ٿو.
نيوز ايڊيٽر مان ھڪ اھڙو ئي محنتي ايديٽر عبدالطيف جوکيو به آھي.جنھن جو جنم 18 سيٽمبر 1990 تي لاڙڪاڻي شھر جي علي گوھر آباد محلي ۾ ٿيو،ھن محنتي نوجوان پنھنجي شروعاتي تعليم اباڻي شھر لاڙڪاڻي مان ئي حا صل ڪئي،مالي معملن  سبب پنھنجي  پڙھائي جاري نه رکي سگھيو ۽ پوءِ چانھ واري ھوٽل تي ھڪ عام بيري جي صورت ۾ ننڍپڻ  گذاريو.ھن پنھنجي زندگي جا 13 سال چانھ واري ھوٽل تي ڪم ڪندي گذاريا. وڏي ھجڻ ۽ گھر جي  ذميواريون   سبب پنھنجي پڙھائي کي الوداع ڪرڻو پيس.غربت ھڪ اھڙي بيماري آھي جيڪا انسان کي پنھنجو پاڻ کان پري ڪري ڇڏي ٿي. انھن ڪري مائٽ مٽ دوست دري  سڀ اڪليو ڇڏي ٿا وڃن.عبدالطيف جوکيوجي  گھر ڀاتي کي ھوٽل جي مزدوري تي گھر جون ضرورتون  پريون نه ٿيڻ ڪري تمام گھڻيون  مشڪلاتون منھن ڏيڻو پوندو ھو.آخرڪار پنھنجو اباڻو گھروڪڻي 25 مئي 2005 تي لاڙڪاڻي کي الوداع ڪري روشني جي شھر ڪراچي منتقل ٿيا، جتي عبدالطيف جي پيءٌ  عبدالستار جوکيو ڪريان جو ننڊو دوڪان کولي ۽ جن مان گذر سفر ڪندا ھيا. ۽ پوءِ ڪجھ ئي وقت اندر عبدالطيف ٽوال، گارمينٽس ڪمپني ۾ ھيلپر طور نوڪري ڪئي، ڪمپني ۾ نقصان  پيو جنھن ڪري ڪمپني بند ڪئي وئي جنھن بعد عبدالطيف بيروزگاري سب  پريشان ۽ تنگ زندگي گذاري رھيو ھو. ڏاھن جو چوڻ آھي ته ڏکن پويان سک .

چوندا آھن ته ڪڏھن به الله جي راھ کان مايوس نه ٿيڻ گھرجي ، الله غريبن کي به رزق روزي ڏي ٿو.ائين ئي ڪجھ وقت مشڪلات ۾ رھڻ کان پوءِ عبدالطيف کي ڪي ٽي اين ۾ ڪم ڪرڻ جي آش ٿي جتي عبدالطيف کي 2 مھينا ڪم سيکاريو ويو ان جي قابليت ۽ محنت کي ڏسي ڪي ٽي اين جي ٽآڪ شوو  پروگرام ۾ اسسٽينٽ ايڊٽر مقرر ڪيو ويو، جنھن تان ڪاميابي جي ڏاڪڻ تي چڙھندي ڪرنٽ آفيئر ۾ خاص ڊاڪيومينٽري رپورٽ ايڊٽ ڪرڻ جو موقعو مليس. جنھن بعد نيوز روم ۾ فوٽيج  ايڊٽ لاءِ رکيو ويو جنھن ۾ 30 سيڪنڊ  ۾ فوٽائيج تيار ڪرڻ جو موقعو مليو ، گھٽ پگھار ھجڻ باوجود عبدالطيف پنھنجي  زندگي مان ڪڏھن به مايوس ناھي ٿيو بلڪ ھو پنھنجي گھر وارن جو سھارو ٿي پنھنجي  پريشانيون لڪائي ڪري  گھر ڀاتين کي خوشي فراھم ڪرڻ جي ھر پوري ڪوشش ڪري رھيو آھي، ۽ ھن وقت ھو ڪي ٽي اين ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رھيو آھي غربت جي ڪري پڙھائي کان  پري ٿيندڙ نسل کي گھرجي ته اھي پنھنجي زندگي مان ڪڏھن به مايوس نه ٿين ڇاڪاڻ ته دل ۾ ھڪ اميد زنده رکي ھلڻ واري کي زندگي جي ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي خوشي ،ڪاميابي ملي ٿي.عبدالطيف جوکيو ھڪ عام ماڻھو جيان سڀني  سان ملي ٿو ھن پنھنجي زندگي جي ڏک پريشاني  ۾ گاري آھي ،تنھن ڪري ھي غريب ۽مسڪين دل جو حال احوال سمجھي انھن سان اڪثر گڏ ويھي ٿو ۽انھن جي  وس آر مدد پڻ ڪندو آھي.

No comments:

Post a Comment