Tuesday, September 1, 2015

آرٽيڪل_مختيار علي Referred back

آرٽيڪل_مختيار علي
About which city are u talking? ? Govt removed encroachments in all cities recently, what was its result? . Be specific, it is too general 
شهرن ۾ وڌندڙ حددخليون ۽  انتظاميا جي خاموشي..!!
اڳي چيو ويندو هو ته روڊ رستا ۽ گهٽيون وڏيون آهن، پر گاڏيون ڪٿان آڻينداسين پر هاڻي انهي جو ابتڙ آهي، گاڏيون گهڻيون ۽ روڍ رستا سوڙها نظر اچن ٿا،موجوده دور ۾ سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ حددخلين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، انهي تي انتظاميا خاموش تماشائي  بڻيل آهي، ٽرئفڪ جي وڌي وڃڻ ۽ رستن تي حددخلين جي آزار سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ماڻهو ڪيترن ئي مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهن، ڏٺو وڃي ته شهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن، شهرن جي گهٽين ۾ هڪ ته سياسي پٺڀرائي رکندڙ ماڻهو ننڍا وڏا ڪاروبار کولي رستا سوڙها ڪري ڇڏي آهن، ٻيو  ته پارڪنگ جي سهولت نه هجڻ سبب  رڪشن، موٽر سائيڪلن، گڏهه گاڏين ۽ ڪارن جو روڊ ڪناري بيهڻ سبب ماڻهو ويتر مشڪلات ۾ پهجو وڃن، پنهنجي من مستي ۾ بيهاريو ڇڏين، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، ڪاش سٺي گورنس هجي ها ته ايئن ڪڏهن به نه ٿئي ها، ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هو ته آمريڪي جي رياست هوسٽ ۾ هڪ ڏينهن فلوريڊا رياست جي گورنر گڏجاڻي ۾ بهرو وٺڻ لاءِ غلط هنڌ تي ڪار پارڪنگ ڪئي، جڏهن گڏجاڻي کان موٽيو ته ڪار غائب ڏٺائين، پر اتي ٽرئفڪ پوليس جو هڪ اهلڪار موجود هو، جنهن کيس ٻڌايو ته اوهان غلط هنڌ تي ڪار پارڪ ڪئي آهي، سو قانون موجب مون کڻائي ڇڏي آهي، هاڻ ترسو اوهان کي ٽئڪسي ڪري ٿو ڏيان ۽ هن ايئن ڪيو گورنر اها ڳالهه دل ۾ نه ٿو رکي، پنهنجي دل تي هٿ رکي سوچيو ته جيڪڏهن اهو گورنر اسان جي ملڪ ۾ هجي ها ۽ ڪو ٽرئفڪ اهلڪار گاڏي کڻائي ها ته ڄڻ ان جو ٻچو ئي رلائي ڇڏي ها،   انهي ۾ ٽرئفڪ پوليس جو ڪو به ڪردار سامهون نظر نٿو اچي، لڳي ايئن ٿو ڪا ٽرئفڪ پوليس جو تصور نه آهي، جيڪڏهن ٽرئفڪ پوليس هجي ها ته ايتري ٽرئفڪ  نه ٿئي ها،  سنڌ جي اڀرندڙ ننڍن شهرن جو حال حددخلين جي ڪري ڏاڍو خراب آهي، ڇاڪاڻ ته شهرن جي رستن تي ماڻهن پنهنجا دڪان اڏي ڇڏيا آهن ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضا خوري ڪري پنهنجا ڪاروبار کولي ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري مسافرن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿي، ٻيو ته روڍن جو حال به اهڙو آهي، جنهن تي صرف گڏهه گاڏيون هلائي سگهجن ٿيون، ٻيو ته هن وقت چنگچي وارن جو آزار پيل آهي، ڪو مسافر بس ۾ لهي ته چنگچي وارا ٻاهن مان جهلي زوري وڃي رڪشي ۾ ويهاريندا،پر مسافر کي ڪيڏاهن وڃڻو نه هوندو پر انهي کي ڳالهائڻ جو موقعو به نه ڏيندا آهن، ۽ پاڻ ۾ الڳ وڙهندا آهن، انهي حددخلين جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿين ٿيون، انهي حددخلين ۽ ٽرئفڪ کي جام ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪي حڪومت جي طرفان قانون موجب ادارا ٺاهيا وڃن ته جيئن ماڻهو پنهنجي زندگي بهتري نموني گذاري سگهن.

مختيار علي سومرو رول نمبر 75

No comments:

Post a Comment