Wednesday, September 2, 2015

ٿر ۾ برساتن کان پوءِ به ڏڪاري حالت

آرٽيڪل
ٿر ۾ برساتن کان پوءِ به ڏڪاري حالت
ڀانومل رول نمبر 27 ٽيون سال
سنڌ ۾ چوماسي جي مُون سُون برساتن جو سلسلو پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو هو، موسميات کاتي جي اڳڪٿين موجب ڪراچي سميت سنڌ جا هيٺيان شهرن ۽ ڳوٺن تي طوفاني برساتن جا امڪان هئا.جنهن ۾ ڪجهه ضلعا متاثر ٿيا آهن جنهن ٿر به اچي ويو .ٿرپارڪر سنڌ جو واحد ضلعو آهي جتي برسات سال ۾ هڪ يا ٻه چڪر پوندي آهي ۽ جڏهن برسات پوندي آهي ته ٿر جا ماڻهو ٻني ٻارو ڪندا آهن، ٿرين جو دارومدار برساتي پاڻي ته هوندو آهي، ٿر ۾ نه ڪا ڍنڍ آهي ۽ نه ئي ڪو درياءِ يا نهر جيڪو ٿر کي آباد ڪري سگھي،ٿر ۾ پئيڻجو پاڻي به ڪيترائي ڳوٺن ۾ کارو هوندو آهي انهي جي ڪري ٿر ۾ اڪثر ڪري هر گهر ۾ برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ سيمنٽ جا  ٽانڪا ٺهيل هوندا آهن جنهن ۾ ماڻهو برسات جو پاڻي 5 کان 6 مهينن جي لاءِ گڏ ڪندا آهن اهو پاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ کوهن ۽ ٽيوبويلن جو پاڻي استعمال ڪندا آهن.انهي جي ڪري ٿر ۾ برسات جي 

تمام گھڻي هوندي آهي.. 
هئينر گذريل ٽي سالن کان پوءِ ٿر ۾ برسات پئي آهي ٿر ۾ اگر برسات نه پوي ٿي ته هتي ڪجهه به نه ٿيندو
 آهي  ٿر بر لڳندو آهي اهڙي طرح ٿر ۾ وسڪارو صرف برسات پوڻ  سان ايندو آهي ٿر جا ماڻهو فصل وغيره برسات جي پاڻي تي پوکيندا آهن ۽ برساتگهڻي پوندي آهي ته تباهي ٿيندي آهي اهڙي طرح هن سال به اهو عمل ٿيو آهي ٿر ۾ اڪثر ڪري مٽي جا ڪچا ۽ ڪکائون  گھر ٺهيل آهن اهو گهڻي برسات ۾ ڀڄي ڀري پوندا آهن. شيخ اياز جوشعر آهي ”وٺو ته ٿر نه ته بر“ گذريل ٽي سال لاڳيتو ڏڪار ٿر ۾ تمام گهڻو نقصان ڪيو مثال ٻارن جو بيمارين جي ڪري مرڻ ،چوپايو مال جو مرڻ پاڻي جو کارو ٿيڻ ۽ هن سان گڏو گڏو بيروزگاري جي ڪري خودڪشين جا وڌندڙ واقعا ٿيا آهن.ٿر ۾ برسات پوڻ جي ڪري ٿرين کي  خوش ڪرڻ  سان گڏ غمگين به ڪيو آهي، ٿر ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهي جيڪي برساتن جي ڪري ٻڏي ويا آهن
جنهن ۾ دوٻهار،تڳوسر،تارياڻو،ونڪڙيو،ڪانڪيو شامل آهن.
هنن ڳوٺن ۾ برسات تباهي ڪئي آهي.برسات کانپوءِ ٻئي ٽئي ڏينهن هلندڙ واري جي طوفان غريب ماروڙن پوکيل فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن،ٿر ۾ ٻني تي ٿيندڙ کيڙائي جي خرچ جو ڪاٿو تقريبن في ڪلاڪ 1500 کان 2000 جي ٿي ويندو آهي،ڪيترائي غريب ويچارا قرض کڻي ٻني پوکيندا آهن، هاڻي وري اهي طوفاني هوائن جي ڪري تباهه ٿي چڪيون آهن.ٿرين لاءِ وري چوٿون سال به ڏڪار نصيب ٿيندو اگر ٻيهر برسات نه ٿي پوي ته ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ سڀني ضلعن ۾ امدادي سرگرميون ۽ ايمرجنسي رليف ڪئمپون قائم ٿي ويو آهن پر ٿر وارن جي لاءِ ڪي قدم جو اپاءِ نه ورتا ويا آهن، برسات ۾ ماروڙن جي مالي حالت تمام گھڻي خراب ٿي آهي،چوپايو مال تيز برساتن ۽ بيمارين جي ڪري مري ويو آهي
،حڪومت کي گهرجي ته ٿرين جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.
ٿر ۾ ايترين برساتون هيون جو اگر ڪا وڏو ڊيم ٺهيل هجي ته ٿر ۾ ڪڏهن ڏڪار نه پوي ۽ انهي برساتي پاڻي کي زرعي استعمال ۾ ڪم آڻيو وڃي ۽ ٿر جا ماروڙا خوشحال ٿي وڃن.ٿر سنڌ جو واحد ضلعو آهي جيڪو قدرتي شين سان مالامال آهي،پر هتي جديد دور جي حوالي سان نه ڪا يونيورسٽي آهي ۽ نه پاڻي، صحت ۽ روزگار جي حوالي سان سرڪاري توڙي اين جي اوز ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.ٿر ڪول پراجيڪٽ پوري پاڪستان کي هلائي سگهي ٿو انهي ۾ ٿرين کي نوڪريون ڏنيون وڃن ،ڪاري سون جا مالڪ صرف مايوسي تعصب جي ڪري پوئتي ڪيو وڃي ٿو.

ڀانو مل موٽواڻي 01_09_2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment