Not according to approved topic. Referred back
آرٽيڪل؛ ڪشمور ضلعي جا مسئلا
آرٽيڪل؛ ڪشمور ضلعي جا مسئلا
پرھ مهر، رول نمبر83
سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم شاعر حسن درس جا ڪيڏانه
خوبصورت لفظ آهن ته.
سنڌ
سموري پرينءَ جو ڀاڇو آهي.
سو سنڌ ڌرتيءَ جو وجود به قل فيقون کان وٺي
قائم ۽ دائم آهي جتي ڪارونجهرجو ذڪر هجي اتي ڪينجهر جو ذڪر نه ڪجي ته اها نوري ۽
ڄام تماچيءَ سان ناانصاف هوندي. پرجيڪڏهن جتي ڪراچي جي ڳالهه هجي اتي ڪشمور جي
ڳالهه نه ڪجي ته اها به سنڌ ماءُ سان ناانصافي چئجي.
ڇو
جو ڪشمور ضلعو اهو واحد ضلعو آهي جيڪو پوري سنڌ سميت پوري پاڪستان کي روشن ڪري ٿي.
اهو ان ڪري جو ڪشمور ضلعي ۾ گڊو پاور هائوس جيڪو ايشيا جي وڏي ۾ وڏي پاور هائوس جي
حيثيت رکي ٿو. سوهتان کان ئي بجلي پيدا ٿي ڪري پاڪستان جي پوري شهرن وستين ڳوٺن کي
روشن ڪري ٿو.
ڪشمور
ضلعو اڄ کان 10 سال پهريان ته ضلعي جي حيثيت ۾ نه هو. تڏهن جيڪب آباد ضلعي سان گڏ
هيو. اڳتي هلي ڪري جيڪب آباد جي آبادي وڌنڌي وئي ۽ ماڻهن جا مسئلا به وڌندا ويا ته
حڪمرانن جيڪب آباد کي توڙي ٻن ضلعن جي صورت ڏني. جنهن ۾ هڪ جيڪب آباد ضلعو ۽ ٻيو
ڪشمور ضلعو.
اڳتي
هلي ڪشمور ضلعو جنهن اڳواڻن جي هٿن ۾ ڏنو ويو ته انهن به هن ضلعي جي ڪائي واهرنه
ڪئي توڻي جوهتان جا سردار جاگيردار به پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا ٿي ويا ۽ ڪشمور ضلعي جا
مسئلا به ساڳيا وڌندا ويا.
هتي
اسڪول آهن پر استاد نه آهن. هتي اسپتالون آهن پر ڊاڪٽر نه آهن هتي ميونسپل آهن پر
صفائي نه آهي. هتي زراعت آهي پر واهر نه آهي هتي سنڌو دريا ته آهي پر ان جي وارثي
نه آهي. جيڪڏهن اسان سردارن وڏيرن جا نالا کڻون ٿا ته ان ۾ وڏا وڏا بت اچي وڃن ٿا.
جن ۾ سردار سليد کان سردار عابد خان سنڌراڻي غالب خان ومطي حاجي رئوف کوسو مير گل
محمد خان بگراڻي احمد علي خان بنگوار يا کڻي هزار خان بجاراڻي ڇو نه هجي پر الائي
ڇو پنهنجن تڪن جي وارثي نٿا ڪن.
افسوس
سان چوڻو ٿو پوي ته هيڏن وڏن سردارن ۽ وڏيرن هوندي به هتان جا قبيلائي ماڻهون پاڻ
۾ وڙهيا پيا وتن. ۽ هڪ ٻئي جون سوين جانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. جکراڻي، ڀيا جهيڙي ۾ ڪئي ئي ماڻهون
موت جو شڪار ٿيا. جکراڻي دومطي جهيڙي ۾ ڪي ئي ماڻهون موت جو شڪار ٿيا. سبزوئي
ساوند جهيڙي ۾ ڪي ئي ماڻهون ڪٺاويا. مزاري کوسه جهڙي ۾ نوجوانن جون جانيون کسيون
ويون پر پوءِ بدالائي جو سردار ۽ وڏيرا انهن جهيڙن کي نه روڪرائي سگهيان.
جنهن
جي تنهنجي ۾ هتان شهر ويران ٿيندا ويا ۽ ڏوهن جي دنيا وڌندي وئي. هالا کي ڪي ڏٺو
وڃي ته ڪشمور ضلعي ۾ وڏي رتبي جا ماڻهون
شاعر اديب ۽ سڳهڙ پيدا ٿيا، جن ۾
استاد
ارڏو اترادي، ڊاڪٽر نواز علي شوڪ فيض بخشاپوري ملڪ نديم ديدار ڪلوڙ، بابن ڇاڇڙ
جهڙا ماڻهون هوندي بـ ڪائي واهر نه آهي ۽ اسان جي ضلعي جي سڃاڻپ کي ڪائي هٿي نه
ڏني ويئي ٿي.
وري
جيڪڏهن تاريخي شيون ڏسجن تـ انهن ۾ ٽوڙي بنگلو جيڪو پڻ هٽن سان تباهه ۽ برباد آهي،
غوث بعد ۾ نو 9 فبڻن واري مسجد، جيڪا پڻ لاوارث حالت ۾ آهي. بابا غريب واپس جو
بندر جتي سالو سال هزارين ماڻهون ايندا آهن انهن مندرن جي ڪائي واهر نه آهي، رڳو
پاڻ غريب هندو ڀائر ان جي سار سنڀال رکيو پيا اچن. ٻڌاڻي ۾ چئي مسجد آهي جيڪا بد
پٽ صرف نالي ساتر رهجي وئي آهي.
اهڙيون
ئي تاريخي شيون آهن جن جي واهر نه آهي روڊ رستا تباهه، نيڪال سسٽم تباهه روڊ رستن
تي گدلاڻ ، جنهن ڪري هر طرف ويراني
آخر
ڇا ٿيندو هن ضلعي جو مان وس آهر انهن
وڏيون ۽ سردارن کي اپيل ٿي ڪريان ته خدارا پنهنجن علائقن مان ذاتي جيهڙا ختم ڪرايو
۽ تعليم ڏي ڌيان ڏياريو وڃي. گوسڙو استادن کي اسڪول موڪليو جيڪي ڊاڪٽر اسپتالن ۾
نه ٿا اچن،انهن کي ڊيوٽي تي اچڻ لاءِ پابند ڪريو ته جيئن غريب ۽ اٻوجهه
ماڻهن جو ڪجهه ڀلوٿي. روڊ رستا صاف ڪرايو ته جيئن گذر سفر چڱوٿي. ذاتي جيهڙا ختم
ڪرايو ته جيئن اسان جا شهر آباد ٿين ۽ هتان جا ماڻهون سک جو ساهه کڻي سگهن.
No comments:
Post a Comment