Friday, September 4, 2015

مورو جا پرائيويٽ اسڪول ۽ انهن ۾ تعليم

محمد انس ٻرڙو 64
آرٽيڪل
مورو جا پرائيويٽ اسڪول ۽ انهن ۾ تعليم..
پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 37 بي تحت پاڪستان جي سرڪار پابند آهي ته ملڪ جي هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن. اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪا تعليم ملي رهي آهي، اها سڀني جي سامهون آهي.

هتي اسان ڳالهه ڪنداسين پرائيويٽ اسڪولن جي جن کي سرڪار طرفان پابند ڪيو ويو آهي، ته هر100 شاگردن ۾ 10 غريب ٻار مفت ۾ پڙهايا وڃن، پر مورو شهر جي پرائيويٽ اسڪولن جو حال اهو آهي ته غريب ٻار کي مفت ۾ ته نٿو پڙهايو وڃي پر ان سان فيس ۾ 100 رپئي جي به رعايت نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب غريب ٻارن جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ مشڪل ٿئي ٿو،

 10 سال پهريان مورو شهر ۾ 16 کان 18 پرائيويٽ اسڪول هئا انهن ۾ پڙهائي تمام بهترين هوندي هئي ۽ ماحول به تمام سٺو هوندو هو، نوشهروفيروز ضلعي ۾ هميشه مورو شهر جا شاگرد پوزيشن کڻندا هئا، پوءِ ڇو نه اهي بورڊ جا پيپر هجن يا يونيورسٽي جي ٽيسٽ، ان وقت پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائي به بهتر هئي فيس به ٿوري هئي، غريب توڙي امير ٻار سٺي تعليم حاصل ڪندا هئا، وقت گذرڻ سان گڏ پرائيويٽ اسڪول وڌندا ويا ۽ انهن ۾ تعليم جو رجحان گهٽ ٿيندو پئي ويو، اسڪولن ۾ فيس ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب جو ٻار ڪنهن به پرائيويٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل نٿو ڪري سگهي،

نرسري ۾ ٻارن جي داخلا فيس 3000 کان 4000 هزار ۽ ماهوار فيس 800 کان شروع آهي، جيئن ئي ٻار مٿين ڪلاسن ۾ ايندو ويندو تيئن فيس وڌندي ويندي، هي ڪنهن مهانگي يا نالي واري اسڪول جي نه پر سستي مان سستي اسڪول جي ڳالهه پئي ٿئي، جتي هڪ شاگرد جي فيس 800 رپيا آهي ۽ ان ڪلاس جي شاگردن جو تعداد 60 کان 70 آهي، انهن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد مقرر آهي، جنهن جي پگهار 3 کان 4 هزار آهي،

ڪنهن ڏاهي جو قول آهي اگر توهان ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته پهرين ان جي تعليم کي تباهه ڪيو، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، پر هاڻي پرائيويٽ اسڪولن ۾ به ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي، مورو ۾ پرائيويٽ اسڪولن جا مالڪ شاگردن جي تعليم جي لاءِ نه پر پنهنجي بزنس لاءِ اسڪول کولي رهيا آهن، مورو ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو اهو حال آهي ته انهن جي ڪينٽين تي شاگردن لاءِ ڪتابن ۽ ٻين کائڻ پيئڻ شين سان گڏوگڏ سوپاريون پن وڪرو ٿين ٿيون، 

منهجو مورو جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي هڪ استاد سان ملاقات ٿي اهو اسٽاف روم ۾ ويٺو سوپاري کائي رهيو هو ته مون ان کان پڇيو ته ڇا اسڪولن ۾ شاگردن لاءِ سوپاري رکڻ سٺي ڳالهه آهي؟ اگر اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم جي بجاءِ نشي آور شيون ملنديون ته انهن جو مستقبل ڇا هوندو، استاد مونکي جواب ڏيڻ بجاءِ ڪلاس وٺڻ جو بهانو ڪري هتان هليو ويو، اهو آهي اسان جي شهر مورو جي پرائيويٽ اسڪولن جي تعليم جو حال

جيڪڏهن اهو حال رهيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ غريب جا ٻار پئسا نه هئن جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري سگهندا، ۽ اميرن جا ٻار پئسا گهڻا هئڻ ڪري تعليم جي بجاءِ آوارگي ۾ خرچ ڪندا، غريب ٻار وقت تي فيس جمع نه ڪرائن سبب اسڪول مان ڪڍيا وڃن ٿا اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ راند  جو گرائونڊ نه آهي، نه ئي ڪا پارڪ آهي، صرف ننڍن ڪمرن ۾ ڪلاس آهن جتي ٻار پڙهڻ ايندا آهن،

حڪومت کي گهرجي ته جنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻارن کي سٺي تعليم نٿي ملي يا جيڪي اسڪول صرف پئسا ڪمائڻ جي لاءِ کليل آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪري ته غريب توڙي امير ٻارن کي هڪ جهڙي سٺي تعليم ملي سگهي.


No comments:

Post a Comment