Have u ever seen Question No, published in any paper or magazine? Why question No?
This pix is not clear, can not be published
انٽرويو _ مختيار علي سومرو بي ايس پارٽ 3
This pix is not clear, can not be published
انٽرويو _ مختيار علي سومرو بي ايس پارٽ 3
ضراب حيدر
ضراب حيدر 12 اپريل
1967ع تي سکر ۾ جنم ورتو، هن پهريون درجو پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد مان
پاس ڪيو ۽ پوءِ وڌيڪ پرائمري تعليم پنڱريو ضلعو بدين ۾ پوري ڪيائين ڇهون ۽ ستون
درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ڪيائين، انٽر ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان ڪرڻ
کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فارميسي ڪرڻ لاءِ آيو، ان دوران هي بدين ۾ به
رهيو، جتي پرائيويٽ بي اي اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪيائين، ضراب حيدر جو والد مرحوم
غلام حيدر ڪليار زراعت کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو، جنهن ڪري ضراب حيدر کي سنڌ جي
مختلف شهرن خصوصن لاڙ ٿر گهمڻ جو ڀرپور موقعو مليو، ان دور ۾ هو لاڙ ۽ ٿر جو رولاڪ
بڻجي ويو، جنهن جو عڪس سندس ڪهاڻين ۾ نمايان اچي ٿو، هي هڪ يگانو ڪهاڻيڪار آهي،
جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻي جا اهم موضوع نفسيات، جنسيات رهيا آهن.
سوال 1: توهان کي
لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
جواب: ننڍپڻ کان ٻهراڙي
واري ماحول ۾ زندگي گذري، لاڙ جي ٻهراڙي جنهن ۾ فطرت مون سوين در کولي ڇڏيا هئا،
ننڍپڻ کان مونکي ڊرائنگ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر گهڻو اڳتي هلي مون ۾ ڪو ڪهاڻيڪار
ديرو ڄمايو ويٺو آهي، منهنجو والد صاحب مطالعي جو ڏاڍو شوقين ماڻهو هو، هر روز گهر
م ڪو نه ڪو ڪتاب يا رسالو ۽ اخبار ايندي رهي هئي، اهي ئي مهرڪ هئا جن مونکان
لکرايو.
سوال 2: توهان پهرين ڪهاڻي
ڪڏهن ۽ ڪهڙي موضوع تي لکي؟
جواب: مون پهرين ڪهاڻي اٺين
ڪلاس پڙهڻ دوران لکي هئي، جيڪا گورنمينٽ جي ( ڊي سي) هاءِ اسڪول نوابشاهه جو
مئگزين سوجهرو ۾ ڇپي هئي، ان ڪهاڻي جو عنوان “بابوجي” هو.
سوال 3: هن وقت سنڌي
ادب ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب : منهنجي خيال ۾ سنڌي
ادب ۾ ڪهاڻي ئي اها صنف آهي، جنهن سنڌي ادب کي زندهه رکيو آهي، مان انهن ماڻهن جي
راءِ سان بلڪل به متفق ناهيان ته ڪو سنڌي ڪهاڻي جو معيار ڪونهي، اها تمام پوئتي
آهي، ايئن ڪونهي ڪهاڻي جو سفر زندگي سان آهي، جيوت جيسين باقي آهي، سنڌي ڪهاڻي جو
سفر جاري آهي، جيتوڻيڪ ان سفر ۾ ڪٿي ساهي کڻڻ ٽڙڻ ٿاٻرجڻ وارو عمل اچي ٿو، پوءِ به
سنڌي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي يا رڪجي ناهي وئي، هند توڙي سنڌ ۾ ڪهاڻي جو معيار ماضي جي ڀيٽ
۾ سگهارو آهي.
سوال 4: موجوده دور ۾ سنڌي
ڪهاڻي ۾ ڪي نوان لاڙا متعارف ٿيا آهن ۽ جي ٿيا آهن انهن جو سهرو ڪهڙن ڪهاڻيڪارن جي
سر تي اچي ٿو؟
جواب: سنڌي ڪهاڻي ۾
جيستائين لاڙن جو سوال آهي ته اهي ڪي خاص ڪونهي، ڪهاڻي جي سفر ۾ تقريبن سڀئي
ڳالهيون گڏيل طور تي هلي رهيون آهن، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ڪهاڻي ۾ ڪي به لاڙا
نه هوندا آهن، اها ماڻهن کي منجهائڻ واري ڳالهه آهي، ڪهاڻي زندگي جو پرتو(عڪس)
آهي، جنهن ۾ سچ ۽ ڪوڙ ٻئي گڏ گڏ هلن ٿا، سو مان ته چوندو آهيان ڪهاڻي يا ته
ايڪچوئل هوندي آهي يا وري فيڪچوئل هوندي آهي، فيڪچوئل ازم ۽ ايڪچوئل ازم تي اسان
جي ٽهي جا ڪافي سارا نالا آهن، جن سٺيون
ڪهاڻيون لکيون آهن، ايڪچوئل ازم تي جمال ابڙي، سراج، نسيم کرل، ابن حيات پنهور،
نجم عباسي ۽ ٻين لکيو آهي ۽ فيڪچوئل ازم تي طارق قريشي، رحمت ماڃوٺي ۽ رسول ميمڻ
جو قلم پرڀرو رهيو آهي.
سوال :5 ڪهاڻي لکڻ لاءِ
ڪهڙين شين جو خيال رکڻ گهرجي؟
جواب: اسان جا نالي
وارا چڙهيا ۽ نام نهاد ليکڪ عجيب عجيب قسم جون ٽيڪنڪس ۽ لوازمات هجڻ عجيب ٽرمنلاجيون
ٻڌائي ڳالهايون ڪندا آهن، هو اهو به چوندا آهن ته ڪهاڻي جو منڍ، وچ پڇاڙي هجڻ
گهرجي، مرڪزي خيال سان پلاٽ هجڻ گهرجي، پر مان چوندو آهيان ته هر شيءَ ڪهاڻي
پنهنجي ٽيڪنڪ پاڻ ٺاهيندي پيدا ڪندي آهي ۽ اهو هڪڙو آرٽ ۽ هنر آهي، جيڪو برحال هر
ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي، باوجود ان جي ڪهاڻي ۾ ٻولي بنهه اهم آهي، ٻوليءَ سان
منهنجو مطلب اهو آهي ته رواني سان گڏ ڪردارن کي ايئن کڻي هلجي ڪا به شيءَ پنهنجو
وجود کڻي هلندي آهي، ڪا به شيءَ بار يا مصنوعي محسوس نه ٿئي، ڪوڙ ئي سهي پر اهو به
ٻوليءَ ۾ ايئن روان ٿي هلي جيئن سانگها ۾ پاڻي جو وهندو آهي.
سوال: 6 توهانجي نظر
۾ جديد سنڌي ڪهاڻي ڪٿي بيٺل آهي؟ جيئن نسيم کرل جي وڇوڙي تي عبدالقادر جوڻيجي چيو
هو ته اڄ سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي وئي آهي، ڇا واقعي ايئن آهي؟
جواب : سائين عبدالقادر
جوڻيجي علامتي طور چيو هو ته سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي وئي آهي، ان لاءِ جو نسيم کرل
کي دشمنن گولي هڻي ماريو هو، ان جو مقصد اهو هرگذ ڪونهي ته سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي
وئي، عبدالقادر صاحب اها ڳالهه ڪي ورهيه اڳ ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌي ڪهاڻي جي سمورن
لوازمات کي پورو ڪرڻ سان گڏ ان کان به گهڻو اڳتي آهي، طارق قريشيءَ، رسول ميمڻ، رحمت
ماڄوٺي ۽ ڪجهه ٻين ڪهاڻيڪارن جون مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون.
سوال :7 ڪهاڻي ۾
سماج جي ڪهڙي موضوعن جي چونڍ ڪرڻ گهرجي يا سنڌي ڪهاڻي ۾ هن وقت تائين ڪهڙن موضوعن
کي وڌيڪ چٽيو ويو آهي؟
جواب : سنڌي ڪهاڻي ۾ لڳ ڀڳ
هر موضوع تي لکيو آهي ٻيو اهو به ضروري ڪونهي ته ڪهاڻيڪار کي سماج مان ڪهڙن موضوعن
جي چونڍ ڪرڻ گهرجي، مون اڳ به چيو آهي ته ڪهاڻي هڪڙو آرٽ ۽ ڪرافٽ آهي سو اهو به
موضوع جو هروڀرو محتاج ڪونهي ۽ ڪهاڻيڪار کي موضوعن جو محتاج نه هئڻ گهرجي، ننڍي
کان ننڍو ۽ عام موضوع به شاهڪار ڪهاڻي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
سوال : 8 جديد سنڌي ڪهاڻي جي
شروعات اوهان جي نظر ۾ ؟
جواب : روايتن سان گڏوگڏ
سنڌي جديد ڪهاڻي جو سهرو جمال ابڙي، سراج ميمڻ، رباني آگري ۽ ابن حيات تي آهي، پوءِ انهي سٽ ۾ به کوڙ ڪهاڻيڪار اچي
وڃن ٿا.
سوال : 9 ڇا ڪهاڻي
لکڻ وقت ليکڪ جي نظر پوري سماج تي هوندي آهي يا وري صرف ڪهاڻي جي پلاٽ تي؟
جواب : پوئين ڪنهن سوال ۾
ان جي وضاحت ڪري چڪو آهيان، پر چوندو هلان ته پلاٽ جنهن کي ڪهاڻي جو گهاڙيتو چئجي
ٿو، اهو هر شيءَ ڪهاڻي يا ڪهاڻيڪار پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي، هر شيءَ ڪهاڻي سان نئين
پلاٽ ٽيڪنڪ يا گهاڙيتي جي تخليق ٿيندي آهي.
سوال :10 ڪاروڪاري تي لکيل ڪهاڻين کي اوهان ڪيئن ٿا
ڏسو؟
جواب : سنڌي ادب ۾ خاص طور
مضمونن ۾ڪاروڪاري واري موضوع تي يا وري ڊرامي ۾ ڪاروڪاري واري موضوع تي ڪافي سٺو
لکيو ويو آهي، ڪهاڻي ۾ به اهو موضوع آيو
آهي پر ڀرپور طريقي سان اڀري به سگهيو ، ڪاروڪاري تي هڪڙي منهجي ڪهاڻي، رسول بخش
درس جي ۽ هڪڙي دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي ناياب کوکر جي منهنجي نظر مان گذري هئي، ڪاروڪاري
واري موضوع تي الائي ان گندي رسم جو ڪيس سنڌي ڪهاڻي وڙهي ناهي سگهي.
سوال : 11 سنڌي ڪهاڻي کي اوج
ڏيارڻ ۾ اخبارن ۽ رسالن جو ڪارج؟
جواب : سنڌي رسالن سنڌي
ڪهاڻي کي اوج ڏيارڻ ۾ ماضي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هاڻوڪي دوئر ۾
اخبارون توڙي رسالا دوستي ياري ملهائڻ ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ ۾ پورا آهن، رسالن توڙي
اخبارن ۾ جي صفحا بازار گرم ڪرڻ ۾ مصروف آهن، سنڌي ادب جو ڪنهن کي به اونهو ڪونهي
سٺو مواد صرف ڄاڻ مڃاڻ نه هجڻ ڪري رد ٿيو وڃي.
سوال :12 هن وقت مختصر مختصر
ڪهاڻي گهڻي پئي لکجي ان بابت اوهان ڇا چوندو؟
جواب : مختصر ڪهاڻي يا طويل
ڪهاڻي چوڻ مونکي عجيب لڳندو آهي، ڪهاڻي آهي ان کي ڪنهن بگ جديد سرحد ۾ بند نٿو ڪري
سگهي پر ڪهاڻي جون ڪجهه نزاڪتون آهن، جن کي هٿان وڃائڻ ۾ گهرجي ستيس روهڙا شاهڪار
مختصر ڪهاڻيون لکيون آهن، جن جو مثال ڪونهي مختصر ڪهاڻي هوندي به ايئن آهي جو دماغ
مان ٺڪاءُ نڪري وڃي.
سوال :13 ڪهاڻي کان
علاوه ٻيون ڪهڙيون صنفون آهن جن جو سڌو سنئون تعلق فڪشن سان هجي؟
جواب : ڪهاڻي کانسواءِ
ناول، آتم ڪٿائون به فڪشن جو حصو آهن، جيتوڻيڪ کوڙ ماڻهو سفرنامن ۽ ڊرامي کي به
فڪشن حصو ڪوٺين ٿا پر ايئن ڪونهي.
سوال :14 جيئن ته توهان اسڪرپٽ
رائيٽر به رهيا آهيو ڪالم به لکيا آهن ۽ ڪهاڻيون به، اوهان پنهنجو پاڻ کي ڪٿي بهتر
سمجهيو ٿا؟
جواب : شروع ۾ به چيو آهي ته
منهنجي اندر ۾ ننڍپڻ کان ڪو ڪهاڻيڪار ديرو ڄمائي ويٺو هو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي
ڪهاڻيڪار بهتر محسوس ڪيو آهي، ان جي مڃتا به ماڻي اٿم.
سوال : 15 توهان هن وقت تائين ڪهڙن
موضوعن تي وڌيڪ لکيو آهي؟
جواب : مون تي کوڙ الزام
آهن ته مون سيڪس ۽ اگهاڙپ تي گهڻو لکيو آهي پر ايئن ڪونهي مون پنهنجي فن ۽ هنر سان
شين تان پردو کنيو آهي، جيڪي بظاهر ڏاڍيون مهذب ۽ سٺيون لڳنديون آهن، ان ڪري
منهنجي ڪهاڻين جي گهڻائي نفسيات سان گڏ هر موضوع کي گڏ کڻي هلي ٿي.
مختيار علي سومرو
September 2015, BS-III second semester
writing skill work done under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studeis, University of Sindh
Key words:
No comments:
Post a Comment