Friday, September 11, 2015

مير شهداد خان ٽالپر جا تاريخي قبا


300 سالا تاريخي ميرن جا قبا تباهي جي ڪناري تي!!!
رسول بخش بوداڻي

سنڌ جي سيني مان صدين کان صدائون پيون اچن “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”  هي اهو نعرو آهي جيڪو سنڌ جي سپوت جوڌن ۾ هڪ نئون روح ۽ جذبو ڦوڪيو ڇڏي جنهن ڪري هو هر حالت ۾ پنهنجي مد مقابل سان مهاڏو اٽڪايو ڇڏين. اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ هميشه سورهيه مرد مجاهدن، آزادي جي علمبردارن عنظيم سرويچن کي جنم ڏنو آهي، سنڌ ڌرتي تي ڪڏهن 
پنهنجن جي حاڪميت رهي، ڪڏهن يلغار ڪري  ڌرتي ماتا کي اجاڙيو.
تاريخ جي انهي اٿل پٿل ۾ تاريخ جا وڇڙيل ورق اڄ به  شاهپوچاڪر ۾ موجود آهن ۽ “مير شهداد جا قبا” جي نالي سان سڌجن ٿا،
قومن جي عظمتن جا هي مينار ئي آهن، جيڪي کين دنيا ۾ اوچو ڳاٽ ڪرائن ٿا. سنڌ ڌرتي جيڪا پنج هزار سال پرڻي آهي. ان وقت به هي قوم تهزيب يافته ۽ سکي ستابي هئي. اڄ جي هن  سائنسي دور جا انسان خود حيران آهن   ته هزارين ورهيه اڳ سنڌو ماٿري جي انسان ايترا ترقي يافته ڪئين هئا.
تاريخ جي هن بي رحم اٿل پٿل ۾  حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل شاهپور چاڪر ۾ ميرن جو قديم قبرستان  “مير شهداد جا قبا”  شهداپور شهر جو بنياد وجهندڙ  مير شهداد خان ٽالپر  بن هوتڪ خان جي نالي پٺيان ميرن جو هي شاهي خانداني قبرستان آهي. هي شاهپور چاڪر کان چار ميل اتر_اولهه طرف  سدا واهه جي ساڄي ڪپ تي آهي، جنهن جو تعلق 12 صدين کان ڪلهوڙا حڪومت جي ٽآلپرن اميرن سان آهي. هي قبرستان اٽڪل 16 ايڪڙن تي پکڙيل آهي  جنهن ۾ 3 مسجدون ۽ ٻيا ڪيترائي قبن تي پٿرن جي نقش نگاري ٿيل آهي، جڏهن ته قبرن مٿان سن ۽ نالا اُڪريل آهن سنڌ جي هن ڪريگرن کي داد نه ڌيڻ زيادتي ٿيندي پر ان مان ڪنهن جا پٿر لڳل آهن ته ڪي وري ماڻهو لاهي ويا. هتي هڪ عاليشان قبي نما قبر مير صوبدار جي سپهه سالار ۽ شهداپور شهر جي بنياد وجهندڙ  مير شهداد خان ٽالپر جي قبر آهي، جنهن جي قبر ۽ مقبرو ملتاني ڳاڙي پٿر سان جڙيل آهي، قبر جي سيراندي کان پٿر تي پيدائش جي تاريخ  ماهه رجب 1147ع هجري لکيل آهي جڏهن ته انهي قبي ۾ ٻي قبر موجود  شاهپور چاڪر جو بنياد وجهندڙ مير چاڪر خان ابن
مير شهداد خان جي چئي وڃي ٿي،
 هن قبرستان جي ڏکڻ طرف  وڏي مسجد  جي اولهه طرف هڪ  وڏي قبر  ڳاڙي ملتاني پٿر سان ۽ مڪلي جي قبرستان جي طرز سان ٺهيل  مير چاڪر خان جي لاڏلي ڌيءُ  حوا بنت چاڪر خان وفات   19 رمضان 1210 هجري لکيل آهي . سرڪار ۽ ثقافتي کاتي طرفان ڪو به ڪم ناهي ٿيو نه وري ان تاريخي قبرستان جي ڪا سار سنڀال ٿي رهي آهي ، ٻيو ته ٺهيو پر اتي ڪو چڱي ريت ڪو رستو به ناهي ٺهيل جڏهن اسان ان قبرستان تي وياسين ته رستو نه هئڻ ڪري اسان کي گاڏي پري بيهارڻي پئي ۽ اسان قبرستان تائين پنڌ وياسين جڏهن اسان پهتاسين  اتي ڇا ڏسون جو هتي ڪاري وارا ڪک هئا ڪو چوڪيدار نه وري ڪو ٻيو جيڪو ان تاريخي ماڳن لاءَ سرڪار پاران سار سنڀال لاءَ رکيو ويو هجي ، قبرستان جيڪو 16 ايڪڙن تي مشتمل سو هاڻي وڃي ڪو ٻه ٽي ايڪڙ  بچيو آهي اتان جي بااثر ماڻهن قبرستان تي قبضو ڪري زمينو پوکي ڇڏيون آهن، ڪافي قبرون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن ، جڏهن ته قبرستان سِم ۽ ڪلر ۾ مڪمل لپٽيل آهي،  ميرن جي هن شاهي خاندان جي قبرستان بچائڻ لاءِ تڪڙا اُپاءُ نه ورتا ويا ته ٿوري عرصي ۾ هي قبرستان تباهه ٿي وين
دو. جڏهن ته ڪجهه لالچي ماڻهن دولت جي حوس ۾ ته ميرن هتي پنهنجي دولت(خزانو) لِڪائي هوندي سو ان ڪري ڪافي قبرن کي راتو رات ماڻهون کوٽيندا وڃن، ڪيترن ئي قبرن تان ماڻهو قيمتي پٿر لاهي ويا آهن. سنڌ جي هن 300 سالا قديمي قبرستان ۾ مقبرن ۽ مسجدن جي حالت تمام خراب آهي گهڻي ڀاڳي ڍهي چڪا آهن، سم ۽ ڪلر تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي جلد سنڌ جي ثقافتي ورثي جي پرگهور نه لڌي وئي ته سنڌ  جو هي قديمي ماڳ ۽ ان ۾ سنڌ جا سورهيه جوڌا ۽ سپوتن جا نشان مٽجي ويندا ، مگر افسوس جو حڪومت ۽ حڪمرانن کي خبر ناهي ته ڪڏهن انهن تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لهندا به صحيع يا نه ان جو ڪو پتو ناهي. اگر ائين ٿيو ته هي 300 سالا  تاريخ مٽجي ويندي.

11-09-2015

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment