Wednesday, September 2, 2015

غفار احمد راجپوت پروفائيل:راشد لغاري

پروفائيل:راشد لغاري
غفار احمد راجپوت
دنيا ۾ اھڙا ماڻھو جنم وٺندا رھندا آھن جيڪي پنھنجي ھنر جي ذريعي شين کي ايتري تـ خوبصورت شڪل ڏيندا آھن جوھر ڏسندر حيرت ۾ اچي ۽ اچرچ جي نگاهـ سان انسان جي ھٿ مان ٺھيل خوبصورتي جو عظيم شاھڪارڏسي پنھنجي اکين تي ناز ڪري ۽ پنھنجي دل ۾ اھا سوچ سمائي ڇڏين ٿا تـ محنت،لگن،آرزو ۽ اميد سان انسان ھر خواب کي تعبير جي شڪل ڏئي سگھي
ٿو.
جي ھا غفار احمد اھو بـ ڊزائينرآُھي،جنھن کي خدا پاڪ جي طرفان وڻن، ٻوٽن کي ڪٽي ھنن کي سينگاري ۽ تصويرون جي شڪل ڏيڻ جو ھنر حاصل آھي.غفار احمد 1958 ۾ مروحوم وحيد راجپوت جي گھر غربت جي آغوش ۾ جنم ورتو سندس خاندان ھندستان مان ھجرت ڪري ڀٽ شاهـ ۾ اچي آباد ٿيا.ھندستان جي سر زمين ھن خاندان کي الوداع ڪرڻ وقت سندن جھولي ۾ آرٽ جو ھڪ انمول شخصيت تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.جنھن اڳيان ھلي غفار جي صورت ۾ جنم ورتو ۽ اڄ ڪلھـ استاد جو لقب گڏ لڳائي پنھنجي خاندان جي سڃاڻپ ٿيا آھن.
ھا غفار جي طبعيت شروع کان ھي خاموش ھئي ۽ ساوڪ سان عشق جي وجھـ سان سندس خاموشي ۾ وڻ ڳالھائڻ لڳنداھئا.پاڻ صرف 15 سالن جي عمر ۾ پنھجي مائٽ سان جاپان ويو جٿي ھن مسلسل ٽن سالن واري لينڊاسڪيپ ۽ گارڊن جي ٽرينگ حاصل ڪئي ھن جو مين فوڪس ڀڳن ڀيل مان جديد ڊزائينون ٺاھڻ ۽ ان جي پوک ھئي،نت نوان وڻ لڳائڻ بـ انھي ٽرينگ جو حصو ھئا.غفار اڃا ٽرينگ سکي ھي رھيو ھو تـ سندس مائٽن خاندان جو اڪيلو وارث ھجڻ ڪري واپس وطن گھرائي ورتو پر غفار تيستائين پنھنجي روح ۾ وڻن کي شڪل ڏيڻ جو ھنر محفوظ ڪري ڇڏيو اھائي وجھـ آھي تـ شايد جاپان جي استاد ھن کي الوداعي لفظ چوندي چيو تـ مون کي افسوس آھي تـ جاپان جا وڻ اھڙي انمول ڊزائينر کان محروم پيا ٿين پر پاڪستان جا ماڻھو ھن ٻوٽي جو ميوءُ ضرور کائيندا.ھنر سکڻ جي عمل ۽ يادگيرين جا ڪيترا ئي حسين پل غفار پنھنجي سيني ۾ سانڊي اباڻي وطن واپس پھتو پر اسان جي ماڻھن ان جي ھنر تي يقين نـ آيو ۽ ھن کي ڪم نـ ڪرڻ جا بھانا چوڻ لڳا تنھڪري غفار کي مختلف جڳھـ تي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ بـ پنڌ ڪرڻو پيو پر سندس وڻن سان لازوال محبت ٻوٽن کان پري ٿيڻ نـ ڏنو ۽ روزگار سان گڏوگڏ غفار پنھنجي اضافي وقت ۾ جنگلن ۾ وڃي ٻوٽن جي ڊزائينگ ڪرڻ لڳو ۽ انھي ھي وقت رسول بخش لغاري جي اکين ھن جي عظيم ھنر کي سڃاتو ۽ سندس اوطاق جو پروجيڪٽ ھن جي حوالي ڪيائين.پروجيڪٽ ملندي ھي ھن جي دل ۾ موجود ھنر ھڪ آتش فشان پھار وانڱي ڀاٽي ڪري ماڻھن جي اڳيان نمايان ٿيو،مون جھڙن ڪيترن ھي صحافين کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيائين غفار پنھنجي خوبصورت وڻن جي ڪٽينگ جي ذريعي وڻن مان ڪتاب ٺاھي انسانيت کي سبق پڙھائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تـ ڪڏھن بحري جھاز ٺاھي انسان کي مشڪل واري سمنڊ مان نڪرڻ جي مدد ڪندو آھي تـ ڪڏھن وري انھي خوبصورت وڻن جي ڪٽنگ پروردگار عالم جو نالو ظاھر ڪري انسان کي ڪائنات جي ارتقا ۽ انجام ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.استاد غفاراحمد سان مختصر ملاقات ۾ ھن ٻڌايو تـ انسان ۾ جيڪڏھن ھنر موجود ھجي تـ ھو وڻن جي خوبصورتي بـ انسانيت جو سبق پڙھائي سگھي ٿو.


No comments:

Post a Comment