sketchy , weak. No evedence or supporting any report سوين ماڻهون پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ورتو
شهدادڪوٽ لاءِ عزرائيل بڻيل حيردين ڊرين
عبدالله سولنگي
رائيٽ بئنڪ آوٽ فال ڊرين، “آر بي او ڊي” واپڊا جو اهو اڻ کٽ منصوبو جنهن جو ڪم 60 سالن کان وڌيڪ هليو. اها خبر خد منصوبو ٺاهڻ وارن کي ئي نه هئي. جيئن “ايل بي او ڊي” جي منصوبي سنڌ ۾ ڪو به فائدو نه ڏنو تيئين آر بي او ڊي مان به ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي کي سنڌ تباهيءَ جا منصوبا ڪري سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهن منصوبن سنڌو درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ جي لکين ايڪڙ آباد زمين کي برباد ڪرڻ کانسواءِ ڪو به نسبت نتيجو نه ڏنو آهي. هن منصوبي تي اربين روپيه خرچ ڪيا ويا ان جو فائدو ٽڪي جو به نه ٿيو آهي. جڏهن ته سنڌ جا آبادگار هنن منصوبن جي تباهه ڪاريءَ جو شڪار ٿيا آهن هن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي سيڪ ۽ سم جي ڪري ڪلر ۽ بنجر ڪري ڇڏيو ان کان علاوه کاري ۽ زهريلي پاڻي هئڻ ڪري سوين ماڻهون پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ورتو. جڏهن ته هزارين ماڻهون ڪامڻ خارش ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا. مالوند ماڻهن ۽ هارين جو چوپايو مال مري رهيو آهي کاري پاڻي جي ڪري ٻڪري ۽ رڍ جو نسل ختم ٿيڻ لڳو آهي ۽ آبي جيوت تباه ٿي وئي آهي.کاري پاڻي جي مڇي کائڻ ڪري ماڻهون وڌيڪ بيمارين ۾ ڦاسندا پيا وڃن.
آر بي ڊي جي منصوبي جي شروعات بلوچستان جي ڊيرا الله يار ۽ صحبتپور واري تعلقي جي ڳوٺ حير دين کان ٿي، جيڪو گڊو بئراج جي پٽفيٽر ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا ۾ سم جو پاڻي بيهڻ ڪري اتان جون سموريون زمينيون ذراعت ڏيڻ کان جواب ڏئي ڪلر ۽ سم ۾ تبديل ٿي ويون آهن جنهن جي وڪڙ ۾ لکين ايڪڙ زمين اچي وئي هئي جنهن جي ڪري آر بي او ڊي جي شروعات “حيردين ڊرين فيز 1” جي نالي سان بلوچستان مان ڪئي وئي جنهن ۾ دريا جي ساڄي ڪپ وارو سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻو هو.
هن منصوبي جو نالو حيردين ڊرين ان ڪري رکيو ويو جو هي منصوبو ڳوٺ حيردين کوسو جي اوڀر اتر جي ڪنڊ کان شروع ٿي ٿو حير دين بلوچي زبان جو لفظ آهي جنهن جي “حير” جي معنيٰ خير آهي ۽ دين جي معنيٰ دين آهي جيئن نالي ۾ شير دين چيو ويندو آهي ائين هن جي نالي جي سنڌي ۾ معنيٰ خير دين آهي.
رڳو تعلقي شهدادڪوٽ ۾ 42 هزار ايڪڙ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي. ربيع ڪمانڊ ايريا تي 26 واٽر ڪورس آهن پر اها سموري ڪمانڊ خراب ٿي وئي آهي جنهن ۾ کوسن،چانڊين،مغيرين،کوکرن،مگسين،مرن ۽ جتن جون زمينون اچي وڃن ٿيون.
ڪچي پل، فقير محمد، دلي جان جانوري، موسيٰ کوسي، شفيع محمد ماڇي، نوردين ماڇي، شير محمد مري، دودو چانڊيو ۽ ڪوٽ مگسي سميت سوين ڳوٺن جي ماڻهن سان هر رات جي ٿيندڙ ويڌن کان حڪومت کي ڪهڙي خبر ڇاڪاڻ جو مڇرن جي رات ويل خدا جي خلق کان آرام کسي ورتو آهي، چوندا آهن ته هنڌ اهو سڙي جتي باهه ٻري باقي زباني ڪلامي خرچ ڪرڻ سان مڇر ۽ بيماريون وينديون آهن.
حيردين ڊرين فيز 1 جنهن جي آفيس ڊيرا الله يار ۾ آهي هي فيز 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جڏهن ته ڊرين وارو پاڻي 1981 ۾ 53 ڪلوميٽر طئي ڪري کيرٿر برانچ جي آر ڊي 116 وٽ پهتو جتان پمپنگ اسٽيشن ٺاهي حيردين ڊرين جو ڪوڙو ۽ کارو کيرٿر برانچ ۾ لفٽ ڪري ملايو ويو جڏهن کارو پاڻي کيرٿر برانچ ۾ لفٽ ڪري لاٿو ويو ته ڪجهه سالن کانپوءِ هيٺ پاڻي واپرائڻ ڪري ماڻهن ۽ مال ۾ بيماريون شروع ٿي ويون ۽ زمينون خراب ٿيڻ لڳيون.
سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ درياءِ سنڌ جي ساڄي پاسي وارو کارو پاڻي اتر کان ڏکڻ طرف وهي ٿو جيئن درياءِ سنڌ ڪشمور کان اتر کان ڏکڻ وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اوهان لاڙ کان اتر طرف ويندا ته پشاور ۽ ڪوئٽه تائين اوهان کي زمين جي سطع سمنڊ کان مٿي معلوم ٿيندي جنهن جي قدرتي بناوٽ لکين سالن کان ائين آهي جو اتر هلندڙ افغانستان ۽ ايران جو پاڻي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ پهچي ٿو. چوڻ جو مطلب آهي ته اتر پاسو مٿانهون آهي ۽ ڏکڻ پاسو هيٺانئون آهي. جنهن ڪري سيلاب ۽ برساتن جو سمورو پاڻي هي علائقه تار ڪري منڇر ڍنڍ، درياءِ سنڌ يا جابلو نالن ۽ ندين جو پاڻي وڃي سمنڊ پوندو آهي
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آر بي او ڊي کي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ٽيڪنيڪل طريقي سان ٺاهيو وڃي ته جيئن کاري ۽ زهريلي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ رستو ملي ۽ هزارين ايڪڙ زمين برباد ٿيڻ کان بچي سگهي
No comments:
Post a Comment