Saturday, September 12, 2015

عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ هاسٽلن جو رجحان

Dharamdas
عمرڪوٽ شهر ۾ وڌندڙ هاسٽلن جو رجحان......!!!

عمرڪوٽ جنهن کي امرڪوٽ توڙي امراڻو به چيوويندوآهي جيڪو هن وقت هڪ عروج تي پهتل شهر بڻجي چڪو آهي تاريخ لحاظ کان هي شهر تمام ئي پراڻو جنهن جي شاهدي هن شهر ۾ موجود هڪ جهونو قلعو ڏئي ٿو هن شهر کي ٿر جو گيٽ جو  سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ٿر جا اڪثر ماڻهو پنهنجي روز مره توڙي ڪاروبار  جون شيون  هتان کان ئي خريد ڪري ويندا آهن هن وقت هن شهر جي گتيل آبادي سبب ڪيترائي ڪاروباري مرڪزکُلي چڪا آهن.وقت جي ڦيرندڙ چرخي  هتي جي رهندڙ ماڻهن جي ذهنن کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن ماڻهن۾ تعليمي شعور ويتر وڌندو ويو آهي ۽ نتيجي جي طور تي هن وقت هن شهر جي تعليم جو معيار تمام ئي  بهتر ٿي وئي  پر ڪو وقت هو جو هتي رهندڙ ماڻهو پرائيوٽ اسڪول توِڙِي هاسٽل جي نالي کان به واقف  نه هو
۽ اهي پنهنجن ٻارن کي صرف سرڪاري اسڪولن ۾ داخلائون وٺي  ڏيندا هئا .جئين ته هن شهر ۾ هن وقت ڪيتيريون ئي  اسڪولون ۽ ڪاليجون کُلي چڪيون  آهن  جن جي تعليم تمام ئي  معياري آهي تنهن ڪري هر ڪو چاهي ٿو ته اسان جو اولاد سٺن تعليمي ادارن ۾ علم حاصل ڪري ۽ نتيجي جي طور تي هتي جي تعليم جو معيار تمام ئي وڌي ويو آهي ۽ آس پاس جي ڳوٺن توڙي پري وارن علائقن کان شاگرد هتي اچي ڪري تعليم حاصل ڪندا آهن . ٻهراڙي جي علائقن کان ايندڙ شاگردن  کي هتي سڀ کان وڏو مسئلو پيش اچي ٿو اهو آهي رهائش جو ۽ ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هتي جي ساڃاهه وندن ۽ سرهندي وارن ماڻهن هن شهر ۾ پرائيوٽ بوائز هاسٽلن جو نظام متعارف ڪرايو ته جيئن مختلف ڳوٺن کان ايندڙ شاگردن کي گھٽ خرچ ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ ملي سگھي هن وقت هن شهر ۾8 کان 10 پرائيوٽ بوائز هاسٽلون هلي رهيون آهن جن ۾ مختلف ڳوٺن کان واسطو رکندڙ ڪيترائي شاگرد رهائش پذير آهن هر هڪ هاسٽل ۾ شاگردن جو تعداد 20 کان 30 جي لڳ ڀڳ آهي جيڪي 6 کان 8 ڪمرن تي مشتمل آهن جنهن ۾ شاگرد  بلڪل آرام سان رهي سگھن ٿا انهن هاسٽلن ۾ شاگردن لاءِ رهائش توڙي کاڌي پيتي جي هر سهولت موجود آهي ۽ انهن هاسٽلن جو ماهانه خرچو به تقريبن ساڳيون ئي  آهي ۽ اهو خرچو ڪنهن غريب ماڻهون جي پهچ کان ڪو خاص پري نه آهي جنهن حد تائين مون انهن هاسٽلن جو سروي ڪيو انهن هاسٽلن جو ماهانه خرچو هر هڪ شاگرد تي 5 کان 6 هزارن جي اندر آهي هن وقت شهر عمرڪوٽ ۾ اهي هاسٽلون هلي رهيون آهن جنهن ۾ سچل بوائز هاسٽل ، انڊس بوائز هاسٽل ، جناح بوائز هاسٽل ، شاهه لطيف بوائز هاسٽل ، ڀٽائي بوائز هاسٽل ، علامه اقبال بوائز هاسٽل ، صفه بوائز هاسٽل ۽ المهراڻ بوائز هاسٽل.....
علامه اقبال بوائز هاسٽل
هي هاسٽل عمر ڪوٽ شهر جي افغان محله ۾ واقعه آهي ۽ هي هاسٽل سنڌ ڪاليج جي هڪ ليڪچرار رمضان سميجو جي نگراني هيٺ هلي رهي آهي، سائين جن سنڌ ڪاليج ۾ ڪيمسٽري جي ليڪچرار آهن، هن هاسٽل ۾ شاگردن لاءِ هر بنيادي  سهولت موجود آهي جنهن ۾ بجلي پاڻي انٽرنيٽ، جنريٽر ۽ شآگردن جي خدمت لاءَ هڪ سرونٽ به آهي هن هاسٽل ۾ ٽوٽل شاگردن جو تعداد 30 آهي ۽ هي هاسٽل 6 ڪمرن تي مشتمل آهي هر هڪ ڪمري  5 شاگرد رهن ٿا، هر شاگرد کي پنهنجي ذاتي الماري، ۽ فوم وارو بسترو مليل آهي هن هاسٽل ۾ عمرڪوٽ جي تمام ئي پري وارن علائقن سان واسطو رکندڙ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي  جنهن کاريو فضل، ويراڙو، کئنسر ، رڙياڙو، ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن، هن  هاسٽل ۾ شاگردن کان هر هڪ شاگرد کان 6 هزار روپيه ماهانه فيس وصول ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ صبع جو ناشتو . منجهند جي ماني ، شآم جي چانهه ۽ رات جي ماني سميت ڪپڙن جي ڌُهلائي اچي وڃي ٿي. هن هاسٽل ۾ اڪثر  يارهين ، ٻارهين ۽ انٽري ٽيسٽ جا شاگرد شامل آهن هنن شاگردن سان ڳالهه ٻولهه دوران معلوم ٿيو ته اهي شاگرد مقرر ڪيل ماهانه فيس ۾ سڀ سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هتي جي آس پاس جي ماحول کان به تمام گھڻا مطمئن آهن شاگردن جو چيوڻ هو ته سان هتي تمام ئي بهتر نموني سان هڪ تجربيڪار استاد جي نگراني هيٺ علم پرائي رهيا آهيون ۽ هتي جي پڙهائي وارو ماحول به تمام ئي بهترين آهي .
صفه بوائز هاسٽل

هي هاسٽل عمرڪوٽ لڳ وهرو روڊ تي واقح آهي هي هڪ هتي جي مقامي ماڻهو حافظ نور محمد نهڙي نالي شخص جي آهي هن هاسٽل ۾ ڪل ڪمرن  جو تعداد 8 آهي ۽ هن هاسٽل ۾ 23 شاگرد  رهن ٿا ، جن ۾ ڇهين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس جا شاگرد  رهن ٿا جن ۾ ڪجه شاگرد انٽري ٽيسٽ جا به آهن . هن هاسٽل ۾ ڇور ، ڪيتار ،ڇاڇرو ۽ ٻين ڳوٺن جا شاگرد  رهن ٿا . هي هاسٽل ٻن سالن کان به مٿي عرصي کان هلي رهي آهي هن هاسٽل جي ماهانه فيس 5هزار مقرر ڪيل آهي پر غريب ۽ بي پهچ شاگرد کان رعايت ڪئي  ويندي آهي ۽ جيڪي شاگرد اهي فيس نٿا ادا ڪري سگھن انهن کان ڪجهه گھٽ فيس ادا ڪئي  ويندي آهي مٿي ڄاڻايل فيس ۾ شاگرد کي ماني سميت ڪپڙن جي ڌلائي جون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون آهن هن هاسٽل ۾ اڃا تائين انٽر نيٽ جي ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت موجود نه آهي هاسٽل جي انچارج مطابق اها سهولت به شاگرد  کي جلد ئي ڏني ويندي هنن ظلعي جي اعلي عملدارن کي عرض ڪيو آهي ته هنن جي هاسٽل ڏي ڌيان ڏئي هنن جي ساهتا ڪئي  ووڃي ته جيئن شاگردن کي هر سهولت ملي سگھي.عمرڪوٽ شهر ۾ وڌندڙ هاسٽل جي تعداد سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن ظلعي جي تعليم ڪيتري معياري ٿي چڪي آهي هتي حڪومت توڙي سرهندي وارن ماڻهن جو فرض ٿئي ٿو ته هاسٽلن ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ ڪي خاص پاليسيون جوڙي شاگردن لاءِ گھٽ خرچ ۾ تمام سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم کنيا وڃن  
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

1 comment:

  1. Increasing trend of private hostels in Umerkot, Umerkot, Dharamdas

    ReplyDelete