Friday, September 4, 2015

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو: Profile


Profile 

صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
محمد انس ٻرڙو 

ايڪويهين صديءَ ۾ اسين ترقي يافته، Civilized سماج ۾ رهون ٿا ان کي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ ان معاشري ۾ رهندڙ واڌي گهاٽي  بيشمار مسئلن کي منهن ڏئي نيڪ ڪردار نڀائيندي پنهنجو نالو هميشه لاءِ تاريخ ۾ لکرائن ٿا.

صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو به اهڙن ماڻهن م۾ شامل آهي. صوفي غلام مصطفي ڪانڌڙو 1949-07-30ع م۾ مورو کان اٽڪل 5 ميل جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙو م۾ حڪيم صوفي لال بخش ڪانڌڙو جي گهر م۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول م۾ حاصل ڪئي، پنهنجي ڳوٺ م۾ هاءَ اسڪول نه هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ مورو آيا، هاءَ اسڪول مورو مان 1966ع ۾ ڏهين جو امتحان پاس ڪيو.

هن کي طبي تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو ان ڪري هو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءَ طبي تعليم حاصل ڪرڻ حيدرآباد ويو ان وقت اندروني سنڌ م۾ ڪابه طبي ڪاليج نه هئي ان لاءَ هو سنڌ طبيٰ ڪاليج حيدرآباد م۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو 1970ع م۾ طبيٰ ڪاليج حيدرآباد مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد وانگر حڪمت ڪرڻ شروع ڪئي،  

پاڻ ان ڪم سان گڏو گڏ اخبارن م۾ ڪالم لکڻ پڻ شروع ڪيا، 1973ع م۾ حلال پاڪستان م۾ پهريون ڪالم شايع ٿيو صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته جڏهن منهنجو پهريون ڪالم حلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو هو ته مان تمام گهڻو خوش ٿيو هئس، منهنجي دوستن مونکي مبارڪون ڏنيون، ان کان پوءَ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪالم شايع ٿيندارهيا.

پهريان حڪمت جو ڪم پنهنجي ڳوٺ م۾ ئي ڪيو پر بعد م۾ شهر مورو م۾ اچي اهو ڪم جاري رکيو، حڪمت ڪرڻ سان گڏو گڏ پڙهائي مان به هٿ نه ڪڍيا، 1986ع ۾ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان ايم اي پاس ڪئي،

صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته اندرون سنڌ م۾ ڪوبه طبيٰ ڪاليج نه هئڻ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ م۾ تمام گهڻيو مشڪلاتون پيش اينديون هيون، ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا هئا.ان کان پوءَ صوفي غلام مصطفيٰ تمام گهڻي محنت، ڪوششون ڪري 1987ع ۾ اندرون سنڌ م۾ پهرئين طبيٰ ڪاليج جو افتتاح ڪيو جيڪا مهراڻ طبيٰ ڪاليج مورو جي نالي سان مشهور آهي.

هن ڪاليج ۾ 1987ع کان 1989ع يعني 2 سالن تائين شاگردن کي مفت تعليم ڏني وئي ته جيئن سڀئي شاگرد پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. اڄ به ان ڪاليج م۾ ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، صوفي غلام مصطفيٰ 1987ع کان 2012ع تائين ان ڪاليج جو پرنسپال رهيو. نيشنل ڪائونسل فار طب ۾ جيڪا پاڪستان جي واحد طب ڪاليج آهي ان ۾ صوفي غلام مصطفيٰ 1993ع واري اليڪشن م۾ سنڌ جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو.1993ع کان 2000ع تائين سنڌ جي سموري طبيٰ ڪاليجن جو صدر رهيو.

صوفي غلام مصطفيٰ جي دوستن جو چوڻ آهي ته هي تمام سٺي طبيعت جو مالڪ آهي، غريبن جو تمام گهڻو خيال رکندو، هر ڪنهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو آهي.هنن جو چوڻ هو ته اندرون سنڌ م۾ جيڪي به طبيٰ ڪاليج آهن اهي سڀ صوفي غلام مصفيٰ جي ڪري آهن. هن جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترن ئي شاگردن پنهنجي شهرن م۾ وڃي طبيٰ ڪاليج کولي .

صوفي غلام مصطفيٰ جو چوڻ هو ته دنيا پنهنجا رنگ بدلائيندي رهي ٿي ان ڪري شاگردن کي گهرجي ته تعليم سان دلچسپي رکن، سماجي ڪمن م۾ وڌ م۾ وڌ حصو وٺن، تعليم حاصل ڪري صرف پنهنجي لاءَ نه پر ٻين لاءَ به مددگار بڻجن ڇو ته هن دنيا م۾ وڌيڪ ٻي ڪابه شيءَ نه آهي. 

Published in issue No: 1 of Roshni 
Muhammad Anas Buriro
2K13/MC/64
Practical work done under supervision of Sir Sohail Sangi
 Department of Media and Communication Studies,
University of Sindh





No comments:

Post a Comment