Wednesday, September 2, 2015

ڊاڪٽر الله بخش گھانگھرو

Questions are weak. U should write ur name and category of writing i.e interview, article etc in the file. foto will be needed
Jamsheed Rajpar
ڊاڪٽر الله بخش گھانگھرو 8 آڪٽوبر 1958 ۾ مڊل ڪلاس خاندان ۾ اک کولي، پاڻ کي شروع سان ئي تعليم سان لڳاٰءُ هو،سندس شروعاتي تعليم حيدرآباد بورڊ مان حاصل ڪيائين ۽ انٽرميڊئيٽ 1976 ۾ حيدرآباد مان ڪيائين ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ڪيمسٽري ۾ داخلا ورتائين جتان کان تعليم جو ن گھٽجندڙ سفر شروع ٿيو. پاڻ ان کان علاوا بائيو ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين۽ ايڪويهين صدي شروع ٿيندي ئي تعليم جي انهي سفر کي اڃان هڪ قدم اڳتي وڌائيندي ناگويا يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ ڊزائن، ناگويا،جاپان مان 2004 ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي بايو ڪيمسٽري ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آھي.۽ ڪيترن ھي روشن مستقبل رکندڙ شاگردن جي تعليم جو ضامن آھي.

س:توھان جي نظر ۾ معاشري ۾ بايوڪيمسٽري جو ڪھڙو ڪردار آھي؟
ج:دارصل بايوڪيمسٽري ھڪ وسيع فيلڊ آھي، توھان ھن کي ڪنھن محدود دائري ۾ نٿا رکي سگھو، جتي جتي بـ جاندار شيون رھن ٿيون چاھي اھي ٻوٽا ھجن جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح ماحول سان لاڳاپيل آھن،ھنن جي باري ۾ صحتمند ماحول ٺاھڻ لاءِ بايوڪيمسٽري جي علم جي تمام گھڻي کپت آھي.

س: توھان جي اداري ۾ شاگردن کي  پريئڪٽيڪل ورڪ ڪھڙن شعبن ۾ ڪرايو وڃي ٿو؟
ج:ھيئنر تائين اسين پھنجن شاگردن کي ٻن شعبن ۾ ڪلينڪل ۽ نيوٽرشن ۾ پريئڪٽيڪل ورڪ ڪرايو وڃي ٿو ۽ ھتي مختلف جانورن تي پڻ پريئڪٽيڪل ورڪ ڪرايو وڃي ٿو.جنھن ۾ نانگ،ڏينڀو ۽ ٻيا زھريلا جانورگھرايا وڃن ٿا ۽ ھنن جي زھر مان اينٽي وينَم ٺاهيا وڃن ٿا. ان کان علاوا هي واحد ادارو آهي جنهن ۾ نيوٽريشن تي ايترو وسيع ڪم ڪيو وڃي ٿو 

س: توھان جي تحقيق ۽ تجربن جي ذريعي ڪا عملي ايجاد منظر عام تي آئي آھي؟
ج: جي ھا بلڪل،اھا ڳالھ ڪنھن کان ڳجھي ناھي تـ نانگ جي ڏنگ سان متاثر ٿيندڙ ملڪن مان پاڪستان دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آھي، ۽ ان جا 50 سيڪڙو ڪيسز سنڌ صوبي ۾ آهن ۽ ان جي لاءِ اينٽي سنيڪ وينم جي ايجاد اسان جي لاءِ وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي. اسان فخر سان چئي سگھون ٿا تـ پاڪستان ۾ نانگ جي ڏنگ جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ موثر انجيڪشن ٺاهڻ وارو ادارو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهي. ان کان پهريان اهو وينم اسلام آباد ۾ تيار ٿيندو هو پر اهو ايترو موثر نـ هو.

س: پاڪستان ۾ بايو ڪيمسٽري جي فيلڊ جا ڪيتري اهميت آهي؟
ج: پاڪستان ۾ بايوڪيمسٽري جي تمام گھڻي کپت آهي ، هن فيلڊ جا شاگرد مختلف اين جي اوز، ٽيچنگ،انڊسٽريز، فوڊانسٽيٽيوز سميت ٻين ڪيترين ئي فيلڊز ۾ ڪم ڪرڻ جا اهل آهن. هتان پاس ٿيل شاگرد جتي بـ وڃن ٿا اتان اسان جي اداري کي سٺن لفظن ۾ موٽ ملي ٿي.

س: توهان جي اداري ۾ فوڊ نيوٽريشن تي ڪهڙو ڪم ڪيو وڃي ٿو؟ڍ
ج: مون عرض ڪيو تـ اسان جو هي واحد ادارو آهي جيڪو نيوٽريشن تي ايترو گھڻو توجهـ ڏنو وڃي ٿو.مناصب غذا جي ڪنهن کي بـ خبر ناهي. دنيا ۾ ڪجھ ماڻهو اهڙا آهن جنهن کي کائڻ لاءِ ڪجھ ناهي ۽ بک سبب مري ٿا وڃن ۽ ڪجھ ايترا امير آهن جو کائي کائي مري ٿا وڃن. ان جي لاءِ اسان جو ادارو لمس يونيورسٽيءَ جي تعاون سان نيوٽريشن ٿراپي ڪلينڪ کولي رهيو آهي جنهن م عام ماڻهن کي نيوٽريشن جي باري ۾ آگاهي ڏني ويندي. اسان گورنمينٽ کي بـ اها اپيل ڪئي آهي تـ هر تعلقي اسپتال ۾ هڪ نيوٽريشن هجڻ گھرجي 

س: نوجوان شاگردن لاءِ اوهان جو ڪو پيغام ؟

نوجوانن لاءِ ائون اهو ئي چوندس تـ اڄڪله قابليت جو دور آهي، اهو دور ختم ٿي ويو آهو جڏهن انسان نوڪريءَ جون درخواستون کڻي د هور در رلندو، اڄڪلهـ پنهجي قابليت کي پاڻ مڃائڻ جو وقت آهي ۽ توهان ايترا قابل ٿيو جو ادارن کي اوهان جي ضرورت پوي. وقت سان گڏوگڏ  پنهنجي رضپاڻ ۾ مثت تبديلي آڻيو، ڍنڍ جو بيٺل پاڻي نـ ٿيو بلڪـ دريا جي اها رواني ٿيو، جنهن جي اچڻ سان انقلاب برپا ٿيندا آهن. محنت ڪريو ۽ محنت جو نقطو هيٺ کڻي اچي محبت ڪريو محنت سان ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺاهيو.               

No comments:

Post a Comment