Wednesday, September 9, 2015

ماروي هاسٽل Refer back

When it was constructed? Some big names who resided and studied here
Total capacity? now strength
Foto? 
 How it was planned? . 
ماروي هاسٽل

(فيچر) پرھ مهر
پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ،ڪيترائي تعليمي ادارا آهي،۽ هر يونيورسٽي جي هڪ الڳ سڃاڻپ ان ۾ هاسٽلن جو هجڻ به آهي،اهڙي طرح پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن،جهڙوڪ، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو،لمس ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو،پيپلز ميڊيڪل،مهراڻ يونيورسٽي،آئي بي اي ڪاليج سکر،سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وغيره. هر يونيورسٽي پنهنجي هڪ الڳ جڳهه والاري ٿي،انهن يونيورسٽين مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو به منفرد اهميت رکي ٿي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي هاسٽلون آهن ۽ انهن ۾خاص ڪري ڇوڪرِين جي ماروي هاسٽل پنهنجي سُونهن۽ تاريخ سبب الڳ حيثيت رکي ٿي.
ماروي هاسٽل اڄ کان ڪافي پراڻي هاسٽل آهي. تاريخي حوالي سان ان هاسٽل جو نالو  مارئي هاسٽل ان ڪري پيو.ڇاڪاڻ تـ هي سنڌ جي پهرين يونيورسٽي جي پهرين هاسٽل آهي ۽ مارئي( ( عورت ) جنهنجي بهادري سبب کينس ڪيترن ئي جڳ مشهورشاعرن جهڙوڪ شاھ لطيف، سچل، سامي ۽ شيخ اياز پڻ پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي) جي ڪري پيو.
 مارئي هاسٽل جيڪا ٽن بلاڪن (اي،بي،سي) تيمشتملآهي، هن هاسٽل ۾ ٽي سوُ 300 کان مٿي ڪمرا آهن، هر بلاڪ جي هڪ ڪمري ۾ چار ڇوڪريون رهن ٿيون. هتيٻـ ٽي وي هال ۽ هڪ لائيبريري پڻ موجود آهي. ٽي وي تي ڇوڪريون مختلف پروگرام ڏسي دل وندرائن ٿيون.۽ ڪيتريون ئيلائيبريريجيخوبصورتي ۽ پُرسُڪونماحولجيڪريڪيتريونئيڇوڪريونپنهنجارومڇڏي، لائبرري اندر پڙهائي ۾ مشغول نظر اينديون. ماروي هاسٽل جو ماحول هڪ گھر جيان آهي،سڀئي ڇوڪريون پنهنجا گهر ڇڏي هتي هڪ خاندان جيان مزاق مستي ته ڪڏهن ڪاوڙ۽ خوشي ڪري پاڻ ۾ زندگي گذارين ٿيون.هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هي هڪ اهڙي هاسٽل آهي جنهن کي اسين پنهنجو ٻيو گھر سڏيون ٿا.هتان جو ماحول پُر سُڪون ۽ دوستاڻو آهي،هتي اچڻ کان پوءِ ماحول کي سڃاڻون ٿا.
هن هاسٽل ۾ پرڏيهي شاگردياڻيون پڻ رهن ٿيون، هي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ۾ڏيهي شاگردياڻين کان وڌيڪ سهولتون ۽ ترجيع پڻ ڏني وڃي ٿي، ۽ هر هڪ کي الڳ الڳ ڪمرو ملي ٿو.مارويهاسٽلجيخوبصورتيانجيپارڪمان ظاهرٿيئٿيجيڪوهنجيسُونهنکيچارچنڊلڳائيٿو، هي پارڪ سيپٽمبر 2013 ۾ ٺاهيوويو،پارڪپنهنجيساوڪ،صفائيسبب ۽صافهواجي گُھلڻ جي ڪريراتديرتائينڇوڪرينسانڀريلهونديرهيٿي، جنهن ۾ ويهي ڪيترائي ڪلاڪ ويهي فطرت جو مزو ماڻي سگھجي ٿو،هاسٽل جي اندر هر سهولت موجود آهي ،جهڙوڪ نيٽ ڪيفي،دڪان،ڪينٽين،وغيره، جتي هر شي دستياب آهي. ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻيون ڪڏهن کلندي ته ڪڏهن گهر کي ياد ڪري لڙڪ لاڙين ٿيون جڏهن ته ڪي اهڙيون به ڇوڪريون آهن جن کي پڙهائي سان گڏ هنر جو ڪم جهڙوڪ ڪپڙا سلائي،ڀرٿ ڀري پنهنجو گذرسفر ڪن ٿيون،ماروي هاسٽل جي خوبصورتي ۽ ان جي ماحول کي ڏسي مختلف شاعرن پڻ شاعري ڪئي آهي،جنهن  ۾ ”حليم باغي“  ۽ امداد حسيني گهڻا سڃاتا وڃن ٿا.
ماروي هاسٽل جي وارڊن ۾ ماءِ،دوست،۽ ڀيڻ جيان هر وقت گڏ رهي ٿي،هر پريشاني هر تڪليف ۾ساٿ ڏئي ٿي،چوندا آهن ته جتي خوشيون اتي ڏک به ڏسڻا پون ٿا،هاسٽل جي خوبصورتي سان گڏوگڏ ميس جو سسٽم ۽ خراب پاڻي جي ڪري پريشانين کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتي پاڻ ۾ شاگردياڻين جو هن پُر فضا زبردست ماحول ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ واري رشتي کي پنهنجو گهر ۽ گھر ڀاتي جو 
سمجهي هر ڏک ۽ خوشي سان چئن سالن جو مختصر وقت گذارين ٿيون.



 September 2015, BS-III second semester 
writing skill work done under supervision of Sir Sohail Sangi 


Department of Media and Communication Studeis, University of Sindh 
Key words: Marvi Hostel, Pireh Mahar, 




No comments:

Post a Comment