Tuesday, September 1, 2015

پروفائيل ; ڪلثوم سنڌو Revised

Photo required
پروفائيل

 ڪلثوم سنڌو
منظر علي ڀٽي رول نمبر 59
اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اهو مرد جو سماج آهي جتي مجموعي طور مرد حاوي رهي ٿو ۽ عورت کي ڪمتر ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پر تاريخ ۾ عورت پڻ بنهنجي وجود گي ظاهر ڪرڻ لاٰءِ تمام وڏيون ڪوششون ورتيون آهن ۽ قربانيون پڻ ڏنيون آهن، جنهنجو مثال محترما بينظيرڀٽو، ايلسا قاضي، فاطما جناح ۽ ٻين کوڙ سارين بهادر ۽ اڏول عورتن هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، جن تمام گھڻي محنت ۽ جفاڪشن سان ننڍين وڏين تڪليفن کي منهن ڏيندي پاڻ کي نمايان ڪردار طور پيش ڪيو آهي ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساڳئين ئي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي جرئت پڻ پيدا ڪئي آهي.
عمرڪوٽ شهر جي رهواسڻ ڪلثوم سنڌو بـ انهن ئي بهادر ۽ اڏول عورتن مان پڻ هڪ آهي. جنهن هن هٺ ڌرمي واري ماحول ۾ تمام گھڻين مسئلن ۽ پريشانين باوجود نـ صرف پاڻ پر پنهنجي خاندان کي سکيو ستابو رکيو آهي، ۽ ان ڪيترن ئي سماجي پهلوئن کان سماج ۾ بي پهچ ۽ مظلوم ماڻهن جي مدد ڪئي آهي.
ڪلثوم سنڌو  ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي سامارو ۾ جنم ورتو ۽ ابتدائي تعليم اباڻي شهر مان پرائي، ۽ انٽرميڊيئٽ گرلس ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان ڪرڻ بعد آرمي پبلڪ اسڪول ڇور ۾ ٻـ سال استاد رهي. ان کانپوءِ ميري اسپورٽس سوسائٽي ۾  2004ع  ۾ کيس ڪائونسلر جي پوزيشن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اتي ٻـ سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ مارچ 2006ع ۾ ٿرديپ سوشل آرگنائيزر ۾ سوشل ورڪر طور فرض سرانجام ڏنا.
ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ ڪينسر يونٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، اتي کينس ڪم ڪرڻ جو تجربو نـ هئڻ ڪري ڪافي ڏکايئين کي منهن ڏئي نوڪري برقرار رکي. هفتي ۾ صرف هڪ
ڀيرو کيس گھر اچڻ جو موقعو ملندو هئس.
2006 ۾ ڇوڪرين کي نوڪري ڪرائڻ جو سسٽم نه هئڻ ڪري ماڻهن جون عجيب عجيب ڳالهيون ۽ اوکا لفظ ٻڌڻا پونداهئا، پر ماڻهن جي انهن ڳالهين کي ڪڏهن به سنجيدا نه ورتو ان وقت ڪلثوم جي ماءُ جي طبيعت گڙدن جي بيماري سبب خراب رهڻ لڳندي هئي،هر مهيني ماءُ کي علاج لاءِ ڪراچي وٺي وڃڻو پوندو هو ،امڙ جي بيماري ڪري گهر جا مالي حالات به رولڙي جو شڪار ٿي ويا،گهر جا حالات ايتري قدر خراب ٿي ويا جو ڪڏهن م اني ملندي هئي ته ڪڏهن فاقي تي رهڻو پوندو هئس.امڙ لڳاتار بيمار رهڻ سبب 2008 ۾ وفات ڪري وئي .ان وقت ڪلثوم سان گڏ ڪراچي جي  ڪڊني سينٽر ۾ ڪير به مٽ مائٽ نه هئڻ ڪري اڪيلي ڇوڪري ماءُ جو مڙھ ايمبولينس ۾ کڻائي عمر ڪوٽ آئي،انهن ڏکن ۽ تڪليفن حوصلن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.
هر ڇوڪري جي اها خواهش هوندي آهي ته هو پهنجي شادي لاءِ ڏاج گڏ ڪري، انهي ڪشمڪش واري حالت  ۾ ڪلثوم پنهنجي ٻن ڀينرن جي شادي ڪرائي۽ پنهنجي شادي لاءِ گڏ ڪيل ڏاج انهن کي ڏئي ڇڏيو،ڪجھ وقت کانپوءِ هن جي والد جي  طبيعت به خراب رهڻ لڳندي هئي،ڪلثوم جي پگهار جا سمورا پئسا به والد جي علاج ۾ خرچ ٿي ويندا هئا. پريشانين ۽ سورن  ڄڻ ته هن کي ڳولهي لڌو هو. ڪجھ وقت گذرڻ کانپوءِ والد به وفات ڪر ويس. ڪلثوم مشڪلاتن ۽تڪليفن سبب وري 2010 ۾ ٿرديپ جوائن ڪئي ۽سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي لاءِ جاکوڙ ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو.هن کي غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تمام گهڻو پسند آهي،جنهن مان سندس ضمير مطئمن هوندو هئس،ان کان پوءِ ٿرديپ ۾ جينڊر فوڪل پرسن رهي،جنهن تحت ڪراچي، لاهور ،اسلام آباد،سکر ۽ ٻين شهرن مان پڻ سکيا ورتي. ۽ اها سکيا ٻين تائين پهچائي جنهن سبب ان جي ڃڻ ۾ ڪافي اصافو آيو .2013 ۾ پهريون ڀيرو ازبڪستان وئي جتان به کيس ڪافي نيون شيون سکڻ جو موقعو مليس .ان بعد پائلر عمرڪوٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهي جو حصو تي وئي، ان جو مقصد صرف عوام جي هقن لاءِ جاکوڙ ڪرن هو.پائلر جي پليٽ فارم تان هن هارين،مزدورن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي.ان دوران هن LLB ۾ پڻ داخلا ورتائين هن مهل تائين LLB جي ٻه سال پورو ٿي چڪا آهن هاڻ هو هڪ سٺي وڪيل طور ڪم شروع 
..ڪري رهي آهي هن جو وڪيل ٿيڻ جو مقصد رڳو ڏتريل ۽ دربدر ماڻهن جي حقن لاءِ وڪالت ڪرڻ آهي.


منظر علي ڀٽي ٽيون سال ماس ڪميونيڪشن

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

1 comment:

  1. Kulsoom Sindhu, Social activist, Umerkot, by Manzar Ali Bhatti

    ReplyDelete