Wednesday, September 9, 2015

ميرپورخاص شهر جا کنڊر بڻيل روڊ رستا

آرٽيڪل
منظر علي
رول نمبر 59
4TH WRITTIG PIECE
ميرپورخاص شهر جا کنڊر بڻيل روڊ رستا

ڪنهن به علائقي يا شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۾ روڊ رستن جو وڏو عمل دخل ٿئي ٿو ۽ روڊ رستا بهتر هجڻ سان اهو شهر ڀرپاسي جي ٻين علائقن سان پڻ اچ وڃ ۾ سولو ٿي پوي ٿو ۽ عام رهڻي ڪهڻي جي معيار وڌڻ سميت، ڪاروبار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. ساڳئي وقت روڊ رستن جي بهتر هجڻ جو شمار عوام جي بنيادي سهولتن جي دائري ۾ اچي ٿو. ميرپورخاص جنهن کي گهاٽين نِمُن ۽ انبن وارو شهر چيو وڃي ٿو، ميرپورخاص ستن لکن کان مٿي آبادي رکندڙ سنڌ صوبي جو چوٿون نمبر وڏو شهر  آهي. پر ايترو وڏو شهر هوندي ۽ ضلعي حيثيت رکندي به ميرپورخاص شهر جا سمورا روڊ رستا کنڊر بڻجي چڪا آهن، جنهنڪري عام زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿيڻ سميت ڪاروبار به خساري جو شڪار ٿئي ٿو.         
                                                
تقريبن 1975ع کان ميرپوخاص شهر کي ڳنڍيندڙ مشهور روڊ  جن مان ڪن جا نالا بلدياتي ۽ سياسي اقتدار ۾ ايندڙ ڌرين پنهنجي مرضي سان ڪن اڻڄاتل ۽ اوپرن ماڻهن جي نالن سان  منسوب ڪري ڇڏيا، پر پراڻا رهواسي ۽ روينيو رڪارڊ ۽ نقشي ۾ اهي روڊ ۽ رستا اڄ به انهن پراڻن نالن سان آهن. ساڳئي ريت شهر جا چوڪ ۽ ننڍا پاڙا به ماڻهن بلڪه ڪن چند تعصب پسندن بورڊ هڻي پنهنجن  ڏاڏن ۽ پڙڏاڏن جي نالن سان رکيا آهن جيڪي گھڻي ڀاڱي مشهور نه ٿي سگھيا، پر مهر پاڙو، بلوچ پاڙو، سومرا پاڙو، ڀانسنگھ آباد سميت شهر جون انيڪ رهائشي ڪالونيون جهڙوڪ سيال ڪالوني سميت ميرپورخاص جون ٻيون رهائشي ڪالونيون جيئن نائي پاڙو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن ،روڊ رستن، بهتر تعليمي نظام، ڊسپينسرين ۽ ميونسپل عملي جي نااهلي سميت پيئڻ جو صاف پاڻي اڄ به خواب بڻيل آهي.
ميرپورخاص شهر مان چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب اڄ به شهر جا اهم ڪاروباري رستا اسٽيشن کان سول اسپتال روڊ، ايم اي جناح روڊ، پوسٽ آفيس کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ پيپلزپارٽي جي وفاقي اڳواڻ پيرآفتاب حسين شاه جيلاني اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ موجوده پ پ پ ايم اين اي پير شفقت حسين شاه جيلاني جي والد مرحوم پيرغلام رسول شاه جيلاني جي نالي سان منسوب روڊ جيڪو اٽڪل 4 فرلانگ ۽ ٽائون ٿاڻي کان  کاڻ ناڪي تائين آهي. جيڪو اڄ به گٽرن جي خراب پاڻيءَ سبب تلاء جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. صدر پرويز مشرف  جي دور کانپوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پنجن سالن ۽ موجوده اڍائي سالن يعني ساڍن ستن سالن دوران شهر ۾ ڪو به روڊن جي مرمت لاءِ ڪو به ٺيڪو يا پراجيڪٽ منظور نه ٿيو آهي. نتيجي ۾ نيڪال جو پاڻي واٽر سپلاءِ جي لائينن ملي رهيو آهي ۽ ماڻهو اهو پاڻي واپرائي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي صحت جا مسئلا پيش اچن ٿا.
سال 2011 ۾ آيل مها ٻوڏ جنهن ۾ شهر جي اولهه طرف کان گذرندڙ سم نالي ۽ 800 کان وڌيڪ ملي ميٽر برساتن شهر جو بنيادي اسٽڪچر (هليو) ئي بگاڙي ڇڏيو.
تقريبن ويهارو سال اڳ شهر ۾ مختلف چوڪن، ماڳن تي وڏا وڻ ۽ خوبصورت پارڪ هوندا هئا، جنهنڪري ڪجھ گھٽيون، بازارون، چوڪ انهن جي نالن سان سڏبا هئا. جيئن هيرآباد ۾( نيم والي گلي)، پپر واري مسجد، جاڙن (ٻٽن) وڻن وارو چوڪ مشهور آهن.

مين ٽاور آباد روڊ، هيرآباد روڊ، مين غريب آباد روڊ، کڏ پلاٽ روڊ، سنڌڙي روڊ مارڪيٽ کان کپرو روڊ، مارڪيٽ کان اقبال سول اسپتال روڊ، ريلوي ڦاٽڪ کان سيٽلائٽ ٽائون ڏانهن ويندڙ پاور هائوس وارو روڊ، اسڪيم نمبر ٻه وارو روڊ، اورنگ آباد وارو روڊ، اسڪيم نمبر 2 کان مير جو ڳوٺ ويندڙ روڊ ۽ واپڊا آفيس واري سموري علائقي جا روڊ، هيرآباد کان ڪالوني ۽ کاڻ روڊ وغيره تقريبن روڊ ڀڄي ٽٽي کنڊرن جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، جن جا ڪجھ سبب هي آهن.
جڏهن ته شهر ميرپورخاص جون نيون وسنديون، ڪالونيون ۽ پاڙا وڌڻ لڳا ۽ ڪراچي، حيدرآباد جي ڪن ڌرين پنهنجو ڪارو ناڻو سفيد ڪرڻ لاء ننڍن شهرن خاص طور ميرپورخاص ۾ پلاٽنگ جا پروجيڪٽ شروع  ڪيا ته انهن با اثرن جي اثر رسوخ سان پراڻو شهر ۽ ان جا روڊ رستا ويران ٿيندا ويا ۽ روڊن لاء رکيل بجيٽ نين بستين ڏانهن خرچ ٿي وئي.
2011 ۾ جيڪا مها ٻوڏ جي ڪري تباهي آئي ته سرڪار ته ميرپوخاص بيوٽيشن پروگرام جي نالي ڪروڙين روپيه بلديه جي حوالي ڪيا پر اهو رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري سياسي مفاهمت کي زنده آباد ڪيو ويو. ان ڪري سڀئي تباه ٿيل روڊ رستا برباد ئي رهيا. شهر جي روڊن رستن جي بربادي ۽ کنڊر بڻجڻ جا مٿي ذڪر ڪيل ٻه اهم ڪارڻ آهن ۽ ٽيون سبب اهو آهي ته ماڻهن جلدي جلدي ڪالونيون ۽ پلاٽن جون اسڪيمون ٺاهي ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو ان سان شهر جي آسپاس ۾ نين پلاٽن جي جڙيل اسڪيمن سبب پاڻي جي نيڪال جا رستا بند ٿي ويا آهن نتيجي ۾ جيڪو پاڻي جي نيڪال جو قدرتي رستو هو اهو ڪاروبار جي نظر ٿي ويو، جنهن ڪري 2011 کان پوء ٽي چار سال پوندڙ برسات جي پاڻي جو خاطر خواه نيڪال نه ٿيو جنهن سبب اهو گندو پاڻي هيٺائين هنڌن، کڏن ۾ ڇوڙ ٿيو  باقي بچيل پاڻي روڊن کي کنڊر بڻائي رهيو آهي.
انڪري گورنمينٽ کي وقت تي روڊن رستن جي مرمت ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي مشڪلاتن سان منهن نه ڏيڻو پوي.



No comments:

Post a Comment