Wednesday, September 9, 2015

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ

خيرپور لاڙڪاڻو پل هڪ تفريحي ماڳ
اصغر ناريجو  رول نمبر 40
دنيا جي ملڪن ۾ سمنڊ،درياءَ،ڍنڍون توڙي ٻيٽ فطري حسن جو شاهڪار هوندا آهن آهن ته ڪٿي انهن دريائن ۽ ٻيٽن تان  آمدروفت،واپار توڙي ٻين سهولتن لاءِ خشڪي رستي ڳنڍڻ لاءِ پليون ٺهيل آهن ته جيئن .سنڌ ۾ سنڌو درياٰءِ جي چاڙھ کان پوءِ عوام جو رخ گڊو بئراج، سکر بئراج ڪوٽڙي بئراج ۽ ڄامشورو پل تي به المنظر جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي اهڙن نظارن تي فطري حسن سان گڏ انساني محنت به چارچنڊ لڳايا آهن اهڙين ئي پلين مان خيرپور لاڙڪاڻو پل به هڪ تفريحي
ماڳ بڻجي وئي آهي


 سنڌو جي موج ،دريائي وهڪرن ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب ملڪ جي دريائي هنڌن تي تفريحي ماڳن،پڪنڪ جڳهن تي عوامي ميلا لڳل هوندا هئا هر ڪو چوندوا آهي ته ڪاش اهي نظارا مان به پنهنجي اکين سان پسان ها اهڙا ئي دلڪش نظارا خيرپور لاڙڪاڻوپل تي به آهن خيرپور لاڙڪاڻو پل 2010 ۾ راس ٿي آمدرفت لاءِ کلي وئي .خيرپور لاڙڪاڻو پل تي سنڌو جي موجن کي ڏسڻ  لاءِ  عوام خيرپور،لاڙڪاڻي جي شهرن کان علاوه آسپاس جا شهري به ايندا آهن،اهي  احوال ٻڌي مونکي به دل ۾ خيال آيو ته مان به اهو من موهيندڙ نظارو اکين سان ڏسي اچان. شام جو پنهنجي دوستن سان اچي پل تي پهتس....ڏسان ڇا ته منظر آ ۽ من کي ڇوهيندڙ ڇولين سان  گڏ حسين چهرا به هئا. پل جي ٻنهي طرفن نظر ڪبي ته نظر کٽي ويندي پر ماڻهو نه کٽن پل، جي هيٺان پاڻي جي اڇاڻ ۽ پل تي  مسڪرائيندڙ چهرا ڪارن مٿن وارا جهومندڙ نوجوان ٻار، ناريون نينگريون به خوشي مان نه ماپنديون آهن،سنڌي توڙي اردو گانن تي جهمريون ۽ رقص ڪنديون آهن ،ڪي هٿ هٿن ۾ ڏئي درياءِ ۾ وهندڙ ڇولين کي اشارن سان هڪ ٻئي کي چئي رهيا هوندا آهن هو ڏي ڏس سنڌو جون ڇوليون..............
جتي پل ٺهڻ کان پهرين ماڻهو ٻيڙين وسيلي آرپار ايندا ويندا هئا ،درياءَ جو سير سفر به ٻيڙين تي ڪندا هئا.ملاح  ٻيڙين تي مڇي ماري گذر ڪندا هئا ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي هن پار کان هن پار پهچائي زندگي جو سفر بهترين ڪندا هئا. پر پل ٺهڻ کان پوءِ سندن روزگار گهٽ ٿيوآهي.خاص ڏهاڙن،عيد موڪلن،ثقافتي ڏهاڙن،برساتي موسم ۽ سنڌو درياءَ جي چاڙھ موج مستي سبب لاڙڪاڻو خيرپور پل تي عوامي جشن لڳل هوندو آهي.
پل جي هر طرف کان جيڏانهن  نظر ڪجي ته عوام ئي عوام نظر ايندو آهي،ننڍا توڙي وڏا فئملي وارا ۽ نوجوان ڀرپور نظارا ڏسي لطف اندوز ٿيندا آهن.ملاحن جي ٻيڙين ۽ لائنچن ۾ چڙهي درياءِ جو سير ڪندي هٿ سان پاڻي جا ڇنڊا مٿي اڇلائڻ ،بي خوف ٿي درياءِ جو هڪ پار کان ٻئي پار تائين ڏسي موٽي اچن.
خيرپر لاڙڪاڻو پل 1222 چورس ميٽرن تي ٺهيل آهي،پل تي ڇپرن وار هوٽل،دڪان،ڪئبن توڙي ريڙهي وارا به پنهنجي روزي ۾ مصروف رهندا آهن ۽ عوام جي سهولت لاءِ هر شيءِ مهيا ڪن ٿا،شام جي پهر لهندڙ سج وقت پاڻي ۾ سج جو دلڪش پاڇو من ۾ مادام مچائيندو آهي .چوڻي آهي ته درياءَ جا ٻڪ درياءَ ۾ ائين ئي پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ ماڻهو به لڙهندا ۽ ترندي گذرندا آهن ته جانور،گهرن جا ڇپر توڙي سامان به لڙهندا نظر ايندا آهن.هڪ دفعو مون آگسٽ جي پهرين هفتي نه وسرندڙ واقعو ڏٺو جنهن جو عڪس اڃا تائين ذهن تي گهمندو آهي ،پل جي هيٺيان پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ڳائو ڍور لڙهندي اچي پئي ته ماڻهن جي ان تي جيئن نگاھ پئي انهن مان ٻن ماڻهن موت کان بي خوف ٿي پل تان ڳئون کي پڪڙڻ لاءِ لهي پيا،ٻئي تارون هئا،هڪٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ انهي کي پڪڙڻ لاءِ ٻانهن جواستعمال تيز ڪندي وڃي ڳئون وٽ پهتا۽ پڪڙي ڳئون کي ڪپر تي اچي پهچائيائونس .


عوامي هجوم هجي ته رستي ويندڙ به گاڏيون روڪي پل تي ٻنهي پاسن کان بيهي درياءَ جي موج مستي جو عڪس ڏسي حيران رهجي ويندا آهن ۽ تصويرون ڪڍي پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏين ٿا.نوجوان توڙي فئملي وارا اسٽالش فوٽو ڪڍي يا سيلفي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪن ۽ زندگي جي يادگارين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري رکن ٿا. ۽.رات جي پهر ۾ پل تي لاڙڪاڻي شهر جون روشنيون به عڪس سٺو منظر نگاهي ڪندو آهي ..

No comments:

Post a Comment