Saturday, September 12, 2015

رستم علي سميجو انٽرويو HOLD

HOLD -Very weak. we are not interested in when SEF was founded etc.

انٽرويو

ظفرالله سومرو
رول نمبر 43
رستم علي سميجو
رستم علي سميجو  22  اپريل 1974ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي هڪ ننڍي ڳوٺ سجاڳري ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب جو نالو دودو خان سميجو آهي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي محنتي هجڻ سان گڏ پڙهڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو. رستم سميجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان پرائڻ بعد انجنيئرنگ شعبي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري ”بي اي اليڪٽريل“ ڪئي ۽ طبيعتن سماج ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري سوشالاجي ۾ ايم اي پڻ ڪيائين. 2003_04 کان اڄ تائين سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اداري سلهاڙيل آهي، هن وقت پاڻ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ انچارج جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ساڻس ڪيل ڳالھ ٻولھ روشني جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪجي ٿي.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد 1992ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان بل منظور ٿيڻ سان پيو. ان جو مکيه مقصد پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ هو.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي قيام جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
جواب؛ اهو ان ڪري جو جتي سڌي طرح گورنمينٽ جي رسائي نه هئي، اتي اسڪول کولرائي ٻارڙن کي تعليم ڏانهن متوجھ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي.
س؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪم جي وسعت ڪيتري آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صوبي جي ٽيويهن ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت سون جي تعداد ۾ پرائمري کان مئٽرڪ ليول جا ٽي هزار اسڪول کولرائي چڪا آهيون.
س؛ ڇا هيءَ فائونڊيشن صرف ٻهراڙين ۾ ئي ڪم ڪري رهي آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صرف ٻهراڙين تائين ئي محدود نه آهي پر هن ڪم جو دائرو ننڍن وڏن شهرن تائين وڌي وڃي ٿو. مثال حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو وغيره. پر وڌيڪ ڌيان پوئتي پيل علائقن ڏانهن ڏنو وڃي ٿو.
س؛ سنڌ اندر تعليم تي ڪهڙيون ڪهڙيون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن؟
جواب؛ هونئن ته ڪيتريون ئي مختلف آرگنائيزيشنس ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پر سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن، ايجوڪيشن سيڪٽر ريفارم اسسٽنس ۽ آغا خان ايجوڪيشن سروس پاڪستان وغيره جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر آهي.
س؛ سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ ۾ اين جي اوز جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب؛ سنڌ جي تعليم ۾ اين جي اوز جو ڪردار ڄاڻ يعني اويئرنيس تائين محدود آهي. اين جي اوز آرگنائيزيشن جي مثبت هجڻ سان گڏ ڪجھ ناڪاري اثرات پڻ آهن. جهڙوڪ؛ انهن علائقن تائين تعليم کي يقيني بڻائي، مفت ٿيلها، ڪتاب ۽ سٺو ماحول پيدا ڪري ڏيڻ بهتر ۽ ساراھ جوڳو عمل آهي پر اين جي اوز پراجيڪٽ فنڊنگ تي ڀاڙڻ ڪري ڪنهن حد تائين ٻار رولڙي جو شڪار ٿئي ٿي جيڪو تمام نقصانقار آهي، کڇاڪاڻ ته هنن اسڪولن جو مدو فنڊنگ جي آڌار هوندو آهي. نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي.
س؛سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول فلاسافي ۽ لائحه عمل ڇا آهي؟
جواب؛ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول فلاسافي اها آهي ته هڪڙي اسڪول ۾ بنيادي سهولتون مڪمل ڪري، هڪڙو استاد مقرر ڪري به جيڪي ٻار غربت يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري تعليم کان پري آهن انهن کي اسڪول ڀيڙو ڪجي.
س؛ ڇا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سبب بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي؟
جواب؛ ها بلڪل، صرف سنڌ اندر تيرهن هزار کان وڌيڪ ملازم سنڌ ايجوڪيشن
فائونديشن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن گهڻي نه ته ٿوري بيروزگاريءَ ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي.

س؛ سائين ڇا اوهان نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ ڇاهيندا؟

جواب؛ نوجوانن کيگهرجي ته تعليم کي جاري ساري رکن ۽ چوندا آهن ته ”هنر بادشاھ آهي“ انڪري هنر سکڻ ۾ عيب نه سمجهي ڪو به موقعو هٿان نه وڃڻ ڏين ۽ خاص ڪري والدين کي پڻنياڻين جي تعليم ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment