Tuesday, September 1, 2015

انتظاميه جي بي حسي جو شڪار سانگهڙ

 آرٽيڪل رسول بخش بوداڻي
انتظاميه جي بي حسي جو شڪار سانگهڙ ضلعو.
 
سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف هلايل حُر تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ سانگهڙ ضلعو جتي زرعي حوالي سان زرخيز ۽ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪاٽن بيلٽ آهي، اُتي قدرتي وسيلن جي حوالي سان به هي ضلعو مالامال آهي، هن وقت ٻه وڏيون آئل فيلڊ پڻ هن ضلعي ۾ آهن جنهن ۾ ٻوٻي آئل فيلڊ ۽ سنجهورو آئل فيلڊ سميت ننڊيون آئل فيلڊون پڻ ڪم ڪري رهيون آهن، هڪ اندازي موجب ضلعي مان ڪروڙين روپين جو تيل ڪڍيو وڃي ٿو، ان سان گڏ ڦُٽين جي به رڪارڊ اُپت ٿئي ٿي پر بد قسمتي سان سانگهڙ ضلعو ملڪ جو ترقي يافته ضلعو هُئڻ بدران سڀ کان وڌيڪ پُٺ تي پيل ۽ بدحال آهي.

ضلعي جا هڪ ٻه نه پر سمورا روڊ ٽُٽل آهن، سانگهڙ کان ميرپورخاص، نوابشاهه، شهداپور ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ننڍا وڏا روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن جنهن ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي ويا آهن، جتان گاڏين جو هلڻ محال آهي، منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ به طئي نٿو ٿئي ان سان گڏ حادثا به روز جو معمول بڻيل آهن، انهن حادثن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن مريِض اسپتال پهچڻ کان اڳ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ڇڏي .

ضلعي ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون به ڪي ساراهه جوڳيون نه آهن ٻهراڙي جي علائقن ۾ پري پري تائين اسپتالن جو ڪو وجود ئي ناهي رورل هيلٿ سينٽر عوام لاء جيل بڻيل آهن اڪثر هيلٿ سينٽرن تي هڪ به ايمبولينس مليل ناهي ، وڏيون اسپتالون به انتظاميه جي بي ڌياني جو شڪار آهن ، انهن اسپتالن ۾ داخل مريضن سان ويهي حال اوربا ته اکين مان پاڻي اچي ويندو ، اسان وٽ شايد بيوسي جا ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءَ ٻيو ڪجهه نه هجي، ڇو ته هتي دانهن ڪوڪ جو درمان ٿيڻو ئي ناهي، امير دانهون ڪن ته  چئبو انهن سان ڪو نه ڪو مسئلو ضرور آهي، پر جڏهن ڪو غريب رڙيون ڪري ٿو ته چيو وڃي ٿو ته اهي ائين ئي دانهون ڪن ٿا هڪ بکيا ٻيا ماڻا گهڻا، ضلعي ۾ تعليم جو حال به صحت جهڙو ئي آهي ائين کڻي چئجي ضلعي جي تعليم کي به بهتر علاج جي سخت ِضرورت آهي، سروي ڪبي ته ضلعي ۾ سوين اسڪول بند، واڙن ۽ گدامن ۾ تبديل ٿيل ملندا، جن ڏانهن تعليم کاتي جي اختيارين ڪڏهن لڙي وڃڻ جي به زحمت ناهي ڪئي، انهن اسڪولن ۾ مقرر استاد ۽ ٻيو اسٽاف گهر ويٺي پگهار کڻي پنهنجن زاتي ڌنڌن ۾ مصروف آهن، اسڪول بند هُجڻ ڪري هزارين ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن پر ڪنهن کي ضرورت آهي جو غريبن ۽ بکين ٻارن کي مفت تعليم ڏيارڻ لاءَ جاکوڙي.

بيروزگاري ضلعي جو اهم مسئلو آهي، انتظاميه خاص طور تي ضلعي ۾ روزگار ذريعا پيدا ڪرڻ لاء ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن ، آئل فيلڊن ۾ ضابطن جي ابتڙ مقامي بدران ٻين صوبن ۽ ضلعن جي ماڻهن کي روزگار ڏئي سانگهڙ ضلعي جي ماڻهن جي حقن تي سرعام ڌاڙو هنيو ويو آهي ڪاٽن فيڪٽريون ۽ شگرملن پورهيتن لاءِ عذاب گهر بڻيل آهن، هزارين نوجوان بيروزگار آهن، اڪثر نوجوان ڊگريون کڻي وڏن شهرن ۾ ڌڪا کائيندي نطر اچن ٿا.

 آئل فيلڊن کي معائدي موجب علائقي ۾ روڊن ، صحت ۽ تعليم جون سهولتون مهيا ڪرڻيون آهن ر سانگهڙ جون آئل فيلڊون اهڙي معادي جي ڀڃڪڙي ۾ سڀ کان اڳتي آهن. آئل فيلڊن جي ويجهو رهندڙن ماڻهو به جديد دور ۾ پٿرن جي دور جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، آئل فيلڊن پاران ضلعي انتظاميه کي ملندڙ رائلٽي  نه ڄاڻي ڪهڙي کاتي ۾ هلي ٿي وڃي، جنهن مان اڄ تائين ضلعي تي نه هئڻ برابر يا نالي ماتر ڪو ڏيکاءُ لاءِ ڪم ڪيا ويا آهن، ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پڻ معاملو هلندڙ آهي، سپريم ڪورٽ جي سخت هدايتن باوجود ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو  سپريم ڪورٽ پنهنجي دليلن ۾ چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن سانگهڙ ضلعي ۾ تيل ڪمپنين پاران ملندڙ رائلٽي ضلعي تي خرچ  ڪئي وڃي ته سانگهڙ ضلعو پئرس بڻجي ويندو.

وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار (سائين سرڪار) ۽ سپريم ڪورٽ نوٽس وٺي سانگهڙ ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لا ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.   




  

No comments:

Post a Comment