ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
انٽرويو
ڀانومل
وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ ٿر واسي نوجوان ليکڪ،شاعر،محقق،
صحافي۽سماجي ماحولياتي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ خاص طور نثري ادب ۽ ماحولياتي فيلڊ ۾ پنهنجي
باوقار ڪردار جي مالڪ ڀارومل امراڻي سوٽهڙ چيلهار جي پورهيت ڪانجي مل سوٽهڙ جي گهر
۾ جنم ورتو. ٿر جي سوين ماڻهن وانگر ڀارومل جي جنم جي تاريخ صحيح نه آهي. پرائمري
۾ داخلا وٺڻ مهل استاد اسڪول جي رڪارڊ ۾ جيڪا اندازي تي تاريخ ڄاڻائي ان مطابق ڀارو
جو جنم ڏينهن ۽ سال 17 فيبروري 1982ع آهي. چيلهار ڀرسان ڳوٺ سوٽهڙن
جي تڙ ۾ بچپن گذاريو ۽ پوءِ چيلهار شهر اچي وسايو.شروعاتي تعليم ڳوٺ ڇهو تعلقي
ڏيپلو ۾ ورتي. ان کانپوءِ ميٽرڪ هن
گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان ڪئي، انٽر ڊگري ڪاليج مٺي مان 1999ع
۾ پاس ڪيو.اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
حيدرآباد جو رخ ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سوشالاجي جي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلاءِ
ورتي پر هي پنهنجي گهرو حالتن سبب پڙهائي پوري نه ڪري سگهيو، ۽ واپس مٺي اچي ٿر مان
هفتيوار ٿر نيوز ۽ ٿر ميگزين ڪڍڻ جوسلسلوشروع ڪيو،اهوسلسلو تقريبن چار سال هليو . حيدراباد
۾ رهڻ دوران هن مختلف سنڌي اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو، پهرين هن روزاني دعا اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو.پوءِ چاچي سهيل سانگي جي نگراني ۾ روزاني سنڌ ۾سب ايڊيٽر رهيو.اڌ
۾ ڇڏيل تعليم پوري ڪرڻ لاءِ هن ڪاليج سائيڊ بي اي ڪري ايم اي سنڌي جو فرسٽ ڪلاس ۾
امتحان پاس ڪيو. هن ميرپورخاص لا ڪاليج مان (L.L.B جي ڊگري ورتي.هن کي
علم بشريات جو وڏو شوق رهيو.پرحالتن ساٿ نه ڏنو جو اسلام آباد جي يونيورسٽي ۾
داخلا وٺي پنهنجي من جي شوق کي پورو ڪري. پر وقت جي ارجن کي پڙهندوڏسي هن ويدوياس
جي سرجيل ڪردار اڪليون ڀيل وانگر ڪلاس کان ٻاهر رهي اينٿروپالاجي کي پڙهيو ۽
سمجهيو.اڄ به هي پنهنجو پاڻ کي سماجي ۽ ثقافتي اينٿروپالاجي جو شاگرد سمجهندو آهي
.انهي ڏس ۾ هن پنهنجي دوست رحمان لغاري سان گڏجي ٿر جي اصلوڪي رهواسي ڪولهي
قبيلي تي هڪ تي انگريزي ۾ علم بشريات جي
روشني ۾ تحقيقي اڀياسي رپورٽ پڻ تيار ڪئي.
س.سائين توهان کي ادب ۾ ڪيئن
شوق ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو؟
ج.بنيادي طور تي منهنجي ادبي اوسر
۾ منهنجي پرائمري تعليم وارا ڏينهن وڏا مددگار ثابت ٿيا،منهنجي ناناڻن جي ڳوٺ ۾
منهنجا پنج ماما استاد آهن. جيڪي 1987ع، 1988ع جي زماني ۾ به روزانو جي بنياد تي
شهر مان اخبارون گهرائيندا هئا ۽ منهنجو نانو راوتو 1952 ۾ استاد هو،ناني راوتي مل
ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ سان گڏ ادبي ڪتاب ميڙي رکيا هئا،وڏي ڪاٺ جي پيتي ادبي ڪتابن سان
ڀريل هئي،مون پنهنجي شروعاتي تعليم دوران اهي سڀ ڪتاب پڙهيا،نصاب سان گڏ اخبارن ،رسالن
۽ ڪاٺ جي پيتي ۾ پيل ادبي ڪتابن مون تي وڏو اثر وڌو.هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران
آئون ڪلاس جو مانيٽر هوندو هوس اسڪول ۾ ڇوڪرن جي ڏهه روپيا فيس هوندي هئي اها في
آئون گڏ ڪندو هوس، اهي پئسا پنج،ڏهه ڏينهن مون وٽ هوندا هئا.انهن پئسا جو بهتر
استعمال ڪندي آئون شاهه لطيف لائيبريري مٺي مان ٻيڻي قيمت ڏيئي پڙهائي جي لاءِ
ڪتاب کڻي ايندو هوس،ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪتاب پڙهي واپس ڪري پئسا وٺي اسڪول جي فيس جمح
ڪرائيندو هوس،ايئن مون شاهه لطيف لائيبريري جا ڪتاب پڙهيا. نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهائي
دوران هڪ ٿر جي ڳوٺ ڍاڪلي جو دوست عبدالحئي عرف پارس پريمي مٺي ۾ اچي اسان جو
ڪلاسي بڻيو،پارس پريمي جي ڪري سندس ليکڪ ڀاءِ ايڇ ايم ذڪي ۽ ڏاهو مل ڏوٿي به مٺي ۾
مليا.انهن جي ڪچهرين ادبي شوق کي وڌايو.ساڳئي وقت ٿر ڪتاب گهر جي سامهون رتن جي
هوٽل تي صادق فقير جي سرواڻي ۾ مٺي جا لکڻ پڙهڻ وارا سڀ دوست اچي گڏ ٿيندا
هئا،انهي ڪچهري ۾ ادب، سياست ۽ سماجايت سميت سمورا موضوع ٻڌڻ جي لاءِ ملندا
هئا.انهي اثر ۾ رهندي مون پنهنجي ادب جي طرف وک وڌائي. مٺي ۾ ڪاليج جي پڙهائي
دوران سائينداد ساند جي رهنمائي ملي. مون پروفيسرسائينداد ساند جي ذاتي لائيبريري
جا ڪافي ڪتاب پڙهيا، سائين سنڀو هميراڻي پنهنجي لائيبريري جا ڪتاب ڳوٺ گوڙهيار کان
مٺي واري جاءِ تي آندا انهن کي پڙهڻ جو موقعو مليو. ڪاليج کان پوءِ حيدرآباد ۾
سائين تاج جويي جي گهر تاج جي لائيبريري کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اسلام ڪوٽ ۾ اشرف
سمي جي مخدوم بلاول اڀياسي اوطاق جا در منهنجي لاٰءِ سدائين کليل رهيا.
س. صحافت جوشوق ڪڏهن ٿيو
۽ صحافت جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟
ج. منهنجي پهرين ترجمو ٿيل لکڻي
ٽالسٽا جي ڪهاڻي1996ع ۾ خوشبو جو موت جي عنوان سان عبرت ميگزين ۾ ڇپي.انهي کانپوءِ
ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ رضي علي عابدي جو گڏيل مجموعو
“اڇوت لوگون ڪا ادب” ترجمو ڪري روزاني عبرت،روزاني جاڳو ۽ ٻين اخبارن ۾ قسطوار ڇپايو.مون
1997 ع۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ پريس ڪلب مٺي جو ميمبر ٿيس،روزاني بختاور،روزاني
سوال،روزاني هلال پاڪستان، روزاني الک، روزاني پاڪ جو مختلف وقتن تي نمائيندو
رهيس،1998ع ۾آل سنڌ صحافي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويس، ايئن صحافت،ادب ۽
شاعري جو سفرجاري ٿيو.
س. توهان جي نظر ۾ هن وقت ٿر
سماجي طور تي ڪيئن آهي ۽ ڪيئن هئڻ کپي؟
ج. ٿر سماجي طور تي تمام گهڻو
تيزي سان تبديل ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي،ڳوٺن ۾ گڏيل طور تي ڪچهرين ۽ رس رهاڻين۾اخلاقيات
۽ ثقافتي سڳنڌ جوتاڃي پيٽواڻڻ جا موقعا هاڻي تمام گهٽجي ويا آهن.بنيادي طور تي ٿر
اوپن ايئرميوزم جهڙي حيثيت رکي ٿو.اينٿروپالاجي،آرڪيالاجي،سماجي سائنس،ماس
ڪميونيڪشن ۽ ثقافت جي شاگردن جي سکڻ لاءِ تمام وڏو مواد ٿر ۾موجود آهي،رائچند
هريجن،مگهارام اوجھا، محمد عثمان ڏيپلائي،مسڪين جهان خان کوسو،ولي رام ولڀ، سهيل
سانگي انهن جي لکڻين تي تحقيق ڪرڻ کپي،
انهن جي لکڻين جو تسلسل جڙڻ گهرجي.ٿر جون ڳوٺاڻيون ڪچهريون آباد رهن ته اڃان به
وڌيڪ نسل درنسل جو ورثومستقبل جي شاگردن تائين پهچي سگھي ٿوپر ٿر جي ڪمزور ٿيندڙ
سماجي تاڃي پيٽي ۽ وڌندڙ بدحالي انهي ورثي کي سانڍڻ يا منتقل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ کڙي
ڪئي آهي،سوانهي جي ڪري اسان جي استادن
،شاگردن ۽ تحقيق ڪندڙن کي انهي ڏس ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
س. توهان ٿر جي ماحوليات جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا
ڪيو آهي؟
ج. مناسب نٿو لڳي ته آئون چوان ته
مون ايئن ڪيو آهي ماڻهو کي پنهنجي ساراه مناسب نه لڳندي آهي. بس ماڻهو رڳو پنهنجي
حصي جو ڪم ڪري تاريخ ڪڏهن به ڪنهن جو پورهيو نه رکندي آهي.دير سوير پورهيي جي مڃتا
ضرور ملندي آهي مون ٿر ۾ 2004 کان وٺي هڪ ماحولياتي ڪارڪن طور پنهنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مقامي ماڻهن کي زمين جي جٽا دار سار سنڀال لاءِ متحرڪ،منظم
۽ قابل ڪرڻ، وڻن جي واڍي ۽ گگلڻ (Camiphora mukal) جي ٻوٽي ۽ ڪنڊي جي وڻ جي منظم تباهي کي هڪدم روڪڻ ، گئوچرن جي صحت کي جانچڻ ۽ انهن
جي ٻيهر بحالي ڪرڻ، گئوچرن جي سار سنڀال جي
روايتي طريقن کي رضامندي ۽ شراڪتي
بنياد سان مضبوط ۽ ٻيهر متعارف ڪرڻ ،
پراڻي پنچائتي نظام کي منظم ڪري اصلوڪن رهواسينِ جي لاءِ گگلڻ، ڪنڊي، ڪونڀٽ،روهيڙي
جي جٽادار پوکي ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، جهنگلي جيوت جي شڪار کي روڪڻ جا
ڪم شامل آهن انهن ڪمن دوران مشڪل گهڙين مان به گذريو آهيان.اڪثر شيخ اياز جي هن سٽ وانگر صورتحال رهي
آهي ته.
”آئون اڪيلو سامهون سٿ
خنجر خنجر ڪئي هٿ“
2010ع ۾ اسان جي ڪوششن سان ٿر ۾ مور ۽ هرڻ جي پرمٽ جاري ڪرڻ بند ڪئي ويئي.اسان جي ڪوششن سان ٿر ۾ جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي جي بچاءِ جي لاءِ ويجيلنس ڪاميٽيون ٺهيون.
2010ع ۾ اسان جي ڪوششن سان ٿر ۾ مور ۽ هرڻ جي پرمٽ جاري ڪرڻ بند ڪئي ويئي.اسان جي ڪوششن سان ٿر ۾ جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي جي بچاءِ جي لاءِ ويجيلنس ڪاميٽيون ٺهيون.
س. سائين ٿر جي فطري حسناڪي
وڻڪاري ۽ جهنگلي جيوت کي بچائڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻ کپي؟
ج. دنيا جي ساون ۽ آباد ريگستانن
۾ شامل ٿيندڙ ٿرپارڪر تيزي سان صحرائيت ۾ تبديل
ٿي رهيو آهي،19637 اسڪوائر ڪلوميٽرپکيڙ سان
واري جي ڀٽن ۽ ڪارونجهرجي پهاڙي سلسلي
تي مشتمل ٿرپارڪر ۾ جتي وڻن
جي واڍي، قيمتي ٻوٽن جي نسل ڪشي ۽ ناياب
جهنگلي جيوت جي شڪاري حرڪتن سبب هڪ نه ڀرجندڙ ماحولياتي خال پيدا ٿي رهيو آهي،اتي
قدرتي وسيلن تي دارومدار رکندڙ 80 سيڪڙو ماڻهن
جي جياپي جا ذريعا خطري هيٺ اچي ويا آهن. پاڪستان جي پنج اهم ايڪو رينجن
۾شامل ٿيندڙ منفرد ۽ دلفريب فطري حسناڪي
رکندڙ ريگستان جا رهواسي ڪيترن ئي سالن کان نه رڳو وڌنڌڙ
ڏڪارن ۽ قدرتي وسيلن جي غير جٽادار استعمال
سبب خراب ٿيندڙ ماحولياتي صورتحال
جي ڪري پريشان
آهن پر ان سان گڏو گڏ معاشي سماجي
مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
انگن اکرن موجب ٿرپارڪر گذريل ويهن سالن ۾ چوڏهن ڏڪارن جو شڪار رهيو آهي ، جنهن ڪري آبادي جو وڏو انگ يعني60 سيڪڙو جياپي جي بقا ءَ لاءِ بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ٿرپارڪرجي 1998 آدمشماري تحت آبادي 906720 آهي هن ماحولياتي لڏ پلاڻ جي ڪري هتي جي رهواسين جي زندگي جو سڄو ڪارونهوار متاثر ٿئي ٿو. هن وقت هتي جي ماڻهن جي خوشحالي، روزگار ۽ معيشت جو دارومدار مون سُون جي موسم ۾ اُ ڀ مان وسندڙ پاڻي، چوپائي مال ۽ جهنگلات مان روايتي طور حاصل ٿيندڙ قدرتي شين مثلاً ماکي، گگر ۽ڪونڀٽ جي کنوءَر حاصل ڪرڻ وغيره تي آهي. دنيا جي هن خوبصورت ريگستان تي ڏکن ۽ تڪليفن جا پاچا ويتر وڌي وڃن ٿا جڏهن هن جي هنج ۾ پلجندڙ بي ملُهه وڻ ۽ ٻوٽا بي دردئ سان انساني هٻڇ جي ڪري تباه ٿين ٿا ڪنڊي ،ڪونڀٽ ، روهيڙي ، ڦوڳ ، ٻائوري ۽ کٻڙ جي تجارتي واڍي سان گڏ گذريل ڏهن سالن کان ڪيميڪل ذريعي غير فطري نموني سان گگرجي ٻوٽي مان کوئنر حاصل ڪرڻ جوماحول دشمن رجحان هلي رهيو آهي ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪڻ تي يعني ٿر چراگاه جو علائقوآهي
ماڻهن جوگذر مال تي آهي 2006 ۾ جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڪيل هڪ سروي مطابق ٿر ۾ 4593598 چوپائي مال جو تعداد آهي مغل حڪمران اڪبر اعظم جي دور کان وٺي هر ڳوٺ جي مڪان ۾ مال جي چرڻ جي لاءِ زمين مخصوص جو رواج نه صرف ختم ٿي رهيو آهي پر گئوچرجي لاءِ اڳ ۾ مخصوص ڪيل وڏي زمين کي زرعي زمين ۾ تبديل ڪري، وڻ وڍي يڪسالن جي نالي تي ڀٽون کيڙجي رهيون آهن ، گئوچر جي اصطلاحي معني اهو هنڌ جتي ڍڳيون چرن ،جنهن سان نه صرف چوپائي مال جي غذائي ضرورتن کي نقصان رسي ٿو بلڪ ان سان گڏوگڏ علائقي جي ايڪولاجيڪل نظام ۾ پڻ ڦير ڦار جو عمل وڌي رهيو آهي، ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي ڏانهن وڃي رهيا آهن ، وڻن جي واڍي ۽ برساتون گهٽ پوڻ سبب رڻ آف ڪڇ وڌي رهيو آهي ، انهي ڪري انساني آبادي سان گڏ جهنگلي جيوت جو وجود پڻ پنهنجي تحفظ لاءِ ڀٽڪي رهيو آهي ٿر ملڪ جي مشهور پنج ايڪو ريجن مان هڪ آهي.صحرائي ايڪو ريجن منفرد حيثيت رکي ٿو.سنڌ صوبي جي ڏهن رامسر سائيڊ مان هڪ رڻ ڪڇ آهي.1980ع کان رڻ ڪڇ وئلڊ لائيف سينچري ايريا مقرر ٿيل آهي،پر اڄ ڏينهن تائين ڪو مينيجمينٽ پلان جڙي نه سگھيو آهي.ٿرپارڪر جي جھنگلي جيوت جي ڪڏهن سائينسي بنيادن تي سروي نه ٿي آهي.ڪارونجھر جو علائقو نيشنل پارڪ جي گھرجن مطابق پورو اوتري ٿو،ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيئي ٿر جي خوبصورتي/حسناڪي کي بچائي سگھجي ٿو.
سنڌ فاريسٽ ايڪٽ 1927ع موجب ٿر ۾ ٻيلي کاتي جي مخصوص بچاءِ لاءِ پروٽيڪڊ ايريا پڻ مقرر ٿيل آهي، ٿر ۾ ٻيلي کاتي جي رينج لينڊ ميئنجمنٽ تحت 239000 ايڪڙ زمين ڌنارن جي ڀلائي ۽ جهنگلي جيوت جي کاڌخوراڪ ۽ رهائش جي مخصوص ڪيل آهي پر ان باوجود وڻن جي واڍي ۽شڪار جو عمل هلي رهيو آهي ،ٻيلي کاتي جي مخصوص ڪيل علائقي ۽ وائيلڊ سينچري ايريا کان ٻاهر ٽن ڪلوميٽرن تائين وڻ وڍڻ يا بندوق جو فائر ڪرڻ پڻ ڏوهه آهي،پر ٿر پارڪر ۾ وڻن جي واڍي ۽ شڪار جو مزاحمت جوڳو عمل جاري آهي،2005ع ۾ سارس جي آخري جوڙي نرياسر جي ڪپ تي شڪارين ماري ڇڏي ،هاڻي ٿر جو ماڻهو سارس پنهنجي لوڪ شاعري ۾ صرف ڳائي سگھي ٿو ڏسي نه ٿو سگھي.

”رات سارس پکي ٻوليا، درياءِ پهلي
دنگ مين
سُتي ساجن ساريوارگت بهي گئي انگ“
روجهه به ٿر ۾ ننگرپارڪر واري علائقي ۾ ڪجهه مقدار ۾ بچيا آهن،جھنگلي گڏهه (Wild Ass جو به نسل به ڪجهه داڻن ۾ ڪارونجهر جي پٽي ۾
موجود آهي.چنڪارا هرڻ به ٿورو بچيو آهي ۽ اهڙي ريت وڻن ۽ ٻوٽن ڏي ڏسنداسين ته به
ڪيترائي ٿر ۾ وڻ ۽ ٻوٽا ناياب ٿي ويا آهن.2010ع ۾وفاقي ماحولياتي وزارت ۽ (UNDP) اداري پاران گڏيل طور جاري ڪيل پوسٽن ۾ ملڪ جي خشڪ
علائقن ۾ خطرن هيٺ آيل/ختم ٿيندڙ وڻن ۾ نت وڻ ڏيکاريا ويا آهن. جن۾
پنج وڻ ٿر سان تعلق رکن ٿا.1.ڦوڳ2.کٻڙ3.گگرال4.ٿوهر5. روهيڙو
ٿر جو گولڊن ٽري ڪنڊي تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي.ڪنڊي جا پن هٿ سان لاهڻ وارو رواج ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي،۽ ڪنڊي جون ڪاٺيون به وڍجي ٿر جا کيکڙا ڀرجي وڪرو ٿي رهيا آهن،ڪنڊي هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن تي ڏڪار جي سال ۾ چارٻڪريون پلي سگھجن ٿيون. جهنگلي جي کاتي پاران ٿر جي جهنگلي جيوت جي سروي نه ٿي آهي پر هڪ اندازي موجب ٿر ۾ 20 هزار جي لڳ ڀڳ مور 4کان 5هزار دنيا جو ناياب چنڪارا (غزالي ) هرڻ ، 100 کان 200 لي اندر روجهه ، 25 وائلڊ ايس (جهنگلي گڏ هه ) جي هن مختصر انگ سان گڏ تتر ، پاريهر ، هولو ، ڪاٺ ڪٽو، گجهه ، دوڏو (ننڍي کنڊ جو صحرائي ڪانءَ )، جهرڪين جا مختلف قسم ، ٻاٽيٻڙ ٿر جائو، گوه نوريئڙو، گدڙ، بگهڙ، چراغ سميت مختلف نانگن بلائن ، جانورن ۽ پکين جا نمونا ملن ٿا، هي انگ ڪيترا سچا آهن ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پنج سال پهرين اهي انگ ٻڌا هئا هن وقت ساڳي انگ اکر آهن پر صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ماحولياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ چاهيون ٿا ته خوبصورت پکي مور ۽ ٻين پکي پکڻ جي، راکن جي رهنمائي ۾ ٿيندڙ اسملنگ ۽ غير فطري نموني آنن جي افزائش وارا عمل هڪدم بند ڪيا وڃن.جهنگلي جيوت جي بچاءِ وارو کاتو ماحوليات ۽ جيوت جي تحفظ لاءِ پاڻ تي لاڳو ٿيندڙ فرض ذميداريون ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان ادا ڪري، ٻي صورت ۾ ماحول دوست ۽ جيوت دوست ڌريون گڏجي پر امن احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.ٿر ۾ حياتياتي انيڪتا کي رسندڙ هر غير فطري هاڃي ۽ هٿرادو بيخ ڪني کي نندو وڃي ۽ هرقسم جي جهنگلي جيوت کي بچائڻ جو عهد ڪندي فطرتي توازن کي قائم رکيو وڃي ٿرپارڪر ڏڪاريل علائقو آهي ڏينهون ڏينهن جهنگلي جيوت ۽ وڻڪاري ڏڪار سبب ختم ٿي رهي آهي وقت جي تقاضا آهي ته ٿر ۾ شڪار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري جاري ڪيل شڪار جون پرمٽون رد ڪيون وڃن.ضلعي ٿرپارڪر طرفان مختلف وقتن تي منظور ڪرايل قراردادن تي حقيقي طور عمل ڪرائيندي وڻن جي غير قانوني ۽ ڪاروباري نوعيت جي هٿرادو ۽ وسيع واڍي کي روڪيو وڃي .جهنگلي جيوت جي شڪار ۽ ٻين انسانيت سوز ڪلورن کي ٻنجو ڏنو وڃي.

س.توهان جي ننڍپڻ جو ڪو
يادگار واقعو جيڪو توهان کي سڄي زندگي ياد رهيوآهي؟
ج. منهنجو ننڍپڻ عام ٿري ٻار
وانگر پيڙائن ۽ پنڌن ۾ گذريو آهي،آئون بنيادي طور حجابي رهيو آهيان،ڪيترائي دفعا
مون دوستن توڙي رشتيدارن جي گھر وڃي حجاب ۾ ماني به ڪونه کاڌي هوندي.مون جڏهن اٺين
ڪلاس جو امتحان ڏنو تڏهن منهنجي اسڪول ۾ پوزيشن آئي
هئي.اسان جي استاد مون کي داد ڏيڻ جي بدران مون کي سڏي چماٽ هنئي هئي،ڇو ته آئون
ٽوشن نه پڙهندو هوس.استاد چيو تنهنجون مارڪون ايتريون ڪيئن آيون مون وٽ ٽوشن
پڙهندڙن جون به ايتريون نه آيون آهن.اُها چماٽ آئون ڪڏهن وساري نه سگهيو آهيان،اڄ
به جڏهن ڪو سٺو ڪم ڪري ويندو آهيان ته جس کان وڌيڪ چماٽ جو ڊپ لڳندو آهي.ڪبير ڀڳت
سچ چيو آهي ته.
”ساچي ڪو جڳ نه راچي جهوٺا مني نه
رام ڪهي ڪبير ڪيا ڪرو
ڀاري هين دونون ڪام“
اسان جو سماج وڏو استاد آهي الائي
ڇا ڇا سيکاري ٿو ،الائي ڪيئن ڪيئن چماٽون هڻي ٿو.
س. توهان کي شاعري جو شوق ڪڏهن
۽ ڪيئن ٿيو؟
ج. شاعري مون اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ
دوران شروع ڪئي هئي، ڪچو ڦڪو لکندو ويس اڄ به لکندو رهندو آهيان. ڳوٺ ڇهي ۾ ڀڳت
گائڪن ۾ ڏامو مينگهواڙ،سونو مينگھواڙ کان اوچي ڪوٽي شاعر ڪبير،تلسي داس،بلي شاهه
۽شاهه لطيف جي شاعري ٻڌڻ لاءِ ملي،پوءِ شاعري جي ڪتابن کي پڙهيو. منهنجو پنهنجي
لکڻين سان ڪڏهن ڪڏهن عجيب رويو ٿي ويندو آهي. پنهنجي شاعري جي هڪ ڊائري مون پنهنجن
هٿن سان جلائي هئي، ڊائري جلائي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. شاعري منهنجي اهڙي حرڪت تي مون
کان رسي ويئي، مون شاعري کي راضي ڪرڻ ۽ ان جي سراپ کي اتارڻ جي لاءِ نثر جا دان
ڪيا آهن،اڃان ڪندو رهان ٿو.
س. توهان ٿر جي لوڪ ادب ۽ ثقافتي شاعري تي ڪهڙي ريت ڪم ڪيو
آهي؟
ج. مون عجيب ريت ڪم ڪيو آهي،ڪڏهن
ترجما ته ڪڏهن صحافتي ذميواري ۾ روٽين جي نيوز ۽ اسٽوري ۾ پاڻ کي سموئي رکيو ته
ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن وري لوڪ ادب جي لکڻين کي سهڙڻ ۾ پاڻ کي مصروف رکيو،2004ع ۾ ٿر
جي چارڻ قبيلي جي شاعري تي تحقيق ڪري ”چتر ٻولي چارڻا“ ۽ ”ڪوي بانڪي داس چارڻ“ جي
عمرڪوٽ ته سرجيل ”همروٽ ڇتيسي “کي سهيڙڻ جو ڪم مڪمل ڪيو.منهنجي دوست دليپ ڪوٺاري
جو خيال هو ته لوڪ ادب وارو مواد ڇپرائجي، پر مون ڇپرائڻ نٿي چاهيوڇاڪاڻ ته مون
چاهيو ٿي ته اڃان هُن ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻجن،پوءِ دليپ جيئن ته فيصلو ڪري چڪو هو
ته منهنجو ڪتاب ڇپائي ،هُن جي انهي محبتن جي موٽ ۾ مون ٻن راتين ۾ ويهي ٿر ۾
وسڪاري جي مند ۾ ڳائيجندڙ لوڪ شاعري جو
ننڍڙوڪتابڙو”گيت ساوڻ من ڀاوڻ“سهيڙي ڏنو ۽ اهو نيهن پبلڪشن پاران دليپ
2004ع ۾ ڇپرايو،ڪتاب ڇا ڇپيو؟ تمام گهڻي موٽ ملي. سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ بڪ
رويوڇپيا،اهڙي ريت 2011ع ۾ منهنجي شاعري جو مجموعو ”مرڪن مالهائون“شايع
ڪرايو،هن وقت به چتر ٻولي چارڻا،همروٽ ڇتيسي سميت ٿر جي لوڪ شاعري،ٿر جي لوڪ
ڪردارن جي خاڪن تي ٻن ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.منهنجو چاچو هيمراج سگهڙ
هو، بابا سائين فقير مزاج پورهيت لوڪ گفتار جو ڄاڻو آهي، منهنجو هڪ چاچو ڀڳت سترام داس ڀڳتي رنگ جو ڳائڪ
آهي، منهنجا ٻه عزيز کيئنراج جڳتاڻي ۽ راڻومل ايم جڳتاڻي سگهڙ سياڻا آهن انهن
سمورن جي خانداني اثر ۾ مون کي لوڪ ادب ورثي ۾ مليو.
س. توهان جي نظر ۾ ٿر جي صحافتي ڪردار جي ڪهڙي
حيثيت آهي؟
ج. ٿر رابطاڪاري جي عمل ۾ تمام
تيز رهيو آهي،ٿر جي لڪڙ تار تمام گهڻي مشهور آهي،مثبت روين سڀائن ۽ انسان دوستي،ماحول
دوستي ۽ ادب جي اعلي تخليقن کي لڪڙ تار جيئان ڦهلائڻ گهرجي.ٿر ۾ صحافت جي تمام وڏي
تاريخ موجود آهي.محمد عثمان ڏيپلائي 1945ع ۾ هٿ سان لکي ”فرحت آثار“نالي
اخبار جاري ڪئي ۽ پوءِ هن حيدرآباد مان عبرت اخبار ۽ انسان نالي رسالو جاري ڪيو.ٿر
۾ عثمان ڏيپلائي کان پوءِ مسڪين جهان خان کوسي،محمد بخش مجنون،مجاھد آچار،حسن
پسايو،عبدلقادر جوڻيجي،سهيل سانگي،سڪندرجنجهي،سنڀو هميراڻي،غلام محمد
جنجهي،عبدالحميد منڱريو،دوست محمد ڏيپلائي، معصوم ٿري صحافت کي پروان چاڙهڻ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.90ع جي ڏهاڪي کان پوءِ ٿر جي شهرن ۾ پريس ڪلب قائم ٿيا،غلام
حسين محمداڻي، پريم شيواڻي، کاٽائو جاني، نندلال لوهاڻي، لڇمڻ ٿري، اوم شرما، حمزو
خان رند، ممتاز نهڙيو، اعجاز بجير، ساجد بجير،گلزاراوٺو،حنيف بجير، آڪاش
سنتورائي،شيوڪ سانگي، سترام داس سانگي، رمضان نهڙيو، عبدالغني بجير، غازي بجير،
قربان کوسو، غلام علي کوسو، سليم کوسو، غازي خان کوسو،غازي نهڙيو، شنڪر باغي، دولت
ٿري، نظام سمون، سنجئه ساڌواڻي، علي گل رند، بشير سميجو،اسد فقير،اشوڪ شرما، الياس
ٿري آزاد نهڙيو، ولي نهڙيو، لياقت نهڙيو، عبدالرحمان سميت ڪيترن صحافين جي
جستجو ۽ محنتن سان ٿر جو ڪيس مختلف وقتن تي ميڊيا تي نروار ٿيو آهي.هن وقت به ٿر
جي صحافين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.ڏيهي توڙي عالمي ميڊيا ۾ سهيل سانگي، رياض
سهيل،امر گرڙي، کاٽائو جاني، محمد حنيف سمي، عثمان راهوڪڙي، سليم
شيخ،اعجازشيخ وسعت الله خان، محمد حنيف زئي ۽ ٻين ساٿين ٿر
جي ڏڪارن ،مشڪلاتن، سماجي مسئلن، ماحولياتي تباهي تي لکي ٿر جي مسئلن جي نشاندهي
ڪري سڌاري ۽ ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
س. ٿر ادب، شاعري ۽ آرٽ جي
حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟
ج. ٿر ادب ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. موجوده
وقت ۾سائينداد ساند سنڌي غزل جي نمائندن شاعرن منجهان هڪ آهي،مزاحمتي شاعري ۾ حليم
باغي جهڙو ڪير لکي سگهي ٿو؟ حاجي ساند،خليل ڪنڀار۽امرساهڙنظم جا نرالا شاعر آهن.
شنڪرساگر، هريش ڊي لهاڻو،محمد هنڱورجو،ساگر خاصخيلي، اسلم ڪنڀار،حسين نوشاد،فيض
محمد فراقي ،گل گوماڻي، پرتاب شيواڻي، شهاب نهڙي، ناشاد سمون،چمن آر ٿري، مڪيش
راجا، تيرٿ جهانگي،ارباب احسان،گلاب راءِ گل،دليپ دوشي، منصور عالم، حڪيم پلي،
امام آزاد جنجهي، نثار بلوچ، حنيف سمون، مسعود ڏيپلائي،عبدالله آس هنڱورجو،الماس
نهڙيو، وفا محمود ۽ ٻيا نوجوان ٿرجا نمائندا شاعر آهن.عبدالقادر جوڻيجي جون
ڪهاڻيون ۽ ڊراما ڪنهن کان وسريا نه آهن،حاجي ڪنڀار ڪهاڻين ۾ نواڻ آندي.سنڌي ۾
”امان بادشاهه ڪڏهن ايندو“، ”وٺي جون واٽون“ ،۽ نصير ”چالهين پتي، مهاڳو، وارياسو وجود“ جهڙيون مشهور
ڪهاڻيون ڏنيون. نوراحمد جنجهي،دليپ ڪوٺاري، خالد ڪنڀار، دولت کتري، تولارام سوٽهڙ،
اشرف سمون۽ ٻيا دوست نثر ۾ تمام سٺو لکي رهيا آهن.
ادب ۽ آرٽ جي لاءِ اتساهه جو ذريعو رهيو آهي.ٿر جي اديبن کي ادبي ادارن ۽ ثقافتي کاتي تمام گھٽ موقعا ڏنا آهن،ثقافت کاتي توڙي ڪنهن ادبي اداري ڪڏهن رائچند هريجن جي ورسي نه ملهائي آهي.موهن ڀڳت جو ڏيهاڙو نه ملهايو آهي،ايستائين جو سنڌ جي لاکيڻي راڳي صادق فقير کي ڀيٽا ڏيڻ جو ڪم نه ٿيو آهي.ٿر ۾ مراد فقير تمام وڏو ڳائڻو هو.استاد شفيع فقير سنڌ ۾ هن وقت فن جو استاد راڳي آهي ،ع ق شيخ جهڙو چترڪاري ڪٿي به ڪونهي، هن جي فن پارن جي مٺي يا ڇاڇري ۾ به نمائش نه ٿي آهي.مير محمد لنڊ کي وساريو ويو آهي، سنڌ ۾ بوڙيندو وڄائڻ وارو واحد فنڪار ذولفقار لنڊ آهي، شايد ڪماچي وڄائڻ وارو شڪور فقير کان سواءِ ڪير نه آهي. شيخ اياز صدين جو سُرڄڻهار هوهُن جڏهن مکي نهالچند جي اوطاق تي ٿر جا لوڪ گيت ٻڌا ته هُن کان بي اختياري مان رڙنڪري ويئي ۽ چيو ته ڪاش سڄي سنڌ ٿر هجي جنهن جي جواب ۾ مکي نهالچند چيوته سائين سڄو ٿر سنڌ جيان سائو هجي. شيخ اياز جڏهن ننگرپارڪر ۾ چنديرام ڀاٽ جا شعر ٻڌا ته وري هن کان بي اختيار نڪري ويو ته؛“هي شعر نه آهن پر پٿر ته لڪيرون آهن،”اهڙي فطري حسناڪي وارا شعرمون پوري راجسٿاني ادب ۾ نه پڙهيا آهن ،شيخ اياز جهڙي شاعر چنديرام ڀاٽ مان اتساه وٺندي ڀرج گرج ڀٽياڻي جهڙِي شاعري سُرجي.

س. توهان نوجوانن کي ڪهڙو پيغام
ڏيندا؟
ج.آئون بنيادي طور تي هن نقطي جو قائل
آهيان ته چڱائي جو عمل جتي به ڏسجي انهي کي عام ڪجي،عوام کي اڪسائجي، جيڪڏهن ڪوئي
چڱو عمل ڪري جي هر ريت ساراهه ڪرڻ گھرجي.سماج ۾ مثبت روين ۽ سڀائن کي اپنائڻ جي
ضرورت آهي.منفي لاڙن کي روڪجي، سهپ ۽ رواداري کي وڌائجي.ٿر جي ماڻهن ڇپني جهڙا
ڏڪاربه ڏٺا، ڪنڊي جي ڇوڏن کي ڪجھ داڻن جي لپ سان پيهي کاڌا. لک لکاسڻا هوندي به
جيئڻ جي جستجوجاري رکي.هن وقت ٿر ۾ خودڪشين جا واقعا معمولي ڳالهين تي وڌي رهيا
آهن ،انهن جو سماجي جائزو وٺي روڪٿام ڪرڻ گهرجي. پوئين پهر ٿي ويل انسانيت جي آواز
کي هٿي ڏيئي گونجائجي.
August 2015
BS partII Bhanomal
رول نمبر(27)
Writing skill work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
--------------------------------------------------- FIRST VERSION --------------------------------
ڀانومل رول نمبر(27)
ٿر جي وارياسي علائقي سان تعلق رکندڙ
سنڌ ۽ ٿر سان محبت ڪندڙ ٿر واسي ليکڪ،شاعر،محقق ۽ صحافي نثري ادب ۾ باوقار
ڪردار رکندڙ نوجوان ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ ولد ڪانجي مل سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ
ليکڪ ٿر جي سوين ماڻهن وانگر انداز تاريخ مطابق 17 فيبروري 1982ع ۾
جنم ورتو. چيلهار ڀرسان ڳوٺ سوٽهڙن جي تڙ ۾ بچپن گذاريو ۽ پوءِ چيلهار شهر اچي
وسايو.شروعاتي تعليم ڳوٺ ڇهو تعلقي ڏيپلو ۾ ورتي. ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول مٺي مان ڪئي،
انٽر ڊگري ڪاليج مٺي مان 1999ع
۾ پاس ڪيو.اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
حيدرآباد جو رخ ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سوشالاجي جي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلاءِ
ورتي پر هي پوري نه ڪري سگهيو، ۽ اچي مٺي شهر ۾ هفتيوار ٿر نيوز ۽ ٿر ميگزين ڪڍڻ
شروع ڪيو ،جيڪو سلسلو تقريبن چار سال هليو . يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران هن مختلف سنڌي
اخبارن ۾ سب ايڊيٽر طور هن ڪم شروع ڪيو، پهرين
هن دعا اخبار ۾ چاچي سهيل سانگي جي نگراني ۾ سب ايڊيٽر هو.بقايا رهيل تعليم پوري ڪرڻ لاءِ هن ڪاليج سائيڊ (بي
اي) ڪئي،انکانپوءِ (ايم اي) سنڌي ۾ ۽ قانون جي شوق جي ڪري هن (L.L.B(ميرپورخاص (Law) ڪاليج ۾ ڪئي.هن ٿر جي اصلوڪين رهواسين ڪولهي قبيلي تي اينٿروپالاجي جو شوق جاڳيو تڏهن هن ۽ هن جي دوست رحمان لغاري گڏجي انگريزي ۾
تحقيقي رسالو ڇپايو.هن ويدوياس جي تسلسل مهاڀارت اڪليون ڀيل وانگر ڪلاس کان ٻاهر
رهي اينٿروپالاجي کي پڙهيو ۽ سمجهيو.اڄ به هي پنهنجو پاڻ کي اينٿروپالاجيجو شاگرد
سمجهندو آهي .
س.سائين توهان کي ادب ۾ ڪيئن شوق ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو؟
ج.بنيادي طور تي منهنجي ادبي اوثر ۾ منهنجي پرائمري وارا ڏينهڙا وڏا مددگار
ثابت ٿيا،منهنجي ناننڻ۾ منهنجا پنج ماما منهنجا استاد هئا جيڪي روزانو جي بنياد تي
شهر مان اخبارون گهريئندا هئا ۽ منهنجو نانو 1952 ۾ استاد هو،هن ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ
سان گڏ ادبي ڪتاب ميڙي رکيا هئا،وڏي ڪاٺ جي پيتي ادبي ڪتابن سان ڀريل هئي،مون
پنهنجي شروعاتي تعليم دوران اهي سڀ ڪتاب پڙهيا،نصاب سان گڏ اخبارن ،رسالن،۽ڪاٺ ۾
پيل ادبي ڪتابن مون تي وڏو اثر وڌو.هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران آئون ڪلاس جو مانيٽر
هوندو هوئس اسڪول ۾ ڇوڪرن جي ڏهه روپيا فيس هوندي هئي اها في آئون گڏ ڪندو هوئس
اهي پئسا پنج ڏهه ڏينهن مون هوندا هئا.اهي پئسا آئون شاهه لطيف لائيبريري مٺي مان
ٻيڻي قيمت ڏيئي پڙهائي جي کڻي ويندو هوئس،ٻه ٽه ڏينهن ۾ ڪتاب پڙهي واپس ڪري پئسا
وٺي اسڪول جي فيس جمح ڪرائيندو هوئس ،ايئن مون شاهه لطيف لائيبريري جا ڪتاب
پڙهيا.مٺي ۾ سماجي تنظيم ۾ نوڪري ڪرڻ دوران هڪ ٻئي دوست موسن سنڀو هميراڻي پنهنجي
لائيبريري جا ڪتاب مٺي آندا اتي انهي جي جاءِ تي پڙهيا.نائين ۽ ڏهين ۾ هڪ بيو دوست
ڍاڪلي جو دوست عبدلاحئي عرف پارس پريمي مٺي ۾ اچي اسان جو ڪلاسي بڻيو،پارس پريمي
جي ڪري ڀاءِ ايم ايڇ ڏڪي ۽ ڏاهو مل ڏوٿي به مٺي ۾ مليا.انهن جي ڪچهرين ادبي لوڀ کي
وڌايو.ساڳئي وقت ٿر ڪتاب گهر جي سامهون رتن جي هوٽل تي صادق فقير جي سرواڻي ۾ مٺي
جا لکڻ پڙهڻ وارا سڀ دوست اچي گڏ ٿيندا هئا،انهي ڪچهري ۾ ادب، سياست ۽ سماجايت
سميت سمورا موضوع ٻڌڻ جي لاءِ ملندا هئا.انهي اٿر ۾ رهندي مون پنهنجي ادب جي طرف
وک وڌائي.
س. صحافت جوشوق ڪڏهن ٿيو ۽ صحافت جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟
ج. منهنجي پهرين ترجمو ٿيل لکڻي ٽالسٽا جي ڪهاڻي، 1999ع ، ۽ خوشبو جو موت،عبرت
ميگزين ۾ ڇپي.انهي کانپوءِ ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ رضي علياصابري جو گڏيل موجمو اڇوت
لوگون ڪا ادب ترجمو ڪري عبرت ،جاگو ۽ ٻين اخبارن ۾ قسطوارڇپايو.مون 1997 ع۾ صحافت
جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ پريس ڪلب مٺي جو ميمبر ٿيس،روزنامه بختاور،سوال،هلال
پاڪستان،الک،پاڪ،جو مختلف وقتن تي نمائيندو رهيس،1998عآل سنڌ صحافي ڪنوينشن ۾ شرڪت
ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيس ايئن صحافت،ادب ۽ شاعري جو شوق ٿيو.
س. توهان جي نظر ۾ ٿر سماجي طور تي ڪيئن آهي ۽ ڪيئن هوئڻ کپي؟
ج. ٿر سماجي طور تي تمام گهڻو تبديل تيزي سان تبديل ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو
آهي،ڳوٺن ۾ گڏيل طور تي ڪچهريون ، رس رهاڻ،اخلاقيات ۽ ثقافتي تاڃي پيٽااڻڻ جا
موقعا هاڻي تمام گهٽجي ويا آهن.بنيادي طور تي ٿر اوپن ايئر جهڙي حيثيت رکي
ٿو.اينٿروپالاجي،آرڪالاجي،سماجي سائنس،ماس ڪميونيڪشن ۽ ثقافت جي شاگردن جي سکڻ
لاءِ تمام وڏو مواد موجود آهي،رائچند هريجن،مگهارام اوجھا،محمد عثمان
ڏيپلائي،مسڪين جهان خان کوسو،ولي رام ولڀ سهيل سانگي انهن جي لکڻين تي تحقيق ڪرڻ کپي.ٿر جون ڳوٺاڻيون ڪچهريون آباد
رهن ته اڃان به وڌيڪ نسل درنسل جو ورثومستقبل جي شاگردن تائين پهچي سگھي ٿو.پر اها
ٿر ۾ ٿيندڙ تبديلي انهي ورثي کي سانڍڻ يا منتقل ڪرڻ ۾ اوٿل پٿل آندي آهي.سو انهي
جي ڪري اسان جي استادن ،شاگردن ۽ تحقيق
ڪندڙن کي انهي ڏس ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
س.توهان ٿر جي ماحوليات تي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
ج. مون ٿر ۾ 2004 کان وٺي هڪ ماحولياتي ڪارڪن طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.ٿر مور،هرڻ،روجھ،گھگرال،ڪنڊي،۽ ڪونڀٽ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي حصي جو
ڪم ڪرڻ جي ڀرپور جستجو ڪئي آهي.انهي دوران عجيب ۽ مشڪل گهڙين مان گذريو به
آهيان.(اين جي اوز) جي ورڪر کان وڌيڪ جنوني حد تائين ٿر جي ماحوليات جي لاءِپنهنجن
وکن کي ويچاريندي خوشي ٿيندي آهي.شيخ اياز جي سٽ وانگر صورتحال رهي ٿي.
”آئون اڪيلو سامهون سٿ خنجر خنجر ڪئي هٿ“
س. ٿر جي جاگرفيائي پسگردائي ۽ وائلڊ لائيف جي باري ۾ ڇا ڪرڻ کپي؟
ج. ٿر ملڪ جي مشهور پنج ايڪو ريجن مان هڪ آهي.صحرائي ايڪو ريجن منفرد حيثيت
رکي ٿو.سنڌ صوبي جي ڏهن رامسر سائيڊ مان هڪ رڻ ڪڇ آهي.1980ع کان رڻ ڪڇ وئلڊ لائيف
سينچري ايريا مقرر ٿيل آهي،پر اڄ ڏينهن تائين ڪو مينيجمينٽپلان جڙي نه سگھيو
آهي.ٿرپارڪر جي جھنگلي جيوت جي ڪڏهن سائينسي بنيادن تي سروي نه ٿي آهي.ڪارونجھر جو
علائقو نيشنل پارڪ جي گھرجن مطابق پورو اوتري ٿو،ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو
ڏيئي ٿر جي خوبصورتي/حسناڪي کي بچائي سگھجي ٿو.سنڌ فاريسٽ ايڪٽ (1927ع)موجب ٿر ۾
ٻيلي کاتي جي مخصوص بچاءِ لاءِ پروٽيڪڊ ايريا پڻ مقرر ٿيل آهي،ٻيلي کاتي جي مخصوص
ڪيل علائقي ۽ سينچري ايريا کان ٻاهر ٽن ڪلوميٽرن تائين وڻ وڍڻ يا بندوق جو فائر
ڪرڻ پڻ ڏوهه آهي،پر ٿر پارڪر ۾ وڻن جي واڍي ۽ شڪار جو مزاحمت جوڳو عمل جاري آهي،2005ع
۾ سارس جي آخري جوڙي نرياسر جي ڪپ تي شڪارين ماري ڇڏي ،هاڻي ٿر ٿر جو ماڻهو سارس
پنهنجي لوڪ شاعري ۾ صرف ڳائي سگھي ٿو ڏسي
نه عو سگھي.
”رات سارس ٻوليا درياءِ پيلي رنگ ۾ سُتي ساجن ساريوارگت بهي بهيي گئي انگ“
روجهه به ٿر ۾ ننگرپارڪر واري علائقي ۾ ڪجهه مقدار ۾ بچيا آهن،جھنگلي گڏهه( (Wild Ass جو به نسل به ڪجهه داڻن ۾ ڪارونجهر جي پٽي ۾
موجود آهي.چنڪارا هرڻ به ٿورو بچيو آهي ۽ اهڙي ريت وڻن ۽ ٻوٽن ڏي ڏسنداسين ته به
ڪيترائي ٿر ۾ وڻ ۽ ٻوٽا ناياب ٿي ويا آهن.2010ع ۾وفاقي ماحولياتي وزارت ۽ (UNDP) اداري پاران گڏيل طور
جاري ڪيل پوسٽن ۾ ملڪ جي خشڪ علائقن ۾ خطرن هيٺ آيل/ختم ٿيندڙ وڻن ۾ نت وڻ ڏيکاريا
ويا آهن.جن ۾ پنج وڻ ٿر سان تعلق رکن ٿا.1فوگ2کٻڙ3گگرال4ٿوهر5روهيڙو ۽ ٿر
جو گولڊن ٽري ڪنڊي تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي.ڪنڊي جا پن هٿ سان لاهڻ وارو رواج
ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي،۽ ڪنڊي جون ڪاٺيون به وڍجي ٿر جا کيڪڙا ڀرجي وڪرو ٿي رهيون
آهن،ڪنڊي هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن تي ڏڪار جي سال ۾ چارٻڪريون پلي سگھجن ٿيون.
س. توهان جي ننڍپڻ جو ڪو يادگار وقعو جيڪو توهان کي سڄي زندگي ياد رهيو؟
ج. منهنجو ننڍپڻ تمام عجيب گذريو آهي،انهي ۾ ڏاڍو حجابي رهيو آهيان،ڪيترائي
دفعا مون واسطي وارن جي گھر وڃي حجاب ۾ ماني به ڪونه کاڌي هوندي.مون جڏهن اٺينڪلاس جو امتحان ڏنو تڏهن منهنجي اسڪول ۾ پوزيشن آئي هئي.اسان جي
استاد مون کي داد ڏيڻ جي بدران مون کي سڏي چماٽ هنئي هئي،ڇو ته آئون ٽوشن نه
پڙهندو هوئس.استاد چيو تنهنجون مارڪون ڪيئن آيون مون وٽ ٽوشن پڙهندڙن جون به
ايتريون نه آيون آهن.اُها چماٽ آئون ڪڏهن ڪونه وساريندو آهيان،اڄ به جڏهن ڪو سٺو
ڪم ڪري ويندو آهيان ته جس کان وڌيڪ چماٽ جو ڊپ لڳندو آهي.ڪبير ڀڳت سچ چيو آهي ته.
”ساچي ڪو جڳ نه راچي جهوٺا مني نه رام ڪهي ڪبير ڪيا بٽو بهاري هي دونونڪام“
اسان جو سماج وڏو استاد آهي الائي ڇا ڇا سيکاري ٿو ،الائي ڪيئن ڪيئن چماٽون
هڻي ٿو.
س. توهان کي شاعري جو شوق ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟
ج. شاعري مون اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران شروع ڪئي هئي، ڳوٺ ڇهي ۾ ڀڳت گائڪن ۾
ڏامو مينگهواڙ،سونو مينگھواڙ ۽ اوچي ڪوٽي شاعر ڪبير،تلسي داس،بلي شاهه ۽شاهه لطيف
جي شاعري ٻڌڻ لاءِ ملي،اهڙي ريت شاعري جي هڪ ڊائري مون پنهنجن هٿن سان جلائي
هئي،منهنجو پنهنجي لکڻين سان ڪڏهن ڪڏهن عجيب رويو ٿي ويندو آهي.
س. توهان ٿر جي لوڪ ادب ۽ ثقافتي شاعري تي ڪهڙي ريت ڪم ڪيو آهي؟
ج. مون عجيب ريت ڪم ڪيو آهي،ڪڏهن ترجما ته ڪڏهن صحافتي ذميواري ۾ اُهو روٽين
جي نيوز ۽ ايڪليوزجي اسٽوري ۾ پاڻ کي سموئي رکيو ته ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن وري لوڪ
ادب جي لکڻين کي سهڙڻ ۾ مصروف رکيو،2009ع ۾ ٿر جي چارڻ قبيلي جي شاعري تي تحقيق ڪري
”چتر ٻولي چارڻا“ ۽ ”ڪوي بانڪي داس چارڻ“ جي عمرڪوٽ ته سڏجيل ”همروٽ ڇتيسي “جو ڪم
مڪمل ڪيو.منهنجي دوست دليپ ڪوٺاري جو خيال هو ته آئون ڪتاب ڇپرايان، پر مون چاهيو
ٿي ته اڃان هُن ۾ سڌارا ۽ واڌارا
آڻيان،پوءِ دليپ جيئن ته فيصلو ڪري چڪو هو ته منهنجو ڪتاب ڇپائي ،هُن جي انهي
محبتن جي موٽ ۾ مون ٻن راتين ۾ ويهي ٿر ۾ وسڪاري جي مند ۾ ڳائيجندڙ لوڪ شاعري جو ننڍڙوڪتابڙو”گيت ساوڻ من ڀاوڻ“سهڙي
ڏنو ۽ اهو نيهن پبلڪشن پاران دليپ 2004ع ۾ ڇپرايو،ڪتاب ڇا ڇپيو تمام گهڻي موٽ ملي سنڌي
۽ انگريزي اخبارن ۾ به بڪ رويوڇپيا،اهڙي ريت 2011ع ۾ منهنجي شاعري جو مجموعو ”مرڪن
مهالون“شايع ڪرايو،هن وقت به چتر ٻولي چارڻاهمروٽو ڇتيسي ٿر جي لوڪ
شاعري،سماجي،صحافتي ڪردارن جي خاڪن ته مستمل ڪتاب جيترو مواد موجود آهي.
س. توهان جي نظر ۾ ٿر جي صحافتي ڪردار جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
ج. ٿر رابطاڪاري جي عمل جي تمام تيز رهيو آهي،ٿر جي لڪڙ تار تمام گهڻي مشهور
آهي،مثبت روين سڀائن ۽انسان دوستي ،ماحول
دوستي ۽ ادب جي اعلي تخليقن کي لڪڙ تار جيئان ڦهلائڻ گهرجي.ٿر ۾ صحافت جي تمام وڏي
تاريخ موجود آهي.محمد عثمان ڏيپلائي 1945ع ۾ هٿ سان لکي ”فرحت آثار“نالي
اخبار جاري ڪئي ۽ پوءِ ۽ پوءِ هن حيدرآباد ۾ عبرت اخبار ۽ انسان نالي رسالو جاري
ڪيو.ٿر ۾ عثمان ڏيپلائي کان پوءِ مسڪين جهان خان کوسي،محمد بخش مجنون،مجاھد
آچار،حسن پياسي،عبدلقادر جوڻيجي،سهيل سانگي،سڪندر جنهنجهي،سنڀو هميراڻي،غلام محمد
جنهجنهي،عبدالمجيد منڱريو،دوست محمد ڏيپلائي پروڻ چاڙهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا
ڪيو.90ع جي ڏهاڪي کان پوءِ ٿر جي شهرن ۾ پريس ڪلب قائم ٿيا،ٿر جي صحافين وري جستجو
۽ لڳن سان ٿرين جا ڪيس ميڊيا ۾ آندا آهين.هن وقت به ٿر جي صحافين جو ڪردار ساراهه
جوڳو آهي.عالمي ميڊيا ۾ رياض سهيل،امر گرڙو،اي بي آريسر،اسحاق منڱريو،سليم
شيخ،رمضان چانڊيو ،ايجازشيخ وسطلا خان ٿر جي مشڪلاتن، سماجي مسئلن،ثقافت ۽
ماحوليات تي لکي رهيا آهن.
س. ٿر ادب، شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيترکي ٿو؟
ج. ٿر ادب ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. سائينداد ساند سنڌي غزل جي نمائندا شاعرن
منجهان آهي،حاجي ساند،خلايل ڪنڀار ساگر خاصخيلي،اسلم ڪنڀار،حسين نوشاد،فيض محمد
فراقي ،شام نهڙي،ناشاد سمون،چمن آر ٿري،مڪيش راجا،تيرٿ جهانگي،گلاب راءِ،دليپ دوشي
اهي نوجوان ٽهي جا نمائندا شاعر آهن.عبدالقادر جوڻيجي جون ڪهاڻيون ۽ ڊراما ڪنهن
کان وسريا نه آهن،حاجي ڪنڀار ڪهاڻين ۾ نواڻ آندي.سنڌي ۾ ”امان بادشاهه ڪڏهن
ايندو“، ”وٺي جون واٽون“ ،۽ نصير جي ڪهاڻين ۾ ”چالهين پتي“،”مهاڳو“، ”وارياسو وجود“
جهڙيون مشهور ڪهاڻيون ڏنيون.ٿر ادب ۽ آرٽ جي لاءِ اتساهه جو ذريعو رهيو آهي.ٿر جي
اديبن کي ادبي ادارن ۽ ثقافتي کاتي تمام گھٽ موقعا ڏنا آهن،ثقافت کاتي توڙي ادبي
اداري ڪڏهن رائچند هريجن جي ورسي نه ملهائي آهي.موهن ڀڳت جو ڏيهاڙو نه ملهايو
آهي،ايستائين جو سنڌ جي لاکيڻي راڳي صادق فقير کي ڀيٽا ڏيڻ جو ڪم نه ٿيو آهي.ٿر ۾ مراد فقير تمام وڏو ڳائڻو هو.استاد شفيع
فقير سنڌ ۾ هن وقت فن جو استاد راڳي آهي ،نقشيخ جهڙو چترڪاري ڪٿي به ڪونهي، هن جي
فن پارن جي مٺي يا ڇاڇري ۾ به نمائش نه ٿي آهي.شيخ اياز صدين جو سُرجهارڻ هو،هُن جڏهن
مون کان مکي نهالچند جي اوطاق تي ٿر جا لوڪ گيت ٻڌا ته هُن کان بي اختياري مان
نڪري ويو ۽ چيو ڪاش سڄي سنڌ ٿر هجي،پر مکي نهالچند چيو سڄو ٿر سنڌ جيئان سائو هجي.شيخ
اياز چيو آئون اهڙا گيت ٻڌڻ ٿو چاهيان پوءِ جڏهن ننگرپارڪر ۾ چندرام ڀاٽ جا شعر
ٻڌا ته وري هن بي اختيار ٿي چيو ته هي شعر نه آهن پر پٿر ته لڪيرون آهن،اهڙي فطري
حسناڪي مون ڪٿي ۽ ڪڏهن نه پڙهيا آهن ،شيخ اياز جهڙي شاعر چنديرام ڀاٽ جو اثر
قبوليندي ڀرج گرج ڀٽياڻي جهڙِي شاعري سُرجي.
س. توهان نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
ج.آئون بنيادي طور تي هن نقطي جو ڪائل آهيان ته چڱائي جو عمل جتي به ڏسجي انهي
کي عام ڪجي،عوام کي اڪسائجي ته انهي ته عمل ڪري چڱائي جي هر ريت ساراهه ڪرڻ
گھرجي،سماج ۾ مثبت روين ۽ سڀائن کي اپنائڻ جي ضرورت آهي.منفي لااڙن کي روڪجي سهپ ۽
رواداري کي وڌائجي.ٿر جي ماڻهن ڇپني جهڙا ڏڪار به ڏٺا ،ڪنڊي جي ڇوڏن کي ڪجھ داڻن
جي لپ سان پئي کاڌو. لک لکاسڻ ۾ به جيئڻ جاري رکيو. هن وقت ٿر ۾ خودڪشين جا واقعا معمولي ڳالهين تي
وڌي رهيا آهن ،انهن جو سماجي جائزو وٺي روڪٿام ڪرڻ گهرجي.
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh
This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh
This practical work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Bharumal Amrani, Thar, Chelhar, Mithi, Interview by Bhano Mal
ReplyDelete