Wednesday, September 9, 2015

نفيس احمد شيخ پروفائيل

پروفائيل
 نفيس احمد شيخ
ڀانومل ٽيون سال 27
نفيس احمد شيخ ناشاد جي باري ۾ ڇا لکجي ۽ ڇا نه لکجي سندس شخصيت ئي اهڙي آهي، رُت بهار جهڙي رنگدار ۽ گل وانگر خوشبودارآهي، جنهن کي ڪئيي پاسا ۽ پهلو آهن.ناشاد صاحب جو جنم پهرين نومبر 1947 ع ۾ ٿرپارڪر جي تاريخدان ۽ ليکڪ رائچند راٺوڙ جي گهر ٿيو جنهن تاريخ ريگستان جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو.

 شروعاتي تعليم چيلهار شهر ۾ ۾ پرائي ۽ اعليّ تعليم لاءِ حيدرآباد شهر کي اچي وسايو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌي جي شعبي داخلا ورتائين ۽  ايم اي پاس ڪيائين.نفيس احمد شيخ جو مانائتونالوادب ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي سندس شگفته عالم آشاڪار آهي.پاڻ ورهين جا ورهين سنڌي ادب جي محسن شخصيتن جناب غلام محمد گرامي ۽ راشدي برادري جي ڇانُو ۾ رهيا، سندن علمي ادبي ڪردار ذهانيتن هيٺ سندس ادبي ۽ اخلاقي ترتيب آهي. 

ادب ۾ شروعات ”ٽماهي مهراڻ “ رسالي سان ٿي ۽ هن رسالي ۾ چاليهارو سال خوش اصلوبي سان ڪم ڪيو،ان دوران ڪيترائي خاص نمبر شايع ڪيائون جن ۾ سيرت ،تحريڪ آزادي،سنڌي ادب،راشدي،رني ڪوٽ،تنوير عباسي،شيخ اياز،مرزاقليچ بيگ،گولڊن جوبلي جهڙا نمبر سندن خدمتن ۽ محنتن سان شايع ٿيل اهي پرچا تاريخ ۽ ادب جا اهم دستاويز آهن.سندس ڪيل قابل فخرخدمت عملي لياقت ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي.

سائين جن جي 1964ع کان 2009ع تائين سنڌ ادبي بورڊ ۽ ادارا مهراڻ سان وابستگي رهي.هاڻي فري لاسسنگ (ادبيات/تحقيق) شاهه جي رسالي تيڪم ڪري رهيا آهن، 1978ع ۾ ”نيشنل ڪلچر ايوارڊ“ گورنمينٽ آف پاڪستان منسٽري  ۽ رليجيس۽ افيئر ڏنو،۽ ”اُٺا مينهن ملير“ ڪتاب به سائين جن جو لکيل آهي. مهراڻ اداري ۾ ايڊيٽر جي دوران هن 94 پرچا چپرايا،1986،87،88 ۾ جاپان،فلپائن ۽ ملائيشا جهڙن ملڪن جا ادبي مطالن کي ترتيب ڏنا.ناشاد شيخ جي قابل فخر دوستن ۾ نصير مرزا ،ڊاڪٽر غلام علي الانا،غلام رباني آگرو ۽ ٻيا کوڙ سارا آهن جيڪي ادبي حوالي سان آهن.1980ع ۾ ناشاد کي قومي ادبي پروگرام جي طور تي غير تڪراري ادبي شڪشت جي پيش ڪئي ويئي.پاڪستان جي طرفان 1984 کان 1988ع تائين صوبي سنڌ جي لاءِ پراونشل ڪورآڊينٽر مقرر ڪيو ويو.انهي جي دوران صوبائي آفيس تيار ٿيڻ تائين خدمتون سرانجام ڏنيون، 

ناشاد جي محنتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ادبي بورڊ پاران ريٽائيرمينٽ ٿيڻ کان پوءِ به ٽي سال سنڌ جي ادبي  بورڊ جو ڪم کي سنڀاليو،جيڪو سفر تقريبن 2 نومبر 2009ع تائين جاري رهيو. سنڌ جي عملي ادبي حوالي سان ثقافتي،تحقيقي ۽ ٻين ادبي ڪمن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.سنڌي ادب ۾ گرامر جي چُڪن ته مون کي اڄ به انتهائي افسوس ٿيندو آهي، 

شاعرن ۾ شاهه لطيف،شيخ اياز،عبدلڪريم گدائي جو 1956ع ۾مهراڻ ۾ چپيل شاعر سڄي زندگي ياد رهندو آهي.
”ٿرن تي ٿيندا وسڪارا،سنگهارن ۾ سُڪار ايندو“
بهار ايندو قرار ايندو.....!!!!
ننڍپڻ ۾ شادين مرادين ۾ مٺيءِ جي امر ڪلاڪار مراد فقير جو دلربا آواز اڃان تائين ڪنن ۾ پيو وڄندو آهي.
”وڻن مٿان واهه جي ويهي،ڪانگل ڪئي تو ڳالهه جا،“
ڏي خبر ايندا، ڪڏهن هت محب محرم حال جا. 

زندگي جي سموري سونهن شاعري ۽ موسيقي آهي .شاگردن کي گھرجي ته مختلف مسئلن کي مختلف صورتن ۾ درگذر مقدم رکڻ ۽ مختصر حياتي ۾ هر ڪنهن سان وڌ کان وڌ حُسن سلوڪ جي عملي ڪوشش ڪن.ڪنهن به خوشفهمي کان پرهيز ڪرڻ کپي.


ڀانو مل 27 ٽيون سال 8/09/2015

2 comments:

  1. Dada Saien Jo Profile Tamaam Sutho Likhyo Aa...

    ReplyDelete
  2. Nafees Ahmed Nashad, Thar, Sindhi literature, Mehran, Chelhar,

    ReplyDelete