Tuesday, September 1, 2015

شڪارپور جو تعليمي عروج ۽ هاڻي زوال ok


Revised
شڪارپور جو تعليمي عروج ۽ هاڻي جو زوال
اطهرالدين ابڙو ROLL NO 22
                          شڪارپور جيڪو واپار ۽ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان ته ڏيهه کان ڏيساور تائين پنهجي نالي جي ڇاپ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو تنهن جي شهرين کي ڀلا علم جي روشنيءَ کي منور ڪرڻ جو اُلڪو ڪئين نه هوندو؟ اهي شڪارپوري جيڪي لکين رپيا ٻاهران ڪمائي هتي پنهنجا گهر ۽ اوطاقون اهڙيءَ ريت تعمير ڪرائيندا هئا جو سندن گهر ڪنهن رئيس ۽ نواب جي بنگلي کان گهٽ نه لڳندو هو اتي اهي شڪارپوري ڌن ۽ دولت کي هڙ ۾ سانڀڻ بدران مايا کي دان ڪري اسڪولن جي تعمير ۾ اڳتي وڌندا هئا. انگريزن جي دور ۾ جڏهن اسڪولن جي تعمير جو رواج پيو ۽ ماڻهن مدرسن ۽ اوجھن مان ٻار ڪڍي اسڪول ۾ ويهارڻ شروع ڪيا تڏهن ڏينهن ته ٺهيو پر رات جو به اسڪول هلندا هئا ۽ استاد پنهنجي نوڪريءَ کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه ڳوليندا هئا ۽ نه ئي ڪو سياسي ليڊر سندن پٺي ٺَپي ائين نه چوندا هئا ته علم سيکارڻ نه وڃو.
              اسان جيڪڏهن تاريخ جي ورقن ۾ اکيون وجهي ڏسنداسين ته آسانيءَ سان معلوم ٿيندو ته ابراهام مئٽچٽ جو مبلغ هو ۽ ٿڌي موسم ۾ ڪراچيءَ کان اتر ڏانهن تعليمي، تجارتي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت ڊائريون لکندو هو ، سو 29 اپريل 1854ع واري رپورٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته “60 ڇوڪرا هڪ هنڌو استاد جي رهنمائيءَ ۾ تعليم پرائي رهيا هئا ۽ سڀ جو سڀ انگريزي سکڻ لاءِ آيا هئا” نه صرف ايترو پر شڪارپور جو هر اسڪول پنهنجي تاريخ ۾ هڪ تاريخ رکي ٿو، انهن جي تعمير کان تعليمي سرگرميءَ تائين هر هڪ شخص اسان کي ڪوششون ڪندو نظر ايندو.
           شڪارپور ۾ جڏهن ڪاليج جو افتتاح ٿيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم واري روشني ايئن عام ٿي جيئن ڪنهن آباديءَ ۾ هاڻي بجلي لڳي هجي. نه صرف ايترو پر ميونسپل پارٽي به اِن حوالي سان سرگرم  رهندي هئي، ٻار اسٽيج ڊرامه به ڪندا هئا، ڪلاسن کانپوءِ ڪثرت ۽ راڳ جا ڪلاس به  وٺڻ ۾ پوئتي نه هوندا هئا.
          انگريزن جي دور ۾ جيئين جديد سنڌي ٻولي جي تشڪيل ٿي تيئن ئي تعليم جي ميدان ۾ هڪ انقلاب اچڻ لڳو ۽ ان جون راهون روشن ٿيون، ان کان اول به اسان وٽ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ جيڪي تعليمي ترقيءَ جون وکون کنيون ويون سي به قابلِ تعريف هيون، ان وقت تعليم ترقيءَ لاءِ هئي. مدرسن ۾ صرف ونحو کان ڪريما ۽ انگن اکرن کان علم عروض تائين “علم” سيکاريو ويندو هو. نفرت جو ته نالوئي ڪونه هوندو هو انسان علم کي ترقيءَ لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا سي تعريف جوڳا قدم هئا.
      شڪارپور ۾ تعليم جو نظام مدرسن ۽ مڪتبن کان ئي شروع نه ٿو ٿي هتي “ اوجها ” به عام هئا جتي انگن اکرن سان گڏ ٻيا علم به سيکاريا ويندا هئا. تاريخ ۾ اهڙا 11 اوجها ڄاڻايا ويا آهن. ڀلي جا اهي مدرسن ۽ مڪتبن کان گهٽ آهن پر تعليم جي ڦهلاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ شڪارپور جي ماڻهن جا  اهي قدم ڪيترا ئي ساراهه جوڳا آهن.
شڪارپور ۾ هاڻي تعليم جون راهون ڪيتريون هموار آهن ۽ ڪيترن ڏکين مرحلن مان علم گذرندو پنهنجو سفر جاري رکندو ٿو اچي ان تي ٿورو بحث ڪجي ته خبر پوندي ته تعليمي ادارا جي ڪالهه وارا ساڳيا آهن  شڪارپور ۾ هاڻي 300 پرائمري ۽ 16 مڊل جڏهن ته  ڇوڪرن جا 168، 77 ڇوڪرين جا هاءِ اسڪول ۽ 15 هائير سيڪنڊري توڙي هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز جي ڪاليج سرڪاري انگن اکرن موجب تعليم جي زيور سان ٻارن کي نوازي ٿي. پر ڇا اُتي اُهي  استاد آهن جن وٽ قدر جي نگاه هجي؟ جيڪي علم جي روشنيءَ کي عام ڪرڻ لاءِ مڪمل طور سچا نظر اچن، ڪي ٿورا اهڙا مخلص نظر ايندا جيڪي ملازمت جا فرائض سر انجام ڏيندڙ  ۽ گهڻا اهڙا ملندا جي مشڪل سان پنهنجا پيرڊ به وٺندا هوندا، والدين به ان حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندڙ ثابت ٿين ٿا جيڪي ٻارن جي پويان نظرداري نه ٿا ڪن.ته کين جنهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي تنهن ۾ سي استاد اچن به اٿا يا نه؟؟؟
     شڪارپور ۾ ڪالهه جتي علم جي روشنيءَ جا ڪرڻا سنڌ سموري کي نصيب ٿيندا هئا اڄ اتي هيڏن سارن اسڪولن ۽ سينٽرن هوندي به ٻارن جي علمي اڃ ڪونه ٿي اجهامي، ڪالهه جي علمي شعور کي ان مان پرکي ۽ پروڙي سگهون ٿا ته شڪارپور ۾ عورتون پنهنجا اسڪول هلائي تعليم کي عام ڪنديون هيون، جنهن جو مثال شيخ اياز جي ٻي گهرواريءَ اقبال بيگم جي والده خيرالنساء جو ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن شڪارپور ۾ عورتن جو اسڪول هلائي تعليم کي عام ڪيو، ان کان علاوه سنڌي ادب جي عورت ليکڪائن جي پهرين جوڙ جي ليکڪه بادام ناتوان ڪيئن تعليم کي جاري رکي نانءُ پيدا ڪيو. روشن آرا مغل، اقبال بيگم ۽ ٻيون اهي ته اُهي عورتون هيون جن شڪارپور ۾ ڇوڪرن جي ڪاليجن ۾ تعليم پرائي ان کان سواءِ شڪارپور مان ئي پڙهي سموري هندستان ۾ پهرين مسلمان عورت ڊاڪٽر ٿيڻ واري ساران صديقي به ته شڪارپور جي ان ئي تعليمي ماحول جي پڙهيل هئي ، عبدالحميد دريشاڻي جيڪو شڪارپوري هيو تنهن جڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي انگلش جي ڊگري ورتي ته اهو پهريون مسلمان شاگرد هو جنهن اها ڊگري حاصل ڪئي هئي، تنهن ته سنڌ جي هندن کي ايترو حيران ڪري ڇڏيو هو جو اهي شڪارپور ۾ وٽس پهچي کيس ڏسڻ ۽ ساڻس ملڻ ايندا هئا. ڪتابن جا دفتر ان ڳالهه جي گواهي ٿا ڏين ته  پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ان وقت جي ناليوارن شاعرن ۽ اديبن، سيٺين توڙي شهرين جي در تي شام جو وڃي چوندو هو ته هي منهنجي جهولي اٿوَ ! ٻيلي ٻارن کي پڙهايو. اڄ جڏهن اهڙي ڪا بندش به ناهي ۽ تعليم عام به آهي ته پوءِ تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا ٿا ٿي سگهن؟ ان حوالي سان اهو چوڻ بهتر ٿيندو ته استاد سان گڏ شاگرد ۽ والدين جو تعليم ڏانهن گهٽ ڌيان ڏيڻ ئي تعليم جي تباهي جو سبب آهي، ادارن ۾ ويٺل اسان جا ڪامورا ۽ انهن جي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کان پئسه وٺي انهن کان ڊيوٽي نه وٺندا ته اسڪول وڏيرن جا واڙها ۽ اوطاقون ڇو نه بڻبيون، اهو جڏهن شاگرد ڏسندو ته پوءِ ڪيئن اهو نورالدين سرڪي ٿيندو جيڪو کيئلداس فاني کي شاهه لطيف جا شعر انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو. ڪيئن جو شيخ اياز ٿيندو ؟ ڪيئن ڪو مرليڌر جهڙو ڏاهو وڪيل ٿيندو؟ ڪٿي ڪو آغا محمد يعقوب بڻبو جيڪو قرآن پاڪ ۽ شاه جي رسالي کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري دنيا اڳيان اعليٰ مقام ماڻيندو؟ اڄ ڪوبه ديوان چيلاسنگهه ۽ سيتلداس يا عرض محمد شيخ جهڙو ٿيڻ پسند ئي نه ٿو ڪري جن اعليٰ تعليمي ادارا جوڙائي شهرين کي سک ۽ تعليم جهڙو نور عطا ڪيو. اڄ ڪو پڙهيو ڳڙهيو الله بخش سومري جهڙو ڪردار ادا نه ٿو ڪري . سڀني کي ترقي جي لڳي پئي آهي پر اها سوچ ڪونه پئي ورين ته تعليم سان ويڌن هوندي ته ترقي ڪٿي ٿي سگهندي؟؟؟  ان حوالي سان ڪي تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته ايندڙ نسل شايد ان جملي کي مذاق نه سمجهي ته شڪارپور واپار ۽ سماجي خدمتن سان گڏ علم جي واٽ ۾ به لاٽ ٻاريندڙ رهيو آهي .
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi


-
---------------------------------------FIRST Version----------

Facts, figures and examples are

 missing  آرٽيڪل؛      اطهرالدين ابڙو رول نمبر 22
شڪارپور جو تعليمي عروج ۽ هاڻي جو زوال
اطهرالدين ابڙو

             شڪارپور جيڪو واپار ۽ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان ته ڏيهه کان ڏيساور تائين پنهجي نالي جي ڇاپ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو تنهن جي شهرين کي ڀلا علم جي روشنيءَ کي منور ڪرڻ جو اُلڪو ڪئين نه هوندو؟ اهي شڪارپوري جيڪي لکين رپيا ٻاهران ڪمائي هتي پنهنجا گهر ۽ اوطاقون اهڙيءَ ريت تعمير ڪرائيندا هئا جو سندن گهر ڪنهن رئيس ۽ نواب جي بنگلي کان گهٽ نه لڳندو هو اتي اهي شڪارپوري ڌن ۽ دولت کي هڙ ۾ سانڀڻ بدران مايا کي دان ڪري اسڪولن جي تعمير ۾ اڳتي وڌندا هئا. انگريزن جي دور ۾ جڏهن اسڪولن جي تعمير جو رواج پيو ۽ ماڻهن مدرسن ۽ اوجھن مان ٻار ڪڍي اسڪول ۾ ويهارڻ شروع ڪيا تڏهن ڏينهن ته ٺهيو پر رات جو به اسڪول هلندا هئا ۽ استاد پنهنجي نوڪريءَ کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه ڳوليندا هئا ۽ نه ئي ڪو سياسي ليڊر سندن پٺي ٺَپي ائين نه چوندا هئا ته علم سيکارڻ نه وڃو.

              اسان جيڪڏهن تاريخ جي ورقن ۾ اکيون وجهي ڏسنداسين ته آسانيءَ سان معلوم ٿيندو ته ابراهام مئٽچٽ جو مبلغ هو ۽ ٿڌي موسم ۾ ڪراچيءَ کان اتر ڏانهن تعليمي، تجارتي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت ڊائريون لکندو هو ، سو 29 اپريل 1854ع واري رپورٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته “60 ڇوڪرا هڪ هنڌو استاد جي رهنمائيءَ ۾ تعليم پرائي رهيا هئا ۽ سڀ جو سڀ انگريزي سکڻ لاءِ آيا هئا” نه صرف ايترو پر شڪارپور جو هر اسڪول پنهنجي تاريخ ۾ هڪ تاريخ رکي ٿو، انهن جي تعمير کان تعليمي سرگرميءَ تائين هر هڪ شخص اسان کي ڪوششون ڪندو نظر ايندو.
           شڪارپور ۾ جڏهن ڪاليج جو افتتاح ٿيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم واري روشني ايئن عام ٿي جيئن ڪنهن آباديءَ ۾ هاڻي بجلي لڳي هجي. نه صرف ايترو پر ميونسپل پارٽي به اِن حوالي سان سرگرم  رهندي هئي، ٻار اسٽيج ڊرامه به ڪندا هئا، ڪلاسن کانپوءِ ڪثرت ۽ راڳ جا ڪلاس به  وٺڻ ۾ پوئتي نه هوندا هئا.

          انگريزن جي دور ۾ جيئين جديد سنڌي ٻولي جي تشڪيل ٿي تيئن ئي تعليم جي ميدان ۾ هڪ انقلاب اچڻ لڳو ۽ ان جون راهون روشن ٿيون، ان کان اول به اسان وٽ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ جيڪي تعليمي ترقيءَ جون وکون کنيون ويون سي به قابلِ تعريف هيون، ان وقت تعليم ترقيءَ لاءِ هئي. مدرسن ۾ صرف ونحو کان ڪريما ۽ انگن اکرن کان علم عروض تائين “علم” سيکاريو ويندو هو. نفرت جو ته نالوئي ڪونه هوندو هو انسان علم کي ترقيءَ لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا سي تعريف جوڳا قدم هئا.

      شڪارپور ۾ تعليم جو نظام مدرسن ۽ مڪتبن کان ئي شروع نه ٿو ٿي هتي “ اوجها ” به عام هئا جتي انگن اکرن سان گڏ ٻيا علم به سيکاريا ويندا هئا. تاريخ ۾ اهڙا 11 اوجها ڄاڻايا ويا آهن. ڀلي جا اهي مدرسن ۽ مڪتبن کان گهٽ آهن پر تعليم جي ڦهلاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ شڪارپور جي ماڻهن جا  اهي قدم ڪيترا ئي ساراهه جوڳا آهن.
شڪارپور ۾ هاڻي تعليم جون راهون ڪيتريون هموار آهن ۽ ڪيترن ڏکين مرحلن مان علم گذرندو پنهنجو سفر جاري رکندو ٿو اچي ان تي ٿورو بحث ڪجي ته خبر پوندي ته تعليمي ادارا جي ڪالهه وارا ساڳيا آهن پر اُتي اُهي  استاد ناهن جن وٽ قدر جي نگاه هجي، جيڪي علم جي روشنيءَ کي عام ڪرڻ لاءِ مڪمل طور سچا نظر اچن، ڪي ٿورا اهڙا مخلص نظر ايندا جيڪي ملازمت جا فرائض سر انجام ڏيندڙ  ۽ گهڻا اهڙا ملندا جي مشڪل سان پنهنجا پيرڊ به وٺندا هوندا، والدين به ان حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندڙ ثابت ٿين ٿا جيڪي ٻارن جي پويان نظرداري نه ٿا ڪن.ته کين جنهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي تنهن ۾ سي استاد اچن به اٿا يا نه؟؟؟

     شڪارپور ۾ ڪالهه جتي علم جي روشنيءَ جا ڪرڻا سنڌ سموري کي نصيب ٿيندا هئا اڄ اتي هيڏن سارن اسڪولن ۽ سينٽرن هوندي به ٻارن جي علمي اڃ ڪونه ٿي اجهامي، ان حوالي سان ڪي تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا ته ايندڙ نسل شايد ان جملي کي مذاق نه سمجهي ته شڪارپور واپار ۽ سماجي خدمتن سان گڏ علم جي واٽ ۾ به لاٽ ٻار

1 comment: