Saturday, September 12, 2015

علي اڪبر راهمون سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو  Ok
12.09.2015
علي اڪبر راهمون
ڳالهه ٻولهه
ڌرمداس مهاراج ٽيون سال رول نمبر31
علي اڪبر راهمون سائين جن جو اصل تعلق ڳوٺ ٿرپارڪر جي ڳوٺ تڙدوس سان آه يسائين جو جنم 18 نومبر 1974ع ۾ تڙدوس ۾ ٿيو. ۽ هن وقت سائين جن عمرڪوٽ شهر ۾ رهائيش پذير آهن.علي اڪبر راهمون جي شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ تڙ دوس ۾ حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڇهين کان ٻارهين ڪلاس شهر عمرڪوٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي ،جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ داخلا ورتي جتي 6 مهينا پڙهڻ کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جي اليڪٽرانڪ انجنئيرنگ جي شعبي ۾ داخلا ورتي. 

اتي به ڪجهه عرصو پڙهڻ بعد سندن سوچيو ته مان صرف هڪ انجنيئير ئي ٿيندس ۽ ڪنهن اداري ۾ محدود ٿي ويندس ،سائينجن جي دل ۾ ٿر جي ماروئڙن جي محبت جي ڪري هن انهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هنن سڀ کان  بهترين شعبو صحافت جو چونڊ ڪيو اهو  صحافت جو جنهن ڪري انهن پارٽ ٽائيم ريڊيو پاڪستان جي لاءِ اڍائي سالن تائين ٽائيم ڏنو ان کان پوءُ ڪوشش اخبار جوائن ڪئي ڪجهه عرصو اتي ڪم ڪيو بعد ۾ سنڌ اخبار کي جوائن ڪيو جتي سائين جن تقريبن  8 مهينا ڪم ڪيو انهي ساڳي اخبار ۾ هڪ صفحو شايع ٿيندو هو جنهن جو نالو ه سماجي سٽ ۽ سائين ان صفحي جا انچارج مقرر هئا جنهن  ۾ مختلف اين جي اوز جا ماڻهون مختلف مسئلن ته لکندا هئا، ان دوران سائين جن هڪ اين جي اوز جي ماڻهون سان ڳالهائي اين جي اوز جوائن ڪئي ،ان کان پوءِ سائين جن صحافتي دنيا کي ڇڏي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ اين جي اوز ۾ ٿر جي ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو۽ اين جي اوز جي دنيا ۾ داخل ٿي ويا. ان کان پوءِ 18 آگسٽ 2000ع ۾ آءِ ڊي ايس نالي هڪ اين جي اوز جوائن ڪئي ۽ اين جي اوز جي دنيا ۾ وڌيڪ سفر شروع ڪيو ،اڄ به سائينجن اين جي اوز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ،3نومبر 2009 ع تي اويئر نالي اداري ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ هن وقت اويئر اداري جا پاڻ هيڊ آهن .

س. توهان جي نظر ۾ ٿر جي ترقي ۾ اين جي اوز جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج. اصل ۾ ڪنهن به علائقي جي ترقي جي ذميوار اتي جي حڪومت جي هوندي آهي، ۽ اين جي اوز جو ڪم آه ڪجهه هن ۾ حصو ڏيڻ ۽ ماڻهن کي سماجي طور شعور ڏيڻ خاص طور تي ڳالهه ڪجي ٿر تي ته بلڪل ڪنهن حد تائين ته ٿرين کي شعور ڏيڻ لاءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا جو واضح ڪردار رهيو آهي پر اصل ۾ اهو ڪم حڪومت جو آهي ته مسئلن کي حل ڪري ۽ انهوند کي ختم ڪري.

س.گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ٿر جي تعليم ۾ سڌارو آيو آهي ڇا انهي ۾ ڪنهن اين جي اوز جو ڪردار آهي؟
ج. تعليم ٻه قسمن جي ٿيندي آهي هڪڙي فارمل ۽ ٻي انفارمل  فارمل مان مرد ته جيڪا اسين تعليم ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا آهيون ٻي انفارمل جيڪا اسان صرف مختلف سيمينارن ،ورڪشاپ ۽ ٻين ذريعن سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿئي.سائين اڄڪلهه اسان وٽ اين جي اوز جو ڪردار انفارمل تعليم ته  آهي باقي فارمل تعليم ۾ به اين جي اوز جو ڪردار آهي.

س. ٿر ۾ مختلف اين جي اوز ڪم ڪري رهيو آهن توهان جي نظر ۾ ڪهڙين تنظيمن جو ڪردار مثبت آهي؟
ج. جي سائين اهو چوڻ ته بلڪل مناسب نه آهي ته ڪهڙي اين جي اوز جو مثبت ڪردار آهي جيڪي به تنظيمون ڪم ڪري
رهيون آهن اهي بهتر نموني ڪري رهيون آهن.

س. ڇا ٿر ۾ مختلف اين جي اوز اچڻ جي ڪري بي روزگاري ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي آئي آهي ؟
ج. اين جي اوز جو ڪم جيڪو آي اهو والينٽيئر باقي رهيل ڳالهه ته ڪنهن اين جي اوز جي ڪري ٿر ۾ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿي آهي يا ٿيندي اهو تواقع ڪرڻ  بلڪل غلط آهي ته ڪو تنظيم اچي ۽ ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري روزگار ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي.

س. ايندڙ مسقبل ۾ اين جي اوز کي ڪيئن ٿا ڏسو  ۽ اين جي اوز جي ڪري ٿر ۾ ڪنهن قسم جيي ترقي ايندي ؟
ج. ٿر ۾ اين جي اوز جي حوالي سان مختلف ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار هميشه وڌندو رهي. اين جي اوز جو ڪردار مثبت هئڻ کپي.

س. نوجوان ڊگري يافته جيڪي سرڪاري نوڪري نه ملڻ ڪري اين جي اوز جوائن ڪندڙ لاءِ ڪو صلاح؟
ج. ها بلڪل انهن لاءِ آئون صرف اهو ئي چوندس ته اگر ڪو نوجوان اين جي اوز جوائن ڪري ته ڀلي ڪري پر جيڪڏهن انهن جي دلچسپي آهي نه ته اهي ادراه صرف ٽائيم اڳتي ڌڪڻ وارو ڪم آهي اين جي اوز ۾ اچي زندگي جو مقصد ڪونه حاصل ٿيندو.

س. مختلف سماجي براين جي خاتمي جي حوالي سان اين جي اوز جو ڪهڙو ڪردار آهي؟
ج. هر ڪنهن جو پنهنجو ڪم هوندو آهي ڪنهن جي ريلي ڪڍڻ ۽ مظاهرو ڪرڻ سان اها شيءِ ختم ڪونه ٿيندي آهي، باقي اين جي اوز جو ڪم آهي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون ٺهيل آهن انهن جو استمعال ڪري ان سان
ممڪن آهي خاتمو ٿي وڃي.

س. توهان ڪهڙي سماجي ڀلائي جي شخصيت مان متاثر ٿي اها فيلڊ جوائن ڪئي؟
ج. مون ڪنهن خاص ماڻهون کان متاثر ٿي اها فيلڊ ڪون جوائن ڪئي ٿر جي رهواسي هئڻ جي ناتي سان هتي جي ڏکن کان گهڻو ويجهڙائي سان ڏسي چڪو آهيان ۽ هتي جي هر تڪليف ۾ مان پاڻ گذري چڪو آهيان ان شيءِ کي نظر ۾ رکندي ٿرين جي خدمت ڪرڻ جو شوق جاڳي پيو.

س. سوشل ايڪٽيويٽس جي ناتي سان توهان اسان جي پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهندا؟

ج.مان انهن کي بس اهو ئي چوندس ته جنهن سان جيترو ٿي سگهي اهو هن سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو ڏين .مثال طور 
توهان جيڪڏهن روڊ تي پيل هڪ پٿر هٽايو ٿا ته توهان ڀلائي ۾ شمار ٿيو ٿا، اهڙي طرح سماج ۾ بريون ختم ٿي سگهن ٿيون .  

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

1 comment:

  1. Ali Akber Rahimoon Interview by Dharamdas. Ali Akber Rahimmon, Thar

    ReplyDelete