Tuesday, August 18, 2015

موئن جو دڙو : عبدالسلام سومرو


Photos new and different type are required. poorly written. Unedited
 موئن جو دڙو
 فيچر  عبدالسلام سومرو
رول نمبر 05
انسان جڏهن اڃا زندگي گذارڻ جي اصولن کان واقف ئي نه هو تڏهن سنڌو ماٿريءَ يعني موئن جي دڙي  جا ماڻهو شاندار تهذيب ۽ ثقافت جا مالڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي هر سک سهولت کان واقف هئا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو آڳاٽي زماني کان ئي تمام مهذب، اديب، هنرمند ۽ ڪاروهنوار ۾ سرفهرست رهيا آهن ۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب ”موئن جي دڙي“ جي آڌار تي هميشه سندن مان مٿاهون رهيو آهي.
موئن جو دڙو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، جيڪو تعلقي ڏوڪري کان 07 ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. موئن جي دڙي تي اهو نالو انڪري پيو جو کوٽائيءَ کان اڳ اتي صرف وڏا مٽيءَ جا ڍير هئا جڏهن کوٽائيءَ دوران اتان ڪيترن ئي مئل انسانن جا ڍانچا ۽ هڏيون مليون جنهنڪري ان کي ”مئلن جو ڍير يعني موئن جو دڙو“ سڏيو ويو.
انگريزن جي دور ۾ سن 1920۾ انگريز آرڪيالاجسٽ نالي آر ڊي بينارجي ٻڌ مذهب جا اهڃاڻ ڳولهي لهڻ لاءِ هتي پهتو ته کيس ان مذهب سميت هڪ مڪمل تهذيب جا آثار پڻ مليا جنهنڪري وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ جي جستجو پيدا ٿي ۽ ايئن اڳتي هلي 1922 ۾ انگريز ماهر آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل ڀرپور نموني کوٽائي ڪرائي هڪ شاندار ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب“ موئن جو دڙو دنيا جي سامهون آندو. ان کوٽائيءَ دوران انسانن ۽ جانورن جي ڪيترين ئي هڏين سميت سوَن جي تعداد ۾ قيمتي شيون پڻ مليون جن ۾ سون ۽ چاندي جازيور، ٺڪر جا ٿانو، مهرون ( جن تي لکيل ٻولي اڄ تائين به ڪير نه سمجھي سگهيو آهي)، هڪ ناچڻي ڇوڪريءَ (سمبارا) جو مجسمو (جنهن کي موئن جي دڙي جي بهترين ڳولها چون ٿا)، هٿيار ۽ رانديڪا وغيره اچي وڃن ٿا، اهي سڀ شيون موئن جي دڙي تي واقع عجائب گهر (ميوزم) ۾ اڄ به موجود آهن. اهو عجائب گهر ايترو ته سهڻو ۽ دلڪش جڙيل آهي جو ڏسڻ سان ماڻهو اچرج ۾ اچيو وڃي.
بهرحال جيئن جيئن کوٽائي هلندي رهي ته هڪ تمام ترقي يافته ۽ بهترين منصوبه بنديءَ تحت اڏيل شهر جا آثار ملڻ لڳا ۽ معلوم ٿيو ته اهو سهڻي نقشي تي ٻڌل هڪ شهر هو جتي پڪين سرن سان ٺهيل گهر، ڪشاديون گهٽيون، روڊ رستا، بهترين نيڪال جو نظام هو ۽ هيءُ شهر واپار جو پڻ وڏو مرڪز ٿي رهيو آهي جنهنڪري هتي جا ماڻهو پڻ معاشي طور سگهارا هئا. سمورو شهر قلعي جي صورت ۾ حملي آورن کان محفوظ رکيو ويو هو جنهن ۾ مورچا پڻ ٺهيل هئا جتي سپاهي هر وقت پهري ۾ بيٺل هوندا هئا، جيڪا ڳالھ هن شهر کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي پئي.
موئن جو دڙو قديم ماڳ جي حيثيت رکڻ سان گڏوگڏ شاندار تفريحي ماڳ پڻ آهي جو اتي تمام قديم آثار، عجائب گهر، باغ باغيچا ۽ وڻڪاري آهي. جنهنڪري ماڻهو ٻاهرين ملڪن کان ڪهي اچي سير تفريح ۽ تحقيق ڪندا آهن. 
عام ڏينهن ۾ ته هتي مزو ئي مزو هوندو آهي پر 06 ڊسمبر قومي ايڪتا جي ڏينهن ۽ هر عيد جي پهرين ٽن ڏينهن تي ”موئن جو دڙو“  گهمڻ وٽان هوندو آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن تي هتي کاڌي پيتي سميت هر قسم جا دڪان ۽ اسٽال وغيره لڳايا ويندا آهن ۽ ماڻهو پري پري کان ڪهي پنهنجي عظيم تهذيب ۽ ثقافت جو ڀرم رکندي هتي پهچي لطف اندوز ٿين ٿا. اهي سڀئي ڏينهن ڄڻ ته هتي ميلو متو پيو هوندو آهي. ان موقعي تي موئن جي دڙي تان هٿ آيل شين جهڙوڪ رانديڪا، ڍڳي گاڏيون ۽ مهرون پڻ ثقافتي ورثي طور وڪرو ڪيون وينديون آهن.
هن وقت اهڙن قديم ماڳن ڏانهن مناسب توجھ نه پئي ڏني وڃي. 2012 ع ۾ هڪ پاڪستاني آرڪيالاجسٽ موئن جي دڙي جو جائزو وٺندي اها اڳڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن هن قديم ماڳ جي اڃا به سارسنڀال نه ڪئي وئي ته شايد 2030ع تائين سنڌ موئن جي دڙي جهڙي عظيم ثقافتي ورثي کان محروم ٿي وڃي.
موئن جي دڙي جي موجوده حالت اها آهي جو سموري زمين سِم ۽ ڪلر جي ور چڙهي چڪي آهي جهنڪري ڀتيون ۽ اسٽوپا ڏينهون ڏينهن کنڊرن ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. انڪري آرڪيالاجي شعبي جي اختيارين کي گهرجي ته هن قديم ماڳ ڏانهن ڌيان ڏين ته جيئن ”موئن جو دڙو“ پنهنجي عظمت ۽ وجود نه وڃائي ويهي ۽ سنڌ جا ماڻهو هن عظيم ثقافتي ورثي کان محروم نه ٿي وڃن.

عبدالسلام سومرو
BS-III Second semester, August 2015
This practical work was carried out under supervision of Sir Sohail Sangi
   
   

No comments:

Post a Comment