Wednesday, August 19, 2015

انٽرويو نياز حسين بوداڻي زراعت ماهر ۽ زميندار

Ask him policies of different govts how benifited or harmed the agriculture?  Why big landlords are opting for cash crop? crises of cotton and sugar cane prices? will trade with India benifit Sindh growers

رسول بخش بوداڻي                                            تاريخ 20 آگسٽ 2015
انٽرويو نياز حسين بوداڻي (زراعت ماهر ۽ زميندار)

نياز حُسين بوداڻي جو جنم 15 جولاء 1975ع م  ضلع سانگهڙ جي شهر شهدادپور جي ڀر ۾ ڳوٺ محمد علي بوداڻي ٿيو هي شخص گذريل 20 سالن کان زراعت بابت مختلف فصلن جي مرض ، گهٽ خرچ زريعي وڌيڪ فصل حاصل ڪرڻ ، پاڻي جو گهٽ استعمال ڪئين ڪجي، جهڙن مسئلن تي تحقيقي ڪم ڪندو اچي پيو  سندس زراعت ۾ مهارت هئڻ ڪري سنڌ کان  علاوه ٻين صوبن جا ماڻهو پڻ زراعت بابت وقت به وقت معلومات حاصل ڪندا رهن ٿا، ان کان علاوه (سافڪو) اين جي او ۾ پڻ گورننگ باڊي جو ميمبر آهي ، پاڻي جي مسئلن ۽ زراعت جي ٻين مسئلن بابت مختلف يونيوسٽيز ۽ ٻين سيمنارز ۾ پڻ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو  ، ٻي ڳالهه ته هي هڪ سوشل ورڪر پڻ آهي، جيڪو پنهنجو ڳوٺ کان علاوه ٻين علائقن جا ترقياتي ڪم پڻ ڪرايا آهن. 

س .  سنڌ جي تباهه ٿيندڙ زراعت بابت اوهان جو ڇا رايو رکو ٿا؟
ج. ان ڪري جو گورنمنٽ جو ڌيان زراعت ڏانهن نه هئڻ برابر آهي، ٻيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ زراعت کي اها سبسڊي ناهي ملي رهي جيڪا ملڻ گهرجي ان ڪري زميندار يا هاري اهو منافعو ناهي ملي رهيو.
ٻيو ته هتي جيڪي ڪمپنيون دوائون ۽ ڀاڻ ڏئي اهي معياري ناهن ، ڪمپنيون صرف پيسا ٺاهڻ ۾ پوريو آهن ، ان ڪري زراعت جو شعبو ڏينهون ڏينهن پُٺ تي پئجي رهيو آهي.

س. سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن ۾ شعور ڪئين ڦهلائجي؟
ج. آبادگار يا هاري ايستائين زراعت تي توجهه نه ڏيندو جيستائين هن کي جنسن جا سٺا ريٽ نه ملندا ، سٺا اگهه ملڻ سان هو پنهنجي فصل ته محنت ڪندو ۽ وڌيڪ فصل حاصل ڪندو.

س. اوهان زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ ڄاڻ رکو ٿا ڇا اوهان اهڙا پروگرام يا سصمينار ڪرايا آهن جنهن ذريعي آبادگارن کي سٺي ڄاڻ ملي؟
ج. اسان مختلف ڪمپنين ۽ “شاهه لطيف فارم هائوس” پاران زراعت بابت مختلف اشوز تي  پروگرام  ڪرايا آهن ، جن ۾ مختلف شين جي باري ۾ آبادگارن کي معلومات فراهم ڪئي وئي آهي ؛ ان کان علاوه جنهن به آبادگار يا هاري کي مختلف مسئلن بابت پُڇا ڪرڻي هوندي آهي انهن کي آئون معلومات بنا ججهڪ ۽ بنا لوڀ لالچ  فراهم ڪندو آهيان ، اهو به بلڪل سادي ۽ آسان طريقي سان انهن کي سمجهائيندو آهيان ته جئين اهي زرعي فصل وڌ کان وڌ حاصل ڪري پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.

س. زرعي جنسن جا اگهه ڪري رهيا آهن ، بحيثيت ماهر زراعت اوهان ڇا رايو رکو ٿا ؟
ج؛ ڪجهه اگهه ته هٿ ٺوڪي ڪرايا پيا وڃن ، ٻيو ته ايڪسپورٽ گهٽ هئڻ ۽ امپورٽ وڌيڪ هئڻ ڪري به زرعي جنسن جا اگهه ڪري رهيا آهن.

س. موجوده زراعت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙا اُپا ورتا وڃن؟
ج. جيڪي به زراعت جا انپٽس آنهن تي سبسڊي ڏني وڃي ، جئين اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جو مثال آهي، اتان جي گورنمينٽ آبادگارن کي زرعي هر، فرٽيلائيزر ۽ دوائون تي سبسڊي  ڏني وڃي . ائين ئي پاڪستان حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن زرعي استعمال جي شين  تي سبسڊي ڏي ته آبادگار محنت سان پنهجون زمينون  آباد ڪري وڌيڪ فصل حاصل ڪري هن ملڪ ۾ پنهنجي پاڻ کي زراعت جي شعبي ۾ مڃرائن ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.
ٻي اهم ڳالهه ته  زرعي فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي ته جئين هارين، زميندارن ۽ آبادگارن کي اهو يقين هجي ته جيڪو اسان فصل اسان زمين ۾ لڳائي رهيان آهيون ، اهو ڪنهن به قدرتي آفت يا ڪنهن ٻئي موزي مرض يا زميني پاڻي وغيره سان تباهه نه ٿيندو، تباه ٿي وڃڻ جي صورت ۾ گهٽ مان گهٽ ان تي جيڪو اسان جو خرچ اسان لڳايو آهي سو ته واپس ملي سگهندو ان صورت ۾ آبادگار پنهنجي زمينن کي وڌيڪ دلچسپي سان آباد ڪندا ۽ ان تي وڌيڪ محنت ڪندا ،۽ وڌيڪ فصل حاصل ڪري پنهجو ۽ پنهنجي ديش جو نالو روشن ڪندا ،پنهنجي ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندا، 

س. ڇا اوهان پنهنجي ريسرچ تحقيق ذريعي زرعي  نيون جنسون پيدا  ڪيون آهن .
ج. مون پنهنجي پاران ڪجهه زرعي جنسون پيدا ڪيون آهن جن ۾ “شاهه لطيف 1،2،3،4،5،6،7”  آهن جن مان ڪجهه حد تائين ڪامياب ٿيون آهن پر اڃا تائين مڪمل طرح آئون انهن  مان مطمئن ناهيان اڃا انهن تي وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهيان.
س. سنڌ ۾ هاري مزدور طبقو بُک بدحالي جو شڪار ڇو آهي؟
ج. هڪ ته زرعي جنسن جا ريٽ نه هُئڻ ڪري ٻيو ته جيڪي بااثر زميندار ۽ وڏيرا انهن کي وقت تي اجورو نا ٿا ڏين، ان ڪري حڪومت کي هارين جي حقن لاءَ اهڙو قانون آڻي جو انهن کي پنهنجي محنت جو اجورو وقت تي ملي سگهي.

س. گهٽ خرچ ذريعي وڌيڪ فصل ڪئين حاصل ڪجي؟
ج . آئون لاڳيتو تقريبن 10 سالن کان ان تي تحقيق ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ، زمين کي هموار ڪيو وڃي، چوپائي مال جي وٿاڻ جو ڀاڻ زمين ۾ وجهڻ گهرجي.
ٻئي اهم ڳالهه ته (اِي ايم ٽيڪنالاجي) جيڪا 1989ع ۾ متعارف ڪرائي وئي ، جيڪا ڳچ عرصو اڳ پاڪستان ۾ پڻ آئي آهي ، هن وقت آئون به ان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيو آهيان ، اها ٽيڪنالاجي بلڪل آسان ۽ سستو هل آهي ان جي استعمال سان فرٽيلايزر جي زمين ۾ ضرورت ئي نه ٿي رهي ، هي اي يم  ٽيڪنالاجي بيڪٽيريا ٽيڪنالاجي جن سان  سان بيڪٽريا ٺهندا آهن جيڪي زمين لا تمام وڌيڪ فائينديمند ثابت ٿيندا آهن اهي بيڪٽيريا هوا مان نان ئٽروجن ٺاهيندا آهن جن ڪري زمين کي ڀاڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي ، فرٽيلايزر جي ڀيٽ ۾ ان تي  75 سيڪڙو گهٽ خرچ اچي ٿو ۽ زمين لا فرٽيلائزر کان ٻِيڻ تي وڌيڪ بهتر آهي جنهن سان فصل به بهترين حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن ٽيڪنالاجي يا ڪنهن زراعت جي  مسئلن بابت آئون بنا ججهڪ ۽ لوڀ لالچ جي م مفت ۾ ۽ بلڪل آسان طريقي سان آبادگارن کي مشهورا ڏيندو رهيو آهيان . 

س . آبادگارن لاء اوهان ڪهڙو پيغام ڏيندئو؟
ج. آئون چوندس ته انسان جاکوڙ ۽ محنت ڪرڻ کپي ان سان ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي ، آبادگار هميشه تحقيقي ڪم کي نه ڇڏين ۽ سٺن آبادگارن کان اصلاح حاصل ڪن.
 
رسول بخش بوداني     رول 91                            20 آگسٽ 2015

No comments:

Post a Comment